سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 9

انھيءَ عرصي جي دوران پھريون دفعو پاڪستان، چين سان ۽ ڪنھن حد تائين سو ويت يونين سان بھ تعلقات کي سڌارڻ لاءِ حقيقي قدم کنيا. حالات جي انھيءَ نئين شڪل اختيار ڪرڻ  سان، اھا اميد رکڻ تھ آمريڪا پاڪستان کي اڃا بھ غير  معين مدت لاءِ فوجي امداد ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندي ايندي، ساده مزاجي ۽ غير حقيقت پسندي  ٿئي ھا. واقعات اڻ محسوس ٿيندڙ نموني سان پاڪستان کي ھڪ قطعي ۽ آخري فيصلي جي طرف ڌڪي آڻي رھيا ھئا. اسان کي يا تھ پنھنجن بنيادي قومي مفادن کي نظرانداز ڪري چين جو دشمن بنجڻو ھو، ۽ اھڙيءَ طرح  پاڻ کي بدستور فوجي امداد حاصل ڪرڻ جو مستحق بنائي رکڻو ھو، يا چين سان پنھنجي تعلقات کي بھ سڌارڻ ۽ آمريڪي فوجي امداد جي معطليءَ جو خطرو کڻي بھ پنھنجين اھم قومي غرضن جي تڪميل لاءِ پنھنجي جدوجھد جاري رکڻي ھئي. اچو تھ اڳ ۾ آمريڪا جي عالمي مفادن آڏو چپ چاپ سر تسليم خم ڪرڻ جي نتيجن تي  ذرا غور ڪريون.

تابعداريءَ کي ڪن شرطن تي قسط وار قبول ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺندي ھي ياد رکڻ گھرجي تھ بين الاقوامي سياست جو ھڪ ڪم اھو ھوندو آھي تھ مختلف راھن جي جستجو ڪئي وڃي ۽ اھڙن اٻھرن فيصلن کان پرھيز ڪئي وڃي، جن ۾ الٽيميٽم جو شائبھ ھجي. اھم ڳالھھ حڪمت عمليءَ جي تعميل ۽ انھيءَ ڪارروائيءَ جو اختيار ڪيل رخ آھي. تبديلي آھستي آھستي ۽ نامعلوم نموني سان ايندي آھي، اڪثر حالتن ۾ اھا زوردار انڪارن جي پڙدي پٺيان رونما ٿيندي آھي. اھو ڪم، ھڪ اھڙي لاباري لاءِ ٻج پوکڻ وانگر آھي، جيڪو فقط پنھنجي قدرتي مدي ۾ پچي راس ٿيندو آھي. موجوده صورت ۾ ھيٺين مان ڪنھن بھ ھڪ امڪان لاءِ مناسب ميعاد گذارڻ سان قبوليت ڏيئي سگھجي ھا:

 (1) ھندستان سان ھڪ اھڙي جامع فيصلي جي تحت تعاون جو ٺاھھ، جنھن جي ذريعي سڀني جڳھڙن کي ھڪ وڌيڪ وسيع ٺاھھ ۾ سمائي ڇڏجي ۽ پوءِ گڏجي چين جو مقابلو ڪيو وڃي.

 (2) آمريڪا ۽ ھندستان سان وڏي ۽ وسيع ميدان ۾ تعاون جي شرطن تي ھڪ اھڙو خفيھ سودو،  جنھن کي قبول ڪرائڻ لاءِ پاڪستان جي عوام کي تيار ڪرڻ لاءِ ڪافي مھلت ھجي.

 (3) چين جي خلاف ھندستان سان ھن شرط تي تعاون جو ٺاھھ ڪرڻ ، تھ آمريڪا پنھنجو اثر و رسوخ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان موجود تڪرارن جي ھڪ باعزت ۽ منصفانھ حل ڪرائڻ لا استعمال ڪري.

 (4) ھندستان سان ھڪ غير منصفانھ ٺاھھ، جنھن جي ڪري پاڪستان کي چين جي خلاف مقابلي ۾ ملوث ٿيڻو نھ پوي.

 (5) ھندستان سان ڪو ھمھ گير ۽ غير منصفانھ ٺاھھ نھ ڪجي، پر چين کي پنھنجي ليکي دشمن سمجھڻ  جو ٺاھھ ڪجي، جيئن 1962ع کان اڳي صورتحال ھئي.

آمريڪا جي عالمي مقصدن جي دائري اندر، مٿين امڪانن مان ڪنھن بھ ھڪ جو انتخاب نھ ٿو ڪري سگھجي. پاڪستان، فقط عالمي طاقتن جي سياست جي دائره کان ٻاھر رھي پنھنجي لاءِ عمل جي آزادي حاصل ڪري سگھي ٿو، جيڪا ٻيا ۽ وڌيڪ فائديمند نتيجا بر آمد ڪندي.

اچو تھ مٿين امڪانن مان ھر ھڪ جي نتيجن تي غور ڪريون :

1- آمريڪا جي نقطھ نگاھ کان بھترين حل اھو ٿيندو تھ پاڪستان  ھندستان سان ھڪ ھمھ گير ٺاھھ جي تحت، اھڙيءَ طرح تعاون ڪري جو سندن جڳھڙا وڌيڪ وڏي ٺاھھ ۾  جذب ٿي وڃن ۽ پوءِ ٻيئي ملڪ گڏجي چين جو مقابلو ڪن. ان جي برعڪس، پاڪستان لاءِ ھي بندوبست انتھائي نقصانڪار ٿيندو، جنھن جي نتيجي ۾ ذليل ٿي ھندستان جي آڏو سر جھڪائڻو پوندو ۽ انھن قدرن سان بي وفائي ٿيندي، جيڪي صدين کان وٺي اسان لاءِ متبرڪ رھيا آھن. ان کان علاوه ان جو نتيجو ھڪ اھڙي طاقتور ۽ دوست پاڙيسري سان دشمنيءَ جي صورت ۾ نڪرندو، جيڪو اسان جي ھڪ وڏي خطري جي  گھڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ  پھتو ھو. اھو حل ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ بدران، ڪشيدگين ۾ اضافو آڻيندو ۽ ڪيئي داخلي مسئلا پيدا ڪندو. اھو حل، جنگ جي شعلن  کي اسان جي گھرن اندر پھچائي سگھي ٿو ۽ جيڪڏھن ويٽ نام جي جنگ  ڦھلجي وڃي، تھ اھو حل اسان  جي  ملڪ کي مڪل تباھي ۽ برباديءَ جي جنگ ۾ ڦاسائي سگھي ٿو. اھڙن شرطن تي طئي ڪيل معاھدو، نھ فقط بيعزتيءَ  جھڙو ۽ خطرناڪ ٿيندو، بلڪ ان مان ڪو مادي فائدو بھ حاصل ڪو نھ ٿيندو.

٢- اھڙي قسم جي افسوسناڪ سودي بازيءَ کي گھڻي عرصي تائين خفيھ رکڻ ممڪن نھ ٿيندو، ۽ نھ وري ان کي زياده عرصي تائين لڪائي رکڻ آمريڪا جي مفاد ۾ ٿيندو. ان کان علاوه اھڙي سودي بازي جي انڪشاف مان ھيجان پيدا ٿيندو ۽ پاڪستان جو عوام ان جي شديد مخالفت ڪندو.

3-آمريڪا کي اھو چئي سگھجي ٿو تھ فوجي امداد جي بحاليءَ لاءِ ڪفاره طور، پاڪستان چين جي خلاف ھندستان سان تعاون ڪندو، بشرطيڪ آمريڪا ھندستان تي پنھنجو اثر وجھي ان کي پاڪستان سان سڀني تڪرارن جو باعزت ٺاھھ ڪرڻ تي رضامند ڪري. اھڙي صورت ۾ آمريڪا گھڻو ڪري پاڪستان کي اھو يقين ڏياريندي تھ اھا ھڪ مناسب تصفيھ لاءِ نئين سر ڪوششون ڪندي، پر ساڳئي وقت  پاڪستان کي خبردار بھ ڪندي تھ اھا ھندستان کي ڄمون ۽ ڪشمير تان  دستبردار ٿيڻ لاءِ مجبور ڪري سگھڻ جي پوزيشن ۾ ناھي. جيڪڏھن اھڙيون مبھم ۽ ڦـڙتي گـھڙتيءَ واريون يقين دھانيون ڏنيون وڃن تھ ، پاڪستان کي ماضيءَ جو تلخ تجربو ياد رکڻ گھرجي، ۽ اھو پڻ ياد رکڻ گھرجي تھ شايد اھا ڳالھھ آمريڪا جي مفاد ۾ ئي نھ ھجي تھ اھا لداخ ۾ ھندي- چيني جڳھڙي جي پيش نظر، ڄمون ۽ ڪشمير جي موجوده حالت ۾ خلل وجھي. پاڪستان اھڙي قسم جي قول ۽ اقرار کان ھڪ ڄار ۾ ڦاسي پوندو ۽ جڳھڙا بنان ڪنھن معقول ۽ اطمينان بخش بنيادن تي ڪيل فيصلي بدران، جيئن جو تيئن باقي رھجي ويندا. جيڪڏھن اھڙين حالتن ۾ پاڪستان جي فوجي امداد بحال ڪئي ويئي تھ ھندستان پڻ امداد جي بحاليءَ جو مستحق ٿي پوندو. ھـُن  ملڪ جي پنھنجي اندروني وسيلن ۽ ھٿيارن  ٺاھڻ جي اھليت سان گڏ، جيڪڏھن سو ويت يونين ۽ اڀرندي يورپ کان ھٿيارن جي لڳاتار فراھميءَ کان سواءِ آمريڪا جي بحال ٿيل فوجي امداد پڻ شامل ٿي ويئي تھ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان طاقت جي توازن جو  پڙ ھندستان جي طرف ڏانھن گھڻو وڌيڪ جھڪي پوندو. اھا ڳالھھ ھندستان سان تڪرارن جي باعزت فيصلي جي اھا ڳالھھ  ھندستان جي طرف ڏانھن گھڻو وڌيڪ جھڪي  پوندو. اھا ڳالھھ ھندستان سان تڪرارن جي باعزت فيصلي جي سڀني امڪانن جو سراسر خاتمو آڻي ڇڏيندي ۽ ڪجھھ ئي سالن اندر ھندستان پاڪستان تي ڀرپور حملي ڪرڻ جي لائق برتري حاصل ڪري وٺندو. اھڙيءَ صورت ۾ چين، جيڪو پاڪستان جي بدليل موقف کان بيخبر ڪو نھ ھوندو، پاڪستان جي مشڪلات جي جواب ۾  ھمدردانھ رويو اختيار ڪو نھ ڪندو.

انھن حالتن ۾ فوجي امداد جي بحالي ڪنھن طرح سان بھ  فائديمند نھ ٿيندي. اھاامداد جيڪڏھن ھندستان جي  خلاف پنھنجي بچاءَ ۾ استعمال ڪئي ويئي تھ اڳئين دفعي وانگر فورا روڪي ويندي، البت ھن ڀيري  فرق اھو ھوندو تھ چين بھ اسان جو مخالف ھوندو. انھيءَ قسم جي ذمھ داري قبول ڪرڻ سان، چين جي گھيري ٿيڻ بدران، خود پاڪستان جو گھيرو ٿي ويندو. ان طرح ڏکڻ جي طرف کان ھندستان ۽ اتر ۽ اوڀر جي طرفن کان چين جي دشمني قائم رھندي. ۽ تازين اخباري خبرن مان جيڪي ڪجھھ اندازو ڪري سگھجي ٿو، تنھن کان افغانستان جو رويو پڻ متاثر ٿيندو. اھا ھوندي حالت، جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان نئين سر جنگ ڇڙي !

ھن وقت يا مستقبل ۾ فوجي  سازو سامان جي پھچ جي سطح اھڙي ڪافي ناھي، جو پاڪستان کي چين يا سوويت يونين جي خلاف پنھنجي بچاءَ ڪرڻ جو اھل بنائي سگھي. انھن طاقتن جي خلاف پنھنجي بچاءَ ڪرڻ جو اھل بنائي سگھي. انھن طاقتن جي خلاف دفاع لاءِ ملندڙ جنگي سازو سامان  جي ناڪافي ھئڻ جي اعتراضن جي جواب ۾ آمريڪا ھميشھ  اصرار ڪيو آھي تھ ڀرپور مسلح ٽڪراءَ جي صورت ۾ اھا پاڻ پنھنجي اٿاھھ جنگي طاقت سان ميدان ۾ لھي ايندي ۽ ”آخري“ ھٿيارن  جي استعمال  تي غور ڪندي. ان جي باوجود، ويٽ نام کان پوءِ ھن ڳالھھ تي ڪو بھ ڀروسو رکي نھ ٿو سگھجي  تھ آمريڪا وري ڪڏھن بھ ڀاري تعداد ۾ پنھنجي بري فوج کي ايشيا  جي عظيم زميني خطھ ۾ لڙائڻ لاءِ تيار ٿيندي. ان کان علاوه، ” آخري“ ھٿيارن جي استعمال جو ڪوئي اعتبار ھجي ھا، تھ صدر ڊي گال فرانس لاءِ ھڪ آزاد ائٽمي  بچاءُ مھيا ڪرڻ لاءِ مغربي يورپ جي متحده دفاعي نظام ۽ اوقيانوس  واري اتحاد کان الڳ ٿيڻ جو جرئتمندانھ قدم ھرگز نھ کڻي ھا. جيڪڏھن يورپ، جيڪو آمريڪا  جي ماءُ آھي، آمريڪا کان پنھنجي بچاءَ لاءِ ائٽمي ھٿيارن جي استعمال تي  ڀروسو نھ ٿو رکي سگھي تھ ايشيا لاءِ  تھ اڃا بھ وڌيڪ ضروري آھي تھ اھا ھن معاملي ۾ مشڪوڪ رھي. بھرحال،اھڙين حالتن جي تشڪيل ڏيڻ ۾ مدد گار  ٿيڻ، جيڪي اسان جي علائقي ۾ ائٽمي ھٿيارن جي داخلي جي دعوت ڏين. اسان جي پنھنجي تباھيءَ جو پاڻ اھتمام ڪرڻ ٿيندو. ھڪ طرف تھ اسين انھيءَ قابل نھ ھونداسون  تھ فوجي امداد کي  اثرائتي نموني ۾ ھندستان  جي خلاف، جيڪو اسان جو سڀني کان وڏو حريف آھي،  ۽ جنھن کان اسان کي حملي جو کٽڪو لڳوئي رھي ٿو. استعمال ڪري سگھون . ٻئي طرف، جيڪڏھن اسان کي سو ويت يونين يا چين جي خلاف ڪٿي استعمال  ڪيو ويو، تھ ان کان شايد اسان جو ملڪ صفحھ  ھستيءَ تان ئي ميسار جي وڃي. پوءِ ٻنھي  صورتن ۾ 1962ع کان اڳ ۾ موجود صورتحال جي واپسيءَ مان تباھڪن نتيجا نڪرندا. انھن شرطن کي تسليم ڪرڻ جو مقصد ھيءُ ٿيندو تھ امن جي دوران ڇڪتاڻ وڌندي ئي ويندي۽ جنگ ۾ تباھي نازل ٿيندي. جيڪڏھن اسان انھيءَ مبھم يقين دھانيءَ تي ھيءُ ڀروسوڪري وڌو، تھ ائٽمي راڪاسن سان جيڪڏھن اسان جي جنگ ڇـِڙي تھ اسان جو ستن سمنڊن پار وارو دوست، اسان جي پڪار تي ڊوڙندو ايندو تھ اسان پنھنجي چوڌاري زبردست حريفن جو گھيرو وجھائي ڇڏينداسون. ٿي سگھي ٿو تھ آمريڪا انھيءَ قسم جي يقين  دھاني پيش ڪري، ڇاڪاڻ تھ اھو سندس مقصد جي حصول طرف ھڪ قدم آھي، پر جيڪڏھن ان فوجي امداد کي انھيءَ قسم جي شرطن تي بحال ڪيو تھ ان سان گڏ ٻيا وڌيڪ رسا پڻ ٻڌل ھوندا. آمريڪا جو خيال آھي تھ پاڪستان جي حاليھ ڪاررواين، آمريڪا جي عالمي حڪمت عملين  جي مفاد جي خلاف ڪم ڪيو آھي. ان کي ٻيھر سڌي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ ھو ان باري ۾ يقين ڪرڻ چاھيندي تھ پاڪستان وري ھٿن مان نڪري نھ وڃي. تنھنڪري پاڪستان خواه ڪھڙيون بھ يقين دھانيون حاصل ڪري ۽ جيڪي بھ يقين دھانيون پاڻ مھيا ڪري، سي بذاتِ خود اعتماد کي بحال نھ ڪري ڇڏينديون. اسان جي ملڪ  کي  وقت بي وقت سندس وفاداريءَ جي مظاھري تي مجبور  ڪيو ويندو، تان جو اھا ڳالھھ اسان  کي سڀني کان الڳ ڪري بلڪل محتاج بنائي ڇڏيندي.

 4- جيڪڏھن پاڪستان چين جو مقابلو ڪرڻ تي رضامند ٿيڻ کان سواءِ، ھندستان سان تصفيھ لاءِ آماده ٿي وڃي، تھ اھا ڳالھھ پڻ آمريڪا جي لاءِ قابل قبول ٿيندي، ڇاڪاڻ تھ ان کي انھيءَ مان درجي بدرجي ھڪ  موقف حال ھنڌ کان ٻئي تائين  وڃڻ جو موقعو ملي ويندو. انھن حالتن ۾ ھينئن بھ  ٿي سگھي ٿو تھ آمريڪا ٻنھي ملڪن لاءِ فوجي امداد بحال ڪري  ڇڏي. پر اھا ائين ڪندي تھ فقط ھيءُ يقين ڪري، تھ مناسب وقت اچڻ تي انھن ٻنھي جو باھمي تعاون مڪمل ٿي ويندو ۽ ننڍي کنڊ ۾ خود ان جو  وڌندڙاثر و رسوخ نيٺ ان کي سندس اولين مقصد حاصل ڪرڻ جي قابل بنائي ڇڏيندو. اھو بندوبست ھندستان لاءِ انھيءَ صورت ۾ قابل ِ قبول ھوندو. ٺاھھ پنھنجي حد  کان اڳتي نھ وڌي. پر آمريڪا کي اھو فقط عبوري طور  منظور ھوندو. جيڪڏھن پاڪستان غير مبھم اندازو  ۾ بھ ھن امر جي وضاحت ڪري ڇڏي تھ ان طرح جو تعاون چين جي خلاف استعمال نھ ڪيو ويندو، تڏھن بھ ان  کي انھيءَ ملڪ ۾ ڪوئي بھ اعتماد حاصل نھ رھندو، اھو اعتماد جيڪو وڏي محنت سان حاصل ڪيو ويو آھي، ضايع ٿي ويندو ۽ چين ائين ئي سمجھندو تھ حڪمت عمليءَ ۾ تبديلي ۽ ترميم فقط ان جي گھيري ڪرڻ خاطر ڪئي ويئي آھي. ان طرح، انھيءَ صورت ۾ پڻ  پاڪستان چين جي دل ۾ شڪ شبھا پيدا ڪري ڇڏيندو، ۽ پاڻ کي لڳاتار ھڪ کان پوءِ ٻئي مشڪل ۾ ڦاٿل ڏسندو.

پاڪستان  جي بين الاقوامي سياست جو سڀني کان وڌيڪ سخت امتحان اھڙي اھتمام جي مقابلي ۾ ٿيندو. انھن امڪانن جي شرطن کي ھندستان ۽ آمريڪا، ٻنھي جي خوشنودي حاصل آھي. اِھوئي اھو ھنڌ آھي، جتي پھچي آمريڪا ۽ ھندستان جا متوازي مفاد، ھڪٻئي جي طرف لاڙو کائين ٿا. ان ڪري  پاڪستان کي انتھائي چوڪسيءَ کان ڪم وٺي انھيءَ قسم جي چالبازين کي  ناڪام بنائڻو پوندو، ڇاڪاڻ تھ آخرڪار انھن جا نتيجا ساڳيائي نڪرندا آھن .

5- پاڪستان، چين سان اھو سلوڪ اختيا رڪرڻ تي رضامند ٿي سگھي ٿو، جيڪو ھو 1962ع تائين ان سان ھڪ مقابلي ۾ بيٺل ملڪ وانگر روا رکندو آيو ھو، پر ھندستان سان باعزت تصفيھ جي غير موجودگيءَ ۾ تعاون کان ڪترائي سگھي ٿو. وقت گذرڻ سان گڏ آمريڪا انھيءَ صورتحال کي غير تسلي بخش ڏٺو آھي. جيستائين ھندي- پاڪستاني اختلافات رھن ٿا،تيستائين  آمريڪا جو ھن علائقي ۾  ڪنھن بھ اعتماد سان ڪم ڪرڻ مشڪل آھي. انھيءَ  صورتحال ۾ اھڙا معاملا گھڻا آھن، جن جي تشخيص نھ ٿي ڪري سگھجي. انھيءَ قسم جي تصفيھ مان ان کي نقصان پھچندو ۽ اھا ھن کان اڳ ۾ ناڪام پڻ  رھي چڪي آھي. آمريڪا چاھي ٿي تھ چين  جو گھڻي کان گھڻو اثرائتو گھيرو ٿي وڃي، جنھن لاءِ نھ اڪيلو ھندستان ڪافي ٿيندو، ۽ نھ تنھا پاڪستان. انھن ٻنھي جو تعاون ضروري آھي. پر جيڪڏھن آمريڪا اھڙي نبيري لاءِ رضاند ٿي بھ وڃي تھ اھا وري بھ پنھنجي عالمي مقصد لاءِ ھندستان  ۽ پاڪستان جي درميان تعاون جي حالت  پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي رھندي. خاص ڪري ننڍي کنڊ جي مشرقي بازوءَ ۾ جنگي حڪمت عمليءَ جي مشڪلاتن ڪري جتي صرف ٿورن ميلن جو زمين جو ھڪ سوڙھو ٽڪرو پاڪستان کي آسام ۽ ھماليا جبلن جي  رياستن کان  جدا ڪري ٿو. پاڪستان جي تعاون کان سواءِ ھي سڄو علائقو مسلح مداخلت جي صورت ۾ ڏاڍو بيوس آھي. انھيءَ قسم جي ٺاھھ جو نتيجو  ھي ٿيندو تھ چين ۽ پاڪستان جي  درميان ھڪ نئين مخالفت اڀري پوندي ۽ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان موجوده ڇڪتاڻ جاري رھندي، جنھن صورتحال جو افغانستان ۾ نظر انداز  ٿيڻ جو امڪان گھٽ آھي. ان مان ھڪ دفعو وري پاڪستان جو گھيراءُ ٿي ويندو، ۽ ھڪ جي بجاءِ ان جا ٽي مخالف ٿي پوندا. ان تي بھ داستان جو خاتمو نھ ٿيندو. جيڪڏھن اسان اھڙا شرط منظو ر  ڪيا، تھ پاڪستان کان مطالبو  ڪيو ويندو تھ ھو ويٽ نام جي جنگ ۾ علامتي طور شرڪت ڪري. جيئن ئي پاڪستان  ويٽ نام ۾ آمريڪا جي جنگي ڪوشش ۾ ٿورو بھ ملوث ٿيڻ تي تيار ٿيو، تھ ھو پاڻ  کي فوجي امداد جو حقدار تھ بڻائيندو، پر  چين سان ان جو ھڪ ناقابل صلح تنازعو شروع  ٿي ويندو، اھڙو ڪم نھ فقط تاريخ جي وھڪري جي خلاف ۽ اسان جي زماني جي روش جي منافي ٿيندو، بلڪ ھن جو امڪان بھ آھي تھ ھي ھندستان کي وڌيڪ عداوت ڏيکارڻ  تي ھن اميد ۾ آمادھ ڪري تھ شايد ان طرح ھو ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان کليو کلايو جڳھڙو اڀاري سگھي.  سو ويت يونين ، چين ۽ بنان ڪنھن شڪ جي، سڀ اشتراڪي ۽ غير منسلڪ رياستون سمجھنديون تھ اسان اھڙا زر پرست آھيون، جو پنھنجن ساٿي ايشيائين جي خلاف ھڪ وحشيانھ ۽ بي انصافي واري جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ کان بھ نھ ٿا ھٻڪون .پاڪستان لاءِ سڀ جو سڀ يعني پنج ئي امڪان  قبول ڪرڻ  جي قابل ناھن. ڪنھن نھ ڪنھن شڪل ۾ اھي سڀ  اسان کي  يڪسان موتمار نتيجن جي طرف وٺي وڃن ٿا. ان جو اھو  مطلب ناھي تھ پاڪستان ھندستان سان تصفيھ نھ ٿو چاھي. بنان  ڪنھن شڪ جي، پاڪستان ھندستان سان وڏي گرمجوشيءَ سان امن جو  خواھان آھي، پر تصفيھ باعزت ۽ برابريءَ جي سطح تي ھئڻ گھرجي. جڏھن ھڪ ڀيرو ٺاھھ ٺوھھ جي ڳالھين جي بنياد تي انصاف جي مطابق باھمي تڪراري مسئلا حل ٿي ويا تھ پاڪستان  باھمي فائدن  جي بنيادن تي ھندستان سان تعاون لاءِ تيار ٿيندو. ان ھوندي بھ اھو تعاون ٻن آزاد ۽ خود مختار قومن جي درميان ٿيڻ گھربو ۽  عالمي  طاقتن طرفان سندن مقصدن لاءِ مسلط نھ ڪري سگھبو. انھن طاقتن کي ھندستان ۽ پاڪستان کي امن جي فضا ۾ پنھنجي مستقبل جي تشڪيل لاءِ آزاد ڇڏڻو  پوندو. جيڪڏھن انھن جي تنازعن جو عالمي سياست جي بکيڙن  کان الڳ ۽ باعزت تصفيھ  ٿي وڃي تھ پاڪستان ۾ ڪو بھ شخص ٻنھي  قومن جي باھمي تعاون تي اعتراض نھ ڪندو.

فوجي امداد جي نتيجن جو  تجزيو ڪندي نفعي ۽ نقصان جو گوشوارو پڻ تيار ڪرڻو پوندو آھي. امداد جي بند ٿيڻ جا فائدا بھ آھن ۽ نقصان پڻ، ان جي تعبير ھڪ اھڙي واقعي  جي طور تي بھ ڪري سگھجي ٿي، جنھن پاڪستان کي ھڪ اھڙي افسوسناڪ ايشيائي عالمي جنگ ۾ گھير جي وڃڻ کان بچائي ورتو آھي. جيڪڏھن اسان سو ويت يونين ۽ چين جي خلاف  ھٿيارن استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪريون ٿا تھ انھن عالمي طاقتن جي ان جي مطابق ذمھ داري ٿي پوي ٿي تھ اھي پنھنجا ھٿيار بھ اسان جي خلاف استعمال نھ ڪن . اھا ڳالھھ پاڪستان ۽ ان جي ٻن طاقتور اترين پاڙيسرين  جي درميان  شڪ ۽ ڇڪتاڻ جي سرچشمن  کي ختم ڪري ڇڏيندي. ان طرح پاڪستان پنھنجي سڄي  ساري توجھھ ۽  وسيلن سان پنھجي سلامتي ۽ علاقائي استحڪام جي خلاف واحد  ۽ ھڪ ئي حقيقي خطري جو مقابلو ڪرڻ جي قابل ٿي پوندو. سوال اھو آھي تھ جيڪڏھن آمريڪا جي طرفان امداد ٻيھر جاري نھ ٿي تھ پاڪستان ڪھڙيءَ طرح پنھنجي سلامتيءَ جي خلاف ھن خطري سان نبري سگھن ٿو. جيتوڻيڪ اھو صحيح آھي تھ فوجي امداد اسان  کي ھندستان  جي خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ مھيار نھ ڪئي ويئي، تڏھن بھ انھيءَ امداد جي اسان وٽ موجودگيءَ کي ھندستان جي خلاف مانع عنصر جي حيثيت حاصل ھئي. گذريل جنگ ۾ پاڪستان انھيءَ وقت تائين امداد کي استعمال ۾ آڻيندو رھيو، جيستائين آمريڪا طرف  جنگي سامان جي فراھميءَ تي امتناعي حڪم ۽ ٻيون پابنديون نھ وڌنديون  ويئون ھيون .

ھاڻي، اسان کي جنھن سوال جو جواب ڏيڻو آھي، سو اھوآھي تھ انھيءَ مانع کي ڪھڙيءَ طرح برقرار رکي سگھجي ٿو .

 

------------

 

باب نائون

ھند و  پاڪستان جنگ ۽ ان جا مثال

 پاڪستان جي اھم مفادن کي جيڪي آزمائشون درپيش آھن، تن جي مقابلي  ڪرڻ جي بھترين طريقن تي تڏھن ئي غور ڪري سگھبو، جڏھن ان جي دنيا ۾ بيھڪ  جي حيثيت  تي نظر وجھبي. دراصل، پاڪستان جي بين الاقوامي حيثيت جو تخمينو ۽ عالمي مسئلن  ڏانھن رويو ھن ڳالھھ  جي تعين ڪرڻ لاءِ انتھائي اھميت  رکن ٿا تھ ھو ڪھڙيءَ طرح پنھنجن اندروني مسئلن ۾ ٻاھرين  مداخلت جو مقابلو ڪري سگھي ٿو. ڪنھن  حد تائين آمريڪا ۽ ھندستان جون حڪمت عمليون ھڪٻئي جي متوازي  آھن. پر پاڪستان جي خوشقسمتي آھي،جو انھن ٻنھي ملڪن جي مقصدن جي آخري غرضن  ۾  فرق آھي. پاڪستان لاءِ پنھنجي اقتدار جي مفاد، ۾ اھو لازمي آھي تھ ھو پنھنجي سياست کي اھڙي نموني ۾ ھلائي، جو اھي ٻھ متوازي ليڪون ھڪٻئي کان دور ھٽنديون وڃن ۽ منجھن جيڪي  تضاد آھن، تن ۾ وڌيڪ  وسعت ايندي رھي. ھندستان پاڪستان کي ڀارت ماتاجي آغوش ۾ واپس آڻڻ چاھي ٿو،پر ھو چين جي خلاف ڪنھن عالمي ڇڪتاڻ ۾ ڦاسڻ نھ ٿو چاٿي. آمريڪا ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھن غرض لاءِ ھڪ بامقصد تعاون چاھي ٿي تھ  جيئن چين کي گھيرو ڪيو وڃي. ھندستان پنھنجي داخلي معاملن ۾ پڻ انھيءَ وڌندڙ دخل اندازي کي سخت ناپسند ڪندو، جنھن جو مقصد ان کي سرد جنگ جو سر گرم آلھ ڪار بنائڻ آھي.،

پاڪستان لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪوئي چارو ڪونھي تھ ھو انھيءَ خارجي مداخلت جو، جيڪا ان جي قومي مفاد جي خلاف آھي، مقابلو ڪري ۽ ننڍي کنڊ ۾ پنھنجن جائز حقن جي ڀرم  رکڻ لاءِ پنھنجي جدوجھد جاري رکي. ان جي ڪاميابي  يا ناڪاميابيءَ جو دارومدار ھڪ طرف ھندستان  سان سندس سڌيءَ طرح ٻھ ِ- طرفن  تعلقاتن تي، ۽ ٻئي طرف آمريڪا سان تعلقات، ۽ وري ٻنھي سان مشترڪھ تعلقات تي رھندو، پر اھا ڪاميابي يا ناڪاميابي ھن انداز تي پڻ  رھندي، جنھن سان ھو پنھنجيون  بين الاقوامي ذميواريون پوريون ڪري ٿو ۽ پنھنجي عام خارجھ پاليسيءَ کي  ھلائي ٿو.

 جيتوڻيڪ پاڪستان لاءِ سڀني کان وڏي آزمائش ھندستان جي طرف کان اچي ٿي ۽ بين الاقوامي  دٻاءُ جو سڀني کان وڏو بار آمريڪا جي طرفان  پوي ٿو، ان جي باوجود  انھيءَ معاملي ۾ باقي ٻيءَ دنيا کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ  غلط ٿيندو، جھڙيءَ طرح اھو ضروري ھو تھ پاڪستان سان آمريڪا جي تعلقات جي ارتقا  جي جاچ ڪئي وڃي تھ جيئن انھيءَ ملڪ جي حاليھ ڪارگذارين  جي صحيح  تشريح ڪري سگھجي، جيڪي پاڪستان تي اثر انداز آھن، تھڙيءَ طرح پاڪستان لاءِ پڻ اھو اوتروئي ضروري آھي تھ ھو دنيا جي آزمائش سان پوريءَ طرح مقابلو ڪري سگھڻ لاءِ دنيا، ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جي  حوالھ سان دنيا ۾ پنھنجي مقام کي متعين ۽ واضح ڪري سگھي.

پاڪستان تي  ھيءَ ھڪ اخلاقي ذميواري آھي تھ ھو سامراجيت جي خاتمي جي حمايت ڪري ۽ ھڪ وڌيڪ منصفانھ اقتصادي ۽ سماجي بين الاقوامي نظام لاءِ ڪوشان  رھي. آفريشيائي، اتحاد، آزاديءَ جي حق ۾ ھڪ  مضبوط  قوت آھي ۽ آفريشيائي قومن جي ھڪ ميمبر ھئڻ جي حيثيت ۾ پاڪستان لاءِ آفريشيائي تحريڪ  جي منڍ ۾ ھئڻ ضروري آھي. پاڪستان کان بلڪل بجا طور  تي اھو مطالبو ڪري سگھبو تھ ھو انھن ٻنھي کنڊن جي عوام جي  امنگن سان پنھنجي  مطابقت کي جاري رکندو اچي. اسان وانگر ايشيا ۽ آفريڪا جا اڪثر حصا صدين  تائين  غلاميءَ ۾ جڪڙيل رھيا آھن. ھڪ نئين آزاد ٿيل ملڪ جي حيثيت ۾ اسان جو اھو  لازمي فرض آھي تھ اسان سياسي آزاديءَ ۽ اقتصادي ترقيءَ جي رفتار کي تيز ڪريون. اسان ٻين جي  منصفانھ مقصدن جي طرفداري ڪرڻ کان ھٻڪي، ھيءَ اميد نھ ٿا ڪري سگھون تھ اھي اسان  جي حقي واجبي ۽ منصفانھ مقصدن جي حمايت ڪندا. اسين فقط ان وقت پنھنجي وقار ۾ اضافي ۽ پنھنجن مقصدن لاءِ پٺڀرائيءَ ۾ واڌاري جي  اميد ڪري سگھون ٿا، جڏھن اسين گڏيل جدوجھد ۾ حصو وٺي، رفاقت ۽  مساوات جي جذبن سان پنھنجو اثر و رسوخ استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ھونداسون. آفريشيائي استحڪام نھ تھ ڪا  ڏند ڪٿا آھي، ۽ نھ ڪو نظرياتي فلسفو آھي، پر اھو  اسان جي  انفرادي ترقي ۽ اجتماعي تحفظ، بنھي لاءِ ھڪ لازمي شرط آھي. دنيا جون  ترقي پذير قومون، جن جي وڏي  اڪثريت آفريڪا ۽ ايشيا ۾ واقع آھي، دنيا جي مزدور طبقي تي مشتمل آھن. جيتوڻيڪ انفرادي طور اھي اھڙيون ئي ڪمزور ۽ مفلس ٿي  سگھن ٿيون، جھڙو ھڪ مزدور يا ڪڙمي، پر سڀ  گڏجي اھي اوترائي مضبوط آھن، جھڙا  ھڪ اجتماعي تحريڪ جا محنتي عوام .

 ھن وقت تائين پاڪستان، ايشيا ۽ آفريڪا جي امنگن سان پنھنجي وابستگي  ڏيکارڻ ۾ ڪامياب رھيو آھي ۽ آفريشيائي ملڪن لاءِ اسان  جي حمايت اسان لاءِ نمايان طور فائديمند رھي آھي. يورپ وانگر، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ بھ ڪي اھم رياستون آھن، جن تي پاڪستان کي خاص توجھ  ڏيڻ گھرجي. آفريڪا م ان کي مسلم رياستن ۽ دولت مشترڪھ جي ميمبر ملڪن کان علاوه، فرينچ ٻولي ڳالھائڻ وارن ملڪن سان بھتر تعلقات قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ۽ ايشيا ۾ اسان کي پنھنجي توجھھ پنھنجن پاڙيسري ملڪن، جپان ڪئمبوڊيا ۽ ويٽ نام جي بھادر قوم  تي مرڪوز ڪرڻ گھرجي، جيڪا اسان جي خاص  ھمدرديءَ جي حقدار آھي.

جپان پنھنجي انتھائي ترقي يافتھ معيشيت جي ڪري ايشيا جو سڀني کان وڌيڪ خوشحال ملڪ آھي. اولھھ  جرمنيءَ وانگر ان تي بھ ھن وقت آمريڪا  جو گھڻو اثر آھي.  چين  جي خلاف آمريڪا جي عظيم منصوبي جي لحاظ کان ھي ملڪ ڪيترن ئي سببن  ڪري ايشيا جو عظيم ترين  ملڪ آھي. ٻي مھاڀاري لڙائي کان پوءِ ڪيترن ئي  سالن تائين جپانين بين الاقوامي معاملن ۾ ڏاڍو گھٽ حصو ورتو، پر ھاڻي اھي ايشيائي ۽ عالمي معاملن ۾ روزانھ وڌندڙ اثر وجھي رھيا آھن. ان جي باوجود ايندڙ گھڻي عرصي تائين جپانين جي مفادن جو آمريڪي مفادن کان منحرف  ٿيڻ  جو امڪان گھٽ آھي. ان جو ھڪ مثال اھو آھي تھ جپان  پاڪستان انٽرنئشنل ايئرلائينس کي  ڪئنٽن ۽ شھانگائيءَ وارن پروازن کي ٽوڪيو تائين  توسيع ڏيڻ  جي اجازت نھ ڏني. اسان کي انھن قسمن  جي مسئلن  سان نڀائڻ  ۽ تحمل جي عادت سکڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ اسان جي  لاءِ جپان سان پنھجن اقتصادي ۽ ثقافتي تعلقات کي بھتر بنائڻ  ضروري آھي ۽ انھيءَ وچ ۾ اسان کي جيستائين جپانين جي حمايت حاصل نھ ٿي ٿئي، تيستائين کيس انھن معاملن ۾ جيڪي اسان جي لاءِ اھم آھن، غيرجانبدار رکڻ  جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

 پاڪستان جي ھڪ اھم  بنيادي ذمھ داري اھا آھي تھ ھو پنھنجي روايتي خارجھ پاليسيءَ جي مطابق، جيڪا ملڪ جي آئين ۽ نظريي جي  عائد ڪيل ذميدارين جي آڌارتي تشڪيل ڏنل آھي، مسلم  قومن ۾ رفاقت جي جذبي جي پرورش ڪري. مراقش کان انڊونيشيا تائين ڦھليل مسلم ملڪن سان اسان جا ڪيئي ناتا ۽ لاڳاپا مشترڪھ آھن، ۽ آزاديءَ کان بھ اڳي، ننڍي کنڊ جامسلمان اسلامي مقصدن لاءِ  جيتري بھ امداد ڏيئي  پئي سگھيا، سا ڏيندا ھئا. استحڪام جي اھا  تحريڪ ھڪ اھڙو عنصر آھي، جنھن کي وڏيون ۽  عالمي طاقتون پنھنجي  پاليسين جي تشڪيل ۾ نظرانداز ڪري نھ ٿيون سگھن. جيتوڻيڪ پاڪستان جي حڪمت عملي ھميشھ  کان وٺي مسلم ملڪن سان امڪان جي حد اندر دوستانھ تعلقات وڌائڻ جي رھي آھي، ان جي باوجود ان کي ڪن موقعن  تي دشواريون بھ درپيش آيون آھن. جيڪي ناڪاميون بھ ٿيون آھن، تن مان ڪن لاءِ ذمھ داري تھ اسان جي بين الاقوامي  معاملن ۾ تجربي جي ڪميءَ ۽ ڪجھھ وچ اوڀر جي بار بار رونما ٿيندڙ جنگين  تي آھي.

وچ اوڀر جا روايتي مسئلا ھميشھ تمام وڏا نظر ايندا آھن، پر انھن کي سن 1967ع واري عرب  اسرائيل جنگ کان رونما ٿيل مسئلن پٺتي ڪري ڇڏيو آھي.  انھيءَ مختصر تصادم، گھٽ ۾ گھٽ عارضي طور انھيءَ علائقي جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو آھي ۽ طاقت جي توازن ۾ بھ انقلابي  تبديلي آڻي ڇڏي آھي. انھيءَ مان عربن کي بيحد نقصان پھتو آھي، پر ٿي سگھي ٿو تھ شڪست جو ڏنگ، سندن اڳواڻن کي وري  ٻيھر جمع ٿيڻ ۽ انھن نقصانن جي تلافي ڪرڻ ۽ ساڻن ٿيل زياديتن  جي علاج  ڪرڻ  جو موقعو مھيا ڪري وجھي. عربن جا داخلي اختلاف ۽ جڳھڙا، جيڪي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پيچيده ٿيندا پئي ويا، تن  کي شايد ھاڻي نبيرڻ جو موقعو ملي وڃي. عرب  رياستن  ۾ دشمنيءَ جي مختلف سببن مان وڏي کان وڏو سبب انھن جي متضاد سماجي نظامن جي درميان اختلاف آھي، پر جيڪڏھن سرمايھ داري ۽ ڪميونزم جا نظام باھمي بقا جي اصول تي ھڪٻئي سان  گڏو گڏ رھي سگھن ٿا، تھ پوءِ عرب قدامت پسندي ۽ عرب اشتراڪيت جي درميان ھڪ قابل عمل رواداريءَ جو قيام، انساني ڪوشش  جي پھچ کان ٻِاھر ٿيڻ نھ گھرجي، خصوصا جڏھن اسلام، ٻولي ۽ جاگرافي سندن درميان وابستگي جون مستقل ڪڙيون آھن. جنگ جي داغن ۽ شڪست جي نتيجن جي اصلاح جي ضرورت کان انھيءَ نيبھھ جي طريقي جي تحريڪ ٿيڻ گھرجي، جيڪو عرب اشتراڪي ۽ روايتي حڪومتن جي درميان نھايت ضروري آھي. جيئن تھ متحده  عرب  جمھوريھ، عرب دنيا ۽ آفريڪا ۾ ھڪ خاص مقرر رکي ٿي انڪري ۽ ڪن وڌيڪ واضح سببن  جي آڌار  تي پڻ  پاڪستان کي ان سان گھاٽا تعلقات قائم ڪرڻ گھرجن .  ضروري ناھي تھ اھا ڳالھھ سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن سان پاڪستان جي دوستانھ تعلقات جي منافي ٿئي. يمن ۾ ڇڙيل جنگ عربن جي باھمي تعلقات کي خراب ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان جو جلد خاتمو ٿيڻ گھرجي، تھ جيئن عرب اتحاد اسرائيلي خطري جي مقابلي ڪرڻ لائق بنجي. جيڪڏھن عرب فوجون ايڏي وڏي تعداد ۾ يمن ۾ رڌل نھ ھجن ھا، تھ گذريل جنگ ۾ انھن کي اسرائيل جي خلاف بھتر طريقي سان استعمال ڪري سگھجي ھا.

 يمن ۾ انھيءَ لاحاصل  جنگ جو الميو ھيءُ آھي تھ لڙائيءَ جي خاتمي جو ھڪ عھدنامون، جنھن کي ”جده وارو معاھده“ سڏجي ٿو، متحده عرب جمھوريھ  ۽ سعودي عرب جي درميان اڳيئي ھڪ سال کان بھ وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي، ان جي باوود ان تي عملدرآمد لاءِ ٿوري بھ ڪوشش نھ ڪئي ويئي آھي. جيڪڏھن دوست ملڪ انھيءَ معاھده تي عملدر آمد لاءِ زور ڏين، جيڪو انھن ملڪن جي درميان اڳيئي رضاڪارانھ طور طئي ڪيو ويو آھي، تھ ان کي ڪنھن طرح سان بھ  دخل درمعقولات نھ ٿو چئي سگھجي. جيڪڏھن يمن ۾  جنگ ختم نھ ٿي ۽ جيڪڏھن عدن ۽  پسگردائي ۾ بدنظمي وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويئي تھ اھو پر خطر علائقو شديد جنگ  و جدل جو آکاڙو بنجي سگھي ٿو، جنھن ۾ نھ فقط مسلمان رياستون ھڪ ڊگھي تنازعي ۾ اٽڪي پونديون، پر عظيم طاقتون پڻ مداخلت لاءِ ڇڪجي اينديون. عرب  رياستن کي انھيءَ ڳالھھ ٻڌائڻ جي ضرورت ناھي تھ  عظيم طاقتن کي مداخلت جي دعوت ڏيڻ جو مطلب ڇا ٿيندو آھي. عرب اسرائيلي جنگ کان اڳي بھ انھيءَ علائقي ۾ عظيم طاقتن جي مداخلت انھن لاءِ لاتعداد مشڪلاتون  پيدا ڪيون ھيون. وڏين ۽ عظيم طاقتن جي خلاف مقابلي جا ڪيئي طريقا آھن، جن مان ھڪ ھيءُ آھي تھ انھن حالتن کي ختم ڪيو وڃي، جيڪي انھن جي مداخلت کي ڪشش ڪرڻ جا سبب ٿين ٿيون. عظيم طاقتن جي مداخلت کي ختم ڪرڻ لاءِ، عرب رياستن کي ايراني نار واري علائقي جي مسئلن تي نئين  سر غور ڪري علاقائي ڪشيدگين کي ختم ڪرڻو پوندو. ضرورت ھن ڳالھھ جي آھي تھ ھن علائقي جي غريب عوام جي بي انداز دولت کي لٽ مار کان بچايو  وڃي. ھن وقت نار وارن علائقن  جي عرب شيخن جي وفاق  تي غور ھلي رھيو آھي تھ جيئن اجتماعي استحصال ۾ آساني ٿئي. آزاديءَ جي برڪت خلا پيدا نھ ڪندي آھي، بلڪ ھڪ آزاد قوم پنھنجن حقن جي بھترين نگھبان  ھوندي آھي. ”سياسي خلا“ جو نظريو، جديد سامراجيت جي پيداوار آھي ۽ برطانيھ جي روانگي ڪوبھ اھڙو خلا پيدا نھ ڪندي. ايراني نار جي ماڻھن کي سندن مسئلا ھڪ حقيقي طور آزاد ۽ خودمختار قوم وانگر حل ڪرڻا پوندا، جن ۾ سامراجيت  جي پٺيان ڇڏيل تعصبن واري ڪج- فھمي  شامل نھ ھجي. پاڪستان کي شورش جي اھڙن طاقتور علائقن تي چوڪسيءَ واري نظر رکڻي پوندي، ڇاڪاڻ تھ حالات ڪنھن بھ وقت ان کي ٻن متضاد فيصلن مان ڪنھن بھ ھڪ جو انتخاب  ڪرڻ تي مجبور ڪري  سگھن ٿا، جن جو ڪو تسلي بخش نتيجو نڪري نھ ٿو سگھي. ان کي ڪشيدگيءَ گھٽائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي ۽ کيس پنھنجي برادرانھ اسلامي رياستن جي درميان پرامن باھمي بقا جي لاءِ  وس آھر ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

عربن جا اندروني جڳھڙا، يمن ۾ تصادم ۽ عرب دنيا ۾ ترقي پسند ۽ قدامت پسند حڪومتن جي درميان رقابتون، سڀ  جون 1067ع جي وچ اوڀر واريءَ جنگ جي آڏو ھيچ ٿي چڪيون آھن. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ واري زماني ۾ ٻيو ڪو بھ واقعو ھن کان وڌيڪ علاقائي ڦير گھير جو سبب نھ بنيو آھي. ان عالمي طاقتن جي درميان خوف جي توازن جي وجود جي مقصد کي  مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آھي، ۽ باھمي بقا واري نظريي تي چين جي نڪتھ چينيءَ کي تقويت ڏني آھي.

انھن واقعن تي غور ڪرڻ لاءِ، اھم ڳالھھ ھيءَ آھي تھ مختلف واقعن جي  ڀيٽ ڪئي وڃي ۽ انھن مان حاصل ٿيندڙ سبق پرايا وڃن . پاڪستان جي خلاف اڳرائي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ، ھندستان طرفان پاڪستان جي علاقائي سالميت جي خلاف دست درازيءَ جي مقابلي  ڪرڻ لاءِ سندس عزم ۽ حوصلي جي آزمائش ڪرڻ لاءِ ڪڇ جي رڻ ۾ جنگي ڪارروائي شروع ڪئي ويئي. اھڙيءَ طرح اسرائيل طرفان نومبر 1966ع ۾ اڳرائي جي رستي تي گامزن ٿيڻ کان اڳ ۾، پھريائين اردن ۽ پوءِ شام جي خلاف آزمائشي ڪارروايون ڪيون ويئون ھيون. وزيراعظم شاستري ۽ اسرائيلي وزيراعظم ليوي ايشڪول پنھنجي اڳرائيءَ جي نشانن بنجڻ وارن کي ڌمڪائڻ لاءِ ھيئن چئي بلڪل ساڳيائي لفظ استعمال ڪيا تھ ھو حملي لاءِ جاءِ ۽ وقت جو انتخاب پاڻ ڪندا. ھندي –پاڪستاني جنگ ۽ عرب رياستن  ۽ اسرائيل جي درميان تصادم ۾، علائقن جي غاصبن طرفان اڳرائي ڪئي ويئي. ان جي باوجود ڪن  مغربي طاقتن اڳرائيءَ جو نشانو ٿيندڙ ملڪن جي خلاف، جنگي اقدامات ڪرڻ لاءِ نڪتھ چيني ڪئي، ۽ ھنن کان ھيءَ ڳالھھ وسري ويئي تھ اقوام متحده جو چارٽر خود-مدافعت  جو حق ڏئي ٿو ۽ عام بين الاقوامي قانون، ”جائزجنگ“ جي طئي ٿيل اصول جي تحت آزاديءَ  جي جنگين جوٽڻ جي اجازت ڏئي ٿو. جھڙيءَ طرح پاڪستان، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاديءَ جي جنگ  لڙڻ وارن جي فوري امداد لاءِ نھ پھتو ھو، بلڪل ساڳيءَ طرح عرب رياستون  پڻ عقبھ جي نار کي بند ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي ڪارروائيءَ کي ان جي منطفي نتيجي تائين پھچائي نھ سگھيون جنھن جو بين الاقوامي  قانون جي تحت کين حق حاصل ھو. نھ پاڪستان ۽ عرب رياستن پنھنجي حق جي  واضح استعمال جي تڪميل ڪئي ۽ ان جو نتيجو اھو نڪتو تھ سڀني جو نقصان ٿيو. ٻنھي حالتن ۾ ”آءٌ “ڪرڻ جو موقعو غاصبن لاءِ ڇڏيو ويو، جن پنھنجي پوري طاقت سان پھريون  وار ڪري  ڀرپور فائدو ورتو. ھندي- پاڪستاني جنگ ۾ پاڪستان جي ھوائي، فوج، آسمانن تي غلبو حاصل ڪيو ۽ انھيءَ فوقيت جو جنگ جي نتيجي تي اثر پيو. وچ اوڀر واري جنگ ۾ اسرائيل اچانڪ حملو ڪري، فضا ۾ فيصلو ڪندڙ برتري حاصل ڪري وڌي. ٻنھي جنگين ۾ اڳرائي ڪندڙن جنگبنديءَ جي معاھدن کي ٽوڙيو ۽ جنگ بند ٿيڻ جي اعلان کان پوءِ جنگي اھميت جي جاين تي قبضو ڄمايو . ٻنھي حالتن ۾ عالمي طاقتن طرفان فقط تعزيرن  جي ڌمڪي ڏني ويئي. ھندو پاڪستان جنگ کان  پوءِ، ھندستانين ڪشمير ۾ نسل ڪشي جي ڪارروائي ڪئي ۽ مسلمانن کي ماري ڪٽي ۽ سندن گھرن کان ڀڄائي انھن ھنڌن  تي ھندو ڊوگرن کي آباد ڪيو. ساڳيءَ طرح يھودين ھاڻي انھن علائقن کان، جن تي اھي قابض ٿي ويا آھن، مقامي عربن کي ڀڄائڻ شروع ڪيو آھي ۽ ٻين ملڪن ۾ رھندڙ يھودين کي انھن ملڪن ۾ سڪونت ترڪ ڪري، نون علائقن ۾ اچي آباد ٿيڻ جي دعوت ڏني آھي.

عظيم  طاقتن جي روين ان کان بھ وڌيڪ مشابھت ڏيکاري. آمريڪا ھندي- پاڪستاني جنگ جي دوران پنھنجي غير جانبداريءَ جو اعلان ڪيو، پر ان جو نتيجو پاڪستان لاءِ مشڪلات جي صورت  ۾ نڪتو. اھڙيءَ طرح عرب- اسرائيلي جنگ ۾ ان پنھنجي غيرجانبداريءَ جو اعلان ڪيو،  پر اسرائيل سان ھمدردي ڪئي. عوامي جمھوريھ چين طرفان ھندستان  کي الٽيميٽم ملڻ بعد آمريڪي ۽ برطانوي طاقتن پاڪستان کي خوفناڪ نتيجن جي ڌمڪي ڏني ۽ اسرائيلي حملي کان ڪجھھ ڏينھن اڳ ۾ قاھره ۾ آمريڪي سفير صدر ناصر کي خبردار ڪيو. ٻنھي جنگين ۾ آمريڪا ۽ سو ويت يونين طرفان اقوام متحده ۾ تعاون ڪيو ويو ۽ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو. سلامتي ڪائونسل جي سايھ ھيٺ رھي آمريڪا ۽ سو ويت يونين ٻنھي گڏجي ھڪ اھڙو ٺھراءُ تيار ڪيو، جنھن کان جنگ تھ بند ٿئي، پر تنازعن  جي حقيقتن کي متعين ڪرڻ لاءِ ڪجھھ بھ نھ ٿيو.

انھيءَ باھمي تعاون جي اثر تي بحث ڪندي سينيٽر فلبرائيٽ پوي ٿو :

”سيپٽمبر1965ع ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي جنگ ۾ فائر بندي ڪرائڻ ۾ سو ويت- آمريڪي تعاون، ھڪ اھڙي فائديمند اشتراڪ جو مثال آھي، جنھن کي  ويٽ نام جي جنگ وڌيڪ مشڪل بنائيندي وڃي ٿي- اھو تعاون- يا ”متوازيت“ (پئر للزم)، جيئن ان کي سڏيو ويو آھي- ان ڪري ممڪن ٿيو جو ڪشمير  جي لڙائي ٻي عالمي جنگ کان پوءِ واري زماني جي انھن چند لڙاين مان ھڪ ۽ شايد اھم ترين بھ آھي، جن سان روس ۽ آمريڪا جا ھڪجھڙائي مقصد وابستھ ھئا- ھڪ اھڙي جنگبندي، جنھن مان نھ تھ پاڪستان  جي ۽ نھ وري ھندستان  جي ڪا گھٽتائي ھئي، ۽ چين کي روڪي رکڻ  جو تاثر بھ قائم ٿئي. آمريڪا ۽ سو ويت روس جي دلچسپيءَ جو نتيجو اھو ٿيو جو انھن اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي جنگبنديءَ جو ٺھراءُ مڃائڻ لاءِ ڌرين تي فيصلھ ڪن اثر وڌو.“

   وچ  اوڀر تي ٺھرائن مرتب ڪرڻ لاءِ اقوام متحده جي پڙدي پٺيان عالمي طاقتن جو  گڏجي ڪم ڪرڻ انھيءَ سلوڪ جي ياد تازي ڪرائي ٿو، جيڪو ڪشمير سان  ويھھ سال اڳي جنگ جي شروعات واري ڏينھن کان وٺي سيپٽمبر 1965ع تائين  جڏھن سلامتي ڪائونسل ھڪ دفعو ٻيھر جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو، روا رکيو ويو ھو. اھوئي ساڳيو داستان ھاڻي،بنان ڪنھن ڦيرڦار جي، وري لکجي رھيو آھي. انھيءَ ساڳئي شخص، گنريارنگ کي ڪاغذن  جي انھيءَ ٿيھلي سان وچ اوڀر  جي گادين وارن شھرن ڏانھن روانو ڪيو ويو آھي، جنھن طريقي سان ھن کي ڏھن کان بھ ڪجھھ سال اڳي ھندستان ۽ پاڪستان جي سفر تي موڪليو ويو ھو. ٻنھي حالتن ۾ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل کي جنگبنديءَ جي وڪالت ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ۽ عظيم طاقتن  اقوام متحده کي سندن حڪمت  عملين ۾ ھم آھنگي پيدا ڪرڻ لاءِ سھاري طور  استعمال  ڪيو. ٻنھي جنگين ۾ ھڪ ڀيرو  جڏھن وڏين طاقتن جي درميان ڳالھھ طئي ٿي ويئي، تڏھن سلامتي  ڪائونسل طرفان جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ تعزيري اقدامات جي ڌمڪي ڏني ويئي. ٻنھي جنگين  ۾ سو ويت  يونين جي اھا مرضي ڪانھ ھئي تھ لڙائي عظيم طاقتن جي درميان تصادم ۾ تبديل ٿي وڃي ۽ انڪري اھا ھر قيمت تي لڙائي بند ڪرائڻ جي فڪر ۾ ھئي. عرب اسرائيلي جنگ ۾، سو ويت يونين ھڪ مذبذب پوزيشن اختيار ڪئي، جھڙيءَ طرح ان ھندي- پاڪستاني جنگ ۾ ڪئي ھئي، ۽ آخري طور ان ٻنھي موقعن تي آمريڪا سان مشترڪھ مرضي مسلط ڪرڻ خاطر اشتراڪ ڪيو.

امن جي ڳولا ۾ فرانس ٻنھي لڙاين ۾ محض  جنگبندي تائين نھ، پر ان کان پوءِ تائين بھ حالتن  جو مشاھدو ڪري تعريف لائق ڪردار ادا ڪيو، پر برطانيھ ٻنھي  حالتن ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو.  ھندستان ۽ پاڪستان  جي جنگ ۾، جيئن چيو ويو ھو، تيئن ھاڻي پڻ اشارن ۾ ائين چيو پئي ويو تھ اسرائيلي فوجن جي واپسيءَ جي متعلق اقوام متحده جو ٺھراءُ فقط آمريڪا، سو ويت يونين ۽ انگريزن جي اشتراڪ سان مؤثر ٿي سگھي ٿو ۽ ھيءُ پڻ، تھ جيڪڏھن اقوام متحده صلح ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿئي تھ چين کان سواءِ باقي چئن وڏين طاقتن کي وچ اوڀر  ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي . چين ٻنھي جنگين ۾ اڳرائيءَ جو نشانو بنيل ملڪن جي مڪمل حمايت ۾ سامھون آيو،جيئن ”ٽيئن دنيا“ جون باقي  گھڻيون قومون پڻ  حمايت ۾ آيون . ھندستان ۽ پاڪستان  جي جنگ جي خاتمي کان ھڪدم پوءِ آمريڪا طرفان ھندستان ۽ پاڪستان کي مشترڪھ اقتصادي رٿائن ۾، اشتراڪ عمل تي راضي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھڻ شروع ڪيو ويو. وچ اوڀر جي جنگ جي ميدان مان بارود جي بوءِ اچڻ اڃا مشڪل سان ئي بند ٿي آھي تھ آمريڪا جي طرفان عرب رياستن ۽ اسرائيل جي درميان اقتصادي تعاون جي آڏين ترڇين  تجويزن جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي . ھندستان ۽ پاڪستان جي باري ۾ جيئن ڪيو ويو، تيئن ھتي پڻ دريائن جي پاڻيءَ ۾ ڀائيواريءَ جي فائدن جا راڳ آلاپڻ شروع ڪيا ويا آھن. اپريل 1967ع ۾ آمريڪا پنھنجي حڪمت عمليءَ تي نظرثاني ڪرڻ بعد پاڪستان ۽ ھندستان جي امداد بند ڪرڻ ڇڏي ھئي. ھاڻي آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيھي معاملن واري ڪاميٽيءَ جي متعلق خبر آئي آھي تھ اھا وچ اوڀر ۾ آمريڪي امداد جو مطالعو ڪرڻ لاءِ ماتحت ڪاميٽيون قائم ڪرڻ تي غور ڪري  رھي آھي، ۽ اھو تجويز ڪيو ويو آھي تھ عظيم طاقتن وچ اوڀر ۾ ھٿيارن کي محدود ڪرائڻ لاءِ اشتراڪ عمل ڪن. ٻنھي معاملن ۾ آمريڪا واسطيدار ڌرين ۾ ھڪ ”ھمھ اگير“ ٺاھھ تي زور ڏيئي رھي آھي. ٻنھي حالتن ۾ شايد سڀني کان وڌيڪ قابل ذڪر ھڪجھڙائي ويٽ نام جي جنگ جو اونداھو پاڇو ھو، جنھن  تضاد طور جتي ٻنھي جنگين کي شروع ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو، اتي انھن کي جلد ختم ڪرڻ جي مجبوري پڻ مھيا ڪئي .

ٻنھي صورتن جي درميان جيڪي اختلافي نڪتھ آھن، سي پڻ ھن لحاظ  کان گھٽ دلچسپ ناھن تھ اھي بين الاقوامي صورتحال جي پيچيده حقيقتن اڃا بھ وڌيڪ واضح مثال پيش ڪن ٿا. پاڪستان ۽ عرب جا رياستن جي صورتحال جي درميان سڀني کان وڌيڪ واضح ۽ نمايان اختلاف اھو معلوم ٿئي ٿو تھ جتي چين صاف صاف ۽ غير مشروط لفظن ۾ اسان جي حمايت ڪئي ۽ قريبي پاڙيسري ھئڻ ڪري ھو پنھنجي الٽيميٽم تي عمل ڪري پئي سگھيو، اتي سو ويت يونين جي  عرب دنيا لاءِ امداد جنگ جي انتھائي نازڪ حالت ۾ مايوس ڪندڙ ثابت ٿي. فوجي لحاظ کان، جنگبنديءَ کان ٿوروئي اڳي پاڪستان جي حالت بھتر ھئي، جڏھن تھ عرب اسرائيلي جنگ ۾، اسرائيلي پنھنجا مقصد حاصل ڪري جنگبنديءَ تي ٺاھھ ٿيڻ جي وقت تائين اڳتي وڌندا رھيا.

واقعات کي جيڪڏھن صحيح نموني ۾ قابو ۾ رکيو وڃي، ۽ جيڪڏھن موقعن جو مناسب استعمال ڪيو وڃي تھ اھي برطانيھ جي ”سئيز کان اوڀر“ واري ڪردار کي ختم ڪري ڇڏيندا. آمريڪا پنھنجين  ڪاميابين جي باوجود، وچ  اوڀر ۾ پنھنجي ڊگھي مدت واري پوزيشن کي نقصان  پھچايو آھي.  سو ويت يونين جي وقار کي پڻ ڌڪ لڳو آھي ۽ جيڪڏھن ڀاري فوجي امداد  ۽ واضح حمايت جي ٻين اقدامن سان گڏ ان ڪو نئون شاندار مظاھرو نھ ڪيو تھ عرب دنيا ۾ ان جي وقار جي  فوري بحاليءَ جا امڪان گھٽ آھن. چيو وڃي ٿو تھ ڪيوبا طرفان سو ويت يونين تي ”شرمناڪ آڻ“ مڃڻ جو الزام لڳايو ويو. سو ويت وقار کي لڳل ڌڪ جي اصلاح ڪرڻ لاءِ اسرائيل سان سفارتي تعلقات ٽوڙيا ويا، روسي وزيراعظم جنرل اسيمبليءَ ۾ ويو ۽ صدر  پوڊ گورني قاھره، دمشق ۽ بغداد ويو، پر جيستائين سو ويت يونين اسرائيل کي  مقبوضھ علائقن تان دستبردار ٿيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي ٿئي ۽ عالمي قيادت  لاءِ پنھنجي دعوي ٰ کي ٻيھر مڃائڻ لاءِ ٻيا مناسب اقدامات نھ ٿي ڪري.  تيسين ان جو وقار آسانيءَ سان بحال  ٿي نھ ٿو سگھي. عرب- اسرائيل  جنگ ڏانھن اختيار ڪيل سو ويت رويي تي عرب ملڪن ۾ نااميدي رونما ٿي. روسي مصلحت جو سبب ھي بيان ڪيو ويو آھي تھ ان جي مداخلت جو نتيجو ٽين عالمي جنگ جي صورت ۾ ظاھر  ٿئي ھا، ۽  جيڪڏھن اھڙي جنگ ڇڙي ھا تھ اھا سو ويت يونين جي تباھي  تائين محدود نھ رھي ھا. جيڪڏھن انگريز ۽ آمريڪا جون طاقتون اسرائيل سان ڪيل وعدن کي پوري ڪرڻ لاءِ جنگ جي نتيجن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ھيون يا گھٽ ۾ گھٽ جيڪڏھن انھن اھو رعب ڄمايو تھ پوءِ سو ويت يونين جي طرز عمل کي صرف  انھيءَ سمجھاڻيءَ جي بنياد تي قبول نھ ٿو ڪري سگھجي تھ عرب رياستن جي حق ۾ ان جي مداخلت  کان ھڪ وڏي جنگ ڇڙي پوي ھا. انھيءَ سلسلي  ۾ حق جي ڳالھھ تھ اھا آھي  تھ جيڪڏھن سو ويت يونين، ھڪ کان پوءِ ٻئي مصلحت آميز سودي چڪائڻ جو عمل جاري رکيو تھ ان کي انقلابي مقصدن جي ميدان ۾ پنھنجي رھنمائي جي دعوي ٰ کان دست بردار ٿيڻو پوندو. ھاڻي وڌيڪ تصفيھ لاءِ گنجائش ٿوري رھي آھي. روس کي يا تھ مظلوم ماڻھن جي منصفانھ مقصدن جي محافظ طور پنھنجي ساک کي ٻيھر بحال ڪرڻو پوندو، خواه انھيءَ ذميداريءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ کيس جنگ جو خطرو ئي ڇو نھ کڻڻو پوي، يا ان کي بين الاقوامي معاملن ۾ پنھنجي  غالب حيثيت کان دستبردار ٿيڻو پوندو.

اسٽالن جي جنگجوئي واري ۽ غير مفاھمانھ رويي کان وٺي  خروشچيف جي ”ڪئمپ ڊيوڊ “ جي جذبي تائين ۽ ھاڻي وزيراعظم ڪوسيجن  جي ”گلاسبرو“ جي چوٽيءَ وارين گڏجاڻين تائين، جن کي صدر جانسن  اڳيئي ”ھالي-بش“ جو جذبو سڏڻ لڳو آھي، ڊگھو مفاصلو طئي  ڪرڻو پيو آھي. جيڪڏھن ”ھالي بش“ جو رستو، ھڪ اھڙيءَ راھھ ڏانھن واپسيءَ جي بدران، جيڪا سو ويت يونين  کي اقتدار جي چوٽيءَ تائين  وٺي آئي ھئي، فقط ڪئمپ ڊيوڊ  جي جذبي کان اڳتي جو سفر آھي تھ پوءِ ان جي معني ٰ بين الاقوامي  معاملن ۾ سو ويت يونين غير معمولي اختيار جي خاتمي جي آھي.  مستقبل قريب ٻڌائيندو تھ ” ھالي بُش“  ڪئمپ ڊيوڊ کان شروع ٿيڻ واري سفر  جي تسلسل جو نالو آھي يا انھن بنيادي مسئلن  تي، جيڪي ”ٽين دنيا“ کي درپيش آھن، سو ويت يونين جي  نظرياتي ذميوارين جي مطابق سخت ۽ غير لچڪدار موقف جي طرف ابتي ڊوڙ آھي.

چين، ھن وقت مظلوم ماڻھن ۽ سندن منصفانھ مقصد  جي ھڪ غير اختلافي رھنما جي  حيثيت ۾ اڀري چڪو آھي، ۽ اھو ايشيا ۽ آفريڪا ۾ انھيءَ مقام کي دوباره حاصل ڪرڻ جي زبردست ڪوشش ڪندو، جيڪو اھو ٻي آفرو ايشيائي  ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ ۾ ناڪامي ۽ انڊونيشيا ۽ گھانا ۾ کاڌل شڪستن کان پوءِ وڃائي ويٺو ھو. ننڍي کنڊ ۾ آمريڪا جي وڌندڙ اثر و رسوخ جي ظھور طور، ھندستان  اسرائيل سان  وڌيڪ صلح پسندانھ رويو اختيار ڪرڻ لاءِ سبب ڳولي ڪڍندو . صدر ناصر ۽ ٻين عرب اڳواڻن کي سندن پاليسين جي وسيع پئماني تي نئين سر تشخيص ڪرڻي پوندي. کين صحيح طور اندازو لڳائڻو پوندو تھ ڪھڙيون ڳالھيون اڳ ۾ ڪرڻ گھرجن ۽ ڪھڙيون پوءِ، کين  تصادم  جي نڪات ۾ ڪمي آڻڻي پوندي ۽ ھن باري ۾ فيصلو ڪرڻو پوندو تھ ٻنھي مان وڌيڪ خطرناڪ ڪھڙو آھي: اسرائيل يا خود عربن  جون پاڻ ۾ ھلندڙ رقابتون . کين سڀ تعصب ترڪ ڪري، يمن ۽ ايراني نار جي مسئلن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، ۽ ترقي پسند ۽ قدامت پسند حڪومتن جي درميان ھڪ  جٽادار ۽ قابل عمل تصفيھ ڪرڻو پوندو. گويا، عام فھم لفظن ۾ ڳالھائيندي ائين کڻي چئجي تھ متحده عرب جمھوريھ کي ايندڙ ڪجھھ وقت لاءِ، خود پنھنجو پاڻ ڏانھن وڌيڪ ڏسڻو پوندو. سڀني کان وڌيڪ اھم ڳالھھ اھا آھي تھ ايران ۽ متحده عرب جمھوريھ جي درميان ميلاپ ڪرائڻ لاءِ سچيون  ڪوششون ڪرڻيون پونديون .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org