سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سينگارپور ويندي ويندي

الطاف شيخ

صفحو :12

سهڻيون ڪير؟ تامل، ملئي يا چيني

سرنگون روڊ شين جي وڪري جي لحاظ کان ته ننڍو انڊيا سڏجي ٿو.پر ان روڊ تي رهندڙ ماڻهو سڄي انڊيا جي ماڻهن جي رهاڪن جي نمائندگي نٿاڪن. ماڻهن جي لحاظ کان سرنگون روڊ کي ننڍڙو انڊيا نه پر ننڍڙو تامل نادو (ڏکڻ هندستان) سڏي سگهجي ٿو، جواتي رهندڙ هندستانين ۾ پنجانوي سيڪڙو تامل آهن. هتي چوڌاري گوڏين ۾ ڪاري رنگ جا تامل مرد ۽ عورتون ئي نظر اينديون _ جن جي شڪل وانگر رهڻي ڪهڻي، کائڻ پيئڻ ۽ پهرڻ پوشاڪ ۾ هيڏا سال گذرڻ بعد به ڪو فرق نه آيو آهي. جيتوڻيڪ سنگاپور هڪ مهاڻن جي ڳوٺ کان ماڊرن ملڪ ٿي ويو آهي، پر هي آمريڪي شيدين وانگر ڪپڙي پوشاڪ ۾ اهي ئي رهندا اچن. مثال طور هي تامل عورتون يونيورسٽيءَ جون نوجوان ڇوڪريون هجن يا پوڙهيون _ هڪ ته کين قدرت طرفان ڪارو رنگ مليل آهي. ٻيو هتي جي ٽرپيڪل سج جي ساڙيندڙ اس، ان تي ٿڌي رنگ جا ڪپڙا پائڻ بدران واڱڻائي، لاکي، آسماني، هيڊو، ڪارو سليٽي، چاڪليٽي، ۽ ٻيا اهڙائي تکي ۽ اونداهي رنگ جا بلائوز ۽ ساڙهيون پائي هلن.

هڪ دفعي جپان ۾ هڪ سک دڪاندار وٽ اهڙن رنگن جون ساڙهيون ڏسي اچرج مان پڇيو هو مانس ته هي رنگ ڪير ٿو وٺي پوءِ سنگاپور ۽ ملائيشيا جي هنن گهٽين ۾ اچي سمجهي ويس ته جپاني ڪي اهڙا بيوقوف ناهن جو اجايو هر رنگ جو ڪپڙو بنا سوچ جي ٺاهين.

نرڙ تي بنديا (ڳاڙهو تلڪ) ضرور هڻنديون _ بلڪه تکو ڳاڙهو يا لاکي رنگ جو _ جيڪو پري کان سندن جسم جي ڪاري بئڪ گرائونڊ ۾ نظر ئي نه ايندو. سنڌور ۽ بنديا کان علاوه هنن مان ڪي تامل ڇوڪريون هيڊائين رنگ جو ڪو ملم، مٽي، روغن يا ٻورو (يا ٿي سگهي ٿو پيٺل هيڊ ئي هجي) نرڙ ۽ ڳلن تي پڻ هڻن _ جنهن سان ويتر عجيب لڳن ٿيون. پر اهو ڪمال آهي ته هي ڪاريون ۽ ڪوجهيون ڇوڪريون هتي سنگاپور ۾ توڙي سريلنڪا، ملائيشيا ۾ هلن يا ڳالهائين وري اهڙي ناز سان جو اسان جي ملڪ جون سهڻيون ڇوڪريون به ايڏو ناز ڪرڻ نه سکيون هونديون.

هڪ دفعي آصف کي چيو هوم ته يار شابس هجي، هنن تامل ڇوڪرين کي جو ههڙن ولايتن ۾ _ يعني هتي جي چيني گورين ڇوڪرين جي وچ ۾ رهي به ڪو احساس ڪمتري محسوس نه ٿيون ڪن. جيڪا جتي آهي _ چاهي دڪان تي نوڪرياڻي هجي، هوٽل يا آفيس ۾ ريسيپشنسٽ هجي يا ٻهارو هٿ ۾ هجيس _ يعني ڀنگياڻي هجي، مجال آهي جو پاڻ کي ريکا، سري ديوي، هيمامالني، ۽ جيا پردا (هندستاني فلمي دنيا جون تامل ائڪٽريس) کان گهٽ سمجهي. اها واقعي وڏي ڳالهه آهي نه ته يورپ آمريڪا توڙي پنهنجن ملڪن ڏي ان کان وڌيڪ سهڻيون ڇوڪريون به احساس ڪمتريءَ ۾ نظر اينديون آهن ۽ ساڳيو حال ملئي ڇوڪرين جو آهي، جيڪي پڻ بيڊوليون هجڻ جي باوجود به پرواهه به نٿيون ڪن ته هو ٻين کي ڪيئن لڳنديون هونديون يا سندس بي ڊولي پڻي، ٿلهي جسم ۽ ڊينڊي قد تان ٻيا چٿرون ڪندا هوندا.

آصف ٿوري دير سوچي وراڻيو؛ ”هتي جيڪي ٽي قومون ؛ چيني، ملئي ۽ تامل رهيل آهن، انهن کي احساس ڪمتري ٿئي ته ڇو ٿئي. احساس ڪمتري تڏهن ٿئي جڏهن منجهن ڪا قوم هيڪاندي سهڻي هجي. چيني رنگ ۾ کڻي اڇا آهن، پر سندن چهرا تاثرات کان خالي آهن. هن پاسي جي چيني ڇوڪرين مان جيڪڏهن ڪنهن ۾ سونهن ۽ ڪشش آهي ته اها فقط هڪ مقرر مدي تائين _ ٻه يا ٽي سال مس رهي ٿي، پوءِ يا ته بلڪل ڦيڦيون ٿيون وڃن يا اڻپوري خوراڪ، تمام گهڻي پورهئي ۽ محنت مزدوريءَ ڪري بنهه سڪل سڙيل نظر اچن ٿيون. ملئي يا تامل ڇوڪريون ڇو مرعوب ٿين _ يا احساس ڪمتريءَ ۾ پون.“

”ساڳي وقت سونهن ملئي ڇوڪرين ۾ به ڪا گهڻي نه آهي _ سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جي، پر انهن سان به ساڳيو هال آهي جو اها سونهن فقط هڪ مخصوص مدي لاءِ آهي. ان بعد مٺاڻ ۽ تيل، مکڻ ۾ تريل شيون کائي کائي بي ڊوليون ۽ ڳريون ٿيو پون. قد ته اصل کان بندرو اٿن. چرٻي چڙهڻ تي ويتر ڊينڊيون ٿيو پون.

”جنهن کي سونهن يا ليمڪ چئجي سو جيڪڏهن آهي، ته تامل ڇوڪرين ۾ آهي ۽ پنهنجي جسم کي وڏي عمر تائين ٺاهي رکن ٿيون، پر افسوس جو هي وري ڪاريون آهن. ۽ مٿان بي افعالن رنگن جا ڪپڙا پايو هيڪاندو چريون ٿيون لڳن.“

آصف جي ان ڳالهه ۾ گهڻو وزن لڳي ٿو.

گوڏ هيٺ مٿي ڪرڻ جو سبب

سنگاپور ۾ ڏکڻ هندستاني مرد سرنگون  روڊ تي دڪان ۽ هوٽلون هلائين يا وري مختلف هنڌن تي ننڍيون پئڊيون، بسڪٽ، چاڪليٽ، کٽمٺڙن، سگريٽن سگارن جون هلائين. يا چئنج ائلي، هاءِ اسٽريٽ، پيپلس پارڪ، جهڙن هنڌن تي هلندڙ ڦرندڙ بئنڪن جو ڪم ڪن _ يعني نوٽن جي ڍڳي هٿن ۾ کڻي هر آئي وئي کان سندس ملڪ جو ناڻو مٽائڻ لاءِ پڇندا رهندا. سندن ڊريس ڊگهين ٻانهن واري قميس ۽ هيٺ ڌوتيءَ نما گوڏ، جيڪا اڌ تان مٿي مڙيل هوندي آهي.جورابن ۽ بوٽن جو استعمال تمام گهٽ ڪن. پير اگهاڙا يا وڌ ۾ وڌ اسپنجي چئمپل پائين. گپ ۽ مينهوڳيءَ وارن رستن تي هلڻ ڪري سندن پير چيراٽيل، ڦاٽل يا ڦٽيل هوندا. بند ٿيل ڌوپ ڇٽي ڪڇ ۾ هوندن. (مينهن جي حالت ۾ هڪ هٿ کليل ڇٽيءَ جي ڳن ۾ ۽ ٻيو هٿ ململ جي گوڏ جي ورايل پاند ۾ ۽ ڪڇ ۾ نوٽن يا ڪاڳرن جو ٿيلهو.

ملاڪا شهر ۾ سينٽ فرانس گرجا گهر سامهون ڏکڻ هندستاني تاملن جا ٻه ٽي سيدي جا دڪان آهن جن تي گهڻو ڪري سندن ئي ڪميونٽيءَ جا ماڻهو خريداري ڪندي نظر ايندا. مزور ۽ هيٺاهون طبقو ته ڇا، پر امير ۽ سکين ستابن جي پوشاڪ به ساڳي هوندي. هڪ ڏينهن هندستان کان آيل اسان جي هڪ دوست پنجابي ڪليگ؛ مسٽر ببر سان بيٺو هوس ته گووندا سواميءَ جي دڪان تي هڪ سکيو ستابو تامل _ رئيس نموني جو چڙهيو. عمر ۾ سٺ سالن جو هوندو. مٿي ۾ ڏونگهيءَ جي تيل جو ٻڪ _ جنهن جي مٺي، ۽ صندل صابڻ سان وهنجي سڌو اچڻ ڪري ان جي تکي خوشبو پري پري تائين آئي ٿي. وار سڌا لسا ۽ برل ڪريم جي اشتهاري همراهه وانگر ڦڻي ڏنل. اکين ۾ ڪجل جي تيلي گهمايل، ڳچيءَ ۾ سوني تند، اڇي ڪلف ڏنل ململ، يا وائل جي وڏن کيسن واري قميص ۽ هيٺ تي به ساڳي ڪپڙي جي ڪلف ڏنل گوڏ _ پر دستور موجب گوڏن وٽان مڙيل. ڪاري رنگ جو پيراشوٽ سان مقابلو ڪندڙ وڏي شاهي ڇٽي، وات ۾ گهڻي ڪاٿي وارو چاٻو پان، ٻين عام نظر ايندڙ ڏکڻ هندستانين کان وڌيڪ شان مان وارو ٿي لڳو. پڪ سندس ئي ڪو هلندڙ ڪاروبار هوندس يا وري پٽ ولايتن (آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره) ۾ نوڪريون ڪندا هوندس. تڏهن ته سندس پوشاڪ ٻين کان صاف سٿري ۽ اوچي هئي. پر جڏهن نظرون هن ڏي به هيٺ ٿي ويون ته همراهه جا پير چئمپل يا بوٽ کان آزاد هئا.۽ گهروڙي ملائيشيا جي ڌرتيءَ کي بوجا ڏيئي رهيا هئا. ببر کي چيم ته يار ملئي ماڻهن کي ڏسي اسان به سکي ويا آهيون ۽ سندن گهرن ۾ پير اگهاڙا ڪري گهڙون ٿا _ جيئن گهر صاف ۽ پاڪ رهي. پر مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اڃاتائين نه آئي آهي ته هي تامل رستن روڊن تي به پير اگهاڙا ڇو پيا کنيو هلن ۽ هي گوڏ جو اڌ تان موڙي مٿي جهلڻ جو ڇا تماشو آهي _؟

”گرميءَ ڪري هي گوڏ کي مٿي ڪري ٻڌن ٿا.“ ۽ شايد ننڍڙي انگوڇي يا چڍيءَ نِڪر تي ئي گذر ڪري وڃن، پر هنن وٽ اهو آهي ته پنهنجي يا ڪنهن جي گهر ۾ گهڙجي ته ان وقت فضيلت سان پيرن تائين ٻڌل گوڏ ۾ گهڙجي. سو ان ڪري هي جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ گهڙن ته ”ڦڙاڪ“ سان گوڏ کي هيٺ ڪيرايو ڇڏين، وري نڪرڻ مهل ”ڦڙاڪ“ سان گوڏ جو هيٺيون پوڇڙ مٿي کڻي، ورن ۾ اٽڪايو ڇڏين ته جهڙو پوتڙو ٿيو پوي، ۽ ٻيو سبب گوڏ کي مٿي کڻڻ جو اهو آهي، ته هتي ملائيشيا، سنگاپور وانگر ڏکڻ هندستان ۾ به ٻارهوئي مينهن لڳو پيو آهي، سو رستي تي هلڻ وقت گوڏ کي پاڻيءَ ۽ گپ کان بچائڻ لاءِ مٿي کنجڻو پوي ٿو. ساڳي سبب کان چمپل يا بوٽ به نه ٿا پائين، ههڙي مينهوڳيءَ ۾ ڪهڙو به مظبوط بوٽ هجي هفتو کن به هلي نه سگهندو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: