سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: نعتيه ڪلام

باب: --

صفحو :3

حمديه غزل _1

جڳائي صرف واحد کي وڏائي،

ازل کان جنهن جي قائم ڪبريائي.

هو خالق مالڪ و مختار موليٰ،

سموري خلق تي هن جي خدائي.

ڄڻيو ڪنهن کي نه ڪنهن جو آءِ ڄايو،

نه هِن جو پيءُ پٽ يا ڀيڻ ڀائي.

هميشه هر جڳهه، حاضر وَ ناظر،

تصوّر کان مٿي رب جي رسائي.

اڪيلو آه آقا، عالن جو،

شراڪت هن جي قدرت ۾ نه ڪائي.

ڏئي عزت يا ذلت جنهن کي چاهي،

سندس هٿ ۾ ڀلائي يا بُرائي.

مقدس ذات جنهن بندن کي بخشي،

رسول هاشمي صه جي رهنمائي.

وجود لم يزل، ذات مقدم،

جمالِ اولين، ضَوّ انتهائي.

هو ستار العيوب آهي سڀن جو،

ڍڪي ٿو ڍول هر هڪ جي ڍلائي.

رسائي رزق ٿو هر نيڪ و بد کي،

هو پرور آه، هن جي پر اهائي.

دعا ”ذاڪر“ جي آهي، شال بخشي،

محمد صه جي مُحابي هر مدائي.

 

حمديه غزل_2

تخليق ڪائنات جا نقش ونگار سڀ،

تنهنجي ڪمال شوق جا هي شاهڪار سڀ.

رفتارِ وقت، گردشِ ليل ونهار سڀ،

لاريب هي شهادتِ حق ۾ شمار سڀ.

بستانُ ڪشت، دشت ودمن، ڪوهسار سڀ،

اهڃاڻ تنهنجي قدر جا اي ڪردگار سڀ.

جن وبشر ملائڪ وحوران لاله رنگ،

آهين تنهنجي آڏو اطاعت گذار سڀ.

ذات وصفات، روح وبدن، جوهر و عَرَض،

هي شان ڪبريائي جا، تنهنجي شعار سڀ.

هر نفس کي تون رزق رسائين ٿو روز شب،

تنهنجي ڪرم سبب ٿا جيئن جاندار سڀ.

راتين مان ڏينهن تون ڪرين، ڏينهن مان راتيون،

مارين جيارين توکي اهو اختيار سڀ.

اي رحمت، تمام، مُحابي نبي صه معاف،

ساريون خطائون منهنجون ۽ مونڏي ميار سڀ.

 

حمديه غزل_3

خورشيد بڪف آه تنهنجي حسن جي تاباني،

هڪ جلوو جالائي ٿو ڇڏي طور جي پيشاني.،

تنهنجي ئي تجلي سان زمين تي هي ضياباري،

سج چنڊ ۽ تارا تنهنجي انوار جي افشاني.

لاريب زماني جي مٿان لطف وڪرم تنهنجو،

مخلوق مٿان تنهنجي عنايات جي ارزاني.

ڇا مور ڇا ماهي تنهنجي تحويل حفاظت ۾،

هر شيءَ جي مٿان تنهنجي نظر، تنهنجي نگهباني.

قخليق، دوعالم تنهنجي قدرت جو ڪرشمو آ،

تنظيم مڪمل تنهنجو اعجاز همه داني.

طوفان ٿو آڻي تنهنجو فرمان فضائن ۾،

هڪ تنهنجي اشاري سان اچي بحر ۾ طغياني.

”ذاڪر“ جي زبان کي تو ڏني قوت، گويائي،

ڪر ان کي عطا جذبهء تعريف و ثنا خواني.

”ذاڪر“ جي دعا آهي اها رحمت، بي پايان،

محفوظ رکين شال منهنجي غيرت ايماني.

 

(حمديه رباعيون)

ممنون مرون جيت پرندا تنهنجا،

مخلوق تي احسان خاوندا تنهنجا.

ڪر پنهنجو ڪرم، بخش اسان عاصين کي،

گندا آهيون تاهم بندا تنهنجا.

تاري جي ڪرين غرق، يا ٻوڙي تارين،

کاري جي سنوارين يا سنواري کارين.

يا رب هي سڄي ردو بدل تنهنجي وس،

ماري جي جيارين يا جياري مارين.

ڪاوڙ ٿو ڪرين مونکي خطا ڪوش ڏسي،

عيبن سان ڀريل عرصهء آغوش ڏسي.

يا رب تون مون کان وجه خرافات نه پچ،

مون جرم ڪيا، توکي خطا پوش ڏسي.

ملاح نه ڪشتي، نه ڪنارو باقي،

گرداب ۾ ڪنهن پر نه گذارو باقي.

چندان نه رهي زيت جو چارو باقي،

ان وقت خدا هڪ جو سهارو باقي.

ضرورت ڪنهن کي دينار ودِ رَم جي

سدا سڪ ساهه ۾ ڪنهن کي صَنَم جي

گدائه ميڪده کي مِهّرَ گهرجي

شفيع المذنبين شاهِه آمَمُ جي

 

نعتيه غزل _1

مرحبا صد مرحبا،

بيڪسن جا ڀرجهلا.

تون حبيبِ ڪبريا،

شافعِ روزِ جَزا،

پنهنجي اُمت جا آجها،

امّين جا آسرا__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

ڪين مان خلقيا خدا،

صورتن جا سلسلا،

تون انهن جي ابتدا،

لاڏلا لولاڪ جا__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

ڪُنن چئي قادر ڪيا،

ڪارناما ڪيترا،

هي مِڙيئي مَرحلا،

تنهنجي خاطَر طَئه ٿيا__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

تنهنجي آمد سان اگها،

سيگهه مان ٿيڙا سگها،

درد مندن جي دوا،

ماڙ تنهنجي مصطفيٰ صه__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

تون متاعِ بي بها،

هر غني تنهنجو گدا،

تنهنجو دامن دادلا،

مخزن جود و سخا__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

تون اِمامُ الانبيا،

تنهنجي پويان پيشوا،

حشر ۾ هوندا ڪٺا،

قافلن جا قافلا__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

جامُ تنهنجو جان فزا،

پي ٿيا سڀ پارسا،

ڇا منجهان ڇا ٿي ويا،

مئي ڪده جا معجزا__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

سُرڪَ هڪڙي ساقيا،

جن چکي سي ٿيا چريا،

رقص رندن کي روا،

مئي ڪده جي ماجرا__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

خصلتون خيرالوريٰ،

سڀ ڀليون تنهنجون ڀلا،

حِلمُ حُرّمَتَ ۽ حَيا،

دادُ، دلجّوئي دَيا__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

جي گناهن ۾ گتا،

نانءَ جي نيڪي نه ڪا،

تُنهنجي لوئي ۾ لڪا،

سام تو وٽ سيّدا__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

واٽ اوکي ۽ ولا،

ڀَئنُه ڀريا اَن ۾ ڀَڏا،

راهّرو رُڪِجِي ويا،

رس اچي اي رهنما__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

 

مدح تنهنجي مصطفيٰ صه،

دافع رنج و بلا،

ڪر زبون ذاڪر سندا،

ڪل مرض مشڪلڪشا__ بيڪسن جا ڀرجهلا.

 

 

(2)

اڄ وري اولهه طرف هر ويل ڪُونجن جي قطار،

ڪرڪنديون ڪاڏي وڃن، ڪنهن جو انهن کي انتظار؟

لال ڳل، ڳوريون ڳچيون، سوڀيا ۾ سهڻيءَ جي مثال،

جهڙ جي ساگر کي تري، اڪرم وڃن ٿيون آرپار.

کَنڀ اهي جن تي چني جا چٽ ۽ اجرڪ جون اکيون،

پدمڻيون جن سان ڍڪن، پنهنجي اُمنگن جو اڀار.

يا وَريون پنهنجي وطن ڏي قاف پربت جون پريون،

جئن ڪي شهزاديون ڪري موٽيون هجن شاهي شڪار.

 

مُهڙ ۾ جئن مارئي پويان سهيلين جون صَفون،

کيت پنهنجي ڏي وڃن ٿيون پاند ۾ پائي پيار.

ڄڻ ته ڪي حورون چڙهيل آهن هوا جي دوش تي،

جئن ڪي شهتارا هجن ساگر جي سيني تي سوار.

ڪو ته ڪاڍو آهه جو ڪاهيو وڃن ٿيون ڪيچ ڏي،

کنڀ کُٿا تن جا، اٿن پر ”پهچ پهچان“ جي پچار.

يا ته ڪو پيغام آيو آ پنهل جي پار کان،

يا ٻڌي آهي انهن پٻ جي ڌڻيءَ جي ڪا پُڪار.

مون پڇيو ڪهڙو سبب هن سُر عَتِ پرواز جو؟

مام ۾ مُرٖڪي چيائون ڳالهه ٻڌ؛ ”ڳهلا ڳنوار“.

هن طرف پنهنجي پرين جي محفل ميلاد آهه،

پهچڻو آهي، متان محبوب ڏِئي مِهُڻو ميار.

آهي ممڪن ٿئي اسان جو واٽ تي ويندي وصال،

هي به هڪ معراج آهي عاشقن لئه افتخار.

تون به ڪر قربان اي ”ذاڪر“ پرين تان زندگي،

ڇو ته بس آهن انهيءَ تي عاقبت جو انحصار.

 

(3)

بزم چمن ۾ صبح بهاران جي ڌوم آهه،

جلوه نمائيء رُخ تابان جي ڌوم آهه.

گنجيند حيات ۾ گوهر گهڻا مگر،

لاريب ان ۾ لعل بدخشان جي ڌوم آهه.

 

ڪنهن جي اچڻ تي ختم ٿي تاريڪيء جهان،

ظلمت ڪده ۾ شمعِ فروزان جي ڌاوم آهه.

دستِ طلب دراز ٿيڻ تي ملي ٿو دان،

بنده نوازيء درِ جانان جي ڌوم آهه.

عرشِ برين تي خاڪ نشين جي خوش آمديد،

اهلِ سَما ۾ عظمتِ انسان جي ڌوم آهه.

ٿيو مستفيض لطف و عنايت کان هر گدا،

ڪنهن مهربان جي وسعتِ دامان جي ڌوم آهه.

هي محفل نشاط، هي مدح و ثنا درود،

جشنِ ولادت شہِ خوبان جي ڌوم آهه.

ڪنهن جي نگاههِ لطف ڪيا ختم حادثات،

بيچارگيءَ گردشِ دوران جي ڌوم آهه.

”ذاڪز“ جو آهه ان جي شفاعت تي انحصار،

جنهن جي ڪرم، عنايت و احسان جي ڌوم آهه،

 

(4)

تصورات جي حد کان مٿي گمانّ کان مٿي،

مقام صاحب لولاڪ لامڪان کان مٿي.

بلند اوج ثُريّا کان ڪهڪشان کان مٿي،

جمال يار جي خَئو هفت آسمان کان مٿي.

انهي جي آڏو ڀلا سيم و زر جي ڇا معنيٰ؟

عطائه عشق محمد، متاعِ جان کان مٿي.

نه تخت و تاج ٿو پهچي نه بخت، ڀاڳ رسي،

نصيب بنده شاه اُمَمّ بيان کان مٿي.

جهان ۾ آهه متل ان جي دست فيض جي ڌوم،

گدائه خواجهء يثرب، شہِ جهان کان مٿي.

جهُڪِي چُڪِي جا درِ يار تي، جبين نياز،

کڄي سگهي نه ڪڏهن سنگِ آستان کان مٿي.

خطاب طہٰ و ياسين، وَاللضُّحيٰ والُليّل،

رسولِ پاڪ جو رُتبو، اڃا مٿان کان مٿي.

ڪريان ٿو مدح محمد خلوص دل سان، دوست،

ثنائه خواجه مگر طاقتِ زبان کان مٿي.

يقين آهي اهو زندگي ۾ ذاڪر جو،

نه ڪوئي مُونِس غم منهنجي مهربان کان مٿي.

 

(5)

رَسِي راحت، مٽيا رنج والم سڀ،

شَہِ لولاڪ جا لطف و ڪرم سڀ.

در و ديوار ۽ گهر گهاٽ، ڳليون،

ديار مصطفيٰ صه جا محترم سڀ.

ڪري پيا ڪوٽ ڪسريٰ جا، جهڪي ويا،

شہِ هر دوسريٰ آڏو صَنَمّ سڀ.

شفيع المُذنبِيّن جي لڙهه لڳڻ سان،

ويا مٽجي گنهگارن جا غم سڀ.

پيغمبر صه کان پِنِيو جو ”پنج ڪڻي“ آ،

اُنهيءَ وٽ هيچ دينار و درَم سڀ.

ڪٿي زر مال، ڪٿ اقبالُ، گهرجي،

اسان جي واسطي خَيّرُ اُلامَمّ سڀ.

 

ويا ٿي خَتّمُ احمد صه جي اچڻ سان،

عرب جا عجب، اوها ۾ عَجم سڀ.

ڪيو ”ذاڪر“ مٿان نظر ڪَرَمُ ڪا،

ٿين جنهن ساڻُ گُمّ رَنج و اَلَمّ سڀ.

 

(6)

نگام ناز جو آهي اَثر سڀ،

سڪون قلب ٿيو زير و زبر سڀ.

پرين آيو ته گهر آباد ٿيندو،

سوا ان جي سڃا ديوار و در سڀ.

سڄڻ جي سونهن جي آڏو ازل کان،

سر تسليم خم، شمس و قمر سڀ.

هي ڪنهنجي آمَدُ آمَدُ آه جڳ ۾؟

بَهَرّ سُوّ منتظر جِن و بَشَر سڀ.

مبارڪ خصلتون خير الوريٰ جون،

خدا جون سنهن ته آهن خوبتر سڀ،

جهليو جنهن هٿ ۾ دامانِ محمّد صه،

حوادث ان جي آڏو بي اثر سڀ.

لِب و دندان ان جا لال، ابيض،

لَڄِي تِنِ جي اڳيان لعل و گُهر سڀ.

اچڻ سان ان جي ٿي قائم آخُوّت،

طيور رنگ وبو جي بال و پر سڀ.

 

وٺو جيئن ابرِ بارانِ محمّد صه،

ٽڙي ويا ڪفر جا ڪارا ڪڪر سڀ.

ڇڙو ”ذاڪر“ نه محتاج ڪرم آ،

شفيع المُذنَبين صه جي دردِ گَر سڀ.

 

(7)

هي ڪنهن جي يا ڪنهن جي آرزو سڀ،

گدائي ميڪده، ميخانه رُو سڀ.

خمار انگيز ساقي جون ادائون،

نچن ٿا روز پيسمانا سو سڀ.

حسينان جهان سڀ هيچ آهن،

شَہِ خوبان جي آڏو خوبرو سڀ.

هي ڪنهن جي آجيان عرش برين تي؟

فرشتا دست بسته، با وضو سڀ.

ڪئي معبود سان جا عبد، سا هئي،

گنهگارن جي حق ۾ گفتگو سڀ.

جمالِ اولين جي جان احمّد صه،

حقيقت سان حقيقت هوبهو سڀ.

اَسِيرِ جانان ساري دنيا،

هُتي اهلِ سما پابندِ مُو سڀ.

شفيع المذنبين جي سام آهيون،

انهي جي هٿ اسان جي آبرو سڀ.

ڏسان ذاڪر مدينو زندگي ۾،

پسان رنگين نظارا روبرو سڀ.

(8)

تنهنجو صورت ۾، نه سيرت ۾ ڪو ثاني، جاني،

منفرد حسنِ ازل جي تون نشاني، جاني.

منڪشف اهلِ نظر تي ٿيا اسرارِ حيات،

تنهنجي آمد سان کليا، رازِ نهاني، جاني.

لَمّ يَزَلّ جنهن کي چئون، تنهنجي تون تشڪيلِ خيال،

سڀ فنا، تنهنجو مگر عشق نه فاني، خيال،

تنهنجي اعجازِ هَمَہ دانيء فطرت تان نثار،

اهلِ داش جي سَڄِي فلسفه داني، جاني.

حق ادا تنهنجي ثنا جو ڇا ڪري ڪنهن جي زبان؟

عاجز آهن هَمَہ الفاظ و معافي، جاني.

هي سڄي طالب ديدار جي درمان طلبي،

چشم آزرده مان اشڪن جي رواني جاني.

تو جڏهن شاه آمم تاج حقيقت پهريو،

ختم ٿي خوگرِ اوهام جي خاني، جاني.

خلقہِ زلف سِيَہُ، دام نرالو تنهنجو،

يورشِ لشڪرِ مثگان به يگاني، جاني.

باعث لطف و ڪرم مايہِ تسليم و رضا،

تنهنجي تعريف ۽ ذاڪر جي زباني، جاني.

 

(9)

جمالِ اولين، جانِ محمّد،

شعاعِ آخرين، شانِ محمّد،

لقب ان جو شہِ لولاڪ آهي،

شفيع المذنبين شان محمّد،

تصور کان مٿاهون مان ان جو،

خدا بس مرتبه دان محمّد،

شفاعت جو خدا کان اِذّنُ ورتو،

اهو اُمت تي احسانِ محمّد،

انهي کان وڌ ڪا تعريف انجي،

خدا خود آ ثناخوانِ محمّد،

ڪري دنيا جي هردم دستگيري،

جنهن جي هٿ ۾ دامانِ محمّد،

اڃايل ڪو اتان خالي نه موٽيو،

خوشا فيض خُمِستانِ محمّد،

حوادث لرزه براندام ان کان،

جنهن جي هٿ دامانِ محمّد،

تمان آهه ذاڪر زندگي جي،

رهان دائم ٿي دربان محمّد،

 

(10)

سڄي مخلوق کان وڌ مان ان جو،

شہ لولاڪ آهي شان ان جو،

هلي جن وبشر تي حڪمراني،

فرشتن تي هلي فرمان ان جو،

خدا بخشي ڇڏي ان کي خدائي،

محمّد ٿيو جڏهن مهمان ان جو،

جنهين جي هٿ دامانِ محمّد،

ٿيو هر مرحلو آسان ان جو،

محمّد سان محبت ناهه جنهن کي،

ٿيو ساقط سڄو ايمان ان جو،

بروز حشر هوندو پاڻ حامي،

اتي ٿيندووڏو احسان ان جو،

مقام رحمت آهي پاڪ روضو،

عنايت جي جڳهه ايوان ان جو،

ڏسان شل روضہء اطهر اکين سان،

ٻهاريان عجز سان ايوان ان جو،

ڪرائي پنهنجي ذاڪر کي زيارت،

اچي پورو ڪري ارمان ان جو،

(وڌيڪ پڙهو) 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org