سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 5

جيتوڻيڪ  ان وقت تائين پاڪستان پوريءَ طرح سان پنھنجو رخ موڙي آمريڪي اثر جي حلقي ۾ داخل ٿي چڪو ھو، ان جي باوجود جيڪي ملحوظات آمريڪي اقتصادي امداد وارين پاليسين ۾ ھوندا ھئا، سي جيئن جو تيئن ساڳيائي رھيا. سال ٥٥-١٩٥٤ع جي مالي سال لاءِ امداد جي حصھ  رسيءَ لاءِ مسٽر ڊلس چيو تھ سڀني  کان وڏي خرچ جي اڪيلي امداد- ٽيھھ ڪروڙ چوھتر  لک ڊالرن  جي ڪل رقم مان ساڍا اٺ ڪروڙ ڊالر-ھندستان لاءِ مخصوص  آھي، ۽ ھن آمريڪي ڪانگريس کي تاڪيد ڪئي تھ نئين دھلي ۽ واشنگٽن  جي درميان  خارجھ پاليسيءَ تي اختلافن ھئڻ جي باوجود، اھا درخواست منظور ڪئي وڃي. پنڊت نھروءَ جي تعريف، ”ھڪ اھڙي رھنما طور جنھن پاڻ کي  حڪومت  جي جمھوري نظام لاءِ وقف  ڪري رکيو ھو، ڪرڻ کان پوءِ ڊلس وري چيو :

اسان جو عقيدو آھي تھ اقتصادي ترقيءَ لاءِ ھندستان جي عظيم ڪوششن جي حمايت  ٿيڻ گھرجي . اسان کي ياد رکڻ گھرجي تھ آزاد قومن  جي درميان خيالن جي اختلاف  جي گنجائش ھوندي آھي. اسان کي ھندستان  جي عوام  جي قومي ترقيءَ ۾ مدد ڪرڻ جي  پنھنجي  خواھش کي ڪنھن عارضي اختلاف کان، خواه اھو ڪيڏوئي اھم ڇو نھ ھجي، مغلوب  ٿيڻ جي  اجازت نھ ڏيڻ گھرجي اھو تمام ضروري آھي تھ اسين پنھنجي مدد کي جاري رکون- ٻئي ڪنھن سبب  ڪري نھ، تھ ھن سبب ڪري ئي سھي تھ اسين انھيءَ طرح سان پنھنجو دورانديشانھ ذاتي مفاد پورو ڪريون . جمھوري ادارن تان ماڻھن جو ڪڏھن  اعتماد ھليو ويو تھ اھو اسان لاءِ وڏو المناڪ  ڏينھن  ھوندو .(1)

(١) مارچ سن ١٩٥٦ع تي مسٽر ڊلس نئين دھليءَ ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو تھ کيس  ڪو سبب نظر نھ ٿو اچي تھ پاڪستان کي آمريڪي ھٿيارن جي فراھمي  ننڍي کنڊ ۾ ھٿيارن جي ڊوڙ شروع ڪرڻ جو سبب بڻبي . ھن خاص طور تي، ٻين معاملن کان ھٽي،  ھندستان کي يقين  ڏياريو تھ :

   ”ھندستان کي پنھنجي ليکي ھر طرح سان مطمئن رھڻ گھرجي تھ  انھن  ھٿيارن کي سندس  خلاف ڪنھن بھ اڳرائيءَ واري انداز ۾ استعمال  نھ ڪيو ويندو . پاڪستان کي معلوم آھي تھ  جيڪڏھن ائين ٿيو تھ آمريڪا سان ان جي سٺن ناتن جو ھڪدم خاتمو اچي ويندو ۽ ھو اھو بھ ڄاڻي ٿو  تھ جيڪڏھن ھندستان ڪنھن بھ اڳرائي جو شڪار ٿيو تھ اقوام متحده جي چارٽر جي تحت آمريڪا ان جي مدد ڪندي.(1)

   ٣١- مارچ ١٩٥٩ع تي   بيروني  امداد جي سلسلي ۾ صدر آئزنھاور ھڪ خصوصي پيغام ۾ اعلان ڪيو تھ جيئن جيئن اسين ميزائيلي ھٿيارن جي دؤر ۾ داخل ٿينداسون، تيئن تيئن  اجتماعي سلامتيءَ جو مسئلو گھٽ نھ،  پر ھيڪاري وڌيڪ اھميت اختيار ڪندو ويندو . انھن دوست ملڪن کي جن  جي سر زمين تي اھڙا ڪيئي ھٿيار نصب ڪيا ويندا، سندن فوجن ۽ انھن جي بچاءَ لاءِ آمريڪي امداد جي مسلسل خاطري  درڪار رھندي . ھن چيو تھ آزاد دنيا جي ٻين ميمبر ملڪن طرفان ڪي ٻھ سئو پنجاھھ اڏااھم جنگي ھنڌن تي، جن مان اڪثر  بلڪل ضروري آھن، ” آمريڪي فوجن جي استعمال لاءِ مھيا ڪيا ويا آھن . صدر اصرار سان چيو تھ :

ڊالر جي مقابلي ۾ ڊالر ڳڻيندي اسين باھمي  سلامتيءَ جي پروگرام تي خرچ ڪرڻ سان،  پنھنجي لاءِ معقول فوجي حيثيت حاصل ڪري چڪڻ کان پوءِ، پنھنجين فوجن تي ٻئي خرچ برداشت  ڪرڻ بنسبت، گھڻي قدر وڌيڪ جنگي حفاظت خريد ڪري سگھون ٿا.


 

باب  چوٿون

چين جي خلاف ھندستان جي

آمريڪا کان امداد وٺڻ

آمريڪا جي پاليسي  فوجي معاھدن جي نظريي جي بنياد تي جيئن  تھ مضبوطيءَ سان ٻڌل ھئي، ان ڪري ھن ڳالھھ ۾ ڪنھن حيرت جي گنجائش ڪانھ ھئي تھ  ڇھين ڏھاڪي وارن سالن جي دوران پاڪستاني آمريڪي تعقات ۾ اضافو ايندو رھيو، تان جو سنھ ١٩٥٨ع ۽ ١٩٥٩ع جي اوائل ۾ اھي انتھائي عروج تي پھتا، جڏھن تھ ھندستان ۽ چين جا تعلقات اوچتو خراب ٿي ويا. آمريڪا ۽ پاڪستان جي تعلقات کي لداخ جي لڙاين دوران ھلڪا  جھٽڪا لڳا ۽ ڪجھھ وڌيڪ سخت جھٽڪا ان وقت لڳا، جڏھن ھندستان ۽ چين جي سرحدي جڳھڙي ۾ شدت پيدا ٿيڻ لڳي. انھن واقعن ۾ آمريڪا کي ھڪ وڏو نئون موقعو نظر آيوھندستان تي  پنھنجي اثر رسوخ وجھڻ جي ديرينھ آرزوءَ جي تڪميل جو.

١٩٥٩ع واري سال، ھڪ دور جو خاتمو ۽ ٻئي جو آغاز ٿيندي ڏٺو. مسٽر منظور قادر ان وقت پاڪستان جو پرڏيھي وزير ھو ۽ آءٌ نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ پاڪستاني وفد جي سربراھي ڪري رھيو ھوس. اتان کان مون ھن کي خط لکي چتاءُ ڏنو تھ لداخ وارو ٽڪراءُ ننڍي لنڊ ۾ ڪيترين ئي تبديلين جو سبب بڻيو. ڊلس جو دور ختم ٿي چڪو ھو ۽ حالات ھڪ اھڙو نئون رخ اختيار ڪري رھيا ھئا، جو ٥٨، ١٩٤٥ع واري دور جي بي لچڪ ڊپلومسي  آئينده لاءِ موزون  نھ پئي رھي سگھي. پنجين اوائلي ڇھين ڏھاڪي جون حالتون قطعي طور بدلجي  چڪيون ھيون . يورپ بدلجي رھيو  ھو ۽ سو ويت يونين ۾ پڻ تبديليون اچي رھيون ھيون، ۽ دنيا ڊلس وارن جامد اصولن کان ھٽي ڪئمپ ڊيوڊ جي جذبي طرف وڌي رھي ھئي. اِھي، ۽ ايشيا ۽ ٻين ھنڌن تي رونما ٿيندڙ ڪي ٻيا حالات آمريڪا جي خارجھ پاليسيءَ ۾ مڪمل تبديليءَ ۽ نظرثانيءَ جي تقاضا ڪري رھيا ھئا. اھي تبديليون پاڪستان  جي تعلقات کان گھڻو اڳي رونما ٿيون. انھيءَ وقت جي حڪومت جيڪا اڳين حڪومتن جي مقابلي ۾ آمريڪا  کي وڌيڪ ويجھي ھئي، نفسياتي طور تي پنھنجو پاڻ کي انھن تبديلين جي مطابق بدلائڻ لاءِ تيار  نھ ھئي، جيڪي جنگ  کان بعد وارين آمريڪي پاليسين جي جمود  مان پيدا ٿيون ھيون.

انھيءَ تبديليءَ جي وسعت جو اندازو اقتصادي پيماني سان ھن طرح  لڳائي سگھجي ٿو تھ ٣٠-جون ١٩٥٩ع يعني آزاديءَ کان ٻارھن سال پوءِ تائين، ھندستان کي مليل آمريڪي اقتصادي امداد جو سرڪاري تخمينو ھڪ ارب ساڍا ستر ڪروڙ ڊالر ھو، جنھن مان ٽيانوي ڪروڙ  ڊالر زرعي شين جي صورت ۾، ۽ ستر ڪروڙ چاليھھ لک ڊالرن جي امداد ٻين صورتن ۾ ڏني ويئي. انھيءَ رقم جي ڀيٽ ۾، ١٩٥٩ع کان ١٩٦٣ع واري عرصي ۾ ان کي چئن ارب  ڊالرن جي امداد ڏني ويئي.

مئي سن ١٩٥٩ع ۾ سينيٽر وائلي سمٿ، جيڪو ان وقت ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي دوري تان واپس موٽيو ھو، خارجھ تعلقات واري ڪاميٽيءَ اڳيان ھيٺيون بيان ڏنو :

نھروءَ ۽ ان جي  قريبي صلاحڪارن  سان ڳالھائڻ  کان پوءِ منھنجي ذھن ۾ ھن ڳالھھ جي متعلق ڪو بھ شڪ ڪونھي تھ انھن کي سرخ چينين ۽ سرحدن تي سندن ڪاررواين جي باري ۾ ڪجھھ قدر  فڪر مندي ھئي . . . آمريڪا جي نقطھ نظر کان اھا ھڪ اميد ڀري علامت آھي تھ ھندستان  جي حڪومت سرخ چين جي ڪاررواين کان  ڪجھھ قدر تشويش ۾ آھي، ۽ جيئن ڪن ليڊرن  طرفان مون کي سمجھايو ويو، ان کي ھن ڳالھھ جو احساس  آھي تھ سرخ چين ھڪ مطلق نظام جي تحت صنعتڪاريءَ ۾ وڏي پيشقدمي ڪئي آھي، جڏھن تھ  ھندستان   جي ترقي ھن ڪري سست رھي آھي، جو ان جو ارادو اھوئي رھيو آھي تھ ھو فقط جمھوري طور ۽ طريقن ۽ ھندستاني قانون ساز اداري جي پوري مواقفت سان ڪم ڪندو.“

انھن سماعتن ۾ شايد پھريون ڀيرو پاڪستان کي ملندڙ فوجي امداد تي نڪتھ چيني ڪئي ويئي، جيتوڻيڪ  آخري ڳالھھ اھائي طئي ٿي تھ امداد پنجن سالن لاءِ ساڳيءَ سطح تي جاري رکي وڃي . پر ھندستان کي چين جي خلاف مضبوط بنائڻ  جي اھميت تي زور ڏنو ويو. آمريڪي سينيٽ جي تعلقات خارجھ ڪاميٽيءَ طرفان آگسٽ ١٩٥٩ع ۾ مرتب ڪيل دستاويز بعنوان “آمريڪي پرڏيھي پاليسي“ ۾ ھيٺ ذڪر ڪيل مقصد واضح ڪيا ويا:

١-ايشيا  جي ترقي پذير  ملڪن ۾ تعاون جي رفتار کي  تيز ڪرڻ لاءِ ٻھ-طرفي امداد جو استعمال .

٢-آمريڪا جي فوجي، سياسي ۽ اقتصادي مقصدن جي حوالھ سان ايشيا  ۾ مقامي فوجي طاقتن ۽ آمريڪي اڏن جي ڪارڪردگيءَ جو نئين سر  جائزه وٺڻ.

٣-ڪميونزم جي خلاف علاقائي يڪجھتيءَ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ واسطيدار ملڪن جي شموليت .  ھندستان ۽ پاڪستان جو ذڪر انھيءَ باري ۾ خاص طور ڪيو ويو.

جڏھن آمريڪي پاليسين ۾ تبديلين جي تشڪيل ٿي رھي ھئي، تڏھن آمريڪي نقاد پھريون   ڀيرو معاھدن جي نظام ۽ انھن ۾ پاڪستان جي شموليت جي خلاف تنقيد ڪري رھيا ھئا. ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس اِن ورلڊ افيئرس ١٩٥٩ع “ ۾  مسٽر رچرڊ . پي. اسٽيبنس چيو، ”حقيقت ۾ ١٩٥٩ ع ۾ سيٽو جي تشڪيل ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا کي سياسي طور گھڻيءَ حد تائين اھڙيءَ طرح  تقسيم  ڪري ڇڏيو، جھڙيءَ طرح بغداد پئڪٽ کي ھڪ سال کان پوءِ  وچ اوڀر کي تقسيم ڪرڻو ھو. “(1) اوتري قدرئي آمريڪا ۾ ھندستان ۽ ٻين غيرجانبدار ملڪن کي امداد ڏيڻ جي ضرورت وڌيڪ  محسوس ٿيڻ لڳي . مسٽر اسٽيبنس اڳتي ھلي چوي ٿو :

ايشيائي معاملات جو مطالعو ڪندڙ ٻين  گھڻن ماڻھن محسوس ڪيو تھ ھن ٻئي ميدان يعني صحتمند قومي معاشرن جي تعمير ڪرڻ ۾ فوجي دفاع جي ميدان  جي مقابلي ۾ وڌيڪ اھم ۽ تڪڙي ڪم ڪرڻ جي ضرورت ھئي، جنھن تي آمريڪا کي ڇھين ڏھاڪي ۾ وڌيڪ  توجھھ ڏيڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو ھو. گھٽ ۾ گھٽ انھيءَ پوئين ميدان ۾ وڌيڪ  وسيع محاذ تي ڪارروائي ٿي پئي سگھي، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ  علائقي ۾ واقعي غيرجانبدار ملڪ پڻ عام طرح غير فوجي مقصدن لاءِ اھڙي غير ملڪي امداد قول ڪرڻ لاءِ تيار ھئا، جنھن سان  ڪيڌاڳا ڳنڍيلنھ ھجن، ۽ جيڪا اھڙن شرطن تي حاصل ٿي سگھي، جيڪي انھن جي  پنھنجي  وقار جي مطابق ھجن . اھي سڀ ملڪ، افغانستان کان وٺي فپائين تائين، ھن حقيقت کان باخبر  ھئا تھ جديد مملڪتن جي حيثيت ۾، سندن ترقي ۽ واڌاري  جي راھھ ۾ ناموافق اقتصادي ۽ سماجي حالتون رڪاوٽ وجھي رھيون ھيون . . . . . . . گھڻائي  مغربي مبصر جي پنج سالھ ترقياتي رٿائن جي ھڪٻئي پٺيان ڪامياب  تڪميل  کي نھ فقط ھندستان، پر ايشيا جي آزاديءَ جي مقصد لاءِ فيصلھ ڪن اھميت جو حامل سمجھي رھيا ھئا . . .

ھندستان  کي سندس  ساڍن ايڪيتاليھھ ڪروڙ ماڻھن جي آدم شماريءَ سان، جنھن ۾ ھر سال ستر  لک ماڻھن جو اضافو ٿي رھيو ھو، وڌيڪ تيز اقتصادي ترقيءَ جي ضرورت  ايتريقدر تھ گھڻي ھئي، جو آمريڪا ان جي ڪميونسٽ ۽ آزاد ملڪن، ٻنھي کان امداد حاصل ڪرڻ تي ناراضگيءَ جو اظھار  مشڪل ئي ڪري پئي سگھي . خصوصا جڏھن ھندستاني اھڙا ڪيئي ثبوت ڏيئي چڪا ھئا تھ اھي پنھنجيءَ آزاديءَ تي ڪنھن بھ صورت ۾ حرف اچڻ نھ ڏيندا(1) .

 نومبر ١٩٥٩ع ۾ لداخ واري سرحدي جھڳڙي  چيني- ھندستاني اختلافن جي گنڀيرائيءَ کي ثابت ڪري ڇڏيو ۽ صدر آئزنھاور  کي ايشيا جي دورھ ڪرڻ تي آماده ڪيو. جنھن ۾ ھن چين ۽ ھندستان جي درميان سرحدي تڪرار جي پس منظر ۾ پنڊت نھروءَ سان علاقائي مسئلن جي باري ۾ تبادلھ  خيالات ڪرڻ پئي چاھيو . صدر  انھن ڳالھين جي نتيجي  تي اطمينان جو اظھار ڪيو ۽ ھن آمريڪا ۽ ايشيا جي اِنھيءَ  عظيم  ترين  جمھوريت جي  درميان بھتر مفاھمت جي دور  جي آغاز جي اميد ظاھر ڪئي . جنوري ١٩٦١ع ۾ سينيٽر جان ايف-ڪينيڊي آمريڪا جو صدر بنيو . ھو انھن آزاد خيال ڊيموڪرئٽڪ سينيٽرن منجھان ھڪ ھو، جن   ڪميونزم جي خلاف صدر آئزنھاور جي معاھدن واري جامد پاليسيءَ جي قيام جي دانشمنديءَ ۾ شڪ  شبھي جو اظھار ڪيو  ھو . ھن  خيال قيام جي دانشمنديءَ ۾ شڪ شبھي  جو اظھار  ڪيو ھو . ھن جي خيال  ۾ انھيءَ قسم  جو نظام، نھ فقط دقيانوسي ۽ پراڻو ھو، پر ان سان گڏو گڏ اھو غير ڪميونسٽ دنيا تي آمريڪا جي اٽر و  رسوخ   کي گھٽائڻ جو سبب پڻ بنجي پئي سگھيو . سينيٽر جي حيثيت ۾، ڪينيڊي انھيءَ صورتحال تي جيڪا سندس راءِ ۾ ھندستان کي نظر انداز ڪرڻ برابر ھئي، پنھنجي ناخوشيءَ جو اظھار ڪري چڪو  ھو، ڇو تھ ھن جي خيال ۾ ايشيا اندر  ڪميونزم کي حد اندر روڪي رکڻ جي آمريڪي حڪمت عمليءَ ۾ ھندستان  کي محوري حيثيت حاصل ھئي . ھن ٢٥-مارچ ١٩٥٨ ع تي پنھنجن انھن خيالن جي وضاحت ھن لفظن ۾ ڪئي :

جناب صدر صاحب !اچو تھ  ايشيا کنڊ جي صورت جو پنھنجي ذھن ۾  ھڪ دفعو  ٻيو تصور ڪريون . ھڪ طرف ھندستان آھي، جنھن جي آدمشماري چاليھھ  ڪروڙ آھي، ۽ ٻئي طرف چين آھي، جنھن ۾ ذري گھٽ سٺ ڪروڙ  انسان آباد آھن . اسان کي ھندستان جي غير جابنداريءَ وارين ڳالھين کان منجھڻ  نھ گھرجي . اسان  کي ياد رکڻ  گھرجي تھ اسان جي قوم پنھنجي اوسر  واري تعميري دور ۾ اوڻيھين صديءَ جي وڏن  بين الاقوامي  تنازعن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي اختيار ڪئي ھئي. جيڪڏھن دنيا جي نئين سر اسرندڙ  غير جانبدار قومن کي سندن  بنيادي قوتن کي حقيقي اقتصادي بھتريءَ جي پروگرامن ۾ جذب ٿيڻ جو موقعو ملندو تھ سڄي مغرب جي  مفادن  لاءِ انھيءَ کان وڌيڪ فائديمند ٻي ڪا بھ ڳالھھ ڪا نھ ٿيندي .

فقط اِھوئي ھڪ بنياد آھي، جنھن تي ايشيائي ۽ آفريڪي قومون اھو سياسي توازن ۽ سماجي استحڪام حاصل  ڪري سگھن ٿيون، جيڪو ڪميونسٽ  دخل اندازيءَ جي خلاف  کين حقيقي بچاءُ مھيا ڪندو . اسان جي دوستيءَ کي فوجي معاھدن يامغرب جي ٽڪيٽ تي ووٽ ڏيڻجي برابر نھ ٿيڻ گھرجي . ائين ڪرڻ، انھن ملڪن  کي فقط ھڪ- جماعتي طرز حڪومت جي وڌيڪ ويجھو وٺي وڃي ٿو يا دنيا ۾ اھڙا ويڇا پيدا ڪري ٿو ، جو اھو مقامي جنگين جي امڪانن کي گھٽائڻ بدران، منجھن اضافي جا امڪان پيدا ڪري ٿو .

ھندستان جي اقتصادي مستقبل تي غور ڪرڻ جي معاملي ۾ بھتر ٿيندو، جيڪڏھن اسين اھو ياد رکون تھ ھندستان اقتصادي پرواز  جي آغاز واري نقطھ کان اڳتي نڪري چڪو آھي ۽ ھاڻي  اھو اھڙي ڪوشش ۾ مصروف آھي، جيڪا ان کي ھن صديءَ جي بڄاڻيءَ تائين  دنيا جي عظيم طاقتن مان ھڪ  بڻائيندي، جڏھن ان جي آدمشماري ھڪ ارب کان ڪا ٿوري ئي گھٽ ھوندي ۽ ھو جديد سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تباھيءَ جي سڀني ذريعن  کي پنھنجي ڪم ۾ آڻڻ جي قابل ھوندو . مستقبل جي سڀني کان وڌيڪ وڏي چئلينج اھائي آھي تھ ھڪ اھڙي عالمي معاشري جي پرامن تنظيم ڪجي، جنھن ۾ نھ فقط آمريڪا،  مغربي يورپ ۽ رشيا جھڙيون دولتمند صنعتي مملڪتون، بلڪ ايشيا، لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽  وچ اوڀر جون طاقتون نيون  صنعتون رياستون پڻ شامل ھجن . اھي رياستون پنھنجي عبوري اقتصادي دؤر  مان ڪھڙي  انداز ۾ اڀرن ٿيون، سا ڳالھھ نھ فقط ايندڙ نسل جي رنگ روپ تي اثر انداز ٿيندي، پر اھا گھڻو ڪري سندن تاريخي پس منظر جي سٽاءَ تي پڻ وڏو اثر وجھندي . ٿوروئي  عرصو ٿيو تھ پروفيسر ڊبليو-ڊبليو روسٽوف، انھيءَ سوال  کي سينيٽ جي خارجھ تعلقات واري ڪاميٽيءَ اڳيان ھنن لفظن ۾ پيش ڪيو ھو :

ڇا اِنھن نين طاقتور رياستن کي ھڪ مطلق نظام جي ڍانچي وچان اڀري بلوغت جي منزل تي پھچڻو آھي، جڏھن انھن جي ذھن تي سامراجيت جون تلخ يادون ۽ انھيءَ ڏک ڀري تبديليءَ  جون يادگيريون حاوي رھنديون، جن مان اھي بنان ڪنھن مد جي پار پيئون ھونديون، جڏھن تھ مغرب ھڪ تماشائي بڻيو ۽ پاسو وٺيو فقط  دفاع جي مسئلن ۾ دلچسپي وٺندو رھيو، يا انھن رياستن کي ھڪ جمھوري نظام جي ڍانچي وچان اھڙي طرح اڀري نڪرڻو آھي، جنھن جي  تعمير اھڙ ن انساني قدرن جي بنياد تي ٿيل ھوندي، جن ۾ مغرب بھ ساڻن ڀائيوار ھوندو ۽ تبديليءَ جي فيصلھ ڪن مرحلن تي سندن ياد ۾ اھو اشتراڪ عمل ۽ تعاون رھجي وڃي ٿو جنھن سان اھي پنھنجي  مھم  کي سر ڪن ٿا ؟ “

جيڪڏھن اسان ھينئر  يا ايندڙ ڪجھھ  سالن ۾  عمل نھ ڪيو تھ انھيءَ سوال جي جواب ملڻ ۾ ڪا گھڻي دير نھ لڳندي، ڇاڪاڻ تھ ھندستان، جيڪو   غير جانبدار ملڪن سان سڀني کان وڌيڪ اھميت  جو  مالڪ آھي، پنھنجي تعميري دور ۾ داخل ٿي چڪو آھي . ھندستان جو ھڪ ڪامياب پروگرام بذات خود ھڪ اھڙي مثال طور اھم آھي، جيڪو ھو ٻين غير ترقي يافتھ ملڪن جي اقتصادي مستقبل  ۽ خود پنھنجي مستقبل  لاءِ پڻ، قائم ڪري سگھي ٿو . آمريڪا، مغربي يورپ ۽ جپان  لاءِ ھن ڳالھھ جو  مظاھرو ڪرڻ، تھ  جمھوري عمل ۾ تخليق  جي زور دار  ترغيب آھي ۽ نھ نامراديءَ  جي، سندن وس ۾ آھي . . . . . . ھندستان اڄ اوتريءَ ئي وڏي اميد جو مظھر آھي، ۽ اوڏيءَ ئي عظيم آزمائش  ۾ مبتلا آھي، جيڏيءَ ۾ مغربي يورپ سن ١٩٤٧ ع جي دوران ھو - ۽  مون  کي يقين آھي تھ اسان جا عوام اڃا بھ انھيءَ آزمائش جو ڪامياب  مقابلو ڪري سگھڻ جي حيثيت ۾ آھن.“(1)

جان فشر سان گفتگوءَ جي دوران ، ھيٺيون  سوال ۽ جان . ايف . ڪينيڊيءَ جو جواب معني ٰ خيز آھن :

سوال: ڇا، اوھان جي خيال ۾، مسٽر ڊلس جي انتظاميھ تحت، اسان جي طرفان ڪيترين ئي غير ترقي  يافتھ  مملڪتن کي پاڻ سان فوجي معاھدن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ،      اسان جي غلطي ھئي ؟

     جواب: آءٌ ائين چوندس تھ مسٽر ڊلس، اِنھن ٻين  علائقن مان ڪن جي بنسبت، غالبا جرمنيءَ ۾ حقيقي  طور وڌيڪ ڪامياب  ھو . اسوان بند جي معاملي ۾ انڪار، بغداد پئڪٽ جو تصور، جيڪو ھن جو پنھنجو ھو، ۽ آئزنھاور جو نظريو، جنھن کي درحقيقت ھر  ملڪ ۾ رد ڪيو پيو وڃي- منھنجي خيال ۾ اھي سڀ ڳالھيون وچ اوڀر ۾ مسٽر ڊلس جون ناخوشگوار يادگيريون آھن .(1)

بھرحال ١٩٥٩ع ۾ لداخ واري  چيني ھندستان تصادم کان اڳي، سينيٽر ڪينيڊي پاڪستان  جي ناراضگيءَ جي قيمت تي  ھندستان کي   مدد ڏيڻ لاءِ تيار نھ ھو . انھيءَ ڳالھھ جو ثبوت ھنجي ٢٥- مارچ ١٩٥٩ع واري سينيٽ جي اڳيان ڪيل تقرير مان ملي ٿو :

پاڪستان سان اسان جي خصوصي ۽ قيمتي حليفانھ لاڳاپن ۽ فوجي معاھدن جي ھئڻ ڪري اسان لاءِ اھو ممڪن ناھي تھ اسين ھندستان لاءِ بين الاقوامي سطح تي اھڙي ڪوشش ڪريون .  مون پاڻ ڪجھھ وقت تائين اھڙي پروگرام ترتيب ڏيڻ جي امڪان جي جستجو ڪئي آھي، جيڪو ھندستان ۽ پاڪستان  ٻنھي جون مشترڪھ طور ضرورتون پوريون ڪري سگھي.

”آءٌ نھايت افسوس  سان ھن نتيجي تي پھتو آھيان تھ پاڪستان ۽ ھندستان جي درميان  موجوده سياسي ويڇا انھيءَ قسم جي پروگرام جي اجازت نھ ٿا ڏين . . . . ھندستان ۽ پاڪستان  جي درميان انتخاب ڪرڻ جو سوال تعميري رٿائن ۾ مدد ڪرڻ  آھي . مون کي اميد آھي تھ ھاڻي اھو  وقت گھڻو پري ناھي، جڏھن پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ ۽ اوسر ۾ مدد ڏيڻ لاءِ انھيءَ قسم جون گھڻن رخن واريون ڪوششون ڪري سگھبيون(1) “ .

پر پھرين نومبر ١٩٥٩ ع تي جڏھن چين ۽ ھندستان جي سرحدي ڇڪتاڻ زور ھئي، تڏھن سينيٽر ڪينيڊيءَ ڪئليفورنيا ۾ تقرير ڪندي ھندستان جي مڪمل حمايت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو :

اخباري سرخين ۾ کڻي ڪھڙيون بھ جنگيون ڄاڻايل ھجن، ھـِن ايندڙ  ٻي انتظاميھ  طرفان دنيا جي ٻيءَ ڪنھن بھ جدوجھد ايترو گھڻو ڌيان نھ لھڻو جيترو انھيءَ، جيڪڏھن وقت سڄي ايشيا جي توجھ جو مرڪز بڻيل آھي : يعني ھندستان ۽ چين جي درميان ھلندڙ لڙائي . . .

۽ اھا ڪشمڪش ھندستان ۽ چين جي درميان مشرق جي اقتصادي ۽ سياسي قيادت لاءِ، سڄي ايشيا جي عزت لاءِ ۽ ھن ڳالھھ جي مظاھره ڪرڻ جي موقعي حاصل ڪرڻ لاءِ آھي تھ ٻنھي  مان ڪنھن جي طرز زندگي بھتر آھي . . .

ھيءُ ڳالھھ يقينا ظاھر آھي تھ ھن چٽاڀيٽيءَ جو نتيجو سڄي ايشيا جي مستقبل کي بنيادي طور متاثر ڪندو-- يعني سرخ ۽ آزاد قومن جي تقابلي طاقت کي -- ۽ ان طرح آخرڪار خود اسان جي ملڪ جي سلامتي ۽ وقار کي پڻ ھندستان جي آدمشماري آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا  جي گڏيل آدمشماريءَ کان وڌيڪ آھي. جيڪڏھن ھندستان  چين سان برابريءَ وارو مقابلو نھ ڪري سگھيو، جيڪڏھن ھو اھو نھ ڏيکاري سگھيو تھ سندس نظام آمريت جي نظام جھڙو يا ان  کان بھتر ڪم ڪري سگھي ٿو، جيڪڏھن ھو اقتصادي جمود کان اھڙن اقتصادي نشو  نما طرف نھ اچي سگھيو، جيڪا سندس تيزيءَ سان وڌندڙ آدمشماريءَ کان وڌيڪ  تيزيءَ سان اڳتي نڪري سگھي تھ سڄي آزاد دنيا کي سنگين پسپائي جو مقابلو ڪرڻو  پوندو. خود ھندستان مايوسي ۽ عدم استحڪام  جي چنبي ۾ ڦاسي پوندو، ۽ ايشيا ۾ سرخ  چين  جي خلاف   سندس  جوابي  ڪردار  ختم ٿي ويندو ۽ ڪميونزم کي ڪنھن بھ رتوڇاڻ کان سواءِ، وڏي کان وڏي ڪاميابي حاصل ٿي ويندي . . .

اھو ڪافي ناھي تھ اسين عارضي سھاري لاءِ ھنگامي امداد مھيا  ڪريون. اسان کي ٻين مغربي قومن سان گڏجي ڊگھي عرصي  جي قرض ڏيڻ خاطر سنجيده ۽ دور رس پروگرام ۾ شرڪت تي رضامند ٿيڻ گھرجي، جنھن کي فني ۽ زرعي امداد جي پشت پناھي بھ حاصل ھئڻ گھرجي، جھن جو مقصد ھندستان کي ڪميونسٽ   چين جي چئلينج قبول ڪري ان کان اڳتي  نڪري وڃڻ ۾ مدد ڏيڻ ھجي . . .

اسين چاھيون ٿا تھ ھندستان سرخ چين کان اھا بازي کٽي . اسين چاھيون ٿا تھ ھندستان آزاد ۽ خوشحال ايشيا جو آزاد ۽ خوشحال   اڳواڻ بڻجي . پر جيڪڏھن اسان جي دلچسپي خالص خود غرضانھ ، ڪميونزم  جي خلاف ۽ فقط سردجنگ جو ھڪ حصو نظر ايندي،  جيڪڏھن ھندستاني عوام کي اھو احسان ٿيو تھ اسان جامقصد   محض سياسي آھن، تھ پوءِ اسين ڪميونسٽ ۽ غير جانبدار پرو پئگنڊا  بازن  جي ھٿن ۾ کيڏنداسين ، ٻاھرين ملڪن  ۾ آمريڪا  جي شبيھھ کي بري طرح سان بگاڙينداسين ۽ انھيءَ نفسياتي اثر کي زائل ڪري ڇڏينداسين ، جنھن جي اسان کي پنھنجي سخاوت ۽ فراخدليءَ مان توقع آھي(1).  فوجي معاھدن جي متعلق، ھن ٩- فيبروري ١٩٥٩ع  تي دوباره زور ڏيندي چيو تھ :

اھي جٽادار حل مھيا نھ ٿا ڪن. ان جي ابتڙ، اھي وچ اوڀر ۾ خطرناڪ  حد تائين ويڇا وجھن ٿا، اسان کي ڪن خاص حڪومتن سان وابستھ ڪن ٿا ۽ گھڻو ڪري اسان کي اتان جي اھم قوم پرستيءَ وارين تحريڪن کان  الڳ ڪري ڇڏين ٿا . غير حليف قومن  کي مغرب سان اتحاد ڪرڻ يا بين الاقوامي  ڪميونزم آڏو ھٿيارن ڦٽي ڪرڻ جي درميان انتخاب لاءِ مجبور ڪرڻ سان دراصل ڪجھھ حاصل نھ ٿو ٿئي . حقيقت تھ اھا آھي تھ گھڻن ھنڌن تي انھيءَ قسم جي انتخاب  تي زور   نھ ڏيڻ  ئي اسان جي مفاد ۾ آھي، خاص طرح جيڪڏھن اھڙي انتخاب مان قوم جون قوتون حقيقي اقتصادي ترقي ۽ معاشياتي پرواز جي پروگرامن ۾ مشغول رھڻ بدران ، ٻين رخن  ڏانھن لاڙو رکائڻ لڳن .“(1)

14-جون  سن 1960ع تي سينيٽر ڪينيڊيءَ آئزنھاور حڪومت جي پاليسين تي ھنن لفظن ۾ حملو ڪيو :

يقينا، اسان وٽ سن 1960ع ۾ خارجھ پاليسيءَ جا اڪثر روايتي ھٿيار  موجود آھن: اسان وٽ بچاءَ جو ھڪ محڪمھ آھي، ھڪ غير  ملڪي امداد جو پروگرام آھي، مغربي دنيا سان اتحاد  جو ھڪ ٺاھھ آھي، ھٿيارن کي گھٽائڻ جي ھڪ ڪاميٽي آھي، اطلاعاتي سروس آھي، خفيھ ڪارروائي جو ھڪ شعبو آھي، ۽ قومي سلامتيءَ جي ھڪ ڪائونسل آھي. پر اسان پنھنجي  بدلجندڙ عالمي حيثيت جي روشنيءَ ۾ انھن اوزارن    جو نئين سر تخمينو   لڳائڻ ۽ انھن جي قدرن کي متعين ڪرڻ ۾ ڪوتاھي ڪئي آھي . اسان انھن ھٿيارن  کي ھڪ اھڙي دور رس ۽ مربوط  حڪت عملي: جي تشڪيل ڪرڻ ۾ ، جيڪا سو ويت يونين  جي عالمي تسلط جي پختي ارادي جو مقابلو ڪري سگھي ھڪ اھڙو پروگرام، جيڪو ھوشياريءَ سان فوجي قوت، سياسي تخريبڪاريءَ، اقتصادي دخل اندازيءَ ۽ نظرياتي فتح جي مختلف ھٿيارن کي وڏي ڪاريگريءَ سان ملائي استعمال ڪري ٿو . اسان  کي جزوي پروگرامن، متروڪ حڪمت عملين ۽ بي معني ٰ نعرن تي ڀاڙڻ لاءِ مجبور  ٿيڻو پوي ٿو . اسان وٽ جرمنيءَ جي مونجھاري کي ٽوڙڻ، ھٿيارن تي قابو  حاصل ڪرڻ جي مسئلي  واري مونجھاري، برلن واري معاملي جي مونجھاري ۽ ٻين سڀني  مونجھارن مان پار پوڻ لاءِ ڪي بھ نوان نظريا ڪينھن . اسان وٽ پنھنجي  شاندار حڪمت عمليءَ طور فقط ھٿيارن جي ڊوڙ ۽ سرد جنگ جا  ھٿيار آھن . . . . . .

انڪري اسان کي ھن فضول بحث کي ترڪ ڪري ڇڏڻ گھرجي تھ ڪير خروشچوف جو مقابلو بھترين  نموني سان ڪري سگھي ٿو، ياسخت“  طرز عمل  کي ترجيع ڏني وڃي، يا نرمکي . اسان جو فرض اھو آھي تھ اسان روسين کي اھو ثابت  ڪري ڏيکارڻ لاءِ، تھ  وقت ۽ تاريخ جو ڌارو سندن موافق ناھي، تھ عالمي  قوت جو توازن انھن جي طرف  ڏانھن  منتقل   ڪو نھ ٿي رھيو آھي، پنھنجي ۽ آزاد دنيا جي طاقت جي نئين سر تعمير ڪريونانھيءَ سبب ڪري ھڪٻئي جي بقا لاءِ پرامن تصفيھ ھڪ لازمي امر آھي. اسان جو ڪم  اِھو  آھي تھ اسين ھڪ اھڙي قومي حڪمت عملي ترتيب ڏيون، جنھن جو بنياد سو ويت يونين طرفان پيدا ڪيل بحران لاءِ آخري گھڙيءَ ۾ تيار ڪيل جوابن تي نھ رکيل ھجي، پر اھا احتياط سان تيار ڪيل ڊگھي عرصي جي پاليسين  جو ھڪ اھڙو مڪمل مجموعو ھجي، جيڪو غير ڪميونسٽ  ملڪن جي طاقت ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو ھجي . (1) 

مسٽر ڪينيڊي جڏھن  آمريڪا جو صدر بنيو، تڏھن ھن کي پنھنجين رٿائن کي عملي جامو پھرائڻ جو موقعو ملي ويو. ھن جي ملڪ جا ھندستان ۽ پاڪستان سان تعلقات ھاڻي ھن نظريي جي بنياد تي متعين ٿيڻا ھئا تھ ڪميونزم جي ’حد بندي‘ اقتصادي طور مضبوط ڪيل، آزاد  ۽ غير جانبدار قومن جي گھيري سان ڪئي وڃي، جن کي ڪميونسٽ داخل اندازيءَ جي خلاف آمريڪا جي فوجي طاقت جي پشت  پناھي حاصل ھجي . وڌيڪ  اقتصادي مدد تي زور ڏيڻ جو مقصد آمريڪي مال  لاءِ تجارتي  منڊيون حاصل ڪرڻ   ھو ، تھ جيئن امداد حاصل ڪندڙ ملڪن سان مغرب دوستيءَ جا تعلقات قائم رھن . فوجي ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪيل حيرت انگيز ترقيءَ جي ڪري فوجي اڏن  ۽ اتحادن جو قدر  ۽ سندن قيمت  تمام گھڻي قدر گھٽجي ويئي . ٻين ڳالھين  کان علاوه، انھن واقعن پڻ، فوجي امداد جي زور جو رخ بدلائي، وڌيڪ اقتصادي تعاون جي طرف  ڪيو . ڪنھن امڪاني حملي جي خطري  جي صورت ۾ يا پنھنجي ڪنھن اھم مفاد کي خطري پيش اچڻ جي حالت ۾ آمريڪا ۾ ويھي اتان  ئي پنھنجي اختيار ۽ قابوءَ جي تحت ميزائل ڇوڙڻ جي اھليت ۾ اھڙن اتحادين  تي آسري رکڻ  جي ضرورت کي گھٽائڻ جي خوبي ھئي، جيڪي پنھنجي علائقن ۾ آمريڪي اڏن رکڻ ڪري آمريڪا جي بين الاقوامي  تعلقات ۾ سندس مفادن جي حفاظت     ڪرڻ لاءِ  گھربل عمل جي  آزاديءَ ۾ دخل  ڏيڻ طرف مائل ھيون . صدر ڪينيڊيءَ برسر اقتدار اچڻ کان ڪي ٿورائي ڏينھن   پوءِ ڪي اھڙا فيصلا ڪيا، جن جو جلد ئي  آمريڪا، ھندستان جي ناتن  تي اثر ظاھر ٿيڻ شروع  ٿيو، نھروءَ للهآ٣ ھن جي تحسين ۽ پسنديدگيءَ جو اظھار ان وقت ٿيو، جڏھن ھن آمريڪي ڪانگريس جي گڏيل اجلاس کي ھن طرح سان خطاب ڪيو :

مون کي چٽيءَ طرح سان ياد آھي تھ جڏھن آءٌ انھيءَ ھنڌ ھيس، جتي ھن وقت اوھين ويٺا آھيو، . . . ، مسٽر چرچل   جي ڌنڌلي نھ ٿيندڙ فصاحت، نھورءَ جا بلند پرواز تصورات ، ڊي گال جا باھمت الفاظ . . . “ .

ھندستان  جي رويي ۾ اقوام متحده ۾ پڻ ، انھيءَ تبديليءَ جي مطابق ڦيرو ڏٺو   ويو، جڏھن ان ڪانگو جي مسئلي تي آمريڪا جو ساٿ ڏنو ۽ سيڪريٽري جنرل ڊاگ ھئمرشولڊ جي خلاف روس جي  مھم  جي مخالفت شروع ڪئي . اقوام متحده  ۾ ھندستان جي سابق  ڪاررواين جي خلاف  آمريڪا جون رنجشون گھڻيءَ حد تائين   تيز رفتاريءَ سان ختم ٿي رھيون ھيون ، ۽ آفريڪي  ۽ ايشيائي  مسئلن   جي  متعلق  معاملن ۾ اڳ وٺڻ لاءِ واقعي ان جي ھمت افزائي  ٿي ڪئي ويئي . ساڳئي وقت تي ھندستان  جي نئين  پنج سالھ ترقياتي  رٿا لاءِ وسيع اقتصادي  امداد جي باري ۾  ڳالھيون شروع  ڪيون  ويون، جنھن جي   تحت ھندستان کي  ڊگھي عرصي  واري ترقياتي فنڊ  مان تمام گھٽ وياج تي اھڙا  قرض ملڻ وارا ھئا. جيڪي چاليھھ-پنجاھھ سالن جي مدت اندر واجب الادا ٿيڻا ھئا . چيو وڃي ٿو تھ  صدر  ڪينيڊي  انھيءَ نئين تجويز ڪيل ترقياتي فنڊ  جو تقريبا  ٽيون حصو ھندستان  لاءِ مخصوص ڪرڻ  واسطي تيار ھو . نائب صدر  جانسن  کي آمريڪا ۽ ھندستان ۽ ٻين  غير منسلڪ ملڪن سان ھڪ نئون  توازن قائم ڪرڻ لا ءِ ايشيا جي دوري تي روانو ڪيو ويو . ھندستان جي دوري جي دوران ۾ ھن چيو تھمون کي، ڪنھن بھ استثني ٰ کان سواءِ، يقين آھي تھ آمريڪا ۽ ھندستان پاڻ ۾ دوستانھ ۽ صحتمند تعلقات قائم ڪرڻ ۾ مصروف رھندا. آءٌ اوھان کي يقين ٿو ڏيان تھ اھا ڳالھھ ڪينيڊي آمريڪا لاءِ ڏاڍي  پسنديده آھي. اسان جي صدر جان . ايف . ڪينيڊيءَ جي  دل ۾ ھندستان جي اڳواڻن لاءِ احترام جي جذبات جي سفير گالبريٿ جي  ھن ھنڌ موجودگيءَ کان وڌيڪ، ثابتيءَ جي ڪا ضرورت ڪانھي(1).“ آمريڪا  جي غير ملڪي تعلقات  واري ڪاميٽيءَ  جي چيئر من، سينيٽر فلبرائيٽ چيو تھھاڻي، اھو  ھندستان ۽ ان جي آسپاس  وارن ٻين  ملڪن  جو ڪم ھو تھ اھي ھن علائقي جي بچاءَ  لاءِ  وڌيڪ  سرگرم فوجي ۽ اقتصادي  ڪردار ادا ڪن . چيو وڃي ٿو تھ ٦ مئي سنھ ١٩٦١ ٿ تي آمريڪا جي گشتي سفير مسٽر ائويرل  ھئريمن نھروءَ  کي چيو تھ آمريڪي انتظاميھ  جي اھا خواھش آھي تھ ايشيا جا ڪي غير جانبدار ملڪ لائوس جي غير جانبداريءَ جي ضمانت ڏين .

يونائيٽيڊ اسٽيٽس  نيوز ائنڊ  ورلڊ رپورٽجي اسٽاف رپورٽر مسٽر جارج . اي. جونس لکيو تھسڄي دنيا جي سياسي مدبرن وچان  ھندستان جو وزيراعظم  جواھرلال  نھرو ڪينيڊي حڪومت جو انتھائي  پسنديده  لاڏلو  بڻبو پيو وڃي . “ ھن وڌيڪ ظاھر ڪيو تھ ھندستان  لاءِ تجويز  ڪيل ڀرپور  اقتصادي  امداد جو مقصد، ھندستان ۽ نھروءَ  کي مضبوطيءَ سان مغرب  سان ٻڌي ڇڏڻ آھي . ھن  وڌيڪ لکيو تھھندستان جو رويو پڻ ھن نطريي  جي  پٺڀرائي ڪري رھيو آھي، ڇاڪاڻ تھ  ھندستان ڊاگ  ھئمر شولڊ  کي اقوام متحده جي سيڪريٽري  جنرل جي عھدي تان ھٽائڻ  جي روسي ڪوشش جي خلاف صف آرا ٿي بيٺو ھو . ھن  ڪانگو ۾ عين انھيءَ موقعي تي ھندستاني فوجن کي داخل ڪيو، جڏھن اقوام متحده جي فوج جو خاتمو بلڪل قريب نظر اچي رھيو ھو . لائوس ۾، ھن جنگبنديءَ لاءِ برطانوي اقدامات جي تائيد ڪئي ۽ خروشچوف کي پڻ انھن  کي قبول  ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.“

١٨مئي سنھ ١٩٦١ ع تي، ڪرشنامينن لائوس تي  جنيوا ۽ منعقد ڪيل ١٤ قومن واريءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي سوويت يونين طرفان پيش ڪيلامن جي تجويز “ ۾ ويٽو جي حق  جي شموليت  خلاف مغربي ملڪن جو ساٿ ڏنو . ان کان ھڪ مھينو اڳ ۾ ڪيوبا ۾ آمريڪا  طرفان مداخلت جي سخت نڪتھ چيني ڪرڻ کان فقط چو ويھھ ئي  ڪلاڪ پوءِ نھروءَ  وڏي آسانيءَ سان پنھنجو سر تار بدلائي ڪينيڊيءَ کيمحرڪ شخصيتقرار ڏنو ، ۽ اشاري طور  چيو تھڪيوبا جي ڪھاڻيءَ جا ٻھ پاسا ٿي سگھن ٿا .“ھن اھو پڻ چيو تھ صدر ڪينيڊي ۽ ھنجا چوٽيءَ وارا صلاحڪار چون ٿا تھ  نھرو مغرب  جو گھاٽو دوست بڻجي سگھي ٿو . ھو چون ٿا تھ ان مان آمريڪا  کي ھندستان ۽ ٻين غير ترقي يافتھ ملڪن ۾ وڏا فائده حاصل ٿي سگھندا . انھيءَ ترقي پذير اعتماد جو مظاھرو  وري ٻيھر  جون ١٩٦١ ع ۾ ان وقت ڪيو ويو، جڏھن واشنگٽن لاءِ  ھندستاني سفير مسٽر ايم. سي . چاڳلا اتان کان پنھنجي  وطن واپس اچڻ واري رات جو چيو.

جڏھن آءٌ ھت آيو ھيس، تڏھن غير جانبداريءَ تي شڪ ۽ شبھي جو اظھار ڪيو ويندو ھو. اڄ ان جو احترام ڪيو  پيو وڃي . آمريڪا جي پاليسيءَ  ۾ ايڏو تھ ڦيرو اچي ويو آھي، جو اڄ اھا چاھي ٿي تھ آفريڪا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ غير جانبدار مملڪتون ھجن . . . ۽ اھي اقتصادي مدد وٺن . جيڪا ڳالھھ اسين ڪنھن عرصي  کان تجويز ڪندا رھيا آھيون . . . يعني سماجي انصاف لاءِ، ۽ نھ ڪن رجعت پسند حڪومتن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ، ڊگھيءَ مدت وارا  قرض-- اھا ڳالھھ ھن وقت ھتي، گھٽ ۾ گھٽ وائيٽ ھائوس جي طرفان قبول ڪئي ويئي آھي، جيئن  ان جو صدر  ڪينيڊيءَ جي تجويزن مان مظاھرو ٿي رھيو آھي.“

صدر ڪينيڊي ۽ ھن جي ڪن صلاحڪارن کان علاوه، اتي  ڪيئي سرڪرده ڊيموڪريٽ پڻ ھئا، جن ھندستان جي حق ۾ وڏي جوش  و خروش سان سندن راءِ جو اظھار ڪيو . مثال طور مسٽر چيسٽر بائولس چيو تھسنئين سڌي حساب موجب  پڻ  ھيءَ ھڪ وڏي غلطي آھي تھ اٺن ڪروڙ پاڪستانين  کي راضي رکڻ لاءِ، جيڪي ٻن اھڙن  حصن ۾ ورھايل آھن، جنجي وچ ۾ ھڪ ھزار ميل ڊگھو ھندستاني علائقو حائل آھي، ڇٽيھن ڪروڙ ھندستانين  کي پاڻ کان بيگانو بڻايو  وڃي.“ سينيٽر فلبرائيٽ چيو تھپاڪستان کي  ملندڙ آمريڪي فوجي امداد  حد کان وڌيڪ گھڻي آھي ۽ اھا پاليسي، ھندستان کي پاڪستان طرفان انديشن  ھئڻ جي پيش نظر، سندس مالي ذريعا اقتصادي ترقيءَ کان ھٽائي ٻئي   رخ ۾ سيڙائڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي .“

ننڍي کنڊ ۾ حالتن جي انھيءَ بدلجندڙ  رخ ھندستان لاءِ نھ فقط پراڻن جذبات کي نئين  سر دکائڻ شروع ڪيو، ساڳئي وقت ملڪ جي ورھاڱي خلاف سڃاتل تعصبن کي پڻ ٻيھر اڀاريو . اھڙا آواز وري ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا، جيڪي مذھبي بنيادن تي ملڪ جي ورھاڱي کي دقيانوسي چئي، ھڪ اھڙي ملڪ جي سڄي وجود تي ئي اعتراض  ڪرڻ لڳا، جنھن جا ٻھ حصا ھڪ ھزار ميلن جي دشمن علائقي  ذريعي ھڪٻئي کان دور بيٺل ھئا. مسٽر چيسٽر بائولس جي  انھيءَ سرد حساب تي، جيڪو آدمشماريءَ جي انگن ۽ ڊيگھھ ۽ ويڪر جي بنياد تي پنھنجن نتيجن تي  پھتو ھو، نئين سر تحقيق ۽ جاچ شروع ڪئي ويئي . نھروءَ جون  مشڪلات پيدا ڪندڙ پاليسيون  ۽ سندس غير جانبداريءَ مان پيدا ٿيل تلخيون وساريون ويئون، ۽ ان سان گڏ انھن وفادارين  کي پڻ فراموش ڪيو ويو، جن سان پاڪستان پاڻ کي آمريڪي مفاد سان وابستھ ڪري  رکيو  ھو . بيشڪ پاڪستان کي ڪافي مقدار ۾ اقصادي ۽ فوجي امداد ڏني ويئي، پر اھا ھڪ معقول  جوابي عوض کان سواءِ ڪانھ ھئي. پاڪستان، ھندستان   جي خلاف  پنھنجي قطعي  سلامتيءَ لاءِ ضمانت  حاصل ڪرڻ  کان سواءِ ئي، ڪميونسٽ ملڪن جي خلاف پنھنجي  دفاعي ذميوارين کي ڇڪي تاڻي وسيع ڪرڻ جي ذمھ داري قبول ڪئي ھئي . ان طرح ھن سو ويت يونين  جي دشمني خريد ڪئي، جيڪا پاڪستان جي خلاف افغانستان ۽ ھندستان جي  کليل پٺڀرائي  ڪري رھي ھئي . معاھدن سان وابستگيءَ، اقوام متحده ۾ پاڪستان جي شبيھھ کي خراب ڪيو، پاڙيسري اسلامي عرب ملڪن سان سندس تعلقات  ۾ ڪشيدگي پيدا ڪئي ۽ ان کي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي برادريءَ ۾ اڪيلو ڪري بيھاريو . ننڍي کنڊ ۽ ھماليھ جي سرحدن وٽ حالات ۾ آيل تبديلين ھڪ ئي ڌڪ سان آمريڪا جي ھن ذھن مان پاڪستان جي خدمتن ۽ ھندستان جي دشمنين کي ميساري ڇڏيو.

٦- جون سن ١٩٦١ع تي ڪنسورشيم ھندستان لاءِ ڪل ٻن اربن ۽ ويھن ڪروڙ ڊالرن جي امداد منظور ڪئي، جنھن مان اڪيلي آمريڪا ھڪ ارب پنجيتاليھھ ڪروڙ ڊالرن ڏيڻ  جو واعدو  ڪيو، يعني اڌ کان وڌيڪ رقمجون سن ١٩٦١ع تيٽائيممئگزين  جي مطابق آمريڪا جي ھندستان کي امداد ڏيڻ جي شوق، ڪنسورشيم جي باقي ٻين امداد ڏيندڙ ملڪن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو . ان جي برعڪس، پاڪستان  جي ساڍن چورانوي ڪروڙ ڊالرن جي نسبتا معمولي ضرورت ۾ انھيءَ ساڳئي ڪنسورشيم ڪاٽ ڪوٽ ڪئي . ان سان گڏ اھو پڻ ٻڌو ويو تھ ”باھمي سلامتيءَ جي قانون “ ۾ غيرجانبدار ملڪن جي امداد لاءِ مناسب قاعدن  شامل ٿيڻ کان پوءِ ھندستان کي فوجي   امداد پڻ ڏني ويندي .  آمريڪا  جي بچاءَ کاتي جي   سيڪريٽري مئڪنمارا لاءِ چيو ويو تھ ھن سينيٽ  جي پرڏيھي  تعلقات واري ڪاميٽيءَ آڏو بيان ڏيندي چيو تھ باھمي سلامتيءَ واري قانون مان اھي چار ئي شرط ڪڍيا ويندا، جيڪي امداد حاصل   ڪرڻ واري ملڪ   کيڪميونسٽ بلاڪجي خلاف  آزاد دنيا جو سياسي ۽ فوجي  حليف بنجڻ جو پابند  ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تھ اھي شرط نين آزاد ٿيل مملڪتن کي ضروري فوجي امداد ڏيڻ جي سلسلي ۾ موزون ڪين آھن . “ ان کان علاوه ھن دعوي ٰ ڪئي تھ ھندستان  پنھنجي پاڙيسريءَ جي مقابلي ۾ پنھنجين  قابل  انتظامي ۽ سياسي روايتن  جي قوت سان وڌيڪ استحڪام حاصل  ڪيو آھي ۽ ھن ھيءَ تجويز پيش ڪئي تھ  ھندستان  جي معاملي ۾ ”سڪيورٽي ائڪٽ “  جا چارئي شرط ختم ڪيا وڃن . ھڪ طئي ٿيل پاليسيءَ کان اھڙو انحراف، امداد جي انھيءَ نئين  فلسفھ جي علامت ھو، جيڪو خاص طرح سان ھندستان جي ضرورتن کي سامھون  رکي ٺاھيو ويو ھو . انھن واقعن  صدر  ڪينيڊي ۽ صدر ايوب خان جي درميان ھڪ ملاقات  ضرورري ڪري ڇڏي ۽ صدر ايوب خان  جولاءِ سن ١٩٦١ع ۾ پاڪستان  ۽ آمريڪا جي درميان اعتماد  وارن تعلقات کي  بحال ڪرڻ لاءِ نئين سر ڪوشش ڪرڻ خاطر آمريڪا ويو . جنھن  محتاط انداز ۾ پاڪستان کي امداد جي آڇ ڪئي  ويئي، تنھن کي صدر ايوب خان ٩-جولاءِ سن ١٩٦١ع تي لنڊن ۾ ھڪ ٽيليويزن انٽرويو ۾ ھن طرح بيان ڪيو :

ھاڻي، ھندستان جي معاملي ۾ آمريڪا ٻين امداد ڏيندڙ ملڪن کي بھ پنھنجي برابر امداد ڏيڻ  تي راضي ڪرڻ لاءِ خاص ڪوشش ڪئي. آمريڪا، پنھنجي معمول کان ھٽي اھڙي وقت  ھندستان لاءِ پنھنجي طرفان ھڪ ارب ڊالرن جو عطيھ مخصوص ڪيو، جڏھن  تھ اڃا ھندستان پنھنجي رٿا جي تشڪيل بھ پوري نھ ڪئي ھئي .

اسان جي معاملي ۾ ھر قسم جا اعتراض ڪيا ويا . انھن مان ڪي حقيقي ھئا، پر ڪي منھنجي  خيال ۾، مصنوعي ۽ بي حقيقت ھئا- مطلب تھ اھڙي قسم جون ڳالھيون ڪيون ويئون، جيڪي ڪنھن ملاقاتيءَ کي ٽارڻ لاءِ ڪيون وينديون آھن. صورتحال کي سمجھڻ جي ڪنھن بھ حقيقي  ڪوشش جي ڪابھ علامت نظر نھ آئي ۽ منھنجي خيال ۾ آمريڪا ڪا خاص ڪوشش ڪا نھ ڪئي . جيڪڏھن آمريڪا ٻين امداد ڏيندڙ ملڪن  کان اھا توقع رکي پئي سگھي تھ اھي سندس امدادي ڪوششش جي برابري ڪن ، تھ کيس انھن ملڪن کي اھو پڻ ٻڌائڻ گھربو ھو تھ ھيءُ(اسان جو ) مطالبو پڻ ٿيندو ۽ آمريڪا انھن کان اھا توقع رکي ٿي تھ اھي ھيءَ، ھوءَ يا ڪا ٻي ڳالھھ ڪندا .

” آءٌ فقط اھو چوان ٿو تھ آمريڪا ھن معاملي ۾  ڪا خاص ڪوشش نھ ڪئي . پر اچو تھ اھا اميد ڪريون تھ ٻئي ڀيري ان جو ھن سلسلي ۾ عمل بھتر ھوندو .(1)

ٻنھي صدرن  جي درميان ٿيل مذاڪرات جو نتيجو،  جھڙيءَ طرح سان سندن گڏيل  پڌرنامي ۽ ميٽنگ کان پوءِ  صدر ايوب خان جي بيان مان  ظاھر  آھي، مختصر طور ھيٺئين نموني ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو :

(١)آمريڪا سان پاڪستان جو اتحاد وڌيڪ مضبوط ٿي ويو۽ صدر ايوب خان جي ذھن ۾ جيڪي شڪ شبھا  پيدا ٿيا ھئا، سي دور ٿي ويا.

(٢) صدر ڪينيڊي ھن ڳالھھ تي رضامند ٿي ويو تھ  ھو ڪشمير جي سوال تي پنڊت نھروءَ سان ڳالھيون ڪندو ۽ انھيءَ مسئلي جي پرامن ۽ منصفانھ حل جي ضرورت کي، ھن جي ذھن نشين ڪندو .

(٣)  پاڪستان کي اھا خاطري  ڏني ويئي تھ ان جا فوجي مسئلا دشوار نھ بنايا ويندا ۽ جيڪڏھن ۽ جڏھن بھ ھن علائقي کي ھٿيارن جي  امداد ڏني  ويندي، تڏھن پاڪستان سان مشورو ڪيو ويندو . کيس وڌيڪ ھيءَ خاطري پڻ ڏني ويئي تھ انھيءَ علائقي ۾ ان وقت  تائين فوجي امداد نھ ڏني ويندي، جيسين ان لاءِ ڪافي جواز موجود نھ ھوندو.

 (٤) آمريڪا ھندستان کي ڪي بھ ھٿيار فروخت نھ ڪري رھي آھي .

 (٥)اقتصادي  امداد لاءِ پاڪستان جون سڀ ضرورتون پوريون ڪيون وينديون .

(٦)  سم ۽ ڪلر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان کي  مالي ۽ فني امداد مھيا ڪندي .

صدر ايوب  خان  سڌريل  تعلقات تي اطمينان جو اظھار ڪيو، پر جيئن بعد وارن واقعن مان ظاھر ٿيو، صدر ڪينيڊيءَ  پاڪستان لاءِ گنجائش خاص طور ھن ڪري رکي ھئي، جو ١٩٥٩ع وارو چين ۽ ھندستان وارو ٽڪراءُ اڃا اڳتي تھ وڌيو ھو . ھن ڳالھھ جون قياس آرايون ٿي رھيون ھيون  تھ انھن ٻنھي جا اختلاف وڌي ويندا يا حل ٿي ويندا. سن ١٩٦١ ع ۾، صدر ايوب خان جي آمريڪا واري دوري جي  دوران  ھن ڳالھھ جو پوريءَ طرح اندازو نھ لڳايو ويو ھو تھ ھندستان ۽ چين  جا اختلاف  ڪيتريقدر  گھرا ٿي چڪا آھن . ھڪ وڏي ٽڪراءَ ۽ باھمي صلح صفائيءَ، ٻنھي ڳالھين جو امڪان  ھو . انھيءَ موقعي  تي ھيءَ ڳالھھ مصلحت کان بعيد ھئي تھ ھندستان جي مواقفت، ۽ پاڪستان جي مفاد خلاف  ھڪٻئي جي پٺيان اھڙا قدم کنيا وڃن، جو پاڪستان ناراض ٿي ماڳھين  مخالف بڻجي وڃي . ننڍي کنڊ ۾ مستقبل جي غيريقيني ڪيفيت ھن امر جي تقاضا ڪري رھي ھئي تھ  گھٽ  ۾ گھٽ عارضي طور، ٿوري عرصي لاءِ ئي سھين، موجوده حالات کي برقرار  رکيو وڃي . وقت خودئي ظاھر  ڪندو تھ ھندستان ۽ چين جي درميان اختلافات ڪيترقدر گھرا آھن . انھيءَ وچ ۾ ڪولمبو پلان جون طاقتون، ھڪ  اھڙي تنازعي جو ٻنھي ڌرين کي قبول پوڻ  جھڙو حل تلاش  ڪري رھيون ھيون ، جيڪو ڪنھن ڌارئي حملي جو نھ، بلڪ ھڪ تعزيري مھم جو نتيجو  ھو .

وقت  گذاريءَ جي اھا مدت مختصر ٿيڻي ھئي . ساڳئي سال جي نومبر  مھيني جي دروان، جڏھن نھرو  واشنگٽن جي دوري تي ويل ھو، صدر ڪينيڊيءَ  ھن  کي ابراھام لنڪن ۽ روزويلٽ سان تشبيھھ ڏني . گڏيل  پڌرنامي ۾ ڪشمير  جو  ڪو ذڪر نھ ڪيو ويو، حالانڪ ان ۾ برلن، ائٽمي تجربن  تي بندش، ھٿيارن کي عام ۽ مڪمل طور گھٽائڻ  ۽ ڪانگو وغيره جھڙن مختلف بين الاقوامي  مسئلن تي بحث ڪيل ھو . ھيءَ ڳالھھ، تھ اھو دورو گوا تي ھندستان  جي حملي کان  ٿوروئي عرصو اڳي ٿيو، وڏيءَ  اھميت جي حامل آھي. ائين معلوم ٿي رھيو آھي  تھ صدر ڪينيڊيءَ سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ، پنڊت نھروءَ ھن ڳالھھ جو  اندازو لڳائي ڇڏيو ھو تھ جيتوڻيڪ پور چوگالنيٽوعھدنامي  جو ھڪ ميمبر ملڪ آھي، ان  جي باوجود  آمريڪا ھندستان جي راھ  ۾ رڪاوٽ نھ وجھندي . ھندستان جي گوا تي قبضي ڪرڻ تي  جڏھن آمريڪا ۾ ڪسينجر کي جنوري ١٩٦٩ع ۾ خاص طور ھن لاءِ ھندستان موڪليو ويو تھ   ھندستانين کي نئين سر خاطري ڏي تھ آمريڪا ھندستان جي خلاف ڪنھن بھ قسم جي ڪارروائي ڪرڻ جو ارادو نھ ٿي رکي .    ٦-جنوريءَ تي ڊاڪٽر ڪسينجر ھندستان ۾ اعلان ڪيو تھ اسين گوا جي ڪري ھندستان سان  سلامتي ڪائونسل  ۾ ڪشمير جو مسئلو پيش ٿيڻ وقت پنھنجو ساڙ نھ پاڙينداسين .“ چيو وڃي ٿو  تھ چين ۽ پاڪستان جي تعلقات جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر ڪسينجر چيو تھجيڪڏھن پاڪستان اھڙوئي بيوقوف آھي، جو چين سان اتحاد جو ٺاھھ  ڪري ٿو  تھ پوءِ ھڪ طاقتور  ۽ خودمختار ھندستان کان سواءِ ايشيا ڪيتريءَ دير تائين   زنده رھي سگھندي ؟ھن ھندستانين سان اھو بھ واعدو ڪيو تھ آمريڪا چين جي طرف حملي ٿيڻ جي صورت ۾ ھندستان کي مدد ڏيندي ڇاڪاڻ تھ اھا چين کي ھن ڳالھھ  جي اجازت نھ ٿي ڏيئي سگھي تھ ھو ھندستان کي تباھھ ڪري . جيسين پورچوگال جي نيٽو ۾ شامل ھئڻ جو سوال ھو،  تھ چيو وڃي ٿو تھ ڊاڪٽر ڪسينجر چيو تھ ھن پورچوگال کي انھيءَ معاھده  ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کي ڪڏھن بھ  دانشمندانھ قدم نھ سمجھيو ھو . ھن جي بيان مطابق، پورچوگال نيٽو جو ميمبر ھن ڪري بنيو ھو، جو ان وقت آمريڪا کيپيڪٽائيٽس“ (معاھدن ) جي بيماري لڳي ويئي ھئي . ھن ١٥- جنوريءَ تي ڪلڪتي ۾ تقرير ڪندي پاڪستان ۽ چين جي باھمي تعلقات جو ذڪر ڪيو ۽ چيو تھ کيس يقين  نھ ٿو اچي سگھي تھ پاڪستان  چين سان بچاءَ جو ڪو ٺاھھ  ڪري سگھي ٿو . بيان  ڪيو وڃي ٿو تھ ھن وڌيڪ چيو تھمنھنجي لاءِ ھيءَ ڳالھھ ناقابل يقين آھي تھ پاڪستان ، ھندستان جي خلاف  ڪنھن بھ قسم جي اڳرائيءَ جو حوصلو رکي ٿو.“ ھن وڌيڪ چيو تھجيتوڻيڪ پاڪستان  ڪميونسٽ چين کي تسليم ڪيو آھي، تڏھن بھ پاڪستان جي آمريڪا سان فوجي  ٺاھھ ھئڻ ڪري،  ڪميونسٽ چين سان پڻ ساڳئي  وقت تي اھڙي ئي ٺاھھ ڪرڻ ۾ تضاد ٿيندو.“ ھن وضاحت  ڪندي چيو تھچين ۽ پاڪستان اتحاد کي ناروا سمجھڻ جو ھڪ سبب اھو بھ آھي تھ پاڪستان جو آمريڪا سان اتحاد ھو، ۽ ھيءَ ڳالھھ ھندستان  ۽ پاڪستان ٻنھي جي مفاد جي منافي آھي تھ اھي ڪنھن جڳھڙي کي نبيرڻ لاءِ ڪميونزم کي  ننڍي کنڊ ۾ آڻين .“ انھيءَ  ئي تقرير  ۾ اڳتي ھلي ھن چيو تھ پاڪستان جي چين سان اتحاد جو اصل ڪوئي بھ امڪان ان جيسودي بازيءَجي قوت  کي  وڌائڻ خاطر بھ ڪونھي.“ آمريڪا جي امداد جي مقصدن جي تشريح ڪندي ڊاڪٽر ڪسيجنر چيو تھ آمريڪا جا ٻھ  مقصد آھن :  ڪميونزم  جي روڪٿام ، ۽ ھڪ آزاد ۽ خوشحال معاشري  جي تعمير . انھيءَ معاملي ۾ ھن اعلان ڪيو تھ  جيڪڏھن  ھندستان پنھنجي علائقي مان چين کي  ڀڄائڻ لاءِ طاقت استعمال ڪئي تھ آمريڪا ھندستان جي انھيءَ سلسلي جي ڪارروائيءَ سانانتھائي ھمدرديءَجو اظھار ڪندي . صدر ڪينيڊيءَ جي خاص  سفير جي انھن اھم اعلانن  کان علاوه سيڪريٽري آف اسٽيٽ، ڊين رسڪ ٧- جنوريءَ تي بيان ڏنو تھ گوا ۾ ھندستان جي  ڪارروائي ڪري آمريڪا جي ھندستان لاءِ امداد جي ارادي  تي ڪو بھ اثر نھ ٿو پوي .

ھندستان  جي ھٿان گوا جي فتح لاءِ انھيءَ سازباز نھ ،  تھ ھمت افزائيءَ ھندستاني ليڊرن جو حوصلو اڃا بھ وڌائي ڇڏيو ۽ ڪانگريس جي صدر مسٽر سنجيوا ريڊيءَ ٤- جنوريءَ تي اعلان ڪيو تھھندستان پڪو ارادو ڪيو آھي تھ ھو جلد ئي پاڪستاني ۽ چيني اڳرائي کان پنھنجا علائقا خالي ڪرائيندو.ھن اھو بھ چيو تھ: ڪشمير ۾ جنگبنديءَ  کي ڪشمير  جي مسئلي جي مستقل حل طور تسليم ڪري نھ ٿو سگھجي . سڄو ملڪ ڪشمير جي ٽئين حصي  کي، جيڪو پاڪستان جي غير قانوني قبضي ۾ آھي، آزاد ڪرائڻ  لاءِ حڪومت جي  پٺيان آھي. “

آڪٽومبر سن ١٩٦٢ع جي چين ۽ ھندستان جي سرحدي ٽڪراءَ، ھندستان لاءِ آمريڪا جي مڪمل حمايت متعلق سڀ شڪ شبھا ختم ڪري ڇڏيا. ھاڻي اھو فيصلو ڪيو ويو تھ پاڪستان سان بگاڙ جو خطرو کڻي بھ ھندستان جي مدد ڪرڻ گھرجي. ھي اھڙو موقعو ھو، جنھن لاءِ  آمريڪا  ننڍي  کنڊ جي ورھاڱي کان وٺي منتظر ھئي. سندس اھو آرزو مندانھ خواب ھاڻي حقيقت جو روپ اختيار ڪري رھيو  ھو .

 لداخ ۽ نيفا ۾ ھندستاني  فوج جي ڀاڄ آمريڪا ۾ فوري رد عمل پيدا ڪيو .  پاڪستان سان صلاح مشوري جي تڪليف گوارا ڪرڻ کان سواءِ ئي ، آمريڪا پنھنجن  مغربي اتحادين کي ھندستان جي  فوجي امداد ڪرڻ لاءِ حرڪت ۾ آندو . انھيءَ وچ ۾ چين  جنگبنديءَ  جو ھڪ  طرفو اعلان ڪري پنھنجون فوجون پٺتي ھٽايون . پر پنڊت  نھروءَ مغرب ۽ خاص طور  تي آمريڪا طرفان سندس  امداد لاءِ فوري ۽ پرجوش صدا ءِ لبيڪ کان حوصلو ڪري ڊسمبر سن ١٩٦٢ع ۾ اعلان ڪيو تھ ھندستان پنھنجي تياري جاري رکندو، خواه ھندستان  پنھنجي فوجي تياري جاري رکندو، خواه ھندستاني-چيني جڳھڙا نبري بھ وڃن . ھن زور ڏيئي  ھيءَ ڳالھھ چئي تھ ھندستان  پنھنجن دشمنن کي پنھنجين سرحدن کان ماري ڀڄائڻ جي  ھرممڪن ڪوشش ڪندو . ١٠-ڊسمبر تي ائويريل ھئريمن چيو تھ چيني- ھندستاني ڇڪتاڻ  ڪافي عرصي تائين  ھلندي رھندي. انڪري آمريڪا کي ھندستان جي فوجي امداد جاري رکڻ گھرجي . ھن سو ويت يونين سان ھندستان جي تعلقات  تي پسنديدگيءَ جو اظھار ڪندي چيو تھ سو ويت يونين اھو واضح ڪري ڇڏيو آھي تھ جيڪڏھن ھندستان آمريڪا يا برطانيھ کان فوجي يا ٻئي قسم جي امداد حاصل ڪري ٿو تھ کيس انھيءَ تي ڪو بھ اعتراض ڪونھي .

انھيءَ مھيني ۾ نھروءَ ھندستان ۽ پاڪستان  جي  درميان تاريخي ناتن جو ذڪر ڪندي اعلان ڪيو تھاسان جي آخري منزل ڪنفيڊريشن آھي، جيتوڻيڪ اسان  جڏھن بھ اھا ڳالھھ ڪريون ٿا تھ پاڪستان جا ماڻھو  وحشت ۾ اچي وڃن ٿا ۽ سمجھن ٿا تھ اسين کين ڳڙڪائي وينداسون .ان سان گڏو گڏ، ھن ھيءَ ڳالھھ بھ زور ڏيئي چئي تھجيستائين اسان جي چين سان جنگ جاري آھي، تيستائين پاڪستان سان تفصيلي ۽ مڪمل ٺاھ جون ڳالھيون ممڪن ناھن .“ ٢٨- ڊسمبر تي پاڪستان ۽ چين سرحدي ٺاھھ تي صحيحون ڪرڻ لاءِ رضامند ٿيا. ھندستان ۾ آمريڪي سفير، مسٽر گالبريٿ انھيءَ خبر تي ھيئن چوندي تبصرو ڪيو تھپاڪستان  کي اھو سمجھڻ گھرجي تھ آمريڪي امداد جو مقصد، ڪميونسٽ اڳرائيءَ جي خطري جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش آھي .

حالات جي انھيءَ رخ دوران ، صدر ڪينيڊي ۽ برطانوي وزيراعظم مئڪملن  جي درميان ناسائو ۾ ھڪ  ملاقات ٿي ۽ ھو ٻيئي ھندستان کي ھٿيارن جي اھڙي کيپ فراھم ڪرڻ جي رٿا تي متفق ٿيا، جنھن جي قيمت ٻارھن ڪروڙ ڊالر ھئي ۽ جنھن جو اڌ حصو دولت مشترڪ کي ڏيڻو ھو . آمريڪي فوجي امداد کي سياسي سھاري سان مضبوط ڪرڻ لاءِ مسٽر گالبريٿ ھندستان  جي پرڏيھي معاملن  جي سيڪريٽريءَ کي ٢٧- ڊسمبر  تي اطلاع ڏنو تھچين  جي خلاف لڙڻ لاءِ ڏنل فوجي امداد، ڪشمير جي ٺاھھ جي شرط سان ڳنڍيل ناھي . آمريڪا، ھندستان کي اھڙي، وقت، جڏھن تھ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ڪشمير جي مسئلي تي ڳالھيون ھلي اڃا پوريون نھ ٿيون ھيون. انھيءَ قسم جي خاطري ڏياري  پاڪستان ۽ ھندستان جي درميان ڪنھن  بھ ٺاھھ جي امڪانن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ا ھڙيءَ طرح ھن خود پنھنجي عمل سان ، پاڪستان ۽ چين  جي درميان قريبي تعلقات کي اڳتي وڌائي ڇڏيو . ڪشمير جي معاملي ۾، ھندستان جو رويو کيس  ھڪٻئي جي  پٺيان  ملندڙ انھن تسلين جي ڪري جيئن پوءِ تيئن منفي  رنگ اختيار ڪندو ويو، جيڪي آمريڪي  حڪومت ھندستان  کي ڏيندي رھي تھ ڪشمير ۽ ڄمونءَ جي تڪرار جي فيصلي جو ھندستان  لاءِ آمريڪي اقتصادي ۽ فوجي امداد سان ڪو بھ واسطو ڪونھي . انھن خاطرين ھن حقيقت سان گڏجي تھ چين ۽ ھندستان جو سڌو سنئون ٽڪراءَ ختم ٿي چڪو ھو ، ھندستان کي ھيڪاري وڌيڪ انتھا پسند بڻائي ڇڏيو ۽  ڪشمير جي متعلق  ڳالھين  جو خاتمو ٿي ويو. مسٽر گالبريٿ جي يقين دھانين  جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ، ڊين رسڪ وڌيڪ  پٺڀرائي ڪئي ۽ مسٽر گالبريٿ انھن کي ھڪ دفعو وري دھرايو . مسٽر رسڪ ، مارچ ١٩٦٣ع ۾ بيان ڏنو تھجيتوڻيڪ آمريڪا جي حڪومت کي ھن باري ۾ يقين  آھي تھسڄي ننڍي کنڊ جي سلامتيءَ لاءِ تمام ضروري آھي تھ  ھندستان ۽ پاڪستان پنھنجا جڳھڙا پنھنجي وچ ۾ پاڻ طئي ڪن . . . پر آءٌ پنھنجي امداد جي مقصد کي لفظ مشروط سان ڪنھن بھ طرح منسوب ڪرڻ نھ ٿو چاھيان.“ مسٽر گالبريٿ اپريل ١٩٦٣ع ۾ وري بيان ڏنو تھھندستان کي ڏنل آمريڪي امداد ڪشمير  جي تڪرار  جي فيصلي سان وابستھ ناھي.“ پنڊت نھروءَ بھ ٧-اپريل تي لوڪ سڀا ۾ انھيءَ ڳالھھ جي تصديق ڪئي تھ مسٽر ڊنڪن ۽ مسٽر رسڪ، ٻنھي کيس يقين ڏياريو ھو تھ برطانيھ ۽ آمريڪا ھندستان جي فوجي امداد جي سوال کي ڪشمير جي تڪرار جي فيصلي سان  نھ ٿا ڳنڍين .

انھيءَ قسم جي رويي کان، نھ  فقط ڪشمير جي مسئلي  جو نبيرو جوکم ۾ پئجي ويو، پر پاڪستان جي علاقائي سالميت لاءِ پڻ  خطرو پيدا ٿي پيو. آمريڪا ھميشھ انھن خطرن کان بي پرواھھ رھي، جن جي طرف پاڪستان سندس ڌيان ڇڪائيندو رھيو ھو ۽ ھوءَ اھوئي خيال ڪندي رھي تھ پاڪستان پنھنجي سالميت لاءِ کيس ھندستان  طرفان درپيش خطري کي وڌائي پيش ڪري رھيو آھي .

آمريڪا، پاڪستان جي قيمت تي ھندستان ۾ پنھنجو اثر  رسوخ وڌائڻ تي بس نھ ڪئي، پر ان پاڪستان طرفان پنھنجي سلامتي ۽ علاقائي سالميت لاءِ ڪيل جوابي ڪوششن تي ناراضگيءَ جو اظھار پڻ ڪيو . پاڪشان، چين سان تعلقات کي بھتر بنائڻ  جي جيڪا ڪوشش ڪئي، تنھن کي آمريڪا ۾ غلط رنگ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ان جي خلاف تنقيد ڪئي ويئي . ھن حالت ۾ بنان  ڪنھن ھٻڪ  جي، ٻن نمونن جا معيار استعمال ٿيڻ لڳا. بدليل بين الاقوامي حالتن ۾ آمريڪا کي وابستگي ۽ عدم وابستگي (الائين مينٽ ائنڊ نان الائين مينٽ) جي معاملن ۾ پنھنجو اڳوڻو موقف بدلائڻو پيو، پر  پاڪستان جي طرفان ان جي مطابق ڪنھن بھ تبديليءَ کي گوارا  نھ ڪيو ويو . ٢٥- جولاءِ سن ١٩٦٣ع تيواشنگٽن  ايوننگ اسٽارچيو تھ :

پاڪستان  جي خطرن کي ھتي بنان ڪنھن احترام ۽ عزت جي، سمجھيو وڃي ٿو، ۽ انھن  کي ڪنھن بھ صورت ۾ انھيءَ پريشان حال علائقي جي سلامتيءَ لاءِ آمريڪا جي رٿائن تي  اثر انداز ٿيڻ جي اجازت ڏئي نھ ٿي سگھجي. جيڪڏھن  پاڪستان چين سان تعاون ڪرڻ خاطر آمريڪا سان پنھنجن ناتن ۽ واسطن ۾ ڪا گھٽتائي ڪئي تھ ان کي تمام جلد پنھنجي انھيءَ فيصلي تي پڇتائڻ جو موقعو ملي ويندو .(1)

ھندستان ۾ مقرر ٿيل نئين آمريڪي سفير مسٽر چيسٽر بائولس ھندستان جي حمايت ڪرڻ جو ھڪ ٻيو وعدو ان وقت ڪيو، جڏھن مئي ١٩٦٣ع ۾ ھن اھو بيان ڏنو تھ آمريڪا ھندستان کي چين جي خلاف پنھنجي فوجي طاقت وڌائڻ  لاءِ مدد ڏيڻ جي ڏاڍي خواھشمند آھي .  ھاڻي فقط انھيءَ ڳالھھ جو تعين ڪرڻو آھي تھ  ھندستان ڪيتري فوجي امداد جذب ڪري سگھندو . “ ھندستان جي صدر جي آمريڪا واري دوري جي اختتام تي، صدر ڪينيڊيءَ ۽ ھندستان جي صدر طرفان جيڪو  گڏيل پڌرنامون جاري ڪيو ويو، تنھن ۾ چيو ويو ھو تھٻنھي جا ملڪ ھن باھمي دفاعي فڪر منديءَ ۾ برابر جا شريڪ آھن تھ ننڍي کنڊ جي خلاف چين جي اڳرائيءَ وارن ارادن کي ناڪام بنايو وڃي. ٻيئي صدر نھ فقط ايشيا، بلڪ سڄي دنيا جي امن ۽ سڪون لاءِ ھندستان جي آزادي ۽ خودمختياري ۽ ان جي علاقائي سالميت جي سلامتيءَ جي شديد اھميت کي تسليم ڪن ٿا. “ ٣٠-جولاءِ  تي صدر ڪينيڊيءَ ۽ وزيراعظم مئڪملن ، برچ گر و و ۾ فيصلو ڪيو تھ ھندستان جي ھوائي فوج کي  آواز کان وڌيڪ تيز رفتار لڙاڪو بمبارن سان مانوس ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ دولت مشترڪھ طرفان ھوائي ڇٽي مھيا ڪئي وڃي ۽ ان جي قوت مدافعت کي ڪميونسٽ چين جي نئين حملي جي خطري جي خلاف وڌائڻ  لاءِ وڌيڪ فوجي امداد ڏيڻ  جون تدبيرون  اختيار ڪيون وڃن . ان کان ٿوروئي پوءِ خبر ملي تھ آمريڪا  ھندستان کي، بمبئي جي ويجھو تاراپور  وٽ ائٽمي طاقت جي ھڪ اھڙي اسٽيشن جي تعمير لاءِ  اٺن ڪروڙ ڊالرن جي پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي جي آڇ ڪئي آھي، جنھن جو شمار دنيا جي سڀني کان وڏين ائٽمي اسٽيشنن مان ھڪ اسٽيشن  طور ٿيڻ گھرجي.

دانھن گھڻين ڪاررواين کان، جيڪي پاڪستان جي سلامتيءَ تي اثرانداز ٿي رھيون ھيون، آمريڪا بي نيازي ۽ بي پرواھي ڏيکاريندي، چين ۽ پاڪستان جي درميان وڌندڙ تعلقات تي پنھنجي عدم اطمينانيءَ جو اظھار ڪرڻ جاري  رکيو. پاڪستان ۽ چين جي درميان  جولاءِ سن ١٩٦٣ ع ۾ طئي ٿيل ھوائي ٺاھھ تي تبصرو ڪندي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ھڪ پريس  آفيسر بيان ڏنو تھانھيءَ ھوائي رابطي جو، ننڍي کنڊ جي سلامتي ۽ استحڪام کي مضبوط  بنائڻ جي ڪوششن تي، جن کي ڪميونسٽ چين  روڪڻ  چاھي ٿو، غلط اثر پئجي سگھي ٿو.“ ھن کان پوءِ جنرل ليوشس ڪلي طرفان سينيٽ جي پرڏيھي تعلقات  واري ڪاميٽيءَ آڏو شاھدي ڏيندي ھيئن چيو  ويو، تھ   کيس اھو يقين نھ ٿو اچي تھ آمريڪا، پاڪستان کي سندس پاڙيسريءَ سان اسان جي روش ۽ سلوڪ جي طريقھ ڪار کي متعين ڪرڻ  جي اجازت ڏئي سگھي ٿي.“ آمريڪا، اھو فيصلو ڪري تھ ننڍي کنڊ جي ملڪن جي درميان نفاق قطعي ھو، پاڪستان جي خطرن کي نظر انداز ڪري  ھندستان کي ڊگھي عرصي لاءِ فوجي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. انھيءَ صورتحال پاڪستان لاءِ ھيٺيان متبادل رستا کليل ڇڏيا :

١-ھو پنھنجي علائقي مان آمريڪي اڏن کي ختم ڪري ۽ ساڳئي وقت تي ٻھ- طرفن فوجي معاھدن، ميٽو ۽ سيٽو کان علحدگي اختيار  ڪري. ساڳئي وقت تي ھو سوويت يونين سان ھٿيارن جي فراھميءَ لاءِ ڊگھي عرصي جي ٺاھھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ چين جي عوامي جمھوريھ سان سلامتيءَ جو ٺاھھ بھ ڪري پئي سگھيو.

٢-ھو انھن تدبيرن کي  اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري پئي سگھيو، پر انھن کي عملي جامو آمريڪا جي مخالف ڪارروائيءَ جي جواب ۾ آھستي آھستي ئي پھرائي ٿي سگھيو.

٣-سياسي  وابستگيءَ  ۾ ظاھر ڪو ڦيرو آڻڻ کان سواءِ، خفيھ طور چين سان ٺاھھ ڪري ٿي سگھيو.

٤-ھو پنھنجين موجوده وابستگين کي برقرار رکندي، چين ۽ روس سان سياسي تعلقات کي وڌائڻ کان پرھيز ڪري پئي سگھيو .

٥-ڪنھن بھ مقرره پاليسيءَ تي گامزن رھڻ کان  سواءِ ھو ھڪ موقعھ پرست جو ڪردار ادا ڪري سگھي ھا، ۽ جيڏانھن بھ ھوا جو رخ ڦرندو ڏسي ھا، تيڏانھن پنھنجي سياسي ٻيڙيءَ جو سڙھھ ڦيرائيندو رھي ھا.

ھتي آءٌ حڪومت پاڪستان لاءِ کليل انھن رستن جي خوبين ۽ خامين متعلق ڪجھھ بھ چوڻ نھ ٿو چاھيان .

----------


(1)  ڪيسنگس ڪانٽيمپورري آرڪائيوزجلد-٩، ٥٤-١٩٥٢،  ص-١٣٧٤٤ . 

(1)  ايضاً جلد-١٠، ٥٦-١٥٥ع، ص-١٤٨١٤ .

(1)  يونائيٽيڊ اسٽيٽس اِن ورلڊ افيئرس “ ١٩٦٠،  ص-٢٨٢ .

(1)  يونائيٽيڊ اسٽسٽس اِن ورلڊ افيئرس ، ١٩٦٠، ص٨٣ ، ٢٨٤ ۽ ٢٩٧ .

(1)  جان . ايف . ڪينيڊي،” دي اسٽرئٽيجي آف پيس ١٩٦٠، ص-٨- ١٥٧ .

(1)  جان . ايف . ڪينيڊي، ” دي اسٽرئٽيجي آف پيس “ ١٩٦٠، ص-٢١٩ .

(1)  جان. ايف. ڪينيڊي،” اسٽرئٽيجي آف پيس“،  ص- ١٥٤ .

(1)  جان . ايف . ڪينيڊي ،” دي اسٽر ئٽيجي  آف پيس، “ ١٩٦٠، ص-١٤٢-١٤٣.

(1)  جان . ايفڪينيڊيدي اسٽرئٽيجي آف  پيسص- ١٢٢ .

(1)  جان . ايفڪينيڊي، “دي اسٽرئٽيجي آف پيس“، ص-  8 ۽9 .

(1)  ڊان ڪراچي ايڊيٽوريل ٢٤- فيبروري ١٩٦١ع .

(1)  فيلڊ مارشل  محمد ايوب خاناسپيچز ائنڊ  اسٽيٽ مينٽس ج-چوٿون ، جولاءِ ١٩٦١ ، ص- ٦ .

(1)  ڊان ڪراچي ، ادايو ٨-جون ١٩٦٣ .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org