سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 14

باب  اوڻيھون

ھندستان سان مقابلو

ھندستان  جي خارجھ پاليسيءَ جو سڀني کان وڏو مقصد اھو رھيو آھي تھ پاڪستان کي الڳ ٿلڳ ڪري ڇڏجي. ابتدائي ڏينھن ۾ ھن ڳالھھ جي پيش ِ نظر تھ پاڪستان جا وچ اوڀر سان رشتا آھن، ھندستان پاڪستان جي خلاف عرب دنيا ۾ پنھنجو سفارتي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. جڏھن اسان پنھنجي  بچاءَ ۾ آمريڪا جي طرف رخ ڪيو، تڏھن ھندستان انھيءَ ملڪ سان اسان جي باھمي دفاع جي انتظامن جي مذمت ڪئي.

سينٽو سان روس جي وير جو فائدو وٺي ھندستان سو ويت  يونين سان سياسي، اقتصادي ۽ فوجي معاملن ۾ تعاون جي ھڪ جامع رٿا تي عمل شروع ڪيو، تھ جيئن پھريائين مغربي ملڪن سان پاڪستان جي اتحاد جو ٽوڙ ڪيو وڃي ۽ پوءِ پاڪستان ۽ سوويت يونين جي تعلقات  جي راھ ۾ وڌيڪ دشواريون حائل ڪيون وڃن. ھندستان جو ابتدائي مقصد اھو  ھو تھ ڏکڻ  اوڀر ايشيا ۾ عاليشان منصوبن کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ پاڪستان کي عوامي جمھوريھ چين کان بلڪل علحدھ ڪيو وڃي. اقوام متحده جي قسم جي بين الاقوامي تنظيمن ۾ ھندستان ضرورت کان زياده زور ڏيکاريندو رھيو ۽ ايشيائي دنيا کي اھو باور ڪرائيندو رھيو تھ پاڪستان مغربي دنيا جو حاشيھ بردار آھي، ۽ انھيءَ حيثيت کان ھو افر و ايشيائي معاملن ۾ ڪو بھ اھم ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ناھي.

شايد ھندستان انھيءَ مقصد جي پيرويءَ ۾ جيڪو حد کان وڌيڪ  جوش و خروش ڏيکاريو، تنھن کان  بين الاقوامي آکاڙي ۾ پاڪستان کي سندس موقف تي ثابت قدم رھڻ ۾ مدد ملي. ٻين ملڪن تي ھيءَ ڳالھھ ظاھر ٿيندي ويئي تھ ھندستان جي پاليسيءَ جي تھھ ۾ دراصل پاڪستان دشمنيءَ  جو جذبو ڪم ڪري رھيو آھي ۽ ان ۾ پاڪستان جي خارجي خواه داخلي حڪمت عمليءَ جي نو عيت کي ڪو دخل ڪونھي. ٻين ڳالھين کان گھڻو وڌيڪ ڄمون ۽ ڪشمير جي تنازعي ۾ ان جي بيجا ضد پاڪستان جي باري ۾ ان جي حڪمت عملي ءَ کي بي نقاب  ڪري ڇڏيو آھي. بين الاقوامي ضابطھ اخلاق کان ھندستان جي انھيءَ بي پرواھيءَ ان کي اھڙي ھنڌ  آڻي بيھاريو، جتان کان  ھند و پاڪستان واري جنگ جي دوران ان جا  رھنما پنھنجي تنھائي ۽ دنيا جي ھر حصي مان پنھنجي لاءِ حمايت جي فقدان جو روئڻو روئيندا رھيا .

 ھڪ طرف تھ ھندستان امن جو پرچار ڪندو رھيو ۽ ٻئي طرف پنھنجي دفاعي خرچن کي وڌائي ڪٿان کان ڪٿي پھچائڻ ۾ لڳو رھيو. ھڪ طرف تھ ان غير جانبداريءَ کي پنھنجي خارجھ پاليسيءَ جي اخلاقي بنياد جي رنگ ۾ پيش ڪيو، تھ ٻئي طرف پنھنجن مقصدن جي حصول لاءِ وڏين طاقتن جي ٻنھي بلاڪن کان ڪم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو. ھو ترقي پذير ملڪن جي دوستيءَ جو دم پڻ ڀريندو رھيو ۽ ان سان گڏو گڏ رفتھ رفتھ پٺتي ھٽندڙ بيٺڪي طاقتن جو چوغو بھ پھنجي جسم تي تاڻڻ ۾مشغول رھيو. انھن تضادن ھن جو ڀانڊو ڦوڙي کيس سندس اصلوڪي روپ ۾ دنيا جي سامھون آڻي کڙو ڪيو آھي. سڀ ثابتيون انھيءَ حيقيت جي نشاندھي ڪن ٿيون تھ مناسب ٺاھھ کان ڪترائڻ وارو پاڪستان نھ، بلڪ ھندستان آھي. پاڪستان پراڻن جھڳڙن جو نبيرو ڪرڻ لاءِ  ھر وقت تيار آھي، پر ھندستان حالات کي معمول مطابق واپس آڻڻ جو مطلب  اھو سمجھي ٿو تھ پاڪستان کي ھڙپ ڪيو وڃي ۽ ھو انھيءَ ئي ڌن ۾ لڳل آھي.

ھي بھ تجويز ڪيو ويو آھي تھ پاڪستان وڏن وڏن تڪرارن کي طئي ڪرن بغير، حقيقت  پسنديءَ کان ڪم وٺي ھندستان سان ٺاھ ڪرڻ جي جستجو ڪري. پر انھيءَ ڳالھھ سان بھ مسئلو حل نھ ٿيندو. حقيقت پسنديءَ جي عذر ھيٺ، پاڪستان اڳيئي ھندستان  جي ھٿان قيمتي علائقن کان محروم ٿي چڪو آھي ۽ جيڪڏھن حقيقت پسنديءَ جو اھو اصول ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ بھ اختيار ڪيو ويو تھ ان سان ملڪ جي وڌيڪ تخفيف ٿي ويندي. ان جو مطلب اھو ٿيندو تھ رفتھ رفتھ  شڪست کائيندي کائيندي ملڪ ئي ختم ٿي وڃي. ڪنھن تڪرار جي نبيري مان اسان جي مراد ھڪ اھڙو حل آھي، جنھن سان جٽادار امن ميسر  ٿئي. فقط منصفانھ نبيري جي ذريعي ئي اھڙو باعزت امن حاصل ٿي سگھي ٿو، ۽ جيڪڏھن انھيءَ قسم جي امن جو حصول اسان جو بنيادي مقصد ھوندو، جيئن اھو ھئڻ گھرجي، تھ اسان کي لازمي طور سوچڻو پوندو تھ ان  کي ڪھڙيءَ طرح  حاصل ڪيو وڃي. ڇا، ان کي ھندستان جي شرطن تي حاصل ڪري سگھجي ٿو ؟ يقينا نھ. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ھندستان جا شرط مڃيا وڃن تھ پاڪستان ۾ زنده رھڻ جي بھ طاقت باقي نھ رھندي. خراب کان خراب صورت ۾ پاڪستان لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تان دستبردار ٿيڻ جا نتيجا ڪھڙا ٿيندا؟ ھيءُ ڳالھھ واضح آھي تھ انھيءَ قسم جو ٺاهھ، ھندستان جي بک کي اڃا بھ وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيندو، ختم نھ ڪري سگھندو، ۽ ھو پنھنجي وڌندڙ  فوجي طاقت ۽ جوھري ھٿيارن جي حصول جي امڪان جي بنياد انھن علائقن ۾ پاڪستان جي باقي ٻين حصن کي ضم ڪرڻ لاءِ فوجي اجتماع جا مرڪز بنائي ڇڏيندو.

ورھاڱي واري وقت، پاڪستان کي گورداسپور، فيروزپور ۽ پنجاب جي ڪن ٻين حصن، ۽ اڀرندي حصي ۾ خاص طور آسام ۽ تريپوره جي ڪن قيمتي علائقن جو نقصان ٿيو. اھڙيءَ طرح امرتسر ضلعي ۾ مسلمان اڪثريت وارا علائقا لاھو ر ضلعي کان وٺي امر تسر جي پسگردائيءَ تائين ڦھليل ھئا.  اھي سڀ وسيع ۽ قيمتي علائقا ڌانڌلبازيءَ سان زبردستيءَ ھندستان کي ڏنا ويا تھ جيئن پاڪستان جي نقصان مان ھندستان  کي وڌيڪ طاقت حاصل ٿئي. اھي علائقا ملڪ جي اترئين حصي جا اناج گھر ۽ فوجي نقطھ نظر کان ڏاڍا اھم ھئا. اھي ھندستان کي ڏئي ڇڏڻ سان لاھور ۽ اولھھ  پاڪستان جي ٻين علائقن جو بچاءُ بري طرح  خطري ۾  پئجي  ويو آھي. انھيءَ وقت اھو دليل ڏنو ويو تھ تقسيم ۽ انقلاب جي تبديلين کان ڪجھھ اھڙيون  بي ربط ڳالھيون پيدا ٿي پيئون آھن، جو ھڪ لولي لنگڙي پاڪستان کي قبول ڪري ان جي استحڪام لاءِ ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ، انھن علائقن لاءِ وڙھڻ  کان گھڻو بھتر آھي، جيڪي ھڪ غير منصفانھ غير ملڪي فيصلي  جي ڪري اسان جي ھٿن مان نڪري ويا آھن. جھونا ڳڙھھ ۽ حيدرآباد تي ھندستان جي قبضي، اھڙيون سياسي ۽ نفسياتي حالتون پيدا ڪيون، جيڪي ان لاءِ بي حد  و حساب فائدن جو سبب بڻيون . ھاڻي ھو پنھنجي انھيءَ عقيدي تي سختيءَ سان ڄمي بيٺو تھ ھو  طاقت جي ڌمڪيءَ ۽ ان جي استعمال کي پنھنجي خارجھ پاليسيءَ جي ھڪ سوچيل سمجھيل ھٿيار طور ڪم آڻڻ سان پاڪستان کي پنھنجين سڀني حڪمت عملين اڳيان  گوڏن جھڪائڻ لاءِ مجبور ڪري سگھي ٿو. ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار  گذريل ويھن سالن کان وٺي ھلندو  پيو اچي ۽ ھاڻي سوال ھيءُ آھي تھ ڇا، پاڪستان ۾ ايتري طاقت ۽ ايترو استقلال آھي، جو ھو انھن محڪوم ماڻھن جي حق جي حمايت ڪندو رھندو يا ٻاھرئين دٻاءَ آڏو ان  جو دم خم جواب ڏيئي رھيو آھي؟ جڏھن اسان  کي اھو ٻڌايو وڃي ٿو تھ ھندستان ايڏو وڏو ملڪ آھي، جو ان جي مزاحمت ٿي نھ ٿي سگھي، ۽ اوڀر پاڪستان جي ساڍن پنجن ڪروڙ انسانن کي پنھنجو پاڻ کي پنجاھ لک ڪشميرين لاءِ قربان نھ ڪرڻ گھرجي، يا جڏھن چيو وڃي ٿو تھ اولھھ پاڪستان جي ماڻھن کي ڪشمير تي ھندستان جي قبضي جي مزاحمت ڪري پنھنجي محدود ويڪرائيءَ واري علائقي کي فوجي يلغار جي زد ۾ نھ آڻڻ گھرجي، تڏھن ان مان قومي عزم جي ڪمزوريءَ جي خبر ملي ٿي.

تقابلي عددن جي دليل کي منطقي طور لغو ثابت ڪري سگھجي ٿو . اچو تھ فرض ڪريون تھ پاڪستان جي آبادي ڏھ ڪروڙ آھي. ايڏي وڏي قوم ھڪ علائقي ۽ ان سان تعلق رکندڙ آباديءَ کي ھڪ غاصب کان آزاد ڪرائڻ جو خطرو کڻڻ لاءِ ڪڏھن تيار ٿيندي؟ ڇا، فقط ان وقت جڏھن اھا آبادي، جنھن کي آزاد ڪرائڻو آھي، ڏھھ ڪروڙ ڏھ لک ٿي ويندي؟ پر انھيءَ صورت ۾ اھا آزاديءَ جي جنگ ڪانھ ٿيندي، بلڪ ان کي ملڪ گيري سڏيو ويندو يا ٻين لفظن ۾ اھا ھڪ بيٺڪي جنگ  ھوندي. ھيءُ دليل تھ تعداد ۾ فرق بي عمليءَ کي جائز بنائي ڇڏي ٿو، واضح طور غلط آھي، ۽ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان اختلاف جي ڪيترن ئي ٻين سببن کي نظرانداز ڪري ٿو. اسانجي ٻنھي ملڪن کي آخرڪار امن امان سان رھڻو آھي، پر ان وقت جڏھن باھمي ٽڪراءَ جو فيصلو ٿي وڃي. پر انھيءَ قسم جي باھمي بقا جو ان وقت تائين سوال ئي پيدا نھ ٿو ٿئي، جيستائين ھندستان پنھنجين سڀني اقليتن تي ثقافتي مذھبي ۽ لساني يڪسانيت زوريءَ مڙھڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آھي. پاڪستان  جي پنھنجي مفاد کان دستبرداري انھيءَ اختلاف کي طئي نھ ٿي ڪري سگھي . جيڪڏھن اسين پنھنجن ماڻھن ۽ علائقن لاءِ خطرو کڻڻ لاءِ تيار ناھيون، تھ پوءِ  اسان کي پنھنجي ھندستان سان لاڳو سرحد جي کاڌ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار رھڻ  گھرجي، جنھن مان ھر ھڪ کاڌ ايتريقدر معمولي ھوندي جو ان جي مناسب جواب ڏيڻ لاءِ اھا مجرڪ بنجي نھ سگھندي. سائنس وانگر بين الاقوامي سياست ۾ پڻ نام نھاد فھم وارو دليل ھميشھ صحيح  ڪو نھ ھوندوآھي. سائنس ان وقت ترقي شروع ڪئي، جڏھن عام فھم جي ” تجربي کان قبل“ واري دليل کي تسليم ڪرڻ جي عادت ترڪ ڪئي ويئي. مثال طور گئليلو عام فھم جي سڀني قاعدن جي خلاف اھو ثابت ڪيو تھ  ھلڪا ۽ وزندار جسم زمين تي ساڳيءَ رفتار سان ڪـِرن ٿا. بين الاقوامي سياسيات ۾ ايڏا تھ اسباب ڪارفرما ھوندا آھن، جو ڪوئي مڪمل حل ڏاڍو مشڪل دستياب ٿيندو آھي، ڇاڪاڻ تھ اھڙيون تبديليون جيڪي انسانن سان تعلق رکن ٿيون، انساني فيصلن جي تابع ھونديون آھن. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ جڏھن فرانس جرمنيءَ جي قدمن ھيٺان رڳڙجي ويو، تڏھن جيڪڏھن  انگريز قوم عام فھم وارن دليلن جو احترام ڪندڙ ھجي ھا تھ  اھا جرمن  قوم جي اڳيان آڻ مڃي ھا، پر چرچل ائين نھ ڪيو. ھن پنھنجي ملڪ کي رت، محنت، لڙڪن ۽ پگھر جي آڇ ڪئي، ۽ برطانيھ جنگ کٽي  ورتي.

ھن حجت  جي بنياد تي تھ ڪنھن قوم جي علائقي جي ھڪ حصي لاءِ سڄي قوم کي قربان نھ ٿو ڪري سگھجي، ھندستان کي علاقائي توسيع جي ذريعي ڪراچي ۽ سنڌ تي قبضي ڄمائڻ جي اجازت ڏئي سگھجي ٿي،  ڇا، ملڪ جي باقي آباديءَ لاءِ ھيءَ مصلحت انديش  ڳالھھ ٿيندي تھ جيترو بھ ملڪ ان وٽ باقي رھجي  ويو آھي، تنھن کي ڪراچي ۽ سنڌ جي  ھڪ ڪروڙ انسانن لاءِ قربان ڪري ڇڏجي؟ ان کان پوءِ بلوچستان جو وارو اچي سگھي ٿو، پوءِ وري اوڀر ۽ اولھھ پاڪستان جي باقي بچيل حصن جو، ۽ ان طرح پاڪستان جي تباھي قسطوار پوري ٿي سگھي ٿي. جيڪڏھن اھو منطق ڄمون ۽ ڪشمير لاءِ پيش ڪري سگھجي ٿو، جيڪي پاڪستان جي عوام لاءِ ملڪ جا اھڙائي حصا آھن، جھڙا راولپندي ۽ چٽاگانگ، تھ اھوئي دليل ملڪ جي باقي ٻين علائقن جي متعلق پڻ ڪم آڻي سگھجي ٿو. زير بحث مسئلو پيچيده ناھي، ۽ نھ اسان کي ان کي پيچيده بنجڻ جي اجازت ڏيڻ گھرجي. ھندستان وڌيڪ وڏو ملڪ آھي. پر اھو پاڻ ھوش اڏائيندڙ مسئلن ۾ پڻ وڪوڙيو پيو آھي. اسين جيتوڻيڪ ان جي مقابلي ۾ ھڪ ننڍي ملڪ جا رھاڪو آھيون، تڏھن بھ اسان جي ھٿ ۾ ھڪ حق بجانب  مقصد جو ھڪ موثر ۽ مضبوط ھٿيار آھي. تخمينو لڳايو وڃي تھ اسان جون قوتون ۽ ڪمزوريون ذري گھٽ ھڪ جھڙيون آھن، پر جيڪڏھن ڪجھھ فرق آھي بھ، تھ  اھو پاڪستان جي حق ۾ آھي. ھن ڳالھھ جو امڪان گھٽ آھي تھ ننڍو کنڊ ھڪ دفعو ٻيھر  رت ۾ غسل ڪندو. داخلي ۽ خارجي حالتون ان جي اجازت نھ ٿيون ڏين. پر ان جو ھيءُ مطلب ڪونھي تھ اسين قربانين ڏيڻ لاءِ تيار نھ رھون. ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل ٿيڻ کان سواءِ بھ اتي ھر روز رت وھايو پيو وڃي. جنگبنديءَ جون ڀڃڪڙيون ٿينديون رھن ٿيون. ھندستان جي اڀرندي حصي ۾ مسلمانن کي اذيتون ڏنيون  پيئون وڃن ۽ انھن کي اتان ڪڍيو پيو وڃي. ماڻھو تاشقند واري معاھدي ۽ اقوام متحده جي باوجود، ناحق مصيبتون سھي ۽ مري رھيا آھن.

ھندستان، ڄمون ۽ ڪشمير جو ڇو طلبگار آھي؟ ھن ان کي ھن ڪري گرفت ۾ وٺي سو گھو ڪيو آھي،جو ڪشمير جي ماٿري پاڪستان جي بدن جو خوبصورت مٿو آھي. ان  تي قبضو، کيس اولھھ پاڪستان جي معيشت کي مفلوج ڪرڻ ۽ ان تي فوجي بالادستي قائم رکڻ جو موقعو ڏئي ٿو. ھندستان ڄمون ۽ ڪشمير تي ھن ڪري قبضو ڄمائي ويٺو  آھي، جو اھو سو ويت روس ۽ چين سان مشترڪھ سرحدون رکي، ۽ پاڪستان کي انھن کان محروم ڪري، پنھنجي جنگي اھميت ۾ اضافي جو طلبگار آھي. سڀني کان وڌيڪ ڳالھھ  ھيءَ آھي تھ ھو سڀني اخلاقي اصولن جي خلاف ان تي ھن ڪري قبضو ڄمائي ويٺو آھي. جو ھن ٻن – قومي نظريي جي نفي ڪرڻ چاھي ٿو، جيڪي پاڪستان جو بنياد آھي. جيڪڏھن مسلم اڪثريت وارو ھڪ علائقو ھندستان سان گڏ رھي سگھي ٿو تھ پاڪستان جي وجود جو جواز باقي نھ ٿو رھي. اھي سبب آھن جو ھندستان، ڄمون ۽ ڪشمير تي پنھنجو تسلط ڄمائي رکڻ لاءِ بين الاقوامي راءِ عامھ کي نظرانداز، ۽ پنھنجن وعدن  جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو. پاڪستان کي انھن محڪوم ماڻھن  جي  خود اراديت جي حق لاءِ پنھنجي جدوجھد کي گھٽائڻ کان سواءِ جاري رکڻ گھرجي. ڄمون ۽ ڪشمير کان سواءِ پاڪستان علائقائي ۽ نظرياتي طور پڻ نامڪمل آھي. انھن علائقن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڄڻ تھ پاڪستان کي سندس مٿو واپس  ملي ويندو ۽ اھو يڪجا، وڌيڪ مضبوط ۽ زياده مقتدر بنجي پوندو. جيڪڏھن پاڪستان ٿڪجي يا خوفزاده  ٿي انھيءَ جدوجھد کي ترڪ ڪري ڇڏيو تھ نتيجو ان لاءِ موتمار ثابت ٿيندو، ۽ جيڪڏھن ڪنھن غلط قسم جو ٺاھ ڪيو ويو تھ اھو جدوجھد کي ترڪ ڪرڻ جي برابر ٿيندو، جنھن  کان پوءِ شايد خود پاڪستان بھ ڊھي پوي. جيڪڏھن اسان ھندستان سان تڪرارن جي منصفانھ نبيري ڪرڻ کان سواءِ ئي پر سڪون تعلقات قائم رکڻ جو ٺاھ ڪري ڇڏيون تھ خود پنھنجن علائقن ۾ ھندستان جي قيادت کي تسليم ڪرڻ ڏانھن اھو پھريون وڏو قدم ٿيندو، جنھن کان پاڪستان ۽ ٻيا پاڙيسري ملڪ ھندستان جا طفيلي بنجي پوندا.

اسان کي پنھنجي ٻارھن ڪروڙن کان وڌيڪ آباديءَ واري ملڪ جي جدا حيثيت قائم ڪرڻ ۾ ويھھ سال لڳي ويا آھن ۽ ان لاءِ ٻھ جنگيون پڻ سھڻيون پيئون آھن. پوءِ بھ اھڙا ماڻھو موجود آھن، جيڪي اڃا  تائين ملڪ جي ورھاڱي تي افسوس ڪري رھيا آھن ۽ پاڪستان کي ھڪ اھڙي ناخلف پٽ سان مشابھت ڏين ٿا، جيڪو ڪنھن ڏينھن وري ڀارت ماتا جي آغوش ۾ ھليو ويندو. سيپٽمبر 1965ع واريءَ جنگ کان پوءِ کان وٺي يا تھ ٻاھرئين اثر  جي ڪري يا پنھنجي تجربي جي آڌار تي ھندستان پاڪستان سان تعاون جي موضوع تي ڳالھيون ڪرڻ شروع ڪيون آھن. ھو پنھنجي داءَ جي انھيءَ تبديليءَ مان ڪھڙو فائدو حاصل ڪرڻ چاھي ٿو ؟ پنھنجي ڀارتي دفاعي خرچن ۾ ڪميءَ  جي ذريعي پنھنجي اقتصادي حالت کي بھتر بنائڻ ۽ کانئس انحراف ڪندڙ عناصر کان سختيءَ سان حساب چڪائڻ لاءِ ساھي پٽڻ جي مھلت لاءِ- ھو ناگا ۽ ميزو قبائل کي، جيڪي اوڀر پاڪستان جي سرحد کي گھڻا ويجھا آھن، چِـِٿڻ چاھي ٿو، ڏکڻ ھندستان ۽ سـِکن کي دٻائڻ  چاھي ٿو، راجپوتانا ۾ بي اطمينانيءَ جي چيزن کي  ڀرڻ چاھي ٿو ۽ ڇھن ڪروڙن ھندستاني مسلمانن جي جذبي کي ختم ڪرڻ چاھي ٿو.

اڪثر چيو ويو آھي تھ جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان جي تعلقات ۾ محاذ آرائي جاري رھي تھ ھندستاني مسلمانن جو مستقبل خطري ۾ پئجي  ويندو. اھو دليل پاڪستان تي ناجائز دٻاءُ  وجھڻ ۽ ھندستان مسلمانن کي ھندستان جي جارحيت ۽ اقتدار جي واڌاري جي حڪمت  عمليءَ ۾ يرغمال طور مستقل خوف ۾ مبتلا رکڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.  انھيءَ مسئلي جو ذره گـَھرو مطالعو ھيءَ ڳالھھ ظاھر ڪري ٿو تھ ان جي ابتڙ صورتحال حقيقت کي زياده ويجھي آھي. ھڪ مضبوط ۽ اولوالعزم پاڪستان، جيڪو پنھنجن جائز حقن مان واريءَ جي ھڪ ذري جيترو حق بھ ڇڏڻ لاءِ تيار نھ ھجي، سو سندن  تحفظ جو بھترين ضامن آھي. ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنھنجي مرضيءَ سان پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو ھو. تقسيم جي فائدي ۾ ڀاري ووٽ انھن ماڻھن  بھ، جن کي ھندستان ۾ رھڻو ھو، اھڙيءَ طرح ڏنا، جھڙيءَ طرح انھن علائقن جي ماڻھن، جيڪي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وارا ھئا. جناح تي مسلمانن جو اعتماد ان وقت عروج جي نقطي تي  پھتو، جڏھن ھن ٻن قومن واري نظريي سان ھندو ليڊرن جو مقابلو ڪيو. ھندستان ملڪ جي ورھاڱي کان ھڪدم پوءِ  پنھنجن مسلمان شھرين تي غصو ڇنڊڻ شروع ڪيو، ۽ اھو فقط ان وقت، جڏھن ان کي يقين ٿي ويو تھ ھڪ ڪمزور ۽ غير مستحڪم پاڪستان جوابي ڪارروائي نھ ڪري سگھندو. ھن ڳالھھ ۾ ڪو بھ شڪ  شبھو ڪونھي تھ پاڪستان ڪمزور ٿي ھندستان جي پنھنجن مسلمانن جي خلاف وڌيڪ امتياز اختيار ڪرڻ جي ھمت افزائي ڪندو. ان جي ابتڙ، ھڪ مضبوط ترين ضمانت آھي، ڇاڪاڻ تھ ھندستان ھڪ مستعد ۽ زورآور پاڪستان کي اشتعال ڏيارڻ کان ھٻڪندو. اھا ڪافي محض اتفاقي ڳالھھ ڪانھي تھ آزاديءَ جي حصول کان  ويھھ سال پوءِ، جڏھن محاذآرائي  پنھنجي  عروج  تي آھي، ھندستان جنگ جي ھڪ نتيجي طور پھريون دفعو ھڪ مسلمان کي پنھنجو صدر مملڪت منتخب ڪيو آھي. پر جيڪڏھن پاڪستان جي خود مختار رياست ڪمزور ٿي ويئي تھ ھندستاني حڪومت سمجھندي تھ ھاڻي کيس پنھنجين اقليتن سان مرضيءَ مطابق ھلت ڪرڻ جي آزادي ملي ويئي آھي. اھڙي صورت ۾ ھندستاني مسلمانن کي شديد نقصان پھچندو. پر فوري طور ۽ سڀ کان وڌيڪ بد سلوڪيءَ  جو نشانو ڄمون ۽ ڪشمير جا مسلمان ٿيندا. جيئن ئي ھندستان  سان تڪرارن جي نبيري کان سواءِ تعاون شروع ٿيندو، تھ ڪشمير جا ماڻھو قدرتي طور ھيءُ نتيجو ڪڍندا تھ پاڪستان کين ڇڏي ڏنو آھي ۽ انھن لاءِ ھندستاني اڳرائيءَ آڏو گوڏو جھڪائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو بھ چارو نھ رھيو آھي.  جيڪڏھن پاڪستان ھڪ خود مختار ۽ پوريءَ طرح سان مسلح مملڪت ھوندي بھ، پنھنجي مزاحمت جي قوت ختم ڪري ڇڏي، تھ  ڄمون ۽ ڪشمير جي بي ھٿيار ماڻھن کان ڪھڙيءَ طرح مزاحمت جي اميد رکي سگھجي ٿي؟ پاڪستان جي جھڪي پوڻ کان پوءِ ھندستان سمجھندو تھ ان کي سڪم ۽ ڀوتان جي ھماليائي رياستن کي قابو ۾ آڻڻ جي آزادي ملي ويئي آھي ۽ پوءِ ھو نيپال ۽ سري لنڪا تي پڻ پنھنجو دٻاءُ وجھندو. ننڍي کنڊ تي ھڪ ڇيڙي  کان وٺي ٻئي تائين پنھنجي قيادت کي مڙھي، ھندستان پوءِ اھا ڪوشش ڪندو تھ ھو ھميشھ لاءِ مسلمانن جي خود اراديت واري حق جي تحريڪ جي امڪانن کي ئي ختم ڪري ڇڏي.

جڏھن پاڪستان غير  مساوي ۽ اطاعت گذار بنيادن تي تعاون ڪرڻ شروع ڪندو، تڏھن ھندستان سڀ کان اڳ ۾ پنھنجوڌيان اوڀر پاڪستان  جي زرخيز علائقن طرف ڦيرائيندو، جنھن کي ھو پروپئگنڊا جو نشانو ۽ اقتصادي ۽ ثقافتي حملن جو شڪار بنائيندو. ھندستان ڪوشش ڪندو تھ ھو اوڀر پاڪستان کي ڌمڪائي، برغلائي ۽ پنھنجي خفيھ ثقافتي اثر ۽ ويجھڙائيءَ جي  مجرد دٻاءُ سان اولھھ بينگال ۾ سمائي ڇڏي. ھندستاني  پرچار جو موجوده راڳ ھيءُ آھي تھ اولھھ پاڪستان جي پنج سئو پنجاسي لک آباديءَ کي ڄمون ۽ ڪشمير جي پنجاھ لک باشندن  خاطر پنھنجي مستقبل کي قربان ڪري استحصال جو شڪار بنجڻ نھ گھرجي، جيڪي اوڀر پاڪستان جي ماڻھن کي اوترائي ويجھا يا کانئن بيگانا آھن، جيترا ايران جا ماڻھو- جيڪڏھن ڪشمير کي سڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو تھ پوءِ اوڀر پاڪستان وارن کي صلاح ڏيندو تھ اھي  اولھھ پاڪستان جي ماڻھن سان پنھنجو واسطو اھڙو ئي گھٽ سمجھن، جھڙو ڪشمير جي ماڻھن سان. اوڀر پاڪستان جي ماڻھن نالي مسلسل  اپيلون جاري ڪيون وينديون تھ اھي اولھھ پاڪستان جي تسلط کان نجات حاصل ڪري وٺن. اولھھ پاڪستان ۾ اھڙا اثر ۽ رسوخ وارا ماڻھو ڳولي ڪڍيا ويندا، جيڪي اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ  جي فائدي ۾ دليل ڏيندا. انھيءَ قسم جي اشتعال ڦھلائڻ وارا ڪاراوا،  جيڪي ھر ملڪ ۾ دستياب ٿي سگھندا  آھن، ھن طرح جو پرچار  ڪندا تھ اوڀر پاڪستان  تي اولھھ پاڪستان ”ھڪ بار“ آھي ۽ ان جيڪا ”بلئنڪ ميل“ لڳائي رکي آھي، تنھن کي ھميشھ واسطي ختم ڪرڻ لاءِ ھاڻي قطعي طور علحدگيءَ جو رستو اختيار ڪيو وڃي. جيڪڏھن ھڪ دفعو ڄمون ۽ ڪشمير کي آزاد ڪرائڻ جو قومي عزم ٽٽي پيو تھ ملڪ جي ٻنھي بازن ۾ انھن جي رابطي کي ٽوڙڻ لاءِ تخريب ڪاريءَ جي مھم تيز ٿي ويندي. جيڪڏھن ان طرح سان پاڪستان تقسيم ٿي ويو تھ ٻنھي بازن جي اھميت ھڪدم گھٽجي اڌو اڌ رھجي ويندي ۽ ننڍي کنڊ ۾ طاقت جي ٻن عظيم الشان ٿنڀن  ھئڻ بجاءِ، پاڪستان ٻن ڪمزور رياستن ۾ ورھائجي ويندو. انتشار جو عمل ان وقت تائين جاري رھندو، جيستائين اوڀر پاڪستان اولھھ بينگال ۾ جذب نھ ٿي وڃي ۽ ان مان اولھھ پاڪستان ۾ علحدگي پسند تحريڪن جي ھمت افزائي ٿيندي(1).  

ھندستان پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رھيو. آزادي حاصل ٿيڻ کان پوءِ ھن اسان جي خلاف اقتصادي ناڪھ بندي اسان جي معيشت کي تباھ ڪرڻ لاءِ عايد ڪئي. ھي چال نھ فقط اسان کي تباھھ نھ ڪري سگھي، بلڪ درحقيقت ان اسان کي تقويت  پھچائي . سيپٽمبر 1965ع واريءَ جنگ ھندستان کي يقين ڏياري ڇڏيو آھي تھ اھو محاذ آرائي ذريعي پاڪستان کي تباھ نھ ٿو ڪري سگھي. ان ڪري ھاڻي ان جي پاليسي مقابلي کان تعاون جي طرف منتقل ٿيندي، يعني ”تاشقند جذبي جي طرف .“ ھو ھاڻي پاڪستان  کي امن پسند تعاون جي  ترغيبن جي آڇ ذريعي پنھنجي طفيلي بنائڻ جي ڪوشش ڪندو. اھا وڌيڪ نازڪ تدبير آھي. ڪوئي ھوشمند انسان ان تي ڪھڙيءَ طرح اعتراض ڪري سگھي ٿو؟ دوستيءَ جي وڌايل ھٿ کي نظرانداز ڪرڻ  نامعقول معلوم ٿئي ٿو. پر  ھندستان  ھڪ کاٽ ھڻندڙ وانگر چور دروازي کان داخل ٿيڻ جي نيت ڪري  ويٺو آھي. انھيءَ قدم ۾ ھن جي ٻاھرين طاقتن جي طرفان مدد ۽ اڪانت ٿيندي. ھندستان جي پاڪستان کي ھضم  ڪرڻ جي  مقصد ۽ آمريڪا جي پنھنجي مقصد جي درميان فرق جو نقطو ان وقت نمودار ٿي وڃي ٿو، جڏھن آمريڪا چين جي  خلاف جارحانھ مقابلي تي اصرار ڪري ٿو. ھندستان جي پنھنجي ڪوشش جو رخ پاڪستان کي  تابعدار بنائڻ طرف ھوندو، نھ پنھنجي عظمت ۾ واڌاري لاءِ چين جي چوگرد اشتعال انگيز گھيري وجھڻ لاءِ. پاڪستان جي اطاعت حاصل ڪرڻ جي ھندستاني ۽ آمريڪي مقصدن ۾ ھڪ مشترڪھ غرض آھي،پر ھڪ ٻي غرض جي سلسلي ۾ انھن جي درميان اختلاف آھي. جيڪڏھن پاڪستان صورتحال جو صحيح اندازو ڪري تھ ھو انھن ٻنھي  غرضن جي باھمي نفي ڪرائي سگھي ٿو. ان جي ابتڙ جيڪڏھن پاڪستان گوڏا ٽيڪيا، تھ نتيجي طور ھندستان ۽ آمريڪا جي درميان تعاون وڌي ويندو  ۽ ان مان تضاد ختم ٿي ويندا- گھٽ ۾ گھٽ پاڪستان کي ھندستان جو جلديءَ سان تابعدار بنائڻ جي حد تائين.

ان طرح ھندستان  مشترڪھ منصوبن جو خير مقدم ڪندو، ۽ ان ھوندي بھ انھن کي قبول ڪرڻ  کان ڪيٻائيندو. ھو انھن تجويزن جو پاڪستان کي جذب ڪرڻ خاطر خيرمقدم ڪندو، پر جيڪڏھن مقصد چين جي خلاف صف آرائيءَ ۾ تعاون حاصل ڪرڻ ٿيو تھ  ھٻڪندو. تاريخ ۾ اھڙن ملڪن جي درميان، جن جي علاقائي ۽ ٻين بنيادي تڪرارن جو نبيرو ٿيل نھ ھجي، ڪامياب اقتصادي رٿائن جو مثال نھ ٿو ملي . ھيءَ اھڙي ئي ڳالھھ آھي، جيئن متحده عرب جمھوريھ يا شام کي چيو وڃي تھ اھي پنھنجي علائقي ۾ اسرائيل سان مشترڪھ منصوبن جي تعميل ۾ شريڪ ٿين. ان جي ابتڙ، ڪن غيرملڪي ماھرن ھڪ طرف تھ چيو آھي تھ پاڪستان ۾ ٻھ مختلف معيشتون آھن، تھ ٻئي طرف ھي اصرار ڪيو اٿن تھ اوڀر پاڪستان ۽ اولھھ پاڪستان جي معيشتن جو ھڪٻئي تي انحصار آھي. گويا، داخلي طور  تھ ھڪ قوم جي حيثيت ۾ پاڪستان جون ٻھ معيشتون آھن، پر خارجي طور ان جي اڀرندي بازوءَ جي ھندستان جي ھڪ  حصي سان ھڪ ناقابل ِ تقسيم معيشت آھي ! تڪرارن جي نبيري کان سواءِ، ۽ ملڪ جي اقتدار اعلي ٰ جي حقن کي مڪمل طور نطر انداز ڪري عالمي بئنڪ پنھنجي مرضيءَ سان گنگانديءَ جي پاڻيءَ جي استعمال جو ھڪ حل مڙھڻ چاھي ٿي. اھا ٻنھي ملڪن جي درميان تعاون اوڀر پاڪستان ۽ اولھھ بينگال جي وچ ۾ درياھي پاڻيءَ ۾ ڀائيواريءَ جي ذريعي ڪرائڻ چاھي ٿي. سنڌو ماٿر واري ٺاھھ جو مثال ھتي صادق نھ ٿو اچي. انھيءَ معاھدي جو مقصد ھيءُ ھو  تھ ھندستان ۽  پاڪستان جي وچ ۾ پاڻي اھڙيءَ  طرح ورھايو وڃي جو باھمي انحصار ۾ ڪمي اچي. اوڀر پاڪستان جي حالت ۾ ھڪ اھڙي حل مڙھڻ  جون ڪوششون ڪيون پيئون وڃن، جو اوڀر پاڪستان کي اولھھ بينگال جو محتاج بنائي ڇڏيندو. انھيءَ قسم جو حل پاڪستان کي اولھھ بينگال جي رحم و  ڪرم تي ڇڏي ڏيندو، جنھن مان اڻٽر ۽ تباھڪن  نتيجا نڪرندا. انھيءَ مثال جي مطابق وري بجليءَ جا منصوبا باھمي اشتراڪ ڪرڻ لاءِ سامھون ايندا، جيڪي اڳتي ھلي زراعت ۽ صنعت ۾ تعاون تائين  وڃي پھچندا. ھٿياربند فوجن ۾ ڪميءَ جي تجويز تي ھن کان اڳي خيال جو اطھار ٿي چڪو آھي، پر ان صورت ۾ بھ انھن سڀني خامين کان قطع نظر، جن تي بحث ٿي چڪو آھي، ھندستان انھيءَ قسم جي معاھدي ۾ ھميشھ چين جي خطري تي مبالغھ آرائيءَ جي ذريعي آمريڪا جي ملت ِ سان معاھدي کان ڪترائي  پنھنجو ڪم ڪڍي سگھي ٿو. جيڪڏھن اھو ڪم مشڪل ٿي پيو تھ ڪوشش ڪئي ويندي تھ ھندستان کي طفيلي ملڪن کان ھٿيار فراھم ڪرايا وڃن تھ جيئن معاھدو ان سان لاڳو نھ ٿي سگھي.

                                              -------


باب ويھون

پڄاڻي

دنيا ۾ ڪو بھ ملڪ، ھن دائمي انديشي جي پيش نظر تھ جوھري ھٿيارن جو استعمال اھڙي پئماني تي ٿي سگھي ٿو، جو زمين جي گولي تي زندگيءَ جو سراسر  خاتمو ٿي وڃي، عالمي سطح تي ھٿيارن ۾  تخفيف آڻڻ جي اصول جي مخالفت نھ ٿو ڪري سگھي. جڏھن دنيا ۾ ھر ھنڌ ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جي حالات کي بھتر بنائڻ جا آرزو مند ھجن تھ ڪنھن ھڪ قوم کي ھي حق نھ ٿو پھچي تھ اھا دستياب وسيلن کي بچاءَ جي بدران اقتصادي اوسر لاءِ استعمال ڪرڻ جي مطالبي جي مخالفت ڪري. ان جي باوجود، ان جي اثرائتي ٿيڻ لاءِ ضروري آھي تھ ھٿيارن جي تخفيف گھڻ- طرفي ۽ عالمي بنياد تي ھجي تھ جيئن ڪنھن ھڪ قوم کي ٻيءَ قوم جي مٿان  يا قومن جي ھڪ گروھ کي قومن جي ٻئي گروه برتري حاصل نھ ٿئي . پر ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن جي تخفيف جي تجويز ۾ عدل ۽ انصاف جو شائبو بھ ڪونھي. ھندستان، ڄمون ۽ ڪشمير تي اوڀر ۾ سندس علائقي ۾ ڦاٿل انھن ٽڪرن (enclaves)تي، جيڪي  پاڪستان جا علائقا آھن، قابض آھي. انھن حالتن ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن جي ٻھ- طرفي تخفيف جو مطلب انھيءَ ملڪ  جي فتح آھي،جيڪو تڪراري علائقي تي قابض آھي ۽ انھيءَ ملڪ جي شڪست، جنھن جا علائقا ان کان کسجي ويا آھن.

اسان  کي انھيءَ زبردست امداد کان حوصلو ھارڻ نھ گھرجي، جيڪا ھندستان کي ملي رھي آھي. ھندستان پاڻ ئي پاڪستان جي لاءِ ھڪ خطرو آھي ۽ طاقتور ٻاھرين طاقتن کان مدد حاصل ڪري  ھو اڃا بھ وڌيڪ وڏو خطرو بنجي پوندو. پر اھو خطرو ڪيترو بھ وڏو ڇو نھ ھجي، ھڪ اھڙي متحده قوم جي عزم کي ٽوڙي نھ ٿو سگھي، جنھن جو مقصد حق بجانب ھجي. موجوده صورتحال ھميشھ لاءِ ھلي نھ ٿي سگھي. عالمي طاقتن جا انداز،  جيئن اسان ڏٺو آھي، بدلجي بھ سگھندا آھن. بين الاقوامي معاملن ۾ ”ناقابل تعمير مستقل“ جھڙي ڪا بھ شئي ڪانھي. اھوئي سبب آھي، جو جڏھن ھندستان آمريڪا ۽ چين جي درميان ٺاھ ٺوھ جي لاڳاپن بابت ڪجھھ بھ ٻڌندو آھي، تڏھن خودفزده ٿي ويندو آھي . وقت گذرڻ سان،  جيڪڏھن ڪنھن مھل آمريڪا ۽ چين ۾، يا چين ۽ سو ويت روس ۾ باھمي بقا جو ڪوئي طريقو عمل ۾ اچي ويو تھ ان وقت ھندستان پاڻ کي اڪيلو ڏسندو. ويٽ نام جي جنگ فيصلھ ڪن اھميت جي  حامل آھي. ھن ننڍي کنڊ، ۽ مجموعي طور سڄي ايشيا جي مستقبل تي ان جا سڌيءَ طرح  سان اثر مر تب ٿيندا. خدا ڪري اھا جنگ نھ ڦھلجي، ۽ اسان کي پنھنجن مسئلن کي اطمينان بخش طور حل ڪرڻ جي فرصت ملي وڃي. آمريڪا ۽ چين جي درميان ويٽ نام تي وڌندڙ مقابلو پھرين نظر ۾ پاڪستان تي ناموافق اثر وجھندڙ نظر اچي رھيو آھي، پر وڌيڪ ويجھڙائي کان مشاھدو انھيءَ وھم کي دور ڪري ڇڏي  ٿو. اسان وڌندڙ  دٻاءُ سان منھن ڏيڻ لاءِ ويٽ نام جي صورتحال مان فائدو پرائي سگھون ٿا، بشرطيڪ اسان انھن دٻائن جو مقابلو ڪريون، جيڪي اسان کي اڳي  کان ئي محسوس ٿي رھيا آھن. جيڪڏھن اھا جنگ تسلي ٰ بخش نموني ۾ ختم ٿي ويئي ، تھ شايد ان مان آمريڪا ۽ چين جي درميان ڪشيدگيون بھ ختم ٿي سگھن ، جنھن مان پاڪستان کي فائدو ٿيندو. جيڪڏھن جنگ جاري رھي تھ امڪان آھي تھ آمريڪا ان ۾ اھڙي بريءَ طرح سان ڦاسي پوي، جو اھا وري  پاڪستان تي ڪو بھ دٻاءُ نھ وجھي  سگھندي، ۽ نھ اھا موجودھ حالتن ۾ ايشيا جي اندر ھڪ ٻئي سنگين بحران کي وجود ۾ آڻڻ جي خواھشمند ھوندي.

بھرحال، آمريڪا پنھجن شرطن کي مڙھڻ جي اھليت رکندي ھجي يا نھ رکندي ھجي، ھن ڳالھھ ۾  ڪو بھ شڪ نھ ھئڻ گھرجي، تھ پاڪستان پنھنجا قدم ڄمائي رکندو. سڀني مڪروھ قسمن جي شرطن  کي ٺڪرائي ڇڏيندو ۽ اولوالعزميءَ سان غير ملڪي مداخلت جو مقابلو ڪندو.  کيس ھندستان سان مقابلو ان وقت تائين جاري رکڻ گھرجي، جيستائين علاقائي۽ انھن بنيادي تڪرارن جو، جيڪي اولھھ ۽ اوڀر پاڪستان تي اثر ٿين ٿا، اطمينان بخش نبيرو نھ ٿي وڃي.

ان  جي باوجود ھي نتيجو ڪڍڻ غلط نھ ٿيندو تھ پاڪستان ڪنھن بھ صورت ۾ ھندستان سان تعاون نھ ٿو ڪرڻ چاھي. جاگرافيائي، تاريخ ۽ ثقافتي ڳانڍاپن کان انڪار نھ ٿو  ڪري سگھجي. دور دراز ۽ پاڙيسري ملڪن سان تعلقات کي  يڪسان طور بھتر بنائڻ جي اسان جي دلي خواھش جي مدنظر ھندستان سان تعلقات کي بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ قدرتي ڳالھھ ٿيندي، پر تعاون نتيجھ خيز ھئڻ لاءِ لازمي طور اھڙين قومن جي درميان حقيقي برابريءَ جي بنيادن تي ھئڻ گھرجن، جن جي وچ ۾ نھ ھڪٻئي جي خلاف ڪي تعصب ھجن ۽ نھ علاقائي يا بنيادي تڪرار. تعاون ۽ ناانصافي گڏجي قائم نھ ٿا رھي سگھن، ڇا برطانيھ لاءِ آزاديءَ کان اڳ ۾ عدم مساوات ۽ تسلط جي بنيادن تي ھندستان سان تعاون ممڪن ٿئي ھا؟ يا استعماري حالتن جي موجودگيءَ ۾، ڇا، فرانس الجزائر سان تعاون ڪري سگھيو  ٿي؟ جڏھن ھندستان اشتراڪ ِ عمل جي ڳالھھ ڪري ٿو تھ ان جي ذھن ۾ حقيقي تعاون جو تصور ڪو نھ ھوندو آھي. ھو تعاون جي نعري کي اھڙي پروپئگنڊا طور استعمال ڪندو آھي، جنھن سان   ھو عالمي راءِ عامھ برغلائي ۽ پاڪستان کي دوکو ڏيئي سگھي.

ڇا، ھندستان سان اسان  جو جھڳڙو ابدي آھي؟ ابدي جھڳڙن جو  ڪو  وجود ڪونھي، پر ابدي مفاد ھوندا آھن. پاڪستان پنھنجي اصل مفادن کي فقط ان طرح محفوظ رکي سگھي ٿو، تھ ھو ھندستان سان ان وقت تائين مقابلو قائم رکي، جيستائين سڀ تنازعا منصفانھ طور حل نھ ٿي وڃن. ھيءَ ڳالھھ  پاڪستانين لاءِ عقيدي جو ھڪ جز آھي تھ اھو ڏينھن ايندو،  جڏھن ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام پنھنجي تقدير پاڪستان سان وابستھ ڪندو ۽ اھو ڏينھن پڻ ايندو، جڏھن ھندستان سان پاڪستان جي باقي بنيادي تڪرارن جو، جيڪي ان جي اڀرندي علائقي کي متاثر ڪن ٿا، منصفانھ حل نڪري ايندو. پاڪستاني عوام ھندستان سان اھڙا تعلقات رکڻ چاھين ٿا،  جيڪي مونجھارن کان پاڪ ھجن. تقابل کي، جنھن جو مطلب نھ جنگ آھي ۽ نھ امن، بچاءَ جي ھڪ تدبير طور جاري رکڻ ان وقت تائين ضروري آھي، جيستائين ھندستان پاڪستان سان سڀني اھم تڪرارن کي طئي شده بين الاقوامي حقائق ۽ مساوات جي جذبي سان حل ڪرڻ جي ضرورت محسوس  نھ ڪري. ھندستان ھڪ عظيم طاقت ناھي. ان جا پاڪستان سان علاقائي ۽ ٻيا جڳھڙا آھن،  ۽ اھو پاڪستان کي ختم ڪرڻ جي پٺيان پيل آھي، پر چين جي گھيراءَ جو ھو خواھان ناھي- يعني جيستائين اھا ڳالھھ سندس پنھنجن مطالبن جي موافق نھ ھجي-ان ڪري ھندستان جي خلاف محاذ آرائي لازمي ۽ اڻٽر آھي ۽ في الحال ھندي پاڪستاني جھڳڙن جي نبيري جي سوال جو فقط اھوئي جواب آھي، جھڙو ھاڻي ننڍي کنڊ جي ٻنھي ملڪن جي درميان جٽادار امن جو پڻ اھوئي واحد ذريعو آھي. ھيءَ غير مساوي طاقتن جي درميان جدوجھد ناھي، جو ڪنھن عظيم يا عالمي طاقت سان تقابل جي صورت ۾ ھجي ھا. بيشڪ ڪنھن حد تائين بساط ۾ فرق آھي، پر اھو فرق مطلق ناھي. ان کان علاوه انھيءَ اضافي فرق جو علاج ھنن اسبابن مان ٿي وڃي ٿو : پاڪستان  جي مقصد جو انصاف، پاڪستان عوام جو جذبو، ڄمون ۽ ڪشمير  جي ماڻھن جو اشتراڪ ِ عمل،  جيڪي سندن زر زمين تي ھندستاني قبضي کان سخت ناخوش آھن ۽ جيڪي پاڪستان جي وڏي برابريءَ ۾ شموليت جي خواھش رکن ٿا ۽ اھا بي حد ۽ بي انتھا حمايت  جيڪا پاڪستان کي عوامي جمھوريھ چين سميت ٻين ملڪن  کان ملي آھي. پاڪستان ۽ ھندستان جي باھمي محاذ آرائيءَ جون  پاڙون اسان جي تاريخ ۾ پري پري تائين ھيٺ پھتل آھن ۽ ان جي مخالفت کي، چاھي اھا ڪيتري بھ ڀاري ھجي، ان وقت تائين جاري رھڻو پوندو، جيستائين انصاف جي تقاضا پوري نھ ٿي ٿئي. اھو امن، جنھن کان ننڍي کنڊ جا سٺ ڪروڙ انسان صدين کان محروم آھن، انھيءَ صورت ۾ دوباره حاصل ٿي سگھي ٿو، جڏھن جھڳڙن جو نبيرو ٿي وڃي. اھو امن، جيڪو غربت، جھالت ۽ بيماريءَ جي خاتمي لاءِ بيحد ضروري آھي، پنھنجي جائز حقن کان دستبردار ٿيڻ سان نھ، بلڪ انھن حقن کي  حاصل ڪرڻ سان ئي ميسر اچي سگھندو. محاذ آرائي جي حڪمت عملي جنگبازي نھ آھي، بلڪ حقيقت ۾ اڪثر وقتن تي ان جي اثر کان مادي جنگ جي روڪٿام ٿي ويندي آھي. اھو واحد ڄاتل سڃاتل ذريعو، جنھن سان ڪائي قوم فوجي ٽڪراءَ کان پھلو بچائي سگھي ٿي، مڪمل  تياريءَ جو آھي، ۽ نھ فقط فوجي تياريءَ جو .

ايشيا،  جيئن تھ ھڪ وڏي انقلاب جي لپيٽ ۾ آھي، انڪري مقامي ھيجانن ۾ ڦيرن گھيرن جي توقع رکي سگھجي ٿي. ايشيائي ملڪن جي رھنمائن کي انقلاب سان زندگي بسر ڪرڻ جو سليقو سکڻ گھرجي ۽ اھو ڄاڻڻ کپي تھ ھاڻي حالتون پٺئين طرف نھ موٽي سگھنديون ۽ نھ انھن کي ڪنھن بھ قيمت تي جيئن جو تيئن قائم رکي سگھبو. جيڪڏھن اھي انقلاب جي طوفان کي سھڻ جي لائق نھ آھن تھ انھن کي رھنمائيءَ  جو ڪو بھ حق نھ ٿي پھچي . ٿي سگھي ٿو تھ فقط متضاد مفادن جي ٽڪراءَ کان ئي ايشيا ۾ آخري نبيري واري صورت اڀري ۽ ڪنھن  طرح جو امن ميسر اچي وڃي. باھمي تقابل کان باھمي تعاون تائين  ھڪ مشڪل ۽ ڊگھو رستو طئي ڪرڻو پوندو.

ننڍين قومن ھميشھ پنھنجي آزاديءَ لاءِ  زياده طاقتور قومن جي خلاف جدوجھد ڪئي آھي. انسانيت جي سڄي تاريخ استحصال ۽ تسلط جي خلاف، مغلوب جي جدوجھد داستان آھي. پاڪستان جي ھلندڙ دؤر جي تاريخ بھ انھيءَ قسم  جي جدوجھد جي ھڪ مثال کان سواءِ ٻيو ڪجھھ ناھي.  آزاديءَ کان اڳ واري جدوجھد ھڪ اجنبي نسلي تسلط جي خلاف ھئي. اڄ اھا جدوجھد آزاديءَ جي تحفظ لاءِ آھي. زماني جي گردش اسان کي وري انھيءَ پراڻي خطري سان دوچار ڪري ڇڏيو آھي.  ھاڻي اسان  ڪا محڪوم قوم ناھيون. اسان جي اندر ھڪ خود مختار قوم جون خصوصيتون ۽ آزاد رھڻ جو عزم موجود آھي. جيتوڻيڪ امن اسان جو نصب العين آھي، پر پنھنجي حقن جو بچاءُ اسان پاڪستانين جو بدستور وڏي کان وڏو مقصد ۽ وڏي ۾ وڏي مدعا رھندي.


(1)  جناب ڀٽو صاحب مٿئين پئرا  ۾ جيڪي 1969ع ۾ اڳڪٿيون ڪيون ھيون، سي سڀ ھڪ ٻن سالن اندر ئي حرف بحرف صحيح ثابت ٿيون. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org