سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سينگارپور ويندي ويندي

الطاف شيخ

صفحو :6

 

سنگاپور جو ٺاهيندڙ رئفلس

ووڊلئنڊس ۽ سيمباوانگ جو علائقو لتاڙي شهر جي وچ ۾ مئرينرس  (Mariners ) ڪلب ۾ پهتاسين. هونءَ ته سنگاپور جو سڄو ملڪ/ ٻيٽ شهر آهي _ هاڻ ڪابه ٻهراڙي يا جهنگ نه رهيو آهي. پر شهر مان مراد سنگاپور شهر جو اهو حصو آهي جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ به بلي بلي هو. جيڪو اڄ به انگريز سلطنت جي دل  (Colonial – Heart ) سڏيو وڃي ٿو. اڄ جو ماڊرن سنگاپور 1819 ع ۾ سر اسٽئمفورڊ رئفل جي اچڻ کان پوءِ وڌڻ شروع ٿيو. هتي رئفل جو مختصر ذڪر ڏيڻ بيجا نه ٿيندو.

مسٽر رئفلس _ سرٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس جيتوڻيڪ پنهنجي زندگي انگلينڊ جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ڪلارڪيءَ سان شروع ڪئي ۽ ان خيال کان تمام اهم شخصيت ٿي گذريو آهي، جو اڳتي هلي هن انگريزن جي سلطنت کي وڌايو ويجهايو _ خاص ڪري ڏور اوڀر جي ملڪن ۾.اهو رئفلس ئي هو جنهن 1918 ع ۾ سنگاپور جي ٻيٽ کي انگريز حڪومت لاءِ هٿ ڪيو _ جتان انگريز سرڪار کي چين ۽ اوسي پاسي جي ملڪن جي واپار وڙي تي ڪنٽرول رکڻ ۾ سولو ٿي پيو.

رئفلس 1781 ع ۾ سمنڊ تي ئي ڄائو. سندس پيءُ مرچنٽ نيويءَ جي جهاز جو ڪئپٽن هو. هڪ دفعي هو پنهنجي زال سان گڏ ويسٽ انڊيز کان انگلينڊ موٽي رهيو هو ته رستي تي کين هو رئفلس ڄائو. ريفلس جا ماءُ پيءُ ايترا امير نه هئا. سندن مٿان ايڏا قرض چڙهيل هئا جو هن جو ٻاروتڻ ڪو سک جي زندگيءَ ۾ نه گذريو.

چوڏهن سالن جي عمر ۾ پهچي رئفلس کي اسڪول ڇڏڻو پيو ۽ پنهنجي ماءُ ۽ چئن ڀيڻن جو پيٽ پالڻ لاءِ کيس ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انگلينڊ واري آفيس ۾ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ رئفلس جي بنيادي تعليم ڪجهه به نه هئي، پر پوءِ واندڪائيءَ ۾ سائنس ۽ تاريخ جا ڪتاب پڙهي پڙهي بيحد قابل ٿي ويو. ان کا علاوه ڪيترين ئي زبانن تي عبور حاصل ڪري ورتائين. آفيس اندر توڙي آفيس کان ٻاهر هن جو نالو ايڏو روشن ٿيو جو ٽيويهن ورهين جي ڄمار ۾ کيس پينانگ _ انگريزن جي نئين ٺهيل حڪومت ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري ڪري رکيو ويو.(پينانگ ملاڪا نار ۾ هڪ اهم ٻيٽ آهي، جنهن تي انگريزن جو قبضو گهڻو وقت اڳ ٿي چڪو هو.)

پينانگ ۾ پهچي رئفلس هتي جون مقامي زبانون سکڻ جي مهم قائم رکي ۽ ان سان گڏ هن ملايا جي ماڻهن ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو تمام ڳوڙهو اڀياس ڪيو. هي جي ان قابليت جي خبر لارڊ منٽوءَ کي پيئي، جيڪو ان وقت انڊيا جو گورنر هو. هي اهو وقت هو جڏهن فرانس جي نيپولين بونا پارٽ ڊچن جي قبضي هيٺ آيل انڊونيشي ٻيٽ جاوا کي استعمال ڪري، چين ڏي ويندڙ انگريزن جي جهازن کي نقصان پهچائي رهيو هو. ڊچن جي قبضي ۾ آيل ٻيٽ جاوا کي فرينچن جي اثر مان ڪڍڻ ڪارڻ لارڊمنٽوءَ رئفلس کي ملاڪا ۾ رهي الڳ ڪم ڪرڻ لاءِ  مقرر ڪيو ۽ سندس ڪم مان ايڏو متاثر ٿيو. جو جاوا تي قبضو ڪرڻ وقت هن کيس ساڳي جهاز تي پاڻ سان گڏ رکيو. هيءَ 1811ع  جي ڳالهه آهي.

لارڊ منٽو جي نظرن ۾ رئفلس هوشيار، چست،۽ انصاف پسند ته اڳهين هو، هاڻ جهاز تي گڏ رهڻ بعد هن ڏٺو ته رئفلس انتظامي ۽ حڪومتي ڪاروبار هلائڻ ۾ تمام ذهين آهي. ان ڪري بعد ۾ هن کي جاوا ٻيٽ جو ليفٽيننٽ گورنر مقرر ڪري پاڻ واپس ڪلڪتي (هندستان) موٽيو.

رئفلس جاوا ۾ چار پنج سال رهيو، جتي هن مقامي ماڻهن جي ڏاڍي خدمت ڪئي، جيتوڻيڪ اتي سندس صحت ڏاڍي خراب ٿي پئي ۽ ان دوران زال جي مري وڃڻ جي ڪري پڻ کيس صدمو رسيو. انهن ئي ڏينهن ۾ لارڊ منٽو به مري ويو، جنهن جو کيس وڏو ڏڍ هو. آخر 1816ع  ۾ (ان وقت هو پنجٽيهن سالن جو هو) کيس انگلينڊ واپس سڏايو ويو. اتي کيس ڪجهه سرڪاري ۽ شهنشاهي خطاب ڏنا ويا. ڪجهه سالن بعد کيس وري ڏور اوڀر ڏي موڪليو ويو. هن ڀيري کيس سماترا جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ٻيٽ  Bengkulu تي ليفٽيننٽ گورنر ڪري رکيو ويو. جيڪو هڪ گهٽ اهميت وارو بندرگاهه ڪارن مرچن جي واپار کان مشهور هو.

 

سنگاپور جو نالو سيونان به هو

رئفلس اوڏانهن ويندي وقت، ڪلڪتي ۾ ان وقت انڊيا جي گورنر، جنرل لارڊ هئسٽنگس سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ڏور اوڀر ۾ ڏينهون ڏينهن انگريزن جي طاقت ۽ واپار جي گهٽجڻ کي روڪڻ لاءِ اپاءَ سمجهايا ۽ کيس اهو پڻ ٻڌايائين ته کين ڪو اهڙو هنڌ ڳولي قبضي ۾ ڪرڻ گهرجي جتان چين پاسي توڙي هندستان ۽ جاوا سماترا وارن علائقن تي نظر رکي سگهجي، جيئن انهن پاسن وارا تڙ، گهاٽ ۽ سامونڊي رستا انگريزن جي واپار وڙي لاءِ صحيح ۽ سلامتيءَ وارا آهن. گورنر جنرل لارڊ هئسٽنگس ان ڪم لاءِ رئفلس کي هڪدم اجازت ڏني. ان بعد رئفلس ملايا پهچي اهڙي ڪنهن جاءِ جي ڳولا ۾ لڳي ويو. آخر ڪار سن 1819ع ۾ ملاڪانار جي پوڇڙ وٽ هن کي هڪ ننڍڙو ٻيٽ ان ڪم لاءِ بهتر لڳو، جتي ان وقت ڪي چند ملئي مهاڻا سمنڊ جي ڪناري وٽ رهيل هئا. هي ٻيٽ اڄ وارو سنگاپور هو.

رئفلس سڄي ڏور اوڀر تي نظر رکڻ لاءِ هن ٻيٽ  سنگاپور کي مرڪز مقرر ڪيو. جيتوڻيڪ پاڻ بينگڪولو Bengkulu پڻ ويو. جنهن لاءِ انگلينڊ کان مقرر ٿي آيو هو. پر اتي ٽي سال رهي 1822ع ۾ وري سنگاپور جي بندرگاهه کي سڌاريائين.

1824ع  ۾ رئفلس هميشه لاءِ انگلينڊ موٽي ويو. پاڻ ملايا جي تاريخ ۽ تهذيب جي لکڻين ڪري به مشهور آهي ۽ لنڊن واري چڙياگهر ٺهرائڻ کان پڻ مشهور آهي  جيڪو هن انهن ڏينهن ۾ لنڊن پهچي ٺهرايو ۽ جنهن جو پاڻ پهريون چونڊيل صدر ٿي رهيو.1925ع  ۾ برين ٽيومر ڪري مري ويو.

سنگاپور جو اهم حصو اهو آهي، جتي رئفلس اسڪوائر، سپريم ڪورٽ بلڊنگ، وڪٽوريا ميموريل هال، سينٽ ائنڊريو جو گرجا گهر وغيره آهن. مسٽر رئفلس جي اچڻ کان اڳ سنگاپور هڪ سامونڊي ننڍڙو شهر هو ۽ تيماسيڪ Temasek جي نالي سان سڏبو هو.

سنگاپور جي سپريم ڪورٽ _ هتي جو سڀ کان وڏو انصاف ڏيندڙ گهر، ڪنهن زماني ۾ ”يورپ هوٽل“ هوندو هو. جنهن ۾ هتان هُتان ايندڙ جهازن جا خلاصي اچي ڪچهريون ڪنداهئا _ ٻين لفظن ۾ بيئر جي گلاس تي پنهنجن ڌنڌن، ڪوڙن سچن معاشقن ۽ ڦڏن جا اگهاڙا چرچا ٻڌائيندا هئا. هيءَ اها هوٽل هئي جنهن ۾ مشهور ليکڪ جوزف ڪونارڊ جي ڪافي عرصو اچ وڃ رهي، جنهن دوران جهازين کان پنهنجي ناول لاءِ ڪهاڻيون ٻڌي لکيون.

ڪلفرڊ پيئر جي ڀرسان سهڻو پارڪ ”ايلزبيٿ واڪ“ نالي آهي، جيڪو سنگاپور کي سونهن بخشي ٿو. هن ۾ اڳ وانگر اڄ به سڄو ڏينهن جوڙا واڪ ڪن ٿا يا ڪنڊ پاسي ۾ ويهي من جون رهاڻيون رچائين ٿا. پارڪ ۾ جيڪو ڦوهارو نظر اچي ٿو اهو تان _ ڪم _ سنگ جي ياد ۾ ٺهيل آهي. تان ڪم سنگ هڪ امير چيني  ماڻهو هو، جنهن سنگاپور جي چائنا ٽائون علائقي ۾ مٺي پاڻي آڻڻ لاءِ پنهنجي هڙؤن ڏهه هزار ڊالر خيرات طور ڏنا هئا . هينئر جيڪو سنگاپور جو سٽي هال سڏجي ٿو اها عمارت انگريزن جي ڏينهن ۾ ميونسپالٽي هوندي هئي. جنهن جي دڪين تائين جپاني فوجي 1942ع ۾ (ٻي وڏي لڙائي دوران) چڙهي آيا هئا. انهن جپاني فوجين سنگاپور تي قبضي ڪرڻ بعد هڪ ته ان ۾ لڳل بگ بين گهڙيال جو سنگاپوري وقت ڦيرائي جپاني ٽائيم ڪيو، ان سان گڏ سنگاپور جو نالو پڻ بدلائي نئون نالو سيونان Syonan رکيو. جپانين جو سنگاپور تي ٽي سال قبضو رهيو، جيسين ناگاساڪي۽ هيروشيما تي آمريڪن بم ڪيرايو ۽ جپانين کي آڻ مڃڻي پيئي. بهر حال انهن ٽن سالن اندر جپانين جيڪي ياد گار ٺهرايا اهي پڻ اڄ ڏينهن تائين سنگاپور حڪومت قائم رکندي اچي.

 

سنگاپور شينهن جوشهر

ايلزبيٿ واڪ واري علائقي ۾ جيڪي مقبرا ۽ ياد گار ٺهيل آهن، اهي هڪ ته ٻي وڏي لڙائيءَ جي ياد ڏيارن ٿا، ۽ ٻيو نوجوان اڳواڻ لم _ بو _ سينگ جي _ جيڪو ملڪ جي بچاءَ لاءِ جپانين جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي مارجي ويو هو. سڀ کان ڊگهو يادگار انهن غريب شهرين جي ياد ۾ آهي. جيڪي هن لڙائيءَ ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا. ان يادگار کي The Four Chopsticks  ”چار تيلين“ جي نالي سان سڏجي ٿو. سو سنگاپور  جو هي حصو تواريخ  ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.

ان علائقي جي ڪولمئن اسٽريٽ ۾ پڊانگ کان فورٽ ڪئننگ روڊ ڏي ويندي سنگاپور جي هڪ تمام پراڻي ۽ اهم ٽڪري نظر اچي ٿي جنهن جا نالا مختلف دورن ۾ مٽجندا رهيا آهن. مثال طور؛ سراسٽئمفورڊ رئفل جي اچڻ تائين هيءَ ٽڪري Forbidden Hill  _ ”ڌڪاريل ٽڪري“ سڏبي هئي. رئفلس صاحب پنهنجو بنگلو ان ٽڪريءَ تي اڏائي ان جو نالو Government Hill سرڪاري ٽڪري رکيو.

اها ٽڪري اڳتي وڃيو سلطان سڪندر شاهه جي مقبري سان ملي ٿي، جيڪو سنگاپور جو آخري حاڪم هو. ان ڳالهه جي اڃا تائين پڪ نه ٿي سگهي آهي يا آيا سلطان سڪندر شاهه اتي ئي دفن آهي يا نه  ڇو جو اهي افواهه به مشهور آهن ته سنگاپور جي 1391ع  ۾ تباهيءَ ٿيڻ کان اڳ هو اتان ڀڄي ويو هو. ڪجهه سال اڳ ان راز کي کولڻ لاءِ سرڪاري کوجنائي کاتي ان قبر جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪرائڻ چاهيو، پر ڪنهن هڪ مزور به کوٽائيءَ لاءِ ها نه ڪئي جو هندو توڙي مسلمان، ڪرسچن توڙي چيني مزورن ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اهو پاپ جو ڪم آهي ۽ اهو مشهو ٿي ويو آهي ته ان ڪم ۾ جيڪو هٿ وجهندو ان جو گهر بدبختيءَ جو شڪار ٿيندو. نتيجي ۾ اهو راز اڃا تائين فاش نه ٿي سگهيو آهي. 

ڀر ۾ جيڪو عيسائين جو قبرستان هو اهو هاڻ پارڪ ٿي ويو آهي. ۽ اڃا منجهس ڪجهه قبرون موجود آهن. قبرن جي سيرانديءَ  کان لڳل ڪتبا هن ٻيٽ تي آيل شروعاتي ماڻهن جي جدوجهد جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا.

ڪولمئن Coleman  اسٽريٽ تان لنگهڻ مهل توهان کي سنگاپور جو سڀ کان پراڻو گهر _ آرمينين چرچ آف سينٽ گريگري نظر ايندو. ان چرچ جو نقشو سنگاپور ۾ تڏهن رهندڙ فقط ڏهن ٻارهن آرمينين ڪٽنبن جي چوڻ تي ڪولمئن  1835ع ۾ تيار ڪيو هو.

ڪولمئن اسٽريٽ جي ساڄي پاسي سينٽ ائنڊريو نالي ڪئٿڊرل آهي، جيڪو پڻ پراڻي زماني جو آهي ۽ ان کان علاوه هڪ ٻيو گرجا گهر ڪوئين اسٽريٽ ۾ هڪ سؤ ٽيهه سال پراڻو  Cathedral of Good Shepherd آهي.

سنگاپور ۾ انهن گهٽين ۾ هلندي ايترو ضرور چوندس ته توهان به هتان اچي نڪرو ته چانهه يا ٿڌو پيئڻ لاءِ بيچ روڊ ۽ براس باساهه روڊ (Baras Basah Road ) تي هتي جي تواريخي هوٽل _ Raffles Hotel ۾ ضرور وڃجو. خاص ڪري جيڪڏهن توهان ليکڪ آهيو يا ڪتابن سان لڳاءُ اٿَوَ. ڇو ته هن ۾ گذريل سؤ سالن ۾ ڪيترائي دنيا جا نامور اديب ڪهاڻين جي ڳولا ۾ اچي ويٺا، جن مان ڪن جا يادگار ڦوٽو سندن آٽو گراف سان گڏ هن هوٽل ۾ اڃا تائين رکيل آهن. انهن مان ڪجهه؛ سمرسٽ ماهام، نول ڪاورڊ، جوزف ڪونراڊ ۽ رڊيارڊ ڪپلنگ وغيره جاآهن. هن هوٽل مان رئفلس جو وڏو مجسمو  (Statue ) صاف نظر اچي ٿو. هيءَ اُها هوٽل آهي جنهن ۾ ويهي سمرسٽ ماهام هڪ دفعي چيو هو؛

Raffles Stands for all the Exotic Tales of the East. “ ٻڌل ڪهاڻين مطابق، هندستان پاسي کان آڳاٽي شهنشاهيت سري وجايا جي هڪ شهزادي هتي هڪ شينهن جهڙي عجيب جانور کي ڏسي هن ٻيٽ جو نالو سنگاپور رکيو _ معنيٰ ”شينهن وارو شهر“ شينهن ان وقت کان سنگاپور جي نشاني هلندو اچي. هڪ اهڙي شينهن جو وڏو مجسمو جنهن مان ڦوهاري جيان پاڻي نڪري رهيو آهي، ميرلائن Merlion پارڪ جي ڪنڊ تي سمنڊ جي ڪناري پڻ رکيل آهي. ان جانور جو مٿيون حصو شينهن (Lion ) وانگر آهي ته هيٺيون حصو جل پريءَ (Mermaid ) جي هيٺين ڌڙ جيان.

امير ۽ غريب خريدار

بهر حال هن شهر جو مئرينرس ڪلب جنهن ۾ اسان جي ٽڪڻ جو بندو بست هو اهو به ان علائقي جي پاسي کان هو، جتي پهچڻ سان جڏهن ڊيسڪ ڪلارڪ ڇوڪريءَ کان پڇيوسين ته ڪلب ۾ رهائش لاءِ ٽي ڪمرا خالي ملي سگهندا ته هن منهن ڀيلڙو ڪري ٻڌايو؛

”نه سڄو ڪلب فل ٿيو پيو آهي.“

”اهو ٻڌي اسان جا ته طاق لڳي ويا. پر پوءِ يڪدم ڌيان ۾ آيو ته پڪ ڪئپٽن ظهور نالي ڪمرا رکيل هوندا. سو اسان پڇيس ته ڀلا فائيل ۾ ڏسو ته ڪئپٽن ظهور نالي ڪمرا بڪ ٿيل آهن؟“

”نه“

ڏاڍي ٻڌايائين. ”اسان دل ئي دل ۾ چيو. هاڻ ڪئپٽن ظهور کي فون ڪرڻ وارا ئي هئاسين ته چيني ڇوڪريءَ اسان جا نالا پڇيا.

نالا ٻڌي هن هڪ دفعو وري فائيل کوليو ۽ اسان کي خوشخبري ٻڌائي ته انهن نالن تي ٻارهين بجي کان ڪمرا واقعي رکيل آهن. ۽ انهيءَ خوشخبريءَ سان گڏ هن ڪمرن جون چاٻيون اسان جي هٿن تي رکيون. منهنجو ڇهين فلور تي ڪمرو هو ۽ ذوالفقار ۽ آصف جو ٽي ماڙ تي. ڪمرن جا پڙدا سوميرا هئا. ”پر نيور مائينڊ“ دل ۾ سوچيو سين. گهٽ ۾ گهٽ ڪمرا ايئر ڪنڊيشنڊ ته آهن.

سنگاپور جي مئرينرس ڪلب ۾ رهندڙ کي هڪ ڳالهه البت ضرور ذهن ۾ رکڻ کپي ته روز جي مسواڙ ۾ ڪمرو ته سڄو سندن ٿيو، پر ڪاڪوس /وهنجڻ جاءِ تي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ جو به اوترو ئي حق آهي، ڇو جو هن ڪلب ۾ ٻن ڪمرن کي هڪ ڪامن (ساڳيو) Toilet آهي. جنهن جا در ٻنهي ڪمرن ۾ کلن ٿا.

ان وقت سامان رکي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ باٿ روم ۾ اندر ويس ته ڪنهن جا ڪپڙا ٽنگيل هئا. سوچيم ته هيٺ لهڻ وقت دخل تي ٻڌائيندو ويندس ته مون کان  اڳ هن ڪمري ۾ رهندڙ شايد وساري ويو آهي. پر ڳالهه ياد نه رهي سنگاپور جو چڪر هڻي رات جو موٽيس ته باٿ روم خالي هو. سمجهي ويس ته هوٽل وارن منهنجي غير موجودگيءَ ۾ صفائي ڪرڻ وقت باٿ روم به ٺيڪ ڪري ڇڏيو آهي. اها ته خبر صبح جو پئي جڏهن آصف منهنجو باٿ روم استعمال ڪرڻ لاءِ ڊوڙندو آيو ۽ بنا ڪنهن کيڪارڻ جي سڌو اندر گهڙي ويو. واندو ٿي جڏهن ٻاهر نڪتو ته پڇيو مانس ته خدا جا بندا تون ڇهين طبقي تان هتي منهنجو باٿ روم استعمال ڪرڻ آيو آهين. پنهنجو عوام جي استعمال لاءِ ڇڏي آيو آهين يا مسواڙ تي؟

تنهن تي کلي حقيقت کان آگاهه ڪيائين ۽ مون دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو ته اڃا مونکي ۽ منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ فلپينو جهازيءَ کي ساڳي وقت  باٿ روم جي ضرورت محسوس نه ٿي. ٻيو ته چڱو جو اسين ٽي ڄڻا پاڻ ۾ آهيون جيئن ايمر جنسيءَ ۾ هڪ ٻئي جي ڪمرن جو باٿ روم استعمال ڪري سگهياسين ٿي. بهرحال سنگاپور، شنگهائي، بوڪو هامايا هانگ ڪانگ جهڙن مهانگن شهرن ۾ جهازين لاءِ مئرينرس ڪلب زندهه باد.نه فقط هنن ڏور اوڀر جي شهرن ۾ پر انگلينڊ، آسٽريليا، ۽ آمريڪا جي پڻ ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ جهازين لاءِ سرڪار طرفان يا رٽائرڊ جهازين طرفان ڪلب _ مئرينرس ڪلب نالي _ يا سي مئن ڪلب  .فلائنگ ائنجل ڪلب (Flying Angels Cub  ) نالي ٺهيل آهن. جن ۾ سستي اگهه تي جهازن جا خلاصي يا عملو رهي ٿو. بلڪه اهڙن هنڌن تي اسا جهڙا ماڻهو وڌيڪ ئي هو ملي محسوس ڪن ٿا. جو هتي ذات ذات جا سيلر (جهازي) نظر اچن ٿا، جن سان مختلف جهازن، جهازران يا جهاز ساز ڪمپنين، شپ يارڊن، ايجنٽن، سامونڊي رستن، ۽ بندرگاهن. بابت ڳالهيون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي ٿي _ بلڪه ڪجهه آزاد نموني سان ئي. شام جو خريداريءَ لاءِ آصف ۽ آئون پيپلس پارڪ  peoples park وياسين ۽ ڪئپٽن ذوالفقار تنجم پگار ۾. سنگاپور ۾ ڪراچيءَ جي محبوب ڪلاٿ مارڪيٽ، گلئمر ون، ۽ عظما سينٽر جيان سوين شاپنگ سينٽر آهن. جتي هر ملڪ ۽ طبيعت جا ماڻهو پنهنجي مرضيءَ موجب خريداريءَ لاءِ وڃن ٿا. پيپلس پارڪ به هڪ تمام سهڻو ۽ وڏو شاپنگ سينٽر آهي. جتي ڏيڍ سؤ کن وڏا دڪان ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ سپر مارڪيٽون آهن. اهڙي نموني سان تنجم پگار ڪامپليڪس آهي، جيڪو پڻ پيپلس پارڪ وانگر ٽماڙ آهي. پر تنجم پگار ۾ گهڻا دڪان ننڍي کنڊ جي ملڪن جا ؛ سنڌي، هندو، گجراتي، کوجا، ۽ بوري آهن، جيڪي اسان جهڙن جهازين سان اگهه تي ريڙهه پيڙهه نه ٿا ڪن ۽ ٿورو مناسب فائدو رکڻ ۽ گراهڪ کي هميشه پنهنجو ڪرڻ جي اصول تي يقين رکن ٿا. باقي پيپلس پارڪ ۾ اسي نوي سيڪڙو چيني آهن. جيڪي اگهه تي هڪ ته گهڻي ريڙهه پيڙهه ڪن ٿا. سؤ رپين جي شيءِ جا ٻه سؤ يا اڃا به اڍائي سؤ ٻڌائيندا، پوءِ ڪنهن کي وقت هجي ته ويهي مغز ماري ڪري .۽ ٻيو ته چيني دڪاندار اسان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن کي گهڻي لفٽ نه ٿا ڪرائين. خاص ڪري پيپلس پارڪ جا نه انڊين، پاڪستاني دڪاندار به گهڻي لفٽ نٿا ڪرائين، جو پيپلس پارڪ شهر جي وچ ۾ صاف سٿرو ۽  سهڻو  آهي، سو اتي دنيا جا سڀ ماڻهو _ خاص ڪري آمريڪن، آسٽريلين، گلف جا عرب وغيره ليئو ضرور پائين ٿا. اهي امير ماڻهو آهن سو ظاهري آهي ته دڪاندار انهن ڏي گهڻو ڌيان ۽ وقت ڏين ٿا. غريب جي ٻار وانگر اسان جو سندن دڪان ۾ گهڙڻ به ڪڏهن ڪڏهن کين سٺو نه ٿو لڳي. بقول هڪ چينيءَ جي؛ آمريڪن يا يورپي گراهڪ آيل هجي ته پاڪستاني، هندستاني يا بنگالي گراهڪ کي اهڙو رخ ڏجي جو هليو وڃي ته اهو  وقت به امير گراهڪ کي ڏجي. جو غريب ملڪ جو گراهڪ هر شيءِ ايتري سستي ڪري وٺندو جو زري گهٽ مور ئي مس حاصل ٿيندو، وري هر شيءِ لاءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهي به الڳ سڪڻن وانگر پيو وٺندو  جيڪو پڻ وڌيڪ نقصان ۽ آخر ۾ نوٽ به اهڙا چٻاسٻا ۽ پگهريل ڏيندو جو دل پئي ڪچي ٿيندي.

 

سنگاپور ۽ بيلجم ۾ نانيءَ جو دڪان

خير اهي زندگيءَ جو تلخ حقيقتون آهن جن کان اسان جهڙا هتي آيل چڱيءَ طرح واقف آهن، پر اڄ اسان ان ڪري پيپلس پارڪ ۾ اچڻ جو ڦاهو کاڌو جو هڪ ته ڏياريءَ جي ڪري تنجم پگار جي هندو واپارين جا دڪان بند هئا، ٻيو ته ڪيترن دڪاندارن کي تنجم پگار ڪامپليڪس ۾ آفيسون ٺهڻ ڪري ٻئي هنڌ شفٽ ڪيو ويو هو. ٽين ڳالهه ته پيپلس پارڪ ۾ ڪي ڪي ”چائنيز امپوريم“ جهڙا دڪان آهن، جن ۾ قيمتون مقرر آهن جيڪي هندستاني دڪاندارن کان به سٺيون آهن ۽ شين جي ورائٽي وڌيڪ آهي. چوٿين ڳالهه ته بک لڳي هئيسين ۽ ڪنهن ملئي يا تامل هوٽل ۾ مرچن مسالن وارو ٻوڙ کائڻ بدران مئڪڊونالڊ تان هئم برگر ۽  ملڪ شيڪ پيئڻ ٿي چاهيوسين. ان ڪري اسان پيپلس پارڪ ۾ وياسين ۽ ڪئپٽن ذوالفقار  جنهن جي پيٽ ۾ پيل آير حطام شهر واري ماني اڃا هضم نه ٿي هئي  سو تنجم پگار ويو.

تنجم پگار جا ڪجهه دڪان هاءِ اسٽريٽ ڪامپليڪس ۽ پلازا ۾ شفٽ ٿي ويا هئا ۽ ڪجهه واقعي ڏياريءَ ڪري بند ٿيل هئا  جيڪو اهڙو ڏينهن آهي، جنهن تي ۽ فقط جنهن تي سنگاپور جا هندو واپاري سڄي سال ۾ هڪ ڏينهن دڪان بند رکن ( اهڙي طرح مسلمان رمضان جي عيد تي ۽ چيني، چينين جي نئين سال تي) ڪئپٽن ذوالفقار هڪ چيني جي دڪان تان تنجم پگار ۾ خريداري ڪئي _ جيڪو هاڻ نئون کليو هو. بلڪه ان نالي ڪري ئي ڪئپٽن ذوالفقار ان ننڍڙي دڪان ۾ ويو ۽ ٻيا سوين هزارين جهازي پڻ ان دڪان ۾ هڪ دفعو ضرور جهاتي پائيندا.

”ناني ڪي دڪان“ بيلجم جي اينٽروپ شهر وارو دڪان، دنيا جي جهازين لاءِ (خاص ڪري پاڪستان، هندستان، بنگلاديش، سلون، انڊونيشيا، ۽ ٻين ڪيترن ئي آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن جي خلاصين لاءِ) ائين مشهور آهي. جيئن سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ جو مولو مسافر خانو هو يا اڃا تائين حيدرآباد جي بمبئي بيڪري آهي. 

اڄ کان ويهه ٽيهه سال اڳ جڏهن جهازين جي خريداري جا ڊيوٽي فري بندرگاهه فقط ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ عدن، ڪولمبو، هانگ ڪانگ، دبئي، بيروت، ممباسا وغيره هئا، تڏهن يورپ جي ٻن شهرن؛ بريمن (جرمني ) ۽ ائنٽورپ (بيلجم) ۾ ٻه ڊيوٽي فري دڪان کليا، جن تان جهازي عدن، هانگ ڪانگ، ڪولمبو وغيره جي سستي خريداريءَ جون سڪون پوريون ڪرڻ لڳا. جيتوڻيڪ يورپ ۾ پوءِ ٻين به ڪيترن ئي شهرن ۾ اهڙا دڪان کلندا رهيا، پر هنن ٻن جا نالا تمام مشهور ٿيا هڪ حديديءَ نالي عرب جو دڪان مغربي جرمنيءَ جي بريمن شهر ۾ جنهن جو نالو ”حديديءَ جو دڪان“ مشهور ٿي ويو هو ۽ ٻيو هڪ بيلجق عورت پنهنجو دڪان ائنٽورپ (بيلجم) ۾. هن پوڙهي عورت پنهنجي دڪان جو نالو ”ناني ڪي دڪان“ رکيو _ شايد اهو سوچي ۽ صحيح سوچي رکيو ته سندس خريدار ننڍي کنڊ جا ماڻهو ٿيندا جو نت نين نڪرندڙ ريڊين، ٽرانسسٽرن، ٽي وي، واشنگ مشين، استرين ۽ ڪپڙن جي ضرورت انهن کي گهڻي پوندي اهي شيون انهن ملڪن ۾ ته ٺهڻ ڪري ۽ گهڻي ٽئڪس لڳڻ ڪري، اتي جا ماڻهو پنهنجن ملڪن مان خريد ڪرڻ بدران ٻاهران ئي وٺندا ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڃا تائين ته وٺندا رهن ٿا.

نانيءَ جا اصول

جيئن مٿي لکيو اٿم ته جيتوڻيڪ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙا دڪان کليا  خاص ڪري اڳتي هلي جيئن جيئن ڪولمبو، عدن ۽ ممباسا جهڙا بندرگاهه سياسي يا معاشي حالتن ڪري مهانگا ٿيندا ويا تيئن تيئن هنن دڪانن جو وڪرو خوب هلڻ لڳو، پر هر دور ۾ ”ناني ڪي دڪان“ Nani ki Dokan  جي ساک ۽ ڪارپت ڇاکڻي چئجي ته ملڪان  ملڪ _ يا جهازان جهاز ۽ سمنڊان سمنڊ سڀني کان وڌيڪ ۽ سٺي رهي آهي. ان جوسبب اهو به هو ته ”ناني ڪي دڪان“ جي پوڙهي مالڪڻ جنهن کي جهازي ناني سڏين (۽ سندس مڙس کي نانو) _ جا شروع کان ڪجهه پڪا اصول هئا. مثال طور؛ شيءِ هميشه سٺي ڏيندي هئي ۽ ان جي ڪجهه عرصي لاءِ ذميواري به کڻندي هئي. ٻئي سفر ۾ واپس ڪرڻ تي واپس به وٺندي هئي. اگهه ايترو گهٽ  جو ٻئي دڪان دار لاءِ ان تي وڪڻڻ ناممڪن ٿي پوي _ ٻين لفظن ۾ فائدو تمام گهٽ رکندي هئي. ڪڏهن به لالچ ۾ اچي قيمت ڳري رکڻ جو نه سوچيائين. ڇو جو پاڻ چوندي هئي ته جي هڪ گراهڪ به شڪجي پيو ته ناني مهنگي شيءِ ٿي ڏئي. معنيٰ سؤ کن گراهڪ چٽ _ جو بدنامي تمام جهٽ دنيا ۾ پکڙجي ٿي. جهاز اچڻ تي ان جي عملي کي پنهنجي وئن ۾ پنهنجي دڪان تائين وٺي ايندي هئي، پوءِ چاهي ڪو خريداري ڪري يا نه ۽ دڪان ٻاهران ئي شهر روانو ٿي وڃي. خريداري ڪرڻ تي هر هڪ گراهڪ جو سامان جهاز تائين ڇڏي ايندي هئي ۽ شهر کان موٽيل جهازين کي پڻ. اهڙيءَ طرح جهازي ائنٽورپ جهڙي مهنگي يورپي بندرگاهه ۾ _ جتي جهاز شهر کان ڏهه ڏهه ميل پري بيهندو هو، شهر وڃڻ لاءِ نانيءَ جي وئن ۾ چڙهي ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو بچائيندا هئا.

نانيءَ جي دڪان ۾ نه فقط شيون ڊيوٽي فري (ذري گهٽ ڪارخاني جي اگهه تي) هيون، پر شين جي ورائٽي به تمام گهڻي هئي. ڪنهن به جهازيءَ جو جهاز کڻي آمريڪي يا جپان نه وڃي پر هڪ دفعو ائنٽورپ اچي ويو ته معنيٰ جهازيءَ کي انهن ملڪن جون به شيون سستي اگهه تي ”ناني ڪي دڪان“ تان ملي وينديون هيون.

”ناني ڪي دوڪان“ جي نانيءَ جو سڄو زور شيءِ جو اگهه گهٽ رکڻ تي هوندو هو، پوءِ ان لاءِ چاهي هن کي ريڊيو ۽ ٽي وي ڪمپنيءَ سان وڙهڻو پوي يا پنهنجي دڪان ۽ پاڻ کي سادو رکڻو پوي. دڪان کولڻ بعد ڪي سال ته ناني جي دڪان جون شيون عام رواجي ڪاٺ جي تختن تي رکيل هونديون هيون، پوءِ  1969ع يا 1970ع ڌاري هن پنهنجي دڪان کي ڪجهه بهتر بڻايو جو انهن سالن ڌاري جڏهن منهنجو پهريون دفعو بيلجم وڃڻ ٿيو هو ته هڪ بنگالي ٿرڊ انجنيئر رشيد نانيءَ جي دڪان تان اچڻ تي اسان کي کلي ٻڌايو؛”يار نانيءَ پنهنجو دڪان آٽوميٽڪ ڪيو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: