سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ٽوڪيو جي گيشا گرل

الطاف شيخ

صفحو :16

حقيقتن جي ڄاڻ

بوٽ ٺاهيندڙ موچي سائمن کي نه پنهنجو گهر هو ۽ نه زمين. هو هڪ هاريءَ جي جهوپڙيءَ ۾ رهيو ٿي. گذر سفر انهن چند ٽڪن مان ٿيندو هوس. جيڪو پورهئي بدران کيس اجورو مليو ٿي. انهن ڏينهن ۾ انسان جي پگهر ۽ پورهئي جي قيمت گهٽ، ڪڻڪ جو اگهه وڌيڪ، هو. جيڪي ڪجهه ڪمائيندو هو، پيٽ حوالي ٿي ويندو هوس. زال ۽ مڙس وٽ سيءَ کان بچڻ لاءِ فقط هڪڙو گرم ڪوٽ هو، جنهن کي هنن ٻنهي واري وٽيءَ تي پائي وقت ٿي پاس ڪيو. ڪوٽ ڪيترن هنڌان ڦاٽي چڪو هو ۽ نئون ڪوٽ ٺهرائڻ لاءِ هو گذريل سال کان رڍن جون کلون خريد ڪرڻ جو ارادو ڪري رهيو هو. هن دفعي سياري جي موسم شروع ٿيڻ کان اڳ هن ڪجهه رقم پاڇي ڪري رکي هئي. ٽي روبل زال جي پيتيءَ ۾ ٽاري رکيا هئا، ۽ اهڙا پنج روبل ۽ ويهه ڪوپڪ (سؤ ڪوپڪ هڪ روبل برابر ٿين ٿا) ڪجهه گراهڪن وٽ رهت هئس.

هڪ ڏينهن صبح ساڻ هو کلون وٺڻ جي ارادي سان گهر کان ٻاهر نڪتو. قميص مٿان هن پنهنجي زال جي جئڪيٽ پاتي ۽ ان مٿان اهو اڊڙيل گرم ڪوٽ، کيسي ۾ ٽي روبل وڌائين. وڻ مان هڪ لڪڻ پٽي هٿ ۾ جهلي ۽ پوءِ نيرن ڪري هو پنهنجي مقصد پويان نڪتو. هن سوچيو..... گراهڪن کان جيڪڏهن هن کي پنج روبل ملي ويا ته ان ۾ هي ٽي روبل ملائڻ سان ڪم ٿي ويندو. آخر هو ان علائقي ۾ پهتو جتان اوڌر وصول ڪري هن کي کلون وٺڻيون هيون. هڪ هاري ته گهر ۾ ئي نه هو. ان جي زال وعدو ڪيو ته سندس اوڌر ٻئي هفتي ضرور موٽائي ڏيندا. البت ان جي ادائگي سندس مڙس ئي ڪندو. سائمن ٻئي قرضيءَ وٽ پهتو. هن قسم کڻي چيو ته مون وٽ ته هڪ پائي به نه آهي. ها ايترو آهي ته توکي جوتن جي مرمت جا ويهه ڪوپڪ ڏئي سگهان ٿو.

هاڻ هن وقت کلون اوڌر تي وڍڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو. پر وڪڻڻ واري هن تي اعتبار نه پئي ڪيو. هن چيس، ”ميان ڏوڪڙ هٿ ڪري آءُ، پوءِ جيڪا کل وڻئي اها کڻي وڃ. اهو اسين ٿا سمجهون ته قرضين کان اوڌر واپس وٺڻ ڪيڏو مٿي جو سور آهي.“

پئسن جي اوڳڙ واري هن چڪر ۾ سائمن کي هڪ ته اهي ويهه ڪوپڪ مليا ۽ ٻيو اڌ ڇنل بوٽ جيڪو هڪ هاري کيس ترو لڳائڻ لاءِ ڏنو.

سائمن جي دل ئي ڀڄي پئي. هو سوچي نڪتو هو ته هنکي هٿن جي ڪيل پورهئي جو اجورو ملندو، پر هيڏي قرض مان کيس چوٿون حصو به نه ملي سگهيو. ويهن ڪوپن جو وودڪا (روسي شراب) پي گهر ڏي روانو ٿيو. ٿڌڪار ڪري هن تي شراب جي نشي چڱو اثر ڪيو ۽ هو سرور جي حالت ۾ هڪ هٿ ۾ ڇنل بوٽ ۽ ٻئي هٿ م جهليل لڪڻ پٽ تي ڄميل برف کي هڻندو جهونگاريندو ويو. رکي رکي پنهنجو پاڻ سان ڳالهايائين ٿي.

”مون وٽ ڪنهن جانور جي کل جو ڪوٽ ناهي ته ڇا ٿيو. جسم ۾ ته گرمي آهي. وودڪا ( روسي شراب) منهنجي جسم جي رڳ رڳ ۾ ڊوڙي رهي آهي. هاڻ مون کي ڪنهن به گرم ڪوٽ جي ضرورت ناهي. ان بنا به منهنجو گذر ٿي سگهي ٿو. البت زال ضرور وائڙي ٿي ويندي ۽ هن کي وائڙو ٿي وڃڻ به کپي. ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته هڪ ماڻهو سڄو سڄو ڏينهن پورهيو ڪري ۽ موٽ ۾ هن کي اجورو نه ملي! اها به ڪا ڳالهه. جيڪڏهن تو هن ڀيري پئسا نه آندا ته تنهنجي کل ڇڪي وٺندس. ٻڌئي! ۽ منهنجي هٿان تون بچي وئين ته سمجهه ته تون وڏو خوش نصيب آهين. ڏس ته سهي، هو مون کي فقط ويهه ڪوپڪ ڏئي ٿو. انهن ويهن ڪوپڪن مان ماڻهو ڇا ٿو ڪري سگهي؟ شراب پي پنهنجي اندر جو غم هلڪو ڪري سگهي ٿو. چئي رهيو هو ته اڄڪلهه پئسي جي سوڙهه اٿم. هوندس مون کي ڇاهي؟ تو وٽ رهڻ لاءِ گهر آهي، ڍور ڍڳا آهن، الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي. مون وٽ فقط اهو ڪجهه آهي، جيڪي ڪجهه منهنجي جسم تي آهي. توکي ته تنهنجي ٻنيءَ تان ڪڻڪ به  ملي ويندي. پر مون کي اتي جي ڪڻي ڪڻي جو ملهه ڏيڻو ٿو پوي. آئون کڻي ڇا به سوچيان، فقط رکيءَ سکيءَ مانيءَ پويان هر هفتي منهنجي کيسي مان ٽي روبل نڪريو وڃن. ان کان علاوه ٻيون به ته گهرجون آهن. ڏيڍ ٻه روبل کائڻ لاءِ کپي. ان ڪري جيڪي ڪجهه تو وٽ منهنجي رهت آهي. اهاجلدي واپس ڪر ۽ وڌيڪ بڪ بڪ نه ڪر!“

پنهنجي ئي خيالن ۽ سوچن جي وهڪ ۾ هو ان خانقاهه (گرجا گهر) تائين پهچي ويو هو جيڪو رستي جي ڪنڊ تي آهي. هن ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو ته خانقاه جي پٺيان کيس اڇي رنگ جي ڪا شيءِ نظر آئي. شام جي اونداهي ڌنڌ ۾  هن کي خبر نه پئجي سگهي ته اهو ڇا آهي. هن دل ئي دل ۾ چيو: ”شايد ڍڳو آهي، پر نه هن جو مٿو ماڻهوءَ جهڙو ٿو لڳي. بلڪل اڇو کير جهڙو. پر هي ماڻهو هتي ڇا پيو ڪري؟“

هو ان جي شيءِ جي ايترو ته پهچي ويو جو اها ھاڻ کيس بلڪل چٽيءَ طرح نظر اچي رهي هئي. هو ان کي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. اهو واقعي انسان هو. خبر ناهي جيئرو يا مئل، پر هو بلڪل اگهاڙو هو. خانقاه وٽ اونڌو منهن ڪريو پيو هو. غريب موچي ڊڄي ويو.

هن کي ضرور ڪنهن قتل ڪيو آهي ۽ هن جا ڪپڙا لاهي هن کي هتي اگهاڙو اڇلي ويو آهي. جيڪڏهن آئون هن جي ويجهو ويندس ته پوليس ٿاڻي تي مون ئي وٺي هلندا.“ هن پنهنجي منهن چيو ۽ پوءِ ڪجهه دير بيهي سوچيندو رهيو ۽ پوءِ هلڻ لڳو. هو ان خانقاه وٽان نظر بچائي هلڻ لڳو. جيئن اهو ماڻهو هن کي ڏسي نه وٺي. ٿورو اڳيان هلي هن مڙي ڏٺو. هو ماڻهو هاڻ اونڌي منهن زمين تي ليٽڻ بدران پلٿي ماري ويٺل هو. شايد هن ڏي ڏسي رهيو هو. موچي ويتر ڊڄي ويو. ”آئون هن وٽ وڃان يا نه؟“ هن سوچيو، ”ويجهو وڃي ڪٿي ڪنهن مصيبت ۾ نه ڦاسي پوان! خبر ناهي ڪير آهي! هو هتي ڪنهن سٺي نيت سان ٿورو ئي آيو هوندو. ٿي سگهي ٿو ٽپ ڏيئي مونکي چهٽي وڃي ۽ گهٽو ڏئي منهنجو ساهه ڪڍي ۽ مون لاءِ ڀڄڻ ڏکيو ٿي پوي. ائين نه ٿئي ته هو مون لاءِ بار ٿي پوي. آئون ههڙي اگهاڙي ماڻهوکي ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مو وٽ ته هن کي ڏيڻ لاءِ ڪپڙا ئي منهنجي ڪل ڪائنات آهن. خدائي آهي جيڪو مونکي هتان بچائي سگهي ٿو.

موچي وڏيون وڏيون ٻرانگهو ڀري هلڻ لڳو ۽ خانقاه کان ڪافي پري نڪري ويو. امالڪ هن کي پنهنجي ضمير ٽوڪيو ۽ هو بيهي رهيو.

”سائمن! ڇا پيو ڪرين؟“ هن پنهنجو پاڻ چيو.

”ٿي سگهي ٿو هو ويچارو سورن جو ستايل هجي ۽ هن کي ڪنهن مدد جي ضرورت هجي. تون هن وٽان کسڪي نڪتو آهين. ڇا تون ايڏو امير ٿي ويو آهين جو توکي چورن ڌاڙيلن جو ڊپ ٿو لڳي. سائمن! افسوس آهي توتي.“

هو اهو سوچي موٽيو ۽ سڌو ان ماڻهوءَ وٽ آيو. سائمن، هن ڌارئين ماڻهوءَ کي غور سان ڏسڻ لڳو. هي هڪ صحتمند نوجوان هو. هن جي جسم تي ڪنهن به رهنڊ يا رانڀوٽي جو نشان هو. البت هو سيءَ کان ڏڪي رهيو هو ۽ بيحد گهڻي ڊپ ۾ هو. هن نگاهون مٿي کڻي سائمن ڏي نهاريو پر پاڻ ائين ڪنڌ جهڪائي ويٺو رهيو. سائمن ٻه چار وکون ٻيون کڻي هن جي ويجهو آيو. اجنبي ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيو. هن هڪ دفعو اکيون ڇنڀي پوءِ سائمن ڏي نماڻين اکين سان نهاريو. سندس ان ادا سائمن جي ڄڻ دل جيتي ڇڏي. هن هٿ ۾ جهليل بوٽ هن اڳيان رکيو ۽ پوءِ پنهنجو ڪوٽ لاهي هن کي پائڻ لاءِ ڏنو.“ وڌيڪ ڪڇڻ جو وقت ناهي. اچي، جلدي جلدي هي پاءِ.“

سائمن هن کي هٿن کان جهلي اُٿاري بيهاريو. هن ڏٺو ته نوجوان جو جسم صاف سٿرو ۽ صحيح سلامت هو. هن ڪوٽ نوجوان جي ڪلهي تي رکيو، پر هو ڪجهه اهڙو ته بدحواس لڳي رهيو هو جو هن کي ڪوٽ جون ٻانهون ئي نه پئي مليون. سائمن هن جا هٿ جهلي ڪوٽ جي ٻانهن ۾ وڏا ۽ بٽڻ لڳائي اڳٽ جهڙي رسي سان ڪوٽ کي سوگهو ڪيو، پوءِ پنهنجي ڦاٽل ٽوپي لاهي، نوجوان جي حوالي ڪرڻ ٿي چاهي ته سخت سيءَجي لهر ۾ سندس اگهاڙو مٿو برف ٿي ويو. هن سوچيو: ”آئون ته بلڪل گنجو آهيان ۽ هن جا ڊگها ۽ گهنڊيدار وار آهن.“ هن پنهنجي ٽوپي واپس پنهنجي مٿي تي کڻي رکي. پوءِ وري خيال آيس ته گهٽ ۾ گهٽ هن جا اگهاڙا پير ڍڪڻ کپن.... هن کيس پيرن ۾ مرمت لاءِ کنيل بوٽ پارايو ۽ چيو؛ ”ڏس دوست! هاڻ تون سرديءَ کان ڪجهه نه ڪجهه بچي وئين ۽ سولائيءَ سان هلي چلي سگهين ٿو. صحيح ٿو چوان نه؟“

نوجوان بنا ڪجهه ڪڇڻ جي بيٺو رهيو ۽ پنهنجين معصوم نگاهن سان سائمن موچي کي ڏسندورهيو......

”تون ڳالهائين ڇو نٿو؟“ ”سائمن چيو، ”هتي بيٺي بيٺي ته سڪي سوڪ ٿي ويندين. ڪمزور آهين ته هي وٺ لڪڻ، سهاري جو ڪم ڏيندءِ. هاڻ هل جلدي ڪر. سيءَ تمام گهڻو آهي.“

نوجوان سائمن جي قدم سان قدم ملائي هلڻ لڳو. هلندي هلندي سائمن پڇيس:

”ميان، ڪٿي جو رهاڪو آهين؟“

”آئون هن پَٽَ جو نه آهيان!“ هن جواب ڏنو.

”منهنجو خيال به اهوئي آهي. آئون هن علائقي جي ماڻهن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان، پر تون هتي خانقاه ۾ڪيئن پهتين؟“

”آئون نٿو ٻڌائي سگهان.“

”ڪنهن توتي ظلم ڪيو آهي؟“ سائمن پڇيس.

”نه، مون تي ظلم ڪنهن نه ڪيو آهي. مون کي خدا سزا ڏني آهي.“

”ها اهو سچ آهي ته خدا ئي اسان جو حاڪم آهي، پر توکي ته مانيءَ جي به ضرورت آهي ۽ مٿو لڪائڻ جي جاءِ جي به. ڪيڏانهن وڃڻ جو ارادو اٿئي؟“

”مون لاءِ سڀ جڳهيون هڪ جهڙيون آهن!“ نوجوان چيو.

سائمن حيران هو ته نوجوان نه ته غنڊو يا داداگير ٿي لڳو ۽ نه وري سندس ڳالهائڻ جو طريقو ڪميني قسم جو هو. تنهن هوندي به هن پنهنجو اتو پتو نٿي ڏنو. ”ڪهڙي خبر ويچاري سان ڪهڙو حادثو پيش آيو آهي!“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ وڏي آواز ۾چيو:

”اچ پوءِ منهنجي گهر هليو آءُ. گهٽ ۾ گهٽ سيءَ کان ته بچي پوندين.“

سائمن هن کي وٺي پنهنجي گهر جي راهه اختيار ڪئي. اجنبي هن سان گڏ وک وک کڻندو هليو. هوا تيز ٿي وئي هئي. سائمن جي جسم تي فقط هڪ قميض رهجي وئي هئي. سيءَ ڪري هن جا ڏند وڄڻ لڳا. هن تان وودڪا شراب جو نشو به هاڻ لهي چڪو هو ۽ جسم ڄڻ ته چيلهه وٽان ڪپجي ٻه اڌ ٿي رهيو هوس. هو سيسڙاٽ ڀريندي سوچڻ لڳو: ”آئون ته رڍن جون کلون خريد ڪرڻ ويو هوس. اهي ته خريد نه ڪيم، ماڳهين پنهنجو ڪوٽ به لاهي ٻئي کي ڏئي ڇڏيم ۽ گهر ۾مفت جو هڪ بيڪار ۽ نڪمو ماڻهو وٺيو پيو اچان.  ميٽرينا ڏسندي ئي ڦاٽڻ شروع ڪندي.“ زال جو خيال ايندي ئي هن جي جسم ۾ غم جي لهر ڊوڙي وئي. پر جيئن ئي اجنبي تي نظر پيس ته هن کي هن جون اهي معصوم نگاهون ياد اچي ويون، جن سان هن خانقاه ۾ ويٺي ويٺي هن ڏي نهاريو هو. بيوسي ۽ لاچارگيءَ واريون نگاهون. لطف ۽ ڪرم جون طلبگار نگاهون ان ياد سان هن جي اندر ۾ ڄڻ گل ٽڙي پيا.

سائمن جي زال ان ڏينهن هر شيءِ پهرين ئي تيار ڪري رکي هئي. هن ڪاٺيون چيري ڇڏيون هيون. پاڻي ڀري ڇڏيو هو. هن ٻارن کي کارائي پياري ۽ پاڻ به کائي پي ڇڏيو هو- بس مانيءَ جي ڪي ڀور بچيل هئا ۽ ميٽرينا اهو ويٺي سوچيو ته سائمن پڪ ڳوٺ مان کائي نڪرندو ۽ هي مانيءَ بور سڀاڻي ڪم اچي ويندا.“ هن مانيءَ جو هڪ هڪ ٽڪرو هٿ ۾ کڻي هن جي ڳرائي محسوس ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳي؛ ”هڪ هڪ ٽڪر ڪافي رهندو. پٺيان ڪي ٻه چار لپون اٽي جون وڃي بچيون آهن. جمعي تائين هنن ٽڪرن تي گذارو ٿي سگهي ٿو.“

هن ماني دٻڪين ۾ ڍڪي کاري هيٺ رکي ۽ پوءِ مڙس جي ڦاٽل قميص کڻي هن کي چتيون هڻڻ لڳي. سُئيءَ جا کڻ هڻندي هڻندي هن کي مڙس جو خيال آيو.

”ڪٿي ڪنهن جي ڳالهين ۾ اچي ڦاسي نه پيو هجي، آهي صفا موڳو. هڪ ٻار به کيس بيوقوف ٺاهي سگهي ٿو. اٺ روبل چڱي وڏي رقم آهي. ڪوٽ خريد ڪري وٺي ته سٺو آهي. رنڱيل کلون وٺڻ کان به سنئون سڌو هڪڙو عمدو ڪوٽ وٺي ڇڏي! گذريل سال سياري ۾بناڪوٽ جي ڏاڍي تڪليف ٿي هئي. آئون نه ته درياهه تي وڃي سگهيس ٿي نه ڪنهن ٻئي هنڌ. هن کي ٻاهر وڃڻو هوندو هو سو سڀ ڪجهه هوئي پائي ويندو هو ۽ منهنجي پائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچندو هو. چڱي دير ٿي وئي آهي. هن کي هيستائين گهر ۾ اچي وڃڻ کپي.ا هو ڊپ اٿم ته ڪٿي هو پيئڻ نه ويهي رهيو هجي.“ ڇڙواڳ خيال هن جي دماغ ۾ اڳيان پٺيان ڊوڙي رهيا هئا. اوچتو در وٽ هن جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ڪو اوپرو ماڻهو اندر داخل ٿيو. ميٽرينا سبڻ بند ڪري سئي قميص ۾ ٽنبي اٿي غور سان ڏسڻ لڳي ته ڪير آهي. هاڻي ٻيو به اندر گهڙيو جيڪو سندس مڙس سائمن هو. ڌارئين ماڻهوءَ جو مٿو اگهاڙو هو ۽ پير ۾ ڇنل جوتا هئس. ميٽرينا هڪ ئي نظر سان سمجهي وئي ته سندس مڙس شراب جي ڌپ ۾ ڇانيو پيو آهي.

”اهائي ڳالهه ٿي نه، شراب ۾ ڌت ٿيو پيو اچي!“ هن دل ئي دل ۾ چيو ۽ پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته هو بنا ڪوٽ جي آهي ۽ فقط جئڪيٽ جسم تي اٿس ۽ ڪڇ ۾ به ڪا هڙٻڙ نه اٿس ته هوءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي. هن جو مٿو افسوس کان جهڪي ويو ۽ دل نااميدي جي عالم ۾ ڀُرڻ لڳي.

”سڀ پئسا شراب ۾ ٻوڙي آيو آهين.“ هن ڀڻڪڻ شروع ڪيو، ”۽ پاڻ سان گڏ هڪ لچي کي گهر ۾ وٺي آيو آهين.“

ميٽرينا هڪ طرف ٿي هنن کي رستو ڏنو. هو جهوپڙيءَ ۾ گهڙيا. پوءِ هوءَ هنن جي پٺيان پٺيان اندر آئي. هن ڏٺو ته اجنبي جي جسم تي هن جي مڙس جو ڪوٽ هو. ڪوٽ جي هيٺان ڪا قميص نه هئي. اجنبي جهوپڙيءَ ۾ گهڙي، هڪ هنڌ خاموش اکيون جهڪائي بيهي رهيو.

”ضرور ڪو بدمعاش آهي!“ ميٽرينا دل ۾ چيو، ”شايد ڊڄي ويو آهي!“ هن اجنبيءَ ڏي گهوري ڏٺو ۽ پوءِ چلهه جي ويجهو وڃي بيٺي.

”ميٽرينا چپن ۾ ئي بڙ بڙ ڪئي ۽ ائين ئي پٿر وانگر چلهه وٽ بيٺي رهي. بس هنن ٻنهي ڏي واري وٽيءَ تي ڏسي پوءِ انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيائين.

سائمن سمجهي ويو ته زال سخت ڪاوڙ ۾ آهي، پر اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ ته هن ڪجهه نه ڏٺو، اجنبيءَ کي ٻانهن کان جهلي چيو: ”ويهو ڀائو، ڪجهه کائي وٺون.“

اجنبي به کٽ تي ويهي رهيو.

”ڪجهه وڌيڪ اٿئي يا نه؟“ سائمن وري پڇيو.

ميٽرينا ڪاوڙ ۾ باهه ٿي وئي:

”ها رڌيو اٿم پر تولاءِ نه. شايد تنهنجو عقل شراب سان گڏ وهي ويو آهي! تون ته ڪوٽ لاءِ کلون وٺڻ ويو هئين ۽ آيو اهڙي حالت ۾ آهين جو تنهنجي بدن تي پراڻو پاتل ڪوٽ به ڪونهي ۽ پاڻ سان گڏ ٻيو به هٽو ڪٽو وٺي آيو آهين. تو جهڙن آلين موالين لاءِ مون وٽ ڪا کائڻ پائڻ جي شيءِ ڪانهي!“

”بس ميٽرينا بس، زبان اجائي نه هلاءِ. گهٽ ۾ گهٽ اهو ته پڇ ته هي آهي ڪير؟“

”هي ماڻهو ڪير آهي؟“

سائمن کيسي ۾هٿ وجهي، ٽن روبلن جا نوٽ ڪڍي زال جي هٿ تي رکيا: ”هي وٺ پئسا! ٽريفونوف اڃا ڪجهه نه ڏنو. البت وعدو ڪيو اٿائين ته هو اوڌر واري رقم جلد ادا ڪندو.“

ميٽرينا جي ڪاوڙ جو پارو اڃا مٿي چڙهي ويو. هڪ ته بيوقوف کلون نه آنديون ۽ ٻيو ڪوٽ هڪ اگهاڙي کي پارائي گهر وٺي آيو آهي ۽ هاڻ مانيءَ جو ٿو پڇي. هن جهپ هڻي ميز تان نوٽ کڻي ورتا ۽چيو:

”مون وٽ توهان لاءِ ڪا ماني ٽڪي ڪانهي. اسان دنيا جهان جي شرابين ۽ اگهاڙن جي پيٽ پالڻ جو ڪو ٺيڪو ڪونه کنيو آهي....“

”ميٽرينا پنهنجي زبان کي لغام ڏي! پهرين ٻڌي ته وٺ هي ڪير آهي؟“

”آئون صحيح چوندي هيس ته تو جهڙي شرابيءَ سان شادي نه ڪنديس. ريشمي ڪمپڙي جو تاڪيو جيڪو منهنجي ماءُ مون کي ڏيج ۾ڏنو هو،اهو به تو شراب ۾ ضايع ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ ڪوٽ خريد ڪرڻ وئين ته سڀ پئسا شراب پٺيان اڏائي آئين.“

”مون ته فقط ويهه ڪوپڪ خرچ ڪيا آهن،“ سائمن پنهنجي زال کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”۽ هي ويچارو اجنبي.....“

پر ميٽرينا هن جي هڪ به نه ٻڌي. هن جي زبان ڪئنچيءَ وانگي هلندي رهي ۽ پوءِ هن ڏهه سال پراڻا دفنايل مڙدا ڪڍي ٻاهر ڪيا.

ڳالهائيندي ڳالهائيندي ميٽرينا سائمن تي وار ڪيو ۽ هن کي قميص جي ٻانهن کان جهلي پڇيو:

”منهنجي جئڪيٽ هينئر جو هينئر مون کي لاهي ڏي. اها ئي ته منهنجي سڄي ملڪيت آهي. تون هميشه ان کي پائيندو وتين. واپس ڏي مون کي لالچي ڪتا، توتي ته ڪا الله جي مار پوي!“

سائمن جئڪٽ کي ڇڪي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ميٽرينا کانئس وٺي دروازي ڏي وڌي.... پر پوءِ وڌندي وڌندي ترسي پئي. هن کي پنهنجي ڪئي جوافسوس ٿيو ۽ هن غصو پي وڃڻ ٿي چاهيو. پر ....  پر هي اجنبي ڪير آهي، آخر ڪا ته خبر پوي! هوءَ سوچڻ لڳي ۽ پوءِ هڪدم چيو: ”جيڪڏهن هي ڪو شريف انسان هجي ها ته ائين اگهاڙو نه هجي ها!ٰ هن جي بدن تي ته قميص به ڪانهي. هي ماڻهو جيڪر چڱو آهي ته ٻڌاءِ توکي ڪٿي مليو؟“

سائمن جواب ڏنو: ”اهوئي ته آئون توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو. هي مونکي واپس ايندي وقت خانقاه ۾ مليو. غريب الف اگهاڙو سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هو. خدا کڻي مون کي هن ڏي موڪليو نه ته هي وڃي ٻئي جهان کان نڪري ها. مان ڪپڙا ڍڪائي هيڏي وٺي آيو آهيانس. ميٽرينا، اجايو خفي نه ٿي. خفو ڪرڻ گناهه آهي. اهو نه وسار ته اسان سڀني کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي.“

چڙ وارا لفظ ميٽرينا جي زبان تي ايندي ايندي ترسي پيا. هن جي نظر اجنبيءَ تي وڃي پئي، جيڪو کٽ تي ماٺ ڪريو هڪ هنڌ نماڻين اکين سان ڏسي رهيو هو. ”ميٽرينا تنهنجي دل ۾ خدا جي محبت ناهي؟“ سائمن چيو. ميٽرينا تي هن جي انهن لفظن عجيب اثر ڪيو. هن جي نظر اجنبي تي پئي ۽ دل پاڻي ٿي ويس. هوءَ دروازي وٽ وري موٽي آئي، هن چلهه تان ماني کنئي. ميز تي رکيل هڪ گلاس ۾ شربت ٺاهيو ۽ مانين جا ٽڪر ڪڍي ڪانٽن ڇرين سان گڏ رکيا ۽ چيو: ”اچوماني کائو.“

”ڀاءُ اچ، تون به ويهه.“ سائمن اجنبيءَ کي دعوت ڏني. سائمن ماني جا ٽڪرا وڌيڪ ننڍا ڪري پاڻيءَ جهڙي ڇڊيءَ رس ۾ پُسايا ۽کائڻ شروع ڪيو. ميٽرينا ڪنڊ ۾ مٿي تي هٿ ڏيئي اجنبي کي ويٺي ڏٺو. هن جي دل ۾ هر وقت رحم جا جذبا پيدا ٿي رهيا هئا. هاڻ هن کي هي اجنبي سٺو ماڻهو لڳي رهيو هو. اتي اوچتو ئي اوچتو اجنبيءَ جو منهن چمڪڻ لڳو ۽ هن اکيون مٿي کڻي ميٽرينا ڏي ڏٺو ۽ پنهنجي منهن مرڪيو. هنن ماني کائي بس ڪئي ته ميٽرينا سندن اڳيان ٿانوَ کنيا ۽ پوءِ اجنبيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي:

”ڪٿي جو رهڻ وارو آهين؟“ هن چيو.

”آئون هن علائقي جو نه آهيان.“

”پر هتي ڪئين پهتي؟“

”معاف ڪجو محترمه، آئون ڪجهه ٻڌائڻ کان لاچار آهيان.“

”ڪنهن توکي ڦريو لٽيو آهي؟“ ميٽرينا پڇيو.

”خدا مون کي سزا ڏني آهي!“ اجنبيءَ وراڻيو.

”۽ تون هتي اگهاڙو پيو هئين؟“

”ها اگهاڙو ۽ سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هوس. سائمن مون تي ترس کائي مون کي پنهنجو ڪوٽ پارايو ۽ پاڻ سان وٺي آيو. تو مون کي ماني کارائي آهي ۽ مون تي رحم ڪيو آهي. ان جي جزا توهان کي خدا ڏيندو.“

ميٽرينا اٿي ۽ سائمن جي اها قميص کڻي اجنبيءَ کي ڏني جنهن کي ٿوري دير اڳ چتيون لڳائي رهي هئي. هوءَ هڪ پتلون به کڻي آئي.

”هي وٺ قميص ۽ پتلون. انهن کي پائي ڇڏ ۽ جتي وڻئي آرام ڪر- چلهه وٽ يا ڀر واريءَ ڪوٺيء ۾.“

اجنبيءَ ڪپڙا پاتا ۽ پوءِ ڪوٺي ۾ ليٽي پيو. ميٽرينا ڏيو گل ڪري ڇڏيو ۽ ڪوٽ کڻي پنهنجي مڙس وٽ چلهه جي ويجهو وڃي ليٽي. سيءَ کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي مٿان ڪوٽ ورائي ڇڏيو. پر ننڊ سندس اکين کان ڄڻ ڪي ڪوهه پري هلي وئي هئي. هوءَ هر هر اجنبيءَ جو خيال اچڻ تي سوچڻ ۾ غرق ٿي وئي ٿي.ا وچتو هن کي ياد آيو ته مانيءَ جو آخري ڀور به ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي هوءَ سڀاڻي ڇا ڪندي! ۽ هن کي ان جو به ڏک ٿي رهيو هو ته قميص ۽ پتلون به هن کي ڏئي ڇڏيم. پر پوءِ اجنبي جي مرڪ ڄڻ کنوڻ وانگر هن جي دماغ تي واسو ڪري وئي ۽ ميٽرينا باغ بهار ٿي وئي. هوءَ دير تائين جاڳندي رهي. هن ڏٺو ته هن جو مڙس به جاڳي پيو.

”سائمن.“ هن ڌيرج سان سڏ ڪيو.

”جي! سائي،من وراڻيو.

”مانيءَ جو آخري ٽڪرو به ختم ٿي ويو آهي ۽ گهر ۾ اٽي لپ به نه آهي. سڀاڻي جو ڇا ٿيندو! شايد ٿورو اٽو مارٿا کان اوڌر تي ملي وڃي.“

”حياتي رهي ته کائڻ لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه ملي ويندو.“

عورت ٿوري دير ماٺ ڪري، ليٽي رهي، پوءِ چيائين:

”ماڻهو ته ڀلو ٿو لڳي، پر هو ٻڌائي ڇو نٿو ته ڪير آهي؟“

”شايد ڪو ڪارڻ هوندو.“ سائمن چيو.

”سائمن! ڪجهه دير بعد ميٽرينا وري پنهنجي مڙس کي سڏ ڪيو.

”جي!“

”اسين ته ماڻهن کي ڏيندا رهون ٿا. پر هو اسان کي ڇو نٿا ڏين؟“ ميٽرينا چيو.

سائمن هاڻ ان جو ڪهڙو جواب ڏئي! ”هاڻ ماٺ به کڻي ڪر!“ هن چئي پاسو ورايو ۽ ٻيءَ گهڙي کونگهرا هڻڻ لڳو.

سائمن صبح جو سوير اٿي ويٺو. ٻار اڃا ستا پيا هئا. هن جي زال پنهنجي پاڙيسرياڻيءَ کان اٽو وٺڻ هلي وئي هئي. اجنبي اڪيلو کٽ تي ويٺو هو. هو پراڻي قميص ۽ پتلون ۾ هو ۽ نظرون مٿي کپائي ڏسي رهيو هو. هن جو چهرو ڪالهه جي مقابلي ۾ زياده روشن ۽ کُليل هو.

”ڏس دوست!“ سائمن هن کي چيو، ”پيٽ لاءِ ڪاٺين ڇوڏن جي ضرورت آهي ۽ اگهاڙي بدن لاءِ ڪپڙي جي. ماڻهوءَ کي زندگي گذارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو. تون ڪو ڪم ڪري سگهين ٿو؟“

”نه، مون کي ڪو ڪم نٿو اچي.“

سائمن اچرج ۾ پئجي ويو. پر چيو:

”جيڪڏهن ڪو سکڻ چاهي ته هن لاءِ هر ڪم سولو آهي.“

”جيڪڏهن ماڻهو ڪم ڪن ٿا ته آئون به ڪندس.“

”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

”مائيڪل.“

”چڱو ته مائيڪل! جيڪڏهن تون پاڻ بابت ڪجهه ٻڌائڻ نٿو چاهين ته نه سهي، پر توکي پنهنجي لاءِ روزي ضرور ڪمائڻي پوندي. منهنجي چوڻ مطابق ڪم ڪندين، ته آئون توکي رهڻ لاءِ جاءِ به ڏيندس ته کائڻ لاءِ ماني به.“

”الله توکي جزا ڏيندو! تون جيڪي ڪجهه مون کي سيکاريندين اهو سکي وٺندس. مون کي ڪم ٻڌاءِ.“

سائمن جوتا ٽانڪڻ جي ڏور کنئي ۽ پنهنجي آڱوٺي جي چوڌاري ويڙهي ٻٽي ڪرڻ لڳو. ”هي ڪم تمام سولو آهي.... ڏس!“ هن چيو.

مائيڪل غور سان ڏور ٺهندي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پاڻ به ائين ڪرڻ لڳو. سائمن هن کي پوءِ ٽانڪو هڻڻ سيکاريو ۽ مائيڪل بنا ڪنهن تڪليف جي اهو ڪم به جلدي سکي ويو. هاڻ هن کيس کل کي چيرڻ ۽ ان جا وار اندر ڪري سبڻ سيکاريو ۽ مائيڪل اهو به سکي ويو. سائمن جيڪو ڪم ڏسيو ٿي، مائڪل جهٽ پٽ اهو ڪري ڏيکاريو ٿي. ٽن ڏينهن اندر هو جوتن ٺاهڻ جو اهڙو ته سٺو ڪاريگر ٿي ويو، ڄڻ سالن کان هو اهو ڪم ڪندو رهيو هجي. هو بنا ڪنهن آرام جي هر وقت ڪم ۾ رڌل رهيو ٿي. ماني به گهٽ ٿي کاڌائين. ڪم ختم ٿيڻ تي چپ چاپ پٺيءَ ڀر سڌو ليٽي آسمان ڏي نهاريندو رهيو ٿي. هو ٻاهر تمام گهٽ نڪتو ٿي. ڪنهن شيءَ جي ضرورت پيس ٿي ته گهرايائين ٿي. هڪ ڳالهه ضرور هئي ته هو نه کليو ٿي نه ڪنهن سان چرچو ڀوڳ ڪيائين ٿي. ان پهرين ڏينهن واري مرڪ کانپوءِ ڪنهن به هن کي مرڪندي نه ڏٺو.

ڏينهن پويان ڏينهن گذرندا ويا. اهڙي طرح اچي سال پورو ٿيو. مائيڪل هڪ تمام سٺو موچي ٿي ويو ۽ سندس نانءُ ڏيهان ڏيهه پکڙجي ويو. هڪ هڪ جي وات تي اهوئي هو ته سائمن جي ڪاريگر جهڙا عمدا ۽ مضبوط بوٽ ڪوبه نٿو ٺاهي. ماڻهو پري پري کان هلي اچي سائمن کان بوٽ ٺهرائڻ لڳا. نه فقط بوٽ پر سليپر، چمپل، گهيتلا، چاکڙيون وغيره پڻ. اهڙي طرح سائمن جي قسمت ئي بدلجي وئي.

سياري جا ڏينهن هئا. هڪ ڏينهن سائمن ۽ مائيڪل سگريءَ جي ڀر ۾ ويٺي بوٽ ٺاهيان. ايتري ۾ هڪ گاڏي جنهن ۾ ٽي گهوڙا جوٽيل هئا، ٽن ٽن ڪندي اچي هن جي جهوپڙيءَ ٻاهر بيٺي. هن دري مان ليئو پائي ڏٺو ته هڪ صاف سٿرا ڪپڙا پهريل نوڪر جلدي لهي گاڏيءَ جو دروازو کوليو ۽ پوءِ هڪ معزز ماڻهو ڪنهن اوچي جانور جي کل جي ڪوٽ ۾ گاڏيءَ مان ٻاهر نڪتو ۽ سائمن جي جهوپڙيءَ ڏي وڌيو. ميٽرينا اڳيان وڌي جهوپڙيءَ جو دروازو کوليو. معزز ماڻهو تمام ڊگهو، ويڪرو ۽ ڳري جسم جو هو. هو جهڪي پوءِ جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ جڏهن سڌو ٿي بيٺو، ته هن جو مٿو ڇت سان وڃي لڳو. جهوپڙي هن جي پکڙيل جسم سان ڄڻ ته ڀرجي وئي.

سائمن اٿي هن کي ادب سان کيڪاريو ۽ حيرت مان هن کي ڏسندو رهيو. سائمن پاڻ به سنهو سڪل هو ۽ مائيڪل به، ميٽرينا ته بس رڳو.... هڏين جي مٺ هئي. پر هي شخص ڄڻ ته ڪنهن ٻي دنيا جو باشندو لڳو ٿي ڳاڙهو آلو بخاري جهڙو منهن، بلڪل گول گول، ڳچي مينهن جهڙي ٿلهي ۽ مضبوط هڏ ڪاٺ وارو جسم.

معزز ماڻهوءَ زور سان کنگهڪار ڪئي، پوءِ پنهنجو ڪوٽ لاهي بينچ تي ٿي ويٺو ۽ چيو:

”توهان ٻنهي ۾ سٺو ڪاريگر ڪير آهي؟“

”مون کي ئي سمجهو سائين!“ سائمن ڪي قدر جهڪي ورندي ڏني.

معزز ماڻهوءَ نوڪر کي سڏ ڪندي چيو: ”چمڙو کڻي اچ.“ هڪ ڇوڪرو ڀڄندو ڀڄندو اندر آيو  ۽  بنڊل آڻي سامهون رکيو.

”هن کي کول.“ معزز ماڻهوءَ حڪم ڏنو.

نوڪر حڪم جي پوئواري ڪئي ۽ معزز ماڻهوءَ چمڙي ڏي اشارو ڪري چيو: ”موچي! سڃاڻي سگهين ٿو ته هي ڪهڙو چمڙو آهي؟“

”تمام عمدو سائين منهنجا!“ سائمن چمڙي تي هٿ لاهيندي چيو.

”بيشڪ تمام عمدو آهي، پر احمق، تو اهڙو چمڙو ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو. هي جرمنيءَ کان آيل چمڙو آهي ۽ هن جي قيمت ويهه روبل آهي.“

”سرڪار! آئون ڀلا هن کي ڪٿي ڏسي سگهيس ٿي.“ سائمن هيسيل آواز ۾ وراڻيو.

”صحيح آهي! هاڻ ٻڌاءِ منهنجا بوٽ ٺاهي سگهندين؟“

”حاضر سائين! ڇونه!“ سائمن چيو.

”واقعي!“ معزز ماڻهو زور سان چيو، ڄڻ هن کي يقين نه پئي آيو، ”پر هڪ ڳالهه ڌيان سان ٻڌ! بوٽ اهڙا ٺاهجانءِ، جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ته ضرور هلن. نه هنن جي شڪل بدلجي ۽ نه ئي ڪو ٽوپو اڊڙي. اهڙا بوٽ ٺاهي سگهين ته مون لاءِ ٺاهه، جي نٿو ٺاهي سگهين ته مونکي هينئر ئي جواب ڏي. ياد رک ته جيڪڏهن سال اندر بوٽ خراب ٿي پيا ته جيل ڏياري ڇڏيندوسانءِ. مزدوري ڏهه روبل ڏيندو سانءِ پر پوري سال کانپوءِ!“

سائمن ويچارو ڊڄي ويو. جواب ڏئي ته ڪهڙو ڏئي. هن مائيڪل ڏي ڏٺو. هن کي ٺونٺ هڻي آهستي چيائين، ”هي ڪم هٿ ۾ کڻان؟“

مائيڪل هائوڪار ۾ ڪنڌ کي هيٺ مٿي ڪيو.

۽ سائمن بوٽ ٺاهڻ جو ذمو پنهنجي مٿان کنيو.

معزز ماڻهوءَ پنهنجي نوڪر کي سڏايو ۽ حڪم ڏنو ته کاٻي پير جو بوٽ لاهه. بوٽ لهي ويو ته هن چيوِ: ”پير جي ماپ وٺ.“

سائمن سترهن انچ ڊيگهه واروهڪ ڪاغذ کنيو، پهرين هن کي هٿ سان صاف ڪيو ۽ پوءِ پنهنجو هٿ پنهنجي قميض سان صاف ڪيو، جيئن معزز ماڻهوءَ جا جراب ميرا نه ٿين ۽ پوءِ هن جي پير جي ماپ ورتي. کڙي جي ماپ پئي ورتائين ته ڪاغذ کٽي پيو. هن جا مريا ڇا ته ٿلها هئا.

”ڏسجانءِ بوٽ پٻن وٽ يا کڙين وٽ سوڙهو نه ٿئي!“

سائمن پهرين واري ڪاغذ ۾ ٻيو ڪاغذ به ڳنڍيو. معزز ماڻهو جهوپڙيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو ۽ پوءِ هو مائيڪل ڏي گهوري ڏسڻ لڳو.

”هي شخص ڪير آهي؟“

“منهنجو ڪاريگر آهي، هي ئي توهان جو بوٽ ٺاهيندو.“

”ڏسجانءِ! معزز ماڻهو مائيڪل سان مخاطب ٿيو.“ بوٽ هڪ سال کان گهٽ نه هلي!“

سائمن مائيڪل ڏي ڏٺو. هو معزز ماڻهوءَ کي ڏسڻ بدران جهوپڙي جي پرئينءَ ڪنڊ ڏي نهاريندو رهيو. ڄڻ اتي ڪو ٻيو  همراهه هجي. مائيڪل ائين ئي نظرون ڄمائي ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ اوچتو هن مرڪيو ۽ هن جو چهرو زور سان چمڪڻ لڳو.

”اڙي ڄٽ! ڇو پيو ڏند ڪڍي کلين؟“ معزز ماڻهوءَ گجندڙ آواز ۾ چيو، ”هيڏانهن ڏس، بوٽ وقت تي تيار ڪري ڏجانءِ!“

”بي فڪر ٿيو، اهو وقت تي تيار ٿي ويندو.“ مائيڪل چيو.

”وري به ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. بوٽ وقت تي تيار هجڻ کپي!“ معزز ماڻهوءَ تاڪيد ڪئي. پنهنجو کاٻو بوٽ ۽ ڪوٽ پاتو ۽ دروازي ڏي روانو ٿيو. پر دروازي وٽان لنگهندي هن کان جهڪڻ وسري ويو ۽ هن جو مٿو هڪ ڪڙي سان وڃي لڳو. هن گار ڏئي پنهنجي مٿي کي آڍيو ۽ گاڏي ۾ ويهي روانو ٿي ويو.

هو هليوويو ته سائمن چيو: ”اُف! ماڻهو آهي يا گوشت جو جبل، هي ته جيڪر ڪارائيءَ سان به نه ڪٽي سگهجي. دروازي جي ڪڙي ٽٽي پئي، پر سندس مٿي کي ڪجهه به نه ٿيو.“

”ڪوبه ماڻھو جي ائين نوابن وانگر پلجي تاتجي ته ڪيئن نه مضبوط رهي! اهڙي مضبوط جبل کي ته طوفان به نٿا لوڏي سگهن.“ ميٽرينا چيو.

سائمن مائيڪل کي چيو:

”پاڻ بوٽ ٺاهڻ جي ذميواري ته کڻي ورتي آهي. هاڻ پاڻ کي خيال رکڻ کپي. تمام گهڻو قيمتي چمڙو آهي ۽ مالڪ بيحد گرم طبيعت جو. ڪٿي مصيبت ۾ نه پئجي وڃون. منهنجي خيال ۾ تنهنجي نظر به تيز آهي ۽ هٿ به. تون ئي هي ماپ وٺ ۽ ٺاهه، آئون مٿان جي سلائي ۽ شڪل کڻي درست ڪندس...“

مائيڪل چمڙو کنيو ۽ ميز تي وڇايو. پوءِ ان کي ٻيڻو ڪيو ۽ ڪئنچيءَ سان ڪتريو. ميٽرينا ڏسي رهي هئي. هن بوٽ ٺهندي ڏٺا هئا. پر مائيڪل ته چمڙي مان ڪا عجيب شيءِ ڪتري رهيو هو. گول گول. هن ڳالهائڻ چاهيو، پر وري سوچيو:

”شايد مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي. امير ماڻهوءَ خبر ناهي ڪهڙي قسم جي بوٽ جو آرڊر ڏنو آهي. مائيڪل ئي بهتر سمجهي ٿو. مون کي دخل اندازي نه ڪرڻ کپي.“

مائيڪل چمڙو ڪٽي ورتو ته بوٽن وانگر ٻنهي جا اڳ سبڻ بدران هن فقط هڪ هڪ طرف سبيو جيئن نرم سپاٽا سببا آهن. ميٽريناکي وري تعجب لڳو، پر اڃا به هن کيس نه ٽوڪيو. مائيڪل ٻن پهرن تائين سبندو رهيو. سائمن ماني کائڻ لاءِ اٿيو، هن جي نظر پيئي ۽ هن ڏٺو ته مائيڪل بوٽ نه پر سپاٽو ٺاهي ڇڏيو آهي.

”ابوه! هي ڇا ڪري ڇڏيئي؟“ سائمن کان رڙ نڪري وئي. پر پوءِ هن دل ئي دل ۾ چيو؛ ”مائيڪل مون وٽ هڪ سال کان ڪم ڪري رهيو آهي. هن اڄ ڏينهن تائين ڪاغلطي نه ڪئي آهي. پوءِ ههڙي خطرناڪ غلطي هو ڪيئن ڪري ويٺو آهي.... معزز ماڻهوءَ اڀي کڙيءَ وارو بوٽ ٺاهڻ لاءِ چيو هو ۽ هن لسي تري وارو نرم سپاٽو ويهي ٺاهيو آهي. قيمتي چمڙي جي ويهي ستياناس.“ ڪئي اٿس ۽ پوءِ وڏي آواز ۾ چيائين: ”دوست! هي تو ڇا ڪري وڌو؟ مون کي ته تو تباهه ڪري رکيو. هن ماڻهو ته اُڀي کڙي وارو بوٽ ٺاهڻ لاءِ چيو هو.“

اتي اوچتو ڪنهن دروازو کڙڪايو. هنن دريءَ مان ليئو پائي ٻاهر نهاريو. هڪ ماڻهو پنهنجو گهوڙو ڪلي سان ٻڌي رهيو هو. سائمن دروازو کوليو. اهوئي نوڪر جيڪو معزز ماڻهوءَ سان گڏ آيو هو. اندر داخل ٿيو.

”صبح بخير!“ هن چيو.

”صبح بخير!“ سائمن جواب ڏنس.“ سائين حڪم ڪريو؟“

”منهنجي مالڪڻ مون کي توهان ڏي موڪليو آهي، بوٽن جي سلسلي ۾.“ نوڪر چيو.

”ڇا حڪم هن ڪيو آهي؟“ سائمن پڇيس.

”اهوئي ته منهنجي مالڪ کي هاڻ انهن بوٽن جي ضرورت نه آهي. هو مري ويو آهي.“

”واقعي؟“ سائمن حيرت مان پڪ ڪئي.

”ها، صيحيح ٿو چوان. هو گهر به نه پهچي سگهيو هو ته رستي تي گاڏي اندر ئي ساهه نڪري ويو. اسان گهر پهتاسين ۽ نوڪر هن کي گاڏي مان لاهڻ آيو ته هو مٽ وانگر گهرڪي اچي هيٺ ڪريو. وڏي مشڪل سان کيس ڇڪي ڇڪي گهر تائين آندوسينس. هاڻ مالڪڻ جو نياپو آهي ته بوٽ ٺاهڻ لاءِ جيڪو چمڙو ڏنو اٿئون ان مان هن جي پيرن جي ماپ جو نرم سپاٽو ٺاهجو، جيئن سندس دفن جي رسم ۾ ميت کي پارايو وڃي. مهرباني ڪري اسان کي هينئر جو هينئر ٺاهي ڏيو، جيئن آئون پاڻ سان کڻي وڃان.

مائيڪل تختي تان چمڙي جا سليپر کنيا ۽ هڪ ٻئي تي هڻي، ڪپڙي سان صاف ڪري، باقي بچيل چمڙي جي ٽڪرن سان گڏ نوڪر حوالي ڪيا.

”خدا حافظ ڪاريگرو!“ نوڪر چيو ۽ گهوڙي تي سوار ٿي هليو ويو.

سال مٿان سال گذرندو ويو. مائيڪل کي هاڻ سائمن سان گڏ رهندي ڇهه سال پورا اچي ٿيا هئا. هو تمام گهٽ ٻاهر نڪتو ٿي ۽ بس ضرورت جي ئي ڳالهه ڪئي ٿي. ايتري عرصي ۾ هو فقط ٻه دفعا مرڪيو هو. هڪ ڀيرو تڏهن جڏهن ميٽرينا هن کي ماني ڏني هئي ۽ ٻيو دفعو تڏهن جڏهن معزز ماڻهو بوٽ ٺهرائڻ آيو هو. سائمن پنهنجي ڪاريگر مان بيحد خوش هو. هن کي فقط هڪ خوف هو. ڪٿي مائيڪل هن وٽان هليو نه وڃي!

ھڪ ڏينھن سڀ گھر ۾ ھئا، ميٽرينا چلهه تي چانهه جي ڪٽلي چاڙھي رکي ھئي. ٻارن ھيڏانھن ھوڏانھن ٽپ پئي ڏنا. سائمن ھڪ دريءَ وٽ ويٺي بوٽ سبيا ۽ مائيڪل بوٽ ۾ کڙي لڳائي رھيو ھو. ھڪ ٻار بينچ وٽان ڊوڙندي پنھنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دريءَ مان ليئو پاتو.

”چاچا مائيڪل! ھڪ مائي پنھنجي گھر ڏي پئي اچي. ھن سان گڏ ٻه ڇوڪريون به آھن. ھڪ منڊي ٿي لڳي“

ٻارن جي ڳالهه ٻڌي مائيڪل کڻي بوٽ رکيو ۽ مڙي دريءَ مان ڏسڻ لڳو. سائمن کي به حيرت لڳي. مائيڪل ڪڏھن به ائين گھٽيءَ ڏي گھوري ڏٺو ھو ۽ ھاڻ ھو دريءَ سان لڳاتار ھنن کي ڏسندو رھيو.

سائمن به ٻاھر نظر ڊوڙائي، واقعي ھڪ سٺي لباس ۾ عورت ٻن ننڍين ڇوڪرين کي پاڻ سان وٺي پئي آئي . ڇوڪرين کي اوچا ڪوٽ پھريل ھئا ۽ مٿي تي شالون اوڍيل ھيون. ھڪ ڇوڪريءَ جي کاٻي ٽنگ ۾ ڪو عيب ھو، جنھن ڪري ھوءَ منڊڪائي رھي ھئي. ميٽرينا دروازو کوليو. پھرين ڇوڪريون داخل ٿيون ۽ پوءِ عورت پاڻ.

”صبح بخير، نيڪ انسانو.....! “

”ڀلي ڪري آيائو! “ سائمن کين کيڪاريو.

عورت ميز وٽ ويھي رھي. ٻئي ڇوڪريون ھن جي گوڏن سان لڳي ويٺيون. ڄڻ جھوپڙيءَ وارن کان ڊڄي رھيون ھجن.

”مونکي ھنن ڇوڪرين لاءِ بھار جي موسم جا جوتا کپن. “ عورت چيو.

”جيتوڻيڪ اسان ڪڏھن ننڍي ماپ جا بوٽ نه ٺاھيان آھن، پر منھنجو ڪاريگر مائيڪل ان ڪم جو ماھر آھي. توھان جنھن قسم جا بوٽ چوندائو، اسين اھڙا ٺاھي ڏينداسين. “ سائمن چيو ۽ ھن مائيڪل ڏي ڏٺو. ھو پنھنجو ڪم ڇڏي ننڍڙين ڇوڪرين کي چتائي ڏسي رھيو ھو. سائمن کي ڏاڍو عجب لڳو. بيشڪ ڇوڪريون بيحد پياريون ھيون. ھنن جون اکيون ڀونئر جھڙيون ڪاريون ۽ ڳٽا گلابي ھئا. ھو نفيس رومال ۽ اوني شالن ۾ ويڙھيل ھيون، پوءِ به سائمن حيران ھو. مائيڪل ھنن کي ائين ڏسي رھيو هو ڄڻ ھو پھرين کان ھنن جو وقف ھجي. آخر ھن قيمت ادا ڪئي ۽ پيرن جي ماپ وٺڻ لاءِ چيو. عورت منڊي ڇوڪريءَ کي پنھنجي جھول ۾ ويھاريو ۽ چيو:

”ھن ڇوڪريءَ جون ٻه ماپون وٺ. ھڪ بوٽ ھن جي منڊي پير لاءِ ٺاھجان ۽ ٽي بوٽ ٻئي پير لاءِ. ٻنھي ڇوڪرين جي پيرن جي ماپ ساڳي آھي. ٻئي جاڙيون آھن. “

سا.من ماپ ورتي ۽ چيو: ”ڀيڻ!ڏاڍيون پياريون آھن. ھي، ڇا پير جو ھي عيب کيس ڄائي ڄم کان آھي؟“

”نه ھن جي ماءُ ھن جي اھا ٽنگ چيڀاٽي وڌي ھئي. “

ايتري ۾ ميٽرينا اچي ويجھو ويٺي. ھن وڏي غور سان ڏٺو ۽ عورت ۽ ڇوڪرين کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ پڇيو: ”ھي تنھنجا ٻار آھن؟ “

”نه ڀيڻ، آئون نه نه ھنن جي ماءُ آھيان، نه ڪا ويجھي مائٽياڻي. مون ھنن کي فقط پاليو آھي. “

”پوءِ به تون ھنن سان ھيڏو پيار ڪرين ٿي؟ “

”ڇو نھ ڪريان؟ مون ھنن کي پنھنجي ٿڃ پياري آھي. منھنجو ھڪ ئي ٻار ھو جيڪو رب پاڪ واپس گھرائي ورتو. مون کي پنھنجي ان ٻار سان ايترو پيار نه ھو، جيترو ھنن ڇوڪرين سان آھي. “

”ڪنھن جون نينگريون آھن، ھي؟ “ ميٽرينا ھن ڏي ڏسي سوال ڪيو.

عورت سڄي ماجرا ٻڌائي:

”اٽڪل ڇھه سال کن اڳ جي ڳالھه آھي. ھنن ڇوڪرين جا ماءُ پيءُ ھڪ ئي ھفتي ۾ ھڪ ٻئي پويان گذاري ويا. پيءُ ڪاٺير ھو، وڻ وڍي رھيو ھو ته وڻ جو ھڪ ڏار ھن مٿان اچي ڪريو، سندس آنڊا ٻاھر نڪري آيا ۽ ھو اڦٽ مري ويو. اھو اڱاري جو ڏينھن ھو. ٽن ڏينھن بعد ھي ڪڪيون پيدا ٿيون. سندن ڪو سار سنڀال لھڻ وارو نه ھو. بس اسان ئي اڪيلا پاڙيسري ھئاسين. ماءُ اڪيلي سر ٻار ڄڻي مري وئي. ٻئي ڏينھن صبح جو آئون ھن جي خبر لھڻ ويس ته خبر پئي ته ھو ڪا دير کان ٿڌي ٿي چڪي ھئي. مرندي وقت ھوءَ پنھنجي ھڪڙي ٻار مٿان اچي وئي ھئي ۽ ان جي ٽنگ چپجي وئي. ڳوٺ جي ماڻھن ھن جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو. ٻارڙيون بي يار مددگار رھجي ويون ھيون. ڳوٺ جي ماڻھن جي چوڻ تي مون ھنن کي سنڀالڻ جو ذمو کنيو. ان وقت منھنجو ٻار ٻن مھينن جو ھو. آئون پھرين پھرين فقط تندرست نينگريءَ کي کير پيارڻ لڳس ۽ منڊيءَ کي ڇڏي ڏيندي ھيس. منھنجي وھم گمان ۾ به نه ھو ته ڪا ھيءَ بچي ويندي. پوءِ مون کي خيال آيو ته ھن غريب معصوم جو ڪھڙو ڏوھه؟ مون ترس کائي ھن کي به کير پيارڻ شروع ڪيو. اھڙي طرح منھنجي ڇاتين تي ٻار پلجڻ لڳا. ھڪ منھنجو پٽ ۽ ٻه ھي ڇوڪريون. آئون جوان ۽ سگھاري ھيس، اللھ جو ڏنو سڀ ڪجھه ھو. خدا منھنجي ڇاتين ۾ ايڏو ته کير ڀري ڇڏيو جو ڪڏھن ڪڏھن ته اھو ائين ئي وھڻ لڳندو ھو- خدا جي ڪرڻي ائين ٿي جو ھي ڇوڪريون ته پلجي ويون، پر منھنجو پٽ ٻه سال به نه جي سگھيو ۽ اللھ کي پيارو ٿي ويو ۽ پوءِ وري مون کي ڪو ٻار نه ٿيو. منھنجو مڙس اڄڪلھه ان جي واپاريءَ جي چڪيءَ تي ڪم ڪري ٿو. چڱو پگھار اٿس ۽ اسان جو سٺو گذر ٿي رھيو آھي. منھنجو پنھنجو ڪو ٻار ناھي، جيڪڏھن ھي نينگريون نه ھجن ھا ته آئون ڪيڏو اداس رھان ھا. ڪيڏي اڪيلائي محسوس ڪريان ھا. آئون ڇو نه ھنن کي دل جان سان چاھينديس. ھي منھنجي لاءِ سڀ ڪجھه آھن. “

ھن ھڪ ٻانھن جي وڪڙ سان منڊي ڇوڪريءَ کي پنھنجي سيني سان لڳايو ۽ ٻئي ھٿ سان پنھنجي ڳلن تي ڪرندڙ ڳوڙھن کي اگھيو. ميٽرينا ٿڌي آھ ڀري چيو:

”اھو چوڻ بلڪل سچ آھي ته انسان ماءُ پيءُ بنا رھي سگھي ٿو، پر خدا بنا ھرگز نٿو رھي سگھي. “

ھو پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رھيا ھئا ته اوچتو جنھن ڪنڊ ۾ مائيڪل ويٺو هو اھو روشن ٿي ويو ۽ پوءِ اھا روشني سڄي جھوپڙيءَ ۾ پکڙجي ويئي. سڀ ھن طرف ڏسڻ لڳا. مائيڪل چپ چاپ ويٺو ھو. ھن جا ھٿ گوڏن تي رکيل ھئا ۽ ھو پاڻ نظرون کڻي ڪري مرڪي رھيو ھو.

عورت ڇوڪرين کي وٺي رواني ٿئي. مائيڪل پنھنجو ڪم ڪار ڇڏي اٿي کڙو ٿيو. ھن پنھنجو پيشبند (اڳيان ٻڌل ڪپڙو) لاٿو. پوءِ سائمن ۽ سندس زال اڳيان ڪنڌ جھڪائي چيو:

”منھنجا مالڪ، الوداع! خدا مون کي معاف ڪري ڇڏيو آھي. آئون توھان کان معافي ٿو گھران، مون کان ڪا خطا ٿي ھجي ته مھرباني ڪري مون کي معاف ڪري ڇڏجو! “

ھنن ڏٺو ته مائيڪل جي وجود مان روشني نڪري رھي ھئي. سائمن به اٿي بيٺو. ھن ڪنڌ جھڪايو ۽ چيو:

”مائيڪل آئون ڏسي رھيو آھيان ته تون ڪو عام ماڻھو نه آھين.آئون نه ته توکي ترسائي سگھان ٿو ۽ نه ڪو سوال پڇي سگھان ٿو. بس ايترو ٻڌاءِ ته جڏھن تون مون کي خانقاھه وٽ ملئين ۽ مون توکي گھر آندو ان وقت تون ڏکيول ھئين، پر پوءِ جڏھن منھنجي زال توکي ماني کارائي ته تو ڇو مرڪيو ھئو ۽ تنھنجو چھرو ڇو روشن ٿي ويو ھو؟ پوءِ جڏھن ھو امير ماڻھو بوٺ ٺھرائڻ آيو، ته تنھنجي چپن وري مرچ اچي وئي ھئي ۽ تنھنجو چھرو چلڪڻ لڳو ھو ۽ ھاڻ ھيءَ عورت جڏھن ٻه ڇوڪريون وٺي آئي ته تنھنجي چپن تي ٽيون دفعو مرڪ تري آئي ۽ تنھنجو چھرو جرڪڻ لڳو. مائيڪل مون کي بس ايترو ٻڌاءِ، ته تنھنجو چھرو ڇو ايڏو منور آھي ۽ تون ٽي دفعا ڇو مرڪئين؟ “

”ھيءَ روشني منھنجي جسم مان ان ڪري نڪري رھي آھي جو خدا منھنجو ڏوھه معاف ڪري ڇڏيو آھي ۽ آئون ٽي دفعا ان ڪري مرڪيس جو خدا مون کي ٽي سچايون معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو ھو. اھي مون معلوم ڪري ورتيون آهن. ھڪڙي سچائي ته ان وقت معلوم ٿي جڏھن تنھنجي زال مون تي ترس کاڌو، ان ڪري منھنجي چپن تي خوشيءَ کان مرڪ اچي وئي. ٻي سچائيءَ جو مون کي ان وقت علم ٿيو، جڏھن امير  ماڻھو بوٽ ٺھرائڻ آيو. ان تي مون وري مرڪي ڏنو ۽ ھاڻ جڏھن انھن معصوم ٻارڙين کي ڏٺم ته مون کي ٽين ۽ آخري سچائيءَ جي ڄاڻ ٿي وئي ۽ مون ٽيون دفعو مرڪيو. “ مائيڪل جواب ڏنو.

”مائيڪل خدا توکي ڪھڙي ڪارڻ سزا ڏني؟ ۽ اھي ٽي سچايون ڪھڙيون آھن، آئون به ڄاڻڻ چاھيان ٿو؟ “ سائمن چيو.

”خدا مون کي پنھنجي حڪم عدوليءَ تي سزا ڏني. آئون ملائڪ ھوس ۽ آسمانن تي رھندو ھوس. مون خدا جي نافرماني ڪئي. ھڪ دفعو خدا مون کي ھڪ عورت جو ساھه ڪڍڻ لاءِ موڪليو. آئون اڏامي زمين تي پھتس ته ڏٺم ته ھڪ بيمار عورت اڪيلي ستي پئي آھي. ھن جي پاسي کان ٻه جاڙيون ٻارڙيون آھن، جن کي ھن ان وقت ڄڻيو ھو. مون کي ڏسڻ سان سمجھي وئي ته  آئون ھن جي جان ڪڍڻ آيو آھيان. ھن ٻاڏائيندي چيو: ”اي ملائڪ! منھنجي مڙس کي اڃا ھاڻ دفنايو ويو آھي. ھو ھڪ وڻ ھيٺان اچي مري ويو ھو. منھنجي نه ته ڪا ڀيڻ آھي نه ماءُ، ھنن يتيم ٻارڙين کي ڪير نپائيندو؟ خدا جي واسطي منھنجو ساھه نه ڪڍ. ڀلا ٿورو ترسي پئھ. مونکي ھنن معصوم ٻارڙين کي گھٽ ۾ گھٽ کير پيارڻ جيتري مھلت ڏي، پوءِ آئون انھن کي تنھنجي قدمن ۾ رکي مري وينديس. ٻار ڀلا ماءُ پيءَ بغير به پلجي سگھن ٿا؟ “

”مون اڳيان وڌي ھڪ نينگري کي ھن جي ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ ٻيءَ کي ھن جي ٻانھن ۾ ڏنو ۽ خدا وٽ آسمان ڏي موٽي ويس. مون خدا تعاليٰ جي خدمت ۾ عرض ڪيو: ”آئون ھن عورت جو ساھه ڪڍي نه سگھيو آھيان. ھن جو مڙس ھڪ وڻ جي ھيٺان اچي مري ويو آھي. ھاڻ ھن کي ٻه جاڙيون ڌيئون ڄايون آھن. ھوءَ التجا ٿي ڪري ته ھن جو ساھه نه ڪڍيو وڃي. ھوءَ چوي ٿي ته ھن کي پنھنجين ٻارڙين کي نپائڻ لاءِ ايتري مھلت ڏني وڃي جيسين ھلڻ چلڻ جي لائق ٿي سگھن. ٻار ماءُ بنا نٿا پلجيو سگھن. مون ھن جو ساھه قبض نه ڪيو. “

ان تي خدا تعاليٰ فرمايو:  ”وڃ، وڃي ان عورت جو ساھه ڪڍ ۽ ٽي سچايون معلوم ڪر. ھڪ اھا ته ماڻھوءَ جي اندر ۾ ڪھڙي شيءِ رھي ٿي، ٻي اھا ته ماڻھوءَ کي ڇا نه ڏنو ويو ۽ ٽي اھا ته ماڻھو ڪنھن سان جيئي ٿو؟ تون آسمانن ڏي تيسين نه اچي سگھندين، جيسين انھن ٽين سچائين جي ڄاڻ نه حاصل ڪندين. “

آئون وري زمين تي آيس ۽ ان عورت جو روح قبض ڪري ورتم. ٻارڙيون ھن جي ڇاتيءَ تان ڪري پيون. ھن جو جسم به کٽ تي ڍرڪي پيو ۽ ھڪ نينگريءَ جي ٽنگ ٻيڻي ٿي ھن جي جسم ھيٺان دٻجي وئي. مون ان ڳوٺ مان اڏامي خدا جي حضور ۾ ھن جي جان پيش ڪرڻ چاھي. پر تيز ھوا ۽ طوفان منھنجا پَر روڙي ڇڏيا. عورت جو روح اڪيلو ئي آسمان ڏي اڏامي ويو ۽ آئون ڌرتيءَ تي ان ھنڌ اچي ڪريس.

سائمن ۽ ميٽرينا ھاڻ سمجھيو ته ھنن وٽ ڪير رھيل آھي ۽ ھو ڪنھن کي ماني ڪپڙا ڏيندا رھيا. ھو ھيبت ۽ خوشيءَ وچان روئڻ لڳا.

ملائڪ چيو:

”آئون رستي جي ڪناري اڪيلو ۽ اگھاڙوپيو ھوس. مون کي ڪجھه خبر نه ھئي ته انسان جون ڇا ضرورتون آھن. بک ۽ سيءَ ڇا ٿو ٿئي؟ ان جي خبر ان وقت پيم. جڏھن انسانن جو روپ ڌاريم. مون کي سمجھه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪرڻ کپي. پوءِ جتي آئون اچي ڪريو ھوس ان جي ويجھو ھڪ خانقاھه نظر آيم. اتي پھتس ته من سردي کان بچڻ لاءِ ڪا ڍڪيل جاءِ ملي وڃي. پر خانقاھه تي تالو لڳل ھو. ھوا کان بچڻ لاءِ آئون ان جي اوٽ ۾ ٿي ويٺس. شام  ٿي رھي ھئي ۽ مون کي سخت بک ۽ سيءَ لڳي رھيو ھو. ايتريقدر جو منھنجي جسم ۾ سور ٿيڻ لڳو. اوچتو مون ھڪ ماڻھوءَ کي رستوپار ڪري پاڻ ڏي ايندي ڏٺو. ھن جي ھٿن ۾ بوٽن جو جوڙو ھو ۽ ھو پنھنجو پاڻ سان ڳالھيون ڪري رھيو ھو. انسان بنجڻ کانپوءِ مون پھريون دفعو جڏھن ھڪ فاني انسان جي صورت ڏٺي ته مون تي وحشت طاري ٿي وئي. مون ھڪ طرف پري ٿي وڃڻ چاھيو ٿي. مون ٻڌو ته ماڻھو پنھنجو پاڻ کي چئي رھيو ھو. ”سيءَ کان بچڻ لاءِ پنھنجي جسم کي ڪنھن سان ڍڪيان ۽ ٻارن جو پيٽ ڪيئن ڀريان. “ ان تي مون سوچيو، آئون ھتي سردي ۽ بک وگھي مري رھيو آھيان ۽ ھي ماڻھو پاڻ به ان مصيبت ۾ مبتلا آھي. ڀلا ھي منھنجي مدد ڪيئن ڪري سگھي ٿو! ھن ماڻھوءَ مون ڏي ڏٺو ۽ مون ھن ڏي گھوريو ته ھن جي صورت وڌيڪ وحشتناڪ ٿي وئي. ھو منھنجي ڀرسان گذري ويو ۽ آئون مايوس ٿي ويس.

”اوچتو مون ھن جي پيرن جو آواز ٻڌو. ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺم پر سڃاڻي نه سگھيس. پھرين ھن جي چھري تي موت کي نچندو ڏٺو ھوم، پر ھاڻ ان ئي چھري تي زندگي ۽ خدا جي وجود جا آثار ڏيکائي ڏئي رھيا ھئا. ھو مون وٽ آيو، پنھنجا ڪپڙا مون کي پارايائين ۽ پنھنجي گھر وٺي آيو.

گھر ۾ ھڪ عورت اسان جو استقبال ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي.... ۽ پوءِ ھن جي زبان ڪئنچي وانگر ھلڻ لڳي. ھوءَ عورت مرد کان به وڌيڪ وحشتناڪ ڏسڻ ۾ آئي ٿي. ھن جي زبان مان موت ظاھر ٿيو ٿي. ھن جي چوڌاري موت جي سڙيل ڌپ ائين پکڙيل ھئي جو مون کي ساھه کڻڻ ۾ دشواري ٿي رھي ھئي. ھن مون کي وري سرديءَ ۾ ڌڪڻ چاھيو ٿي ۽ مون ڄاتو ٿي ته جيڪڏھن ھن ائين ڪيو ته ضرور مري ويندس ۽ اتي ھن جي مڙس ھن کي خدا ياد ڏياريو ۽ ھوءَ بلڪل بدلجي وئي. ھوءَ مانيءَ کڻي آئي ته مون ڏٺو ته ھن جي چھري تان موت جا آثار رخصت ٿي چڪا ھئا. ھوءَ زندھه ٿي چڪي ھئي ۽ ھن جي چھري تي خدا جي قدرت چمڪي رھي ھئي. تڏھن مون کي پھريون سبق ياد اچي ويو. جنھن کي سکڻ لاءِ خدا مون کي موڪليو (معلوم ڪر ته ماڻھو جي اندر ڪھڙي شيءِ رھي ٿي) ۽ آئون سمجھي ويس ته ماڻھوءَ جي اندر محبت رھي ٿي. ان سچائيءَ جي ظاھر ٿيڻ تي آئون پھريون دفعو مرڪيس.

مون اڃا سڄو سبق نه سکيو ھو. اڃا مون کي اھو معلوم نه ٿيو ته ماڻھوءَ کي ڇا نه ڏنو ويو. تو وٽ رھندي مون کي ھڪ سال گذري ويو ته ھڪ ماڻھو بوٽ ٺھرائڻ آيو جيڪي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سال ھلن- خراب ٿيڻ يا ڦاٽڻ بغير.... مون ھن ڏي ڏٺو ته اچانڪ ھن جي ڪنھن پٺيان پنھنجي رفيق اجل جي ملائڪ ڏيکائي ڏني. اھو ملائڪ فقط مون کي ئي نظر آيو ٿي. مون ھن کي سڃاتو ٿي ۽ مون کي اھا به ڄاڻ ھئي ته سج لٿي کان اڳ، ھيءَ امير ماڻھوءَ جو ساھه قبض ڪري وٺندو. مون سوچيو؛ ”ھڪ ماڻھو ھڪ سال جي تياري ڪري رھيو آھي ۽ ڄاڻ اھا به نه اٿس ته ھو شام ٿيڻ کان اڳ مري ويندو. “ تڏھن مون کي خدا جو ٻيو فرمان ياد اچي ويو ۽ مون کي ڄاڻ ٿي ته انسان کي ھن جي پنھنجين ضرورتن جو علم نه ڏنو ويو آھي ۽ آئون ٻيو دفعو مرڪيس. آئون پنھنجي ساٿي ملائڪ کي ڏسي خوش ٿيو ھوس ۽ ان لاءِ به خوش ٿيو ھوس ته خدا مون تي ٻي حقيقت ظاھر ڪري ڇڏي آھي.

اڃا ٽينءَ سچائيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ باقي ھو ته ماڻھو ڪھڙي شيءَ سان جيئي ٿو. آئون ان انتظار ۾ وقت گذاريندو رھيس ته خدا مون کي آخري سچائي کان آگاھه ڪري. ڇھين سال ٻه جاڙيون نينگريون ان عورت سان گڏ آيو. مون انھن ڇوڪرين کي ھڪدم سڃاڻي ورتو. ھي ڪيئن بچي ويون ۽ اڄ جيئريون جاڳنديون آھن! ان جو احوال ھوءَ عورت ٻڌائي چڪي. مون سوچيو ته انھن ڇوڪرين جي ماءُ مون کي آزيون نيزاريون ھنن جي لاءِ ڪيون ٿي. مون ھن جي ڳالھه درست سمجھي ورتي ته ٻار ماءُ پيءُ بنا نٿا پلجيو سگھن. پر ھاڻ اھا حقيقت آشڪار ٿي. ھڪ ڌارئين عورت- جنھنجي ساڻن نه ڪا مٽي مائٽي ھئي ۽ نه دوستي ياري، تنھن ھنن کي نپائي وڏو ڪيو ۽ جڏھن ان عورت ھنن ٻارڙين لاءِ محبت جو اظھار ڪيو- جيڪي سندن پيٽ ڄايون نه ھيون، ته مون ھن جي اندر خدا جو جلوو ڏٺو. آئون سمجھي ويس ته انسان ڪھڙي شيءِ سان جيئي ٿو. آئون سمجھي ويس ته خدا مون کي آخري سبق به سمجھائي ڇڏيو آھي ۽ منھنجو قصور پڻ معاف ڪري ڇڏيو آھي. تڏھن منھنجي چپن تي ٽيون دفعو مرڪ اچي وئي.“

ملائڪ جي جسم تان زمين جو لباس لھي ويو ۽ ھو نوري لباس ۾ ملبوس ٿي ويو. ھن جو جسم ايترو منور ٿي ويو جو ان تي اک نٿي کڄي سگھي. ھن جو آواز بلند ٿي ويو، ڄڻ آسمان تان ڳالھائي رھيو ھجي. ھو چئي رھيو ھو: ”مون کي ھاڻ ڄاڻ ٿي وئي آھي ته انسان نفس پرستيءَ سان نه، پر محبت سان جيئن ٿا. ماءُ بلڪل بي خبر ھئي ته ھن جي ٻارن کي پنھنجي زندگيءَ جي لاءِ ڪھڙي شيءِ جي ضرورت آھي. نه ھن امير ماڻھوءَ کي علم ھو ته ھن کي پنھنجي لاءِ ڪھڙي شيءِ جو کپ آھي. اھڙي طرح ڪنھن به ماڻھو کي اھو علم نه ڏنو ويو ته جڏھن شام ايندي ته ھن کي پنھنجي لاءِ بوٽ کپندا يا سليپر....!

”آئون انسان جي حيثيت ۾ جيئرو رھيس. پنھنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ سان نه، پر ان ڪري جيئرو رھيس ته ھڪ راھگير جي دل ۾ محبت موجود ھئي ۽ ھن جي زال مون تي ترس کاڌو ۽ مون سان سٺو سلوڪ ڪيو. ھو يتيم ٻارڙيون ان ڪري حيات نه رھيون ته ڪو ھنن جي ماءُ ھنن جي حفاظت ۽ نگھداشت ڪئي ٿي، پر اھي ان ڪري زندھ آھن جو ھڪ بلڪل غير عورت جي دل ۾ محبت موجزن ھئي. ھن ھنن ٻارين تي ترس کاڌو ۽ ھنن تي شفقت جو ھٿ رکيو. اھڙيءَ طرح سڀ ماڻھو پنھنجي بھبود جي فڪر سان نٿا جيئن. پر ان لاءِ جيئن ٿا جو ھنن جي دلين ۾ محبت موجود آھي. “

”پھرين مون فقط ايتري ڳالھه سمجھي ٿي ته خدا پنھنجي ٻانھن کي زندگي بخشي ۽ چاھيائين ته  ھو بس زندھه رھن. پر ھاڻ آئون ان کان وڌيڪ سمجھڻ لڳو آھيان. آئون سمجھي ويو آھيان ته خدا نٿو چاھي ته ماڻھو فقط پنھنجي زندگي گذارين. ان ڪري ھن اھا ڳالھه ڳجھي رکي آھي ته ھر فرد کي پنھنجي لاءِ ڪھڙي ڪھڙي گھرج آھي. البت ھن ھرھڪ کي اھوضرور ٻڌائي ڇڏيو آھي ته سڀني ماڻھن کي ڪھڙي شيءِ جي ضرورت آھي. آئون اھو به سمجھي ويو آھيان ته حقيقت ۾ اها محبت آھي جنھن جي زور تي ماڻھو زندھه آھن. “

پوءِ ملائڪ خدا جي وڏائيءَ جي واکاڻ ڪئي ۽ سڄي جھوپڙي ان جي آواز سان ڌڏندي رھي. پوءِ ڇت ڦاٽي ۽ نور جي ھڪ لاٽ زمين کان آسمان تائين بلند ٿي ويئي. سائمن ۽ ھن جي زال ۽ ٻار زمين تي سجدي ۾ ڪري پيا. ملائڪ جي ڪلھن وڏا وڏا پَرَ نمودار ٿي ويا ۽ ھو آسمان ڏي اڏامي ويو.

سائمن کي جڏھن ھوش آيو ته ھن ڏٺو ته جھوپڙي جهڙي ھئي اھڙي ئي بيٺي ھئي ان ۾ سواءِ ھن جي زال ۽ ٻارن جي ٻيو ڪوبه نه ھو. “

 

[روس جو جڳ مشھور ليکڪ ۽ اخلاقي ڏاھو ڪائونٽ ليونڪولائيوچ ٽالسٽاءِ، وورگانديءَ جي ڪناري ڀرسان ھڪڙي ڳوٺ ”بينايا پوليانا“ ۾ ڄائو. ٽالسٽاءِ ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ قانون ۽ مشرقي ٻولين جو علم پڙھيو ۽ ڊگري وٺي نه سگھيو. مسلسل ناڪامين بعد فوج ۾ وڃي ڀرتي ٿيو. اتي ئي سندس لکڻ پڙھڻ سان چاھه وڌيو ۽ فوج واري نوڪري دوران ئي ٽن جلدن ۾ پنھنجي جيون ڪٿا لکيائين ۽ ڪجھه عرصي بعد فوجي نوڪري ڇڏي مستقل طور اچي اباڻي ڳوٺ ۾ رھڻ لڳو. سندس ٻه ناول ”وار اينڊ پيس“ ۽ ”اينا ڪرنينا“ سڀ کان وڌيڪ مشھور آھن ۽ دنيا جي شاھڪار ناولن ۾ شمار ٿين ٿا. ھن کانسواءِ به ھن ڪيتريون ئي لکڻيون لکيون.

عمر جي آخري حصي ۾ ھن سڀ ڪجھه تياڳي فقيري پاتي. ]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: