سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 11

باب تيرھون

يورپي ملڪن ۽ عظيم طاقتن سان تعلقات

ھاڻي اھو ڏسڻو آھي تھ معربي دنيا جي ٽن نيم عظيم طاقتن مان  ڪھڙي طاقت مستقبل قريب ۾ پاڪستان جي قومي مفاد کي ترقي ڏيڻ جو وڌيڪ حق ادا ڪري  سگھي ٿي، پر ان جي موجوده پاليسيءَ جي  آڌار تي، فرانس لاءِ سڀني  کان  وڌيڪ گمان ڪري سگھجي ٿو. خود اراديت جي حق لاءِ ان جي حمايت، ائٽلانٽڪ معاھده جي سربراھيءَ کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس ڪوششن، ۽ ايشيائي مسئلن ۾ ان جي شعور مان اھو نتيجو نڪتو آھي جو پاڪستان ۽ فرانس جي درميان تعلقات خوشگوار آھن.

 سيپٽمبر 1965ع واريءَ جنگ ۾، فرانس پاڪستان کي نااميديءَ جو ڪو سبب نھ ڏنو. ان جي برعڪس، سلامتي ڪائونسل ۾  ان جو رويو ھن ڪري نھايت مددگار ثابت ٿيو، جو ان  ٻين عظيم طاقتن طرفان  تعزيرن وجھڻ جي  ڌمڪين جي مخالفت ڪئي. جولاءِ ١٩٦٥ع ۾ ڪنسورشيم جي درميان بحران واري وقت ۾ پڻ فرانس پاڪستان کي اقتصادي ۽ سياسي ٻنھي قسمن جي امداد ڏني. ان جي عالمي پاليسي اسان جي قومي ۽ بين الاقوامي مفادن سان مطابقت رکي ٿي، ۽ ھن سربراھيءَ جي زيرسائي ھندستان جي قد ڪاٺ ۾ اچڻ واري ڪوتاھيءَ جي منفي  نتيجن جو احتياط سان مطالعو ڪيو آھي. فرانس کي يقين آھي تھ چين سان ھندستان جو جھڳڙو، ايشيا ۾ امن لاءِ فائديمند ناھي. اھو ملڪ ھن ڳالھھ جو قدر ڪري ٿو تھ پاڪستان چين سان اعتماد ۽ مفاھمت جا تعلقات قائم ڪيا آھن، ۽ ھو پاڪستان طرفان پنھنجي وجود ۽ خود مختاريءَ کي قائم رکڻ  جي جدوجھد ۾ ان جو ھمدرد آھي .

پاڪستان جا وفاقي جمھوريھ جرمنيءَ سان تعلقات دوستانھ آھن ۽ ان ٻي جرمنيءَ سان اڃا تائين ڪنھن بھ قسم جو رابطو قائم نھ ڪيو آھي، ليڪن  جرمن خارجھ پاليسيءَ جي حدن کي ڏسندي پڪ سان نھ ٿو  چئي سگھجي تھ جرمنيءَ جي وفاقي جمھوريھ پنھنجي وڌندڙ طاقت جي باوجود، اھڙيءَ صورت ۾ جو ان تي شديد دٻاءُ پوي، ڪھڙيءَ حد تائين پاڪستان کي مدد ڏيڻ جي قابل ھوندي. ان ھوندي  بھ ھيءَ ڳالھھ اھم آھي تھ اسين  انھيءَ ملڪ سان، ان جي پنھنجي اھميت  ۽ اقتصادي  ميدان ۾ پاڪستان کي مدد ڏيڻ جي صلاحيت جي بنياد تي، دوستيءَ جا تعلقات قائم رکون ۽ انھن کي وڌائيندا رھون. پر اسين ان کي گھٽ ۾ گھٽ، في الحال ھڪ سياسي بيرم  بنائي  نھ ٿا سگھون، ۽ اھا آمريڪا جي طرفان بند ڪيل  سازو سامان جي امداد جي  تلافي نھ ٿي ڪري سگھي.  

اسان جي علائقي ۾ برطانيھ جو اثر  و رسوخ گھٽجي چڪو آھي ۽ ان تي ھاڻي آمريڪا حاوي ٿي ويئي آھي. جيئن تھ برطانيھ خود آمريڪا جو محتاج آھي ۽ جيئن  تھ ھندستان ۽ پاڪستان، ٻيئي دولت مشترڪھ(1) جا ميمبر آھن، ان ڪري اھو  ھڪ قسم جي ادلي بدلي ٿيندڙ غير جانبداري جو سلسلو جاري رکندو. ڪڏھن ھو  ھندستان جي حمايت ڪندو، تھ  ڪڏھن پاڪستان جي طرفداري ڪندو. ان   جي باوجود اسان لاءِ برطانيھ سان سٺا تعلقات  رکڻ جا پڻ ڪي فائدا آھن. اسان کي ھن سبب ڪري نھ ھٻڪڻ گھرجي تھ اھي ملڪ ھڪ اسان جي بنيادي مسئلن  جي حل ۾ ڪوئي مثبت ۽ معقول ڪردار ادا نھ ٿا ڪري سگھن. اسان کي انتظان ڪرڻ گھرجي ۽ تبديليءَ جي اميد رکڻ گھرجي. موجوده حالتن ۾ پڻ انھن ٻنھي ملڪن سان ھر ممڪن  حد تائين بھترين  تعلقات قائم رکڻ ۾  ڪيئي فائدا آھن . سڀني ھيٺانھين مددگار ڳاليھن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ  گھرجي ۽ موزون  موقعي تي انھن کي اثرائتي نموني ۾ ڪم آڻڻ ۽ اڳتي وڌائڻ گھرجي .

سبب ۽ نتيجي جو اصول خارجھ معاملات سان بھ اھڙوئي لاڳو ٿئي ٿو، جھڙو نجي ھرجاني  جي قانون سان . رياستي تعلقات جي اھتمام ۾ ھڪ سرگرم باھمي رابطو ۽ ٻھ- طرفو اثر ڪم ڪندو آھي. ھڪ اھڙي خارجھ حڪمت عملي، جيڪا تسليم ٿيل عالمگير اصولن تي دارومدار رکي ٿي، ٻين رياستن تي پڻ اثرانداز ٿئي ٿي، جڏھن تھ  ھڪ مصلحت آميز ۽ موقع پرست حڪمت عملي ٻين ملڪن سان تعلقات ۾ ملڪ جي شبيھھ تي ناموافق اثر وجھي ٿي. جيڪڏھن پاڪستان جون پاليسيون بااصول ۽ اخلاقي معيار جون ھجن، تھ ٻين مملڪتن تي لازمي طور انھن جو اثر اسان جي حق ۾ ٿيندو.  فرانس، برطانيھ ۽ مغربي جرمنيءَ سان حقيقت پسند حڪمت  عملي  تي ڪاربند رھي مغربي يورپ جي ٻين ملڪن سان دوستانھ تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ خوشگوار حالتون  پيدا ڪري سگھجن ٿيون. انھن ملڪن سان اڳوڻن لاڳاپن ۽ اقتصادي امداد جي ضرورت جي پيش نظر، انھيءَ قسم جا تعلقات اڃا بھ وڌيڪ ضروري آھن. انھن مثبت عوامل کي، ايشيا ۾ پاڪستان جي وڌندڙ اثر و رسوخ جي سبب  ڪري وڌيڪ تقويت ملي ٿي .

انھيءَ قسم جا دليل اوڀر يورپ جي اشتراڪي ملڪن جي  معاملي ۾ پڻ لاڳو ٿين ٿا. انھن سان پاڪستان جو وڌندڙ اشتراڪ زندگيءَ جي  ڪيترن ئي  ميدانن ۾ سازگار فضا پيدا ڪري سگھي ٿو. مغربي يورپ وانگر، مشرقي يورپ ۾ پڻ ڪي اھم ڪليدي رياستون  آھن، جيڪي اسان جي خصوصي توجھ جون مستحق آھن . انھن سڀني  ملڪن کان وڌيڪ اھم رومانيھ آھي،  جيڪو تازوئي جرئتمنديءَ سان ھڪ  دورانديش خارجھ پاليسيءَ  تي عمل ڪرڻ سبب سامھون اچي  بيٺو آھي. پولنڊ ۽ چيڪوسلواڪيھ  جي صنعتي  طور ترقي  يافتھ ملڪن طرف توجھ  ڏيڻ پڻ اوتروئي ضروري آھي.  جيتوڻيڪ انھن کي پڻ سو ويت يونين وانگر ھن چيز طرفان انديشو آھي، جنھن کي ھو جرمنيءَ جون ” انتقامي دعوائون“   چون ٿا .

جيستائين مجموعي طور يورپ جي سڄي کنڊ جو تعلق آھي، پاڪستان مشرق ۽ مغرب جي باھمي  تعاون ۾ واڌاري جو خيرمقدم ڪندو. يورپ  جي داخلي اشتراڪ جو عمل برطانيھ جي  يورپ ۾ ھڪ يورپي طاقت جي حيثيت سان داخل ٿيڻ سان  گڏ، ۽ ان کان علاوھ انھن گھڻين  ئي بندشن جي ختم ٿي وڃڻ  سان جيڪي مشرقي ۽ مغربي يورپ جي درميان آھن، وڌيڪ تيز ٿي ويندو. جڏھن اھي ڳالھيون وجود ۾ اينديون، تڏھن جنرل ڊي گال جو ”آزاد يورپي يورپ“ يعني اھڙو يورپ وجود ۾ اچي ويندو. جيڪو عالمن امن جي حفاظت ۾ نمايان طور حصو وٺي سگھي.

آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن جي سلسلي ۾ اسان ڏسي ورتو تھ تعلقات کي معمول تي رکڻ لاءِ سخت شرطن  وجھڻ جي پاليسيءَ جا عملي نتيجا ڇا  ٿا نڪرن . ڄمون ۽ ڪشمير جي مئسلي تي ھندستان سان ھلندڙ جھڳڙي ۾ پاڪستان جي حمايت ڪئي ويئي  تھ ھن لاءِ  ڪئي ويئي  جو اھا نمايان طور آمريڪا جي  مفاد ۾ ھئي. غير جانبدار  ھندستان تي پنھنجو  پاڇو وجھڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ، آمريڪا پاڪستان جي طرف توجھ ڪئي ۽ نتيجي طور، ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ عيوضي  معاوضي جي بنياد تي ھن اسان جي حمايت ڪئي. بين الاقوامي صورتحال جي تبدلين آمريڪا ھي اصلوڪي پوزيشن ۾ اھڙيون ڦيرڦارون پيدا ڪيون آھن، جيڪي  عالمي مفادن ۽ جنگي حڪمت جي تابع آھن، جن کي جھڳڙي جي حقيقت يا اِن ڳالھھ سان ڪوئي واسطو ڪونھي تھ اسان پنھنجن مفادن کي انھيءَ  وڏي طاقت سان ڇاجي لاءِ وابستھ ڪيو آھي .

  ٿٻيٽ جي بحران، چين ۽ ھندستان جي درميان سرحدي جھڙپن کان پوءِ آمريڪا ھندستان  کي پنھنجي دائري ۾ ڇڪي آڻڻ جا نوان موقعا ڏٺا. انھيءَ قسم جي مصلحت انديشي ڄمون ۽ ڪشمير  بابت آمريڪا جي رويي ۾ برابر جھلڪندي رھي آھي. جڏھن پاڪستان  کي فوجي امداد ڏيڻ ان جي عالمي مفاد ۾ ھو، تڏھن پنڊت نھروءَ جا سڀ احتجاج پاڪستان کي فوجي سازو سامان مھيا ڪرڻ جي فيصلي تي ذري برابر بھ اثر انداز ٿي نھ سگھيا. پوءِ وري جڏھن  ھندستان کي ھٿيارن جي  فراھمي آمريڪا جي مطلب لاءِ مفيد ٿي، تڏھن اسان جا پنھنجا احتجاج جيتوڻيڪ ڏاڍا شديد ھئا، آمريڪا جي ھٿيارن مھيا ڪرڻ جي فيصلي تي ڪو بھ اثر وجھي نھ سگھيا. فيبروري 1963ع ۾ آمريڪي حڪومت پنھنجي نائب سيڪريٽري آف اسٽيٽ فلپس  ٽالبوٽ  کي ننڍي  کنڊ جي دوره تي موڪليو. ھن پاڪستان ۾ اچي ھيءَ ڳالھھ چئي تھ ھن علائقي ۾ طاقت جو توازن برقرار  رکڻ لاءِ آمريڪا فيصلو ڪيو آھي تھ اھا پاڪستان کي ھٿيارن  جي وڌيڪ مدد نھ  ڏيندي، ۽ ھن اھو بھ چيو تھ جھڙيءَ طرح ماضيءَ ۾ ھندستان جي طرفان ٿيندڙ احتجاجن جي باوجود، پاڪستان کي ھٿيار ڏبا رھيا، تھڙيءَ طرح ھن جي حڪومت پاڪستان جي احتجاجن جي باوجود ھندستان لاءِ ھٿيارن  جي فراھمي جاري رکندي . ھن معاملي ۾ آمريڪا جي پاليسي سخت رھي آھي. اقتصادي امداد ۽ اناج جي پھچ وانگر ھٿيارن جو وھڪرو پڻ وڌندو ويو ۽ ھندستان کي ملندڙ امداد مجموعي طور بنان ڪنھن  وقفي جي وڌندي ئي ويئي، ۽ ائين چئي سگھجي ٿو تھ ھندستان جي امداد پاڪستان جي احتجاجن  جي مقابلي ۾ جاميٽريءَ واري تناسب يعني ٻيڻي چؤڻي حساب سان وڌندي  رھي .

سو ويت يونين جي معاملي ۾ اسين ڏسون ٿا تھ غير جانبدار ھندستان سان ڄمون ۽ ڪشمير بابت ان جي مڪمل ھم آھنگي جي روايتي پاليسي عالمي صورتحال ۾ تبديليون رونما ٿيڻ جي ڪري ڪجھھ قدر مختلف  ٿي ويئي آھي. جڏھن سوويت يونين کي سندس عالمي مفادن جي خاطر  پنھنجي رويي ۾ تبديلي ڪرڻي پيئي، تڏھن اسان جي تعلقات جو ان ۾ ذري جيترو بھ دخل ڪونھ ھو. ھندستان  جي احتجاجن جي باوجود انھن تبديلين  کي عمل ۾ آندو ويو. جڏھن سو ويت يونين  کي سندس عالمي مفادن خاطر ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ پنھنجو رويو ٻيھر متعين ڪرڻو پيو تھ ان جي دفاعي معاھدن ۾ پاڪستان   جي شرڪت ۽ ” يو –ٽو“ جي پروازن کي پڻ نظرانداز ڪرڻ مناسب سمجھيو، تھ  جيئن چين کي حد اندر روڪي سگھجي. اھڙيءَ طرح جڏھن ھندستان ۽ چين جا تعلقات  دوستانھ  ھئا، ۽ پاڪستان ۽ چين جا تعلقات اھڙا نھ ھئا، تڏھن چين  ڄمون ۽ ڪشمير جي سوال تي ھندستان جي حمايت ڪرڻ کان محض پنھنجي مطلب خاطر انڪار ڪيو. جڏھن وزيراعظم نھرو چين جي مدد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، تڏھن ھن علامتي طور چين کي ھندستان جو ھم خيال ظاھر ڪرڻ لاءِ وزيراعظم چو اين لائي تي اصرار ڪيو تھ ھو ھندستان جي دوري جي دوران  سري  نگر  جو پڻ سير ڪري . جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ چين جي درميان ان وقت  تعلقات معمول کان دور ھئا، ان جي باوجود  چين  جي وزيراعظم مستقبل تي  نگاھ رکندي علامتي طور بھ، ھندستان جي حمايت جو دم ڀرڻ قبول نھ ڪيو.

سيپٽمبرسن  1965ع جي جنگ ۾ سڀني وڏين طاقتن جنگ جي باري ۾ پنھنجي پنھنجي عالمي اندازن جي مطابق موقف اختيار ڪيو. آمريڪا ھڪ معاھدي جي تحت پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ ٻڌل ھئي، پر مدد پھچائڻ جي بدران ان سيٽو ۽ سينٽو جي معاھدن ۾ شريڪ پنھنجي رفيق جي فوجي امداد بند ڪري ڇڏي. سو ويت يونين  چيني الٽيميٽم کان  گھٻرائجي ۽  چين سان ھڪ وڌيڪ شديد سياسي ۽ نظرياتي شگاف کان ڊڄي ڏاڍي سرگرميءَ سان جنگ جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي. لڙائي بند ڪرائڻ جو ان کي ايڏو  فڪر دامنگير ھو، جو ان ھڪ اشتراڪي مملڪت  جي حيثيت سان پنھنجي تاريخ ۾ فقط ٻيو ڀيرو – ھـِن دفعي ھندستان ۽ پاڪستان جي باھمي جھڳڙن  جي حل لاءِ - پنھنجون نيڪ خدمتون پيش ڪيون . چين طرفان  پاڪستان جي کليل حمايت بي مثال ھئي، جيتوڻيڪ ان لاءِ ٺوس سياسي سبب موجود ھئا. ٽنھي  عالمي طاقتن جيڪي موقف اختيار ڪيا ھئا، تن جو تعين معاھدن جي تحت انھن جي تعلقات يا ھندستان  يا پاڪستان سان سندن ٿوري يا گھڻي ھم آھنگيءَ جي آڌار نھ، پر  سندن عالمي مقصدن جي بنياد تي ٿيو.  

پاڪستان آمريڪا کي ٻھ طرفن  يا گھڻن طرفن وارن تعلقات جي زور تي باھمي مقصدن جي ذريعن جي وسيلي، جن ۾ انھيءَ ملڪ جي مفادن سان مڪمل ھم آھنگي پڻ شامل آھي، پنھنجي نقطھ نظر طرف  ڦيرائي نھ سگھيو آھي. ھندستان ۽ آمريڪا جا باھمي تعلقات ھاڻي بھتر آھن، پر جڏھن انھن  ٻنھي ملڪن جا تعلقات پاڻ ۾ ڪشيده ھئا، ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا جي درميان ڪو بھ اختلاف ڪو نھ ھو،  تڏھن بھ پاڪستان آمريڪا کي ھن ڳالھھ تي آماده نھ ڪري سگھيو تھ اھا ھندستان ۽ اسان جي وچ ۾ جھڳڙن کي نبيرڻ  لاءِ پنھنجو اثر و رسوخ استعمال ڪري . آمريڪا پنھنجي دوست ۽ طرفدار پاڪستان  جي حق ۾ ھندستان  تي اثر استعمال ڪرڻ کان ھٻڪي  رھي ھئي، حالانڪ اھا ائين ڪرڻ جي حالت ۾ نھ ھئي. منصفانھ فيصلي ڪرائڻ لاءِ ڪا بھ سنجيده ڪوشش نھ ڪئي ويئي . مئي ١٩٦٢ع ۾ وائيٽ ھائوس مان جاري ڪيل ھڪ خلاصھ بيان ۾ صدر ڪينيڊيءَ چيو تھ ”ڪشمير جي معاملي ۾ ھندستان جي  متعلق پاڪستان طرفان امداد جي درخواست  ٻين قومي مقصدن لاءِ آمريڪي طاقت جي سھاري وٺڻ جي ھڪ ڪوشش آھي.“ پاڪستان ان وقت آمريڪي مداخلت جو نھ فقط خواھان ھو، پر آمريڪا سان تعلقات کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تصفيھ جو شرط پڻ وجھي رھيو ھو . انھيءَ خطرناڪ رستي تي ھلڻ جو ضد ڪري اسان  جيڪڏھن ڄاڻي ٻجھي نھ، تھ بھ اتفاقيھ ئي سھين، ھڪ بيجا ٺاھھ ڪرائيندي ڪرائيندي رھجي وياسون .  

پوءِ ڀلا پاڪستان ڪھڙيءَ طرح پنھنجن مفادن جي حفاظت سان گڏوگڏ آمريڪا سان دوستانھ تعلقات برقرار رکي سگھي ٿو؟ ان جو مڪمل جواب حاصل ڪرڻ تھ مشڪل آھي، پر ھڪ نسبتا محفوظ حل وڏي حد تائين واضح آھي ۽ اھو ھيءَ تھ معمول مطابق تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ پيشگي  شرطن کي بلڪل رد ڪيو وڃي ۽ ھيءَ ڳالھھ بلڪل صاف ڪئي وڃي تھ پنھنجن قومي مقصدن ۾ مداخلت کي اسين ھرگز برداشت نھ ڪنداسين. اسان کي اختلاقي نڪتن کي بلڪل بالاءِ طاق رکي ڇڏڻ گھرجي ۽ گڏيل مفاھمتن جي حدن اندر تعلقات قائم ڪرڻ گھرجن. ان جي باوجود، جيڪڏھن آمريڪا ڪنھن اھڙي تصفيھ ڪرائڻ تي اصرار ڪري، جنھن جو بنياد خود  اختياريءَ  جي  حق تي رکيل نھ ھجي ۽ اھا پنھنجن عالمي مقصدن خاطر ھندستان ۽ پاڪستان جو  تعاون چاھي تھ پوءِ پاڪستان کي سياسي محاذ آرائيءَ  لاءِ تيار رھڻ گھرجي، جيڪا وقت گذرڻ سان ھڪ نئين مفاھمت جي بنياد تي معمول مطابق تعلقات ۾ تبديل ٿي سگھي ٿي. ھڪ مضبوط موقف اختيار ڪرڻ ۽ مختصر عرصي تائين مشڪلات جو مقابلو ڪرڻ دٻاءُ جي آڏو جھڪي سيلاب لاءِ دروازا کولي ڇڏڻ ۽ ھڪ  جي پٺيان ٻئي بحران  کي دعوت ڏيڻ کان بھتر آھي. ھڪ نئين تصفيھ تائين پھچي، جتي صدر ڪينيڊيءَ جي لفظن ۾، آمريڪي قوت جي سھاري  وٺڻ جي ضرورت نھ ھجي، اسين انھيءَ  ملڪ کي ھڪ پريشان ڪندڙ ذمھ داريءَ کان آزاد ڪري ڇڏينداسون ۽ پنھنجن اھم قومي مفادن جي حفاظت پڻ ڪري سگھنداسون . اختلاقي نڪتن کي الڳ ڪري اسين پنھنجن مقصدن لاءِ پوري پوري ڪوشش ڪرڻ  جي حق کان ڪنھن بھ طرح سان دستبردار نھ ٿا ٿيون . اسان وٽ پنھنجن مطالبن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻيا ذريعا بھ موجود آھن، جيڪي شايد وڌيڪ ڪامياب ٿي سگھن . ڪنھن وڏي طاقت سان مسلسل حوصلھ شڪن تعطل قائم رکڻ جي بجاءِ، وڌيڪ عقلمندي اھائي آھي تھ انھيءَ ڳنڍ کي ئي  وڍي ڇڏجي، جيڪا ڳچيءَ ۾ ڦاھو بنجي ڦاسي پيئي ھجي. يگوسليويا ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت نھ ڪئي آھي، پر ان جي باوجود اسان جا انھيءَ ملڪ سان خوشگوار تعلقات قائم آھن . اھو ھن ڪري آھي، جو اسان يگوسليويا  سان مواقفت وارن دائرن ۾ تعلقات قائم ڪري رکيا آھن، ۽ ھندستان سان پنھنجن جھڳڙن جي فيصلن لاءِ انھيءَ ملڪ جي مداخلت جا خواھشمند نھ ٿيا آھيون. اسان غيرارادي طور انھيءَ  ملڪ سان  باھمي تعلقات مان اختلاقي نڪتو الڳ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان طرح اسان سياسي ڪشيدگين کان بچي ويا آھيون. اسان حمايت جي خواھش جو اظھار ڪندي ۽ ان کي حاصل  ڪرڻ لاءِ اڻسڌيون ڪوششون جاري رکندي بھ اختلافي حدن کان ٻاھر تعلقات قائم رکي سگھون ٿا، ۽ پوءِ اھي جيتري تائين بھ  ھلن .

اھڙيءَ طرح اسان کي ھر وڏي ۽ عالمي طاقت کي صاف ٻڌائڻ گھرجي تھ پاڪستان انھن مان ھر ھڪ سان الڳ الڳ ٻھ – طرفن بنيادن  تي اھڙن لاڳاپن رکڻ لاءِ تيار آھي، جيڪي  وقتي طور ناقابل  حل اختلافن کان بلڪل علحده ھجن، بشرطيڪ  واسطيدار طاقت بھ اسان جي ملڪ جي معاملن ۾ اسان جي مفادن جي خلاف دخل اندازيءَ کان پرھيز ڪري. اھا اسان جي اندروني معاملن ۾، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزاديءَ لاءِ اسان جي جدوجھد ۽ ھندستان سان اسان جي جھڳڙن جي منصفانھ فيصلن ۾ سچ پچ عدم مداخلت کان ڪم وٺي، تھ اسان پڻ جواب ۾ ان سان حسب معمول، مگر محدود طور ۽ پيشگي شرطن کان سواءِ تعلقات قائم رکنداسون. انھيءَ قسم جو انداز نظر  معقول ۽ منطقي بھ آھي ۽ آخرڪار اسان جي مقصدن جي حصول جي رستي ۾ گھٽ ۾ گھٽ رڪاوٽ جو باعث پڻ ٿيندو. اھو انداز اسان کي سڀني مملڪتن سان معمول جي مطابق تعلقات قائم رکڻ جو موقعو بھ ڏيندو  ۽ اسان جي پنھنجن مقصدن جي حصول لاءِ سرگرم ڪوشش سان گڏوگڏ ان کي ھم آھنگ پڻ ڪري سگھبو . اھو اسان کي  پنھنجن جائز مقصدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ مخالفانھ غير ملڪي مداخلت جي انديشي کان سواءِ ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ جي آزادي ڏيندو. اسان کي  ھيءَ بھ آزادي ھوندي تھ جيڪي طاقتون اسان جون مخالف يا غير جانبدار آھن، تن جي طرز ِ عمل ۾ اسين اڻسڌي ترغيب ۽ اثراندازيءَ جي ذريعي پنھنجي موافق تبديلي پيدا ڪيون. ”معمول جي مطابق تعلقات لاءِ پيشگي شرطن“ ۽ ”بغير پيشگي شرطن جي ڪوشش ۽ ترغيب“ ۾ بنيادي فرق آھي. پنھنجن جھڳڙن جي نبيري ۾ مداخلت  نھ چاھيندي بھ ٻين ملڪ کي صحيح موقف اختيار ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏيارڻ جي ڪوشش کان اسان کي روڪيو نھ ويندو. ھيءُ ڳالھھ چوڻ کان سواءِ ئي ظاھر آھي تھ جيڪڏھن ڪا مملڪت اڻسڌي ترغيب يا ٻين سببن ڪري  پنھنجي موقف ۾ پاڻ ئي تبديلي آڻي وجھي تھ انھيءَ مملڪت سان اسان جي باھمي تعلقات ۾ پڻ اھڙوئي ڦيرو ايندو.

اسان کي ھيءَ ڳالھھ واضح طور ڄاڻڻ گھرجي تھ ڪابھ عالمي طاقت پنھنجي سياسي حمايت جي ذريعي ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڪستان جي حوالي نھ ٿي ڪرائي سگھي. البت، انھن جي سرگرم سياسي مخالفت اسان لاءِ پنھنجن مقصدن جي حصول کي ڏاڍو مشڪل بنائي سگھي ٿي. انھيءَ ڪري اسان کي انھن مملڪتن سان، جيڪي غير جانبدار آھن يا جيڪي اسان جي نقطھ نظر جون مخالف آھن، پنھنجن ٻھ – طرفن تعلقات سان باھمي اختلافن جي  نڪتن کي الڳ ڪري ڇڪتاڻ کي دور ڪرڻ گھرجي. ٻئي طرف اسان کي انھن سڀني  ملڪن سان ۽ خاص طرح انھن وڏين ۽ عالمي طاقتن سان پنھنجي تعلقات کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، جيڪي ڄمون ۽ ڪشمير  جي جھڳڙي ۾ پاڪستان  جي غير مشروط حمايت ڪن. ڪنھن بھ ملڪ کي اھڙين ترجيجن تي اعتراض ڪرڻ جو ڪو بھ   سبب ڪونھي، جيڪي پيشگي شرطن کان سواءِ اعلي ٰ قومي مفاد جي واضح ۽ معقول بنياد تي قائم ڪيون ويئون ھجن . ھيءُ ڳالھھ  ھر ڪنھن جي سمجھھ ۾ ايندي تھ پاڪستان جي خارجھ پاليسيءَ جو بنياد ئي ھن تي آھي  تھ انھن قومن سان تعلقات کي مضبوط بنايو وڃي، جيڪي اسان جي منصفانھ مقصدن ۾ اسان جي حمايت ڪنديون ھجن ۽ انھن عظيم ۽ عالمي طاقتن سان ٽڪراءَ جي نڪتن کي بي اثر بنايو وڃي،جيڪي اسان جي منصفانھ  جدوجھد جون مخالف ھجن. انھن ملڪن سان،  جيڪي اسان جاحامي آھن، اسان جي مخلصانھ تعلقات کي ڪن خفيھ مقصدن طرف منسوب نھ ڪيو  ويندو ۽ اھو واضح  ٿيندو تھ اسين ڪنھن بھ عالمي جھڳڙي ۾ ڪنھن جي حڪم  جي تابع ڪين آھيون ، پر ان جي  برعڪس سڀني ملڪن سان اسان جي تعلقات جي درجھ بنديءَ جي مڪمل وضاحت موجود آھي. انھيءَ   طريقي سان اسان  ٽن عالمي  طاقتن سان پنھنجي تعلقات جو بنياد پيشگي شرطن  کان سواءِ، ھڪ معقوليت پسند بنياد  تي اھڙيءَ طرح رکي سگھون ٿا، جو اھو انھن جي مفادن خلاف نھ ھجي، اسان جي پنھنجن مفادن جي بلڪل موافق ھجي ۽ مداخلت جو انديشو بھ نھ ھجي .

وڌيڪ وضاحت سان ھيئن چئي سگھجي ٿو تھ پاڪستان لاءِ مصلحت ھن ۾ آھي تھ اھو ھندستان سان پنھنجن جھڳڙن جي سلسلي ۾ وڏين طاقتن سان سڌيءَ طرح مد مقابل ٿيڻ کان پرھيز ڪري. اسان  کي انھن سان تعلقات کي معمول مطابق رکڻ لاءِ پيشگي شرطن وجھڻ جي ڪوشش ڪرڻ  نھ گھرجي. اسان کي انھن سان، جيڪي اسان جي نقطھ نظر جا مخالف يا غير جانبدار ھجن، مخلصانھ پر محدود تعلقات لاءِ آماده ھئڻ گھرجي. محدود ھن ڪري، جو اسان جي قوم لاءِ بنيادي اھميت رکندڙ جھڳڙن بابت انھن جا موقف مختلف، پر ڪشيدگيءَ کان سواءِ آھن، ڇاڪاڻ تھ اسين اختلافن جي باوجود مداخلت جي خطري کان سواءِ معمول مطابق تعلقات قائم رکي سگھون ٿا. بي فائده بحثن  ۾ ڦاسڻ کان اھو گھڻو بھتر آھي تھ اسين اھڙيون حالتون پيدا ڪرريون، جيڪي عظيم طاقتن کي سندن موقف تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪن. اھا ھڪ ڏکي مھم آھي، پر اسان جي منصفانھ نقطھ نظر جي غير مبھم انداز ۾ حمايت ڪرڻ وارين  عظيم ۽  عالمي طاقتن ۽ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ترقي پذير ملڪن جي تعاون کي گڏي اسين انھيءَ مھم کي سر ڪري سگھون ٿا. انھيءَ جو دارومدار اسان جي پنھنجي حڪمت ۽ عزم تي ٿيندو.

اچو تھ  ڀلا تصوير جي ٻئي رخ کي بھ ڏسون . جيڪڏھن اسين ھن ڳالھھ تي اصرار ڪريون تھ عظيم طاقتون اسان سان تعلقات قائم  ڪرڻ کان اڳ ۾ ھندستان سان اسان جي اختلافن ۾ اسان جي حمايت ڪن، تھ اسين انھن لاءِ ھن کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نھ ڇڏينداسين تھ اھي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪن ۽ تعلقات قائم ڪرڻ جي غرض سان اسان تي ناخوشگوار فيصلا مڙھين . اھڙن پيشگي شرطن مان اسان جي اھم مفادن کي نقصان  پھچندو، ناقابل برداشت سمجھوتن  جو ھڪ اڻ-کٽ سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ سڀني عظيم ۽ عالمي طاقتن سان اسان جي تعلقات ۾ منافقت جو رنگ پيدا ٿي ويندو.

اعلي ٰ مقصدن جي حصول لاءِ اسان جون پنھنجون ڪوششون سڀني کان اولين اھميت رکن ٿيون. تڏھن بھ اسين فقط انھن جي سھاري تي شايد ڪامياب نھ ٿي سگھون. اسان کي  بين الاقوامي حمايت جي ضرورت آھي. ڪجھھ اسان کي اڳيئي انھن ننڍين مملڪتن جي اڪثريت جي طرفان حاصل آھي، جيڪي سامراجي نظام جي خاتمي ۽ خود اراديت جي حق جون قائل آھن. اسان کي ايشيا جي ھڪ تمام وڏي طاقت جي حمايت حاصل آھي ۽ اسين انھيءَ قابل آھيون تھ يورپ جي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ نيم عظيم طاقت جي حمايت حاصل ڪريون. جيڪڏھن ايتري  مضبوط اجتماعي حمايت جو سھارو وٺي اسين صحيح ۽ عقلمندانھ اقدامات ڪري اڳتي وڌون تھ انھيءَ قابل ٿي سگھون ٿا تھ پنھنجين منصفانھ دعوائن جي حصول لاءِ باقي ننڍين ۽ وڏين مملڪتن تي اثر وجھي سگھون . اسين پاڻ  کي مونجھارن مان آزاد ڪرائي وٺنداسون ۽ اخلاقي، مادي ۽ سياسي دٻاءُ جي زد ۾ اچڻ کان بچي وينداسون. اسان کي نسبتا سلامتيءَ واري ھنڌ تي پھچي سازگار موقعي جو انتظار ڪرڻ گھرجي، جيڪو عين ممڪن آھي تھ پيچيده بين الاقوامي صورتحال اسان کي مھيا ڪري ڏئي. ان وقت  تائين مداخلت جي دٻاءُ کي روڪي اسين ڄمون ۽ ڪشمير جي باري ۾ ڪنھن ناموافق تصفيھ  جي مسلط ٿيڻ کان محفوظ رھي سگھون ٿا ۽ سڀني ملڪن سان پنھنجن ٻھ- طرفن  تعلقات ۾ ھم آھنگي پيدا ڪري سگھون ٿا.  

عالمي طاقتن جي  پاليسين ۾ تغير ۽ تبدل ٿيندو ئي رھندو آھي. عالمي صورتحال جي حرڪيات جي تقاضا آھي تھ ننڍيون قومون اجتماعي مقصدن  جي خلاف پنھنجن انفرادي مقصدن لاءِ عالمي طاقتن  سان تصادم کان پاڻ کي بچائين. ويھھ سال  ھڪ قوم جي زندگيءَ ۾ ڪو ڊگھو عرصو ڪو نھ ھوندو آھي. اسان  کي نھايت مضبوط ارادي سان پنھنجي منصفانھ مقصد تي قائم رھڻ گھرجي. اسان  ڪنھن اھڙيءَ ڳالھھ کي، جيڪا اخلاقي يا نطرياتي طور واجب ھجي، فقط ھن بنياد تي نظرانداز نھ ٿا ڪري سگھون تھ حالات في الحال ناموافق آھن. ويٽ نام جا ماڻھو ويھن سالن کان وٺي تباھيءَ جو مقابلو ڪري  رھيا آھن. جيتوڻيڪ انھن جي شھرن ۽ ڳوٺن کي ڊاھي زمين جي برابر ڪيو پيو وڃي، تڏھن بھ سندن مزاحمت جو روح اڳ جي مقابلي ۾ تمام گھڻو مضبوط آھي.  وقتي تعطل کي قبول ڪري وٺڻ، ڪنھن غير منصفانھ حل تي رضامند ٿيڻ کان بھتر آھي. ھڪ حقارت  آميز ٺاھھ مستقبل ۾ پڻ منصفانھ ٺاھھ جا امڪان گھٽائي ڇڏيندو.

پاڪستان جي آڏو پھريون ڪم اھو آھي تھ انھيءَ غير ملڪي مداخلت کي گھٽائي يا ممڪن ھجي تھ زائل ڪري ڇڏي، جيڪا  پريشان ڪندڙ تيزيءَ سان وڌي رھي آھي ۽ جيڪا، جيڪڏھن ان کي روڪيو نھ ويو،  تھ نھ فقط ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسان جي مٿان ڪوئي نامنصفانھ ٺاھھ مسلط ڪري سگھي ٿي، بلڪ عين ممڪن آھي تھ اسان کي ھندستان سان گڏو گڏ چين جي خلاف  محور ۾ بھ مبتلا ڪري وجھي. لھاذا، اسان جي روايتي سياسي انداز ِ نظر ۾ تبديليءَ جي ضرورت آھي. اسان  پنھنجي عھد ۽ بنڊ ونگ جي روح جي بلڪل خلاف، تمام وڏو خطرو کڻي  غير ملڪي دخل ڪاري ۽ خلل اندازيءَ جي حوصلھ افزائي ڪئي آھي. جيڪڏھن اسان جي جھڳڙن  جو حل غير ملڪي  طاقتن جي مفاد خلاف ٿيو تھ اھي اسان جي جھڳڙن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪندا. ھڪ ڀيرو جيڪڏھن غير ملڪي اثر ختم ٿي وڃي تھ اسان جي لاءِ اھو ممڪن ٿيندو تھ اسين مسئلن کي نئين سر حقيقي پس منظر ۾ ڏسي سگھون. مسئلي جي سڀني کان وڌيڪ سادي صورت اھا آھي تھ پاڪستان کي ڪنھن بھ صورت ۾ عالمي طاقتن جي نظرياتي يا علاقائي جھڳڙن ۾ ملوث نھ ٿيڻ گھرجي. عالمي مقابلھ آراين ۾ اسان کي بنان ڪنھن رک رکاءَ جي، صاف ۽ پاڪ رويو قائم رکڻ گھرجي، پر ان سان گڏئي اسان کي اھڙن عالمي مسئلن ۾، جيڪي عوام ۽ قومن جي مساوي حقن، خود اراديت ۽ اقتصاديءَ آزاديءَ تي اثر انداز ٿين ٿا، ھڪ واضح ۽ آزاد انداز ِ نظر اختيار ڪرڻ گھرجي . پاڪستان کي ٻين ملڪن جي رويي کان ڪوئي اثر قبول ڪرڻ کان سواءِ پنھنجي نظرياتي اصولن جي مطابق ھميشھ اڳرائي جي مخالفت ۽ ان جو شڪار ٿيڻ وارن جي پشت پناھي ڪرڻ گھرجي. اسان کي عالمي طاقتن جي نظرياتي صف آرائي ۾ سختيءَ سان غير جانبداريءَ جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي. انھن طاقتن سان پنھنجي  تعلقات جي تعين ڪرڻ ۾ پاڪستان کي پنھنجي جاگرافيائي بيھڪ جو  لحاظ پڻ رکڻ گھرجي ۽ پنھنجن جائز مقصدن لاءِ ان کي جيڪا مدد ميسر آھي، تنھن جو پڻ ان کي  عالمي رقابتن ۾ ڪوئي ٻڌل سڌل موقف اختيا رڪرڻ بدران ھر معاملي جي خصوصيتن  جي مطابق پنھنجي حڪمت عملي متعين ڪرڻ گھرجي. اھا حڪمت عملي ھر ملڪ جي اندروني معاملن ۾ ”عدم مداخلت“ ۽ سڀني قومن لاءِ خود اراديت جي حق جي نظريي جي مطابق ھئڻ گھرجي. کيس اھڙو پيشگي شرط پڻ قبول  ڪرڻ کلان پرھيز ڪرڻ گھرجي، جيڪو ان جي قومي ۽ نظرياتي ذميوارين کي پوري ڪرڻ کان ڪنھن بھ صورت ۾ سندس عمل جي آزاديءَ  کي محدود  ڪندو ھجي .  

 

-----

  

باب چوڏھون

ڪي نتيجا

 پاڪستان کي سابق تجربي ۽ ڪن ٻين  خيالن کان ٽن اھم مقصدن جي حصول لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي:

 ١- چين، سان جيڪا ھڪ عظيم طاقت آھي ۽ جنھن سان پاڪستان جي بنيادي مفادن جي موافقت آھي، دوستي ۽ باھمي اعتماد جي پاليسي .

  2- آمريڪا ۽ سو ويت يونين سان سٺا  تعلقات، پر اڳواٽ شرطن کان سواءِ ۽ عدم مداخلت جي بنياد تي- مشرقي ۽ مغربي يورپ جي ملڪن خاص طور فرانس، جرمني، برطانيا، رومانيا، چيڪو سلو ويڪيا، ۽ پولنڊ سان پڻ دوستانھ تعلقات .

 3- ٽين دنيا- لاطيني آمريڪا، ايشيا ۽ آفريڪا جي ترقي پذير ملڪن، ۽ خصوصا مسلم قومن ۽ پاڙيسري ملڪن جو استحڪام .

انھن مقصدن جو حصول گويا پاڪستان جي پاسن ۽ پٺ کي محفوظ ڪري اسان کي ھندستان سان مشڪلاتن  جي اٿندڙ  انھيءَ لھر جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بنائي ڇڏيندو،جيڪا آمريڪا جي ننڍي کنڊ متعلق پاليسين ۾ تبديلين رونما ٿيڻ ڪري زياده شديد ٿي پيئي آھي . جيڪڏھن پاڪستان انھن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي تھ ان کي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ غير مبھم موقف اختيار ڪرڻ گھرجي، جيئن ڪجھھ عرصو ٿيو تھ برما ۽ ڪئموڊيا جي حڪومتن اختيار ڪيو ھو . سياسي سطح تي ھڪ  ڦڙتيءَ وارو ۽ فيصلھ ڪن معرڪو زوال جي رجحان جو خاتمو ڪري سگھي ٿو ۽ اھو انھيءَ قدم  بقدم شڪست کان ڪيئي درجا بھتر ٿيندو آھي، جيڪا شايد آخرڪار انتشار تي وڃي ختم ٿئي .

پاڪستان جي فوجي امداد ختم ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي  جي سلسلي ۾ ان جي عام پاليسين   پاڪستان جي سلامتيءَ لاءِ خطري ۾ گھڻو اضافو ڪري ڇڏيو آھي . انھيءَ ڪري اسان کي ڪجھھ انسدادي  تدبيرون اختيار ڪرڻ گھرجن، ۽ جيترو جلد اسين اھڙيون تدبيرون اختيار ڪريون، او تروئي ننڍي کنڊ ۾ امن لاءِ بھتر ٿيندو. ھندستان  جي ھٿياربند  طاقت پاڪستان جي طاقت کان گھڻي آھي. ھندستان جي امداد ۾ اضافي جو آمريڪي فيصلو اسان کان پاڪستان جي  حيثيت جي بچاءَ لاءِ، ۽ خاص  طور ھندستان سان فوجي توازن برقرار رکڻ لاءِ مثبت اقدامن جي تقاضا ڪري ٿو .

 آمريڪا پنھنجي مرضي ھلائي ۽ بنان ڪنھن اڳواٽ اطلاع جي باھمي دفاع جي معاھدن ۽ سيٽو ۽ سينٽو جي تنظيمن جي اکر ۽ روح تي قلم ڦيري ڇڏيو آھي . پاڪستان سان ڪيل پڪن وعدن جو ڪو احترام نھ ڪيو ويو. ٻئي طرف ويٽ نام ۾ صرف معاھدن جي نالي ۾ سڄي دنيا کي ھڪ  بين الاقوامي عظيم آفت جي طرف گھليو پيو وڃي. جيئن تھ آمريڪا ھڪطرفي ڪارروائيءَ طور پاڪستان سان ڪيل معاھدن کي ٽوڙي ڇڏيو آھي، ان ڪري ھاڻي اھي معاھدا اصولا برقرار نھ رھيا آھن. پاڪستان جي فوجي امداد جي ختم ڪرڻ واري اعلان جي تاريخ کان وٺي آمريڪا سان سڀ دفاعي معاھدا بي حقيقت ۽ غير مؤثر ٿي چڪا آھن.جيئن تھ اھي معاھدا باطل ٿي چڪا آھن، ان ڪري ھاڻي پاڪستان  کي آمريڪا کي چئي ڇڏڻ گھرجي تھ اھا انھن باقي بچيل رعايتن کي، جيڪي  ان کي پاڪستان جي سر زمين ۾ عطا ڪيون ويئون ھيون، ختم سمجھي ۽ ايم. اي . اي . جي. (M. A. A.G ) جي باقي عملي سان گڏو گڏ واشنگتن کان ڪيل اعلان موجب پنھنجي قائم ڪيل سڀني اڏن مان، پنھنجي  ڪارڪنن کي واپس گھرائي  وٺي. جيڪڏھن انھن   رعايتن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي تھ اھو اسان جي طرفان سو ويت يونين ۽ چين جي لاءِ وقتائتو خير خواھيءَ جو اظھار ٿيندو، بلڪ پشاور ۾ مواصلات جي آمريڪي مرڪز جي خاتمي ۾ ديرمدار، ناموافق نتيجا پيدا ڪري سگھي ٿي. جيڪڏھن پاڪستان طرفان تر ميمي ڪارروايون فوجي امداد جي بند ٿيڻ کان جلد پوءِ عمل نھ آيون تھ آمريڪا شايد انھن کي جوابي قدم نھ سمجھي. اھڙي صورت ۾ لازمي طور اسان جي باھمي تعلقات ۾ فرق اچي ويندو  ۽ ٻين ذريعن سان توازن جي تدبير ڪرڻ جي پاڪستاني ڪوششن ۾ نيون پيچيدگيون پيدا ٿي وينديون .

پر پاڪستان جيڪڏھن انھن معاھدن کي، جيڪي اڳي ئي ٽوڙيا ويا آھن، طئ ٿيل  مدت تائين برقرار رکيو تھ ان کي  نتيجي طور آمريڪا سان ھڪ خطرناڪ ھڪطرفي پابنديءَ کي نباھڻو پوندو،  جنھن ۾ آمريڪا تي ڪابھ ذميواري نھ پوندي. اھا ڳالھھ بلڪل رواجي سمجھھ ٻوجھھ جي آھي تھ پاڪستان جي عوام سان پنھنجي بنيادي  ذميواريءَ جو احترام  ڪندي حڪومت کي ھاڻي  باھمي  دفاع جي معاھدن جي ختم ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ گھرجي ۽ رسمي طور سيٽو ۽ سينٽوکان علحده ٿيڻ گھرجي. سن 1962ع ۾ واشگٽن ۾ ٿيل سيٽو جي وزارتي ڪائونسل ۾ شموليت پڻ يقينا غير دانشمندانھ فعل ھو، ان ھوندي بھ جيڪڏھن شرڪت ضروري سمجھي  ويئي ھئي تھ آمريڪا جي فيصلي جي حقيقي قلعي کولڻ لاءِ ھڪ بااختيار  وفد موڪلڻ  گھرجي  ھا. سيٽو  کان بلڪل  علحدگي اختيار ڪرڻ کان اڳي  پاڪستان کي انھيءَ اجلاس ۾  شريڪ ٿيندڙن ۽ آمريڪي عوام تي واضح ڪرڻ گھربو  ھو تھ ايشيا ۾ حالتون ڪيتريون  نازڪ آھن ۽ ويٽ نام ۾ جنگ کي وڌائڻ جا نتيجا ڪيترا خوفناڪ ٿي سگھن ٿا . ايشيائي عوام جي درد ۽ غم جو اظھار ڪري  پاڪستان بين الاقوامي وقار حاصل ڪري وٺي ھا ۽ فرانس جي اختيار ڪيل  نقطھ نظر کي تقويت پھچائي ھا. ان مان برطانيھ جي دولت مشترڪھ کي بھ اھڙي موقف اختيار ڪرڻ جي شايد ھمت  ٿي پوي ھا، جنھن کي اھا اختيار ڪرڻ چاھي ٿي. پاڪستان کي ”ايشيا ۾ امن “ جي تحريڪ آمريڪي سر زمين تي شروع ڪرڻ گھربي ھئي،  جتي عوامي راءِ جو ھڪ وڏو ۽ وڌندڙ طبقو جنگ جي خلاف اڙيو بيٺو آھي، جنھن ۾ اتان جي ٻنھي پارٽين جا سرڪرده ليڊر شامل آھن. اسان جي آواز، نھ صرف ايشيا  جي عوام، بلڪ دنيا جي چئني طرفن ۾ رھندڙ انسانيت جي ترجماني ڪري ھا. پاڪستان ھن ڳالھھ  جي  وضاحت ڪري ڇڏي ھا تھ ان  کي فقط ھندستان جي حل نھ ٿي سگھندڙ مسئلي جي ڪري سزا جو نشانو نھ پيو بنايو وڃي، بلڪ بنيادي طور ھن ڪري، جو ان ويٽ نام جي جنگ ۾ شامل ٿي  پنھنجن ھٿن کي ناپاڪ ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي. ڪانفرنس ۾ ھڪ مستحڪم موقف اختيار ڪري پاڪستان عالمي امن  جي مفادن کي فروغ ڏئي ھا ۽ عالمي راءِ عامھ کي ان سان ھمدردي پيدا ٿئي ھا. اھڙو موقف سو ويت يونين، چين، فرانس ۽ ٻين ملڪن سان مستقبل ۾ اسان جي ڳالھين لاءِ خوشگوار فضا پيدا ڪري  ڇڏي ھا. ائين پيو معلوم ٿئي تھ گوام ڪانفرنس  ۽ بعد جي اجلاسن ۾ فيصلو ڪيو ويو ھو تھ ويٽ نام جي جنگ کي وڌيڪ وڌايو وڃي ۽  ھڪ فوجي سوڀ حاصل ڪئي وڃي. لھاذا جيترو جلد پاڪستان انھن معاھدن کان، جيڪي ھاڻي ھونئن بھ باقي نھ رھيا آھن، علحدگي حاصل ڪري وٺي، اوتروئي ايشيا جي آئنده سلامتي  ۽ امن لاءِ بھتر ٿيندو . اسين اھڙن معاھدن کي، جيڪي سلامتيءَ جا ضامن ناھن، بلڪ اسان جي سلامتيءَ لاءِ ھڪ خطرو بنجي رھيا آھن، ويٽ نام جي جنگ کي وڌائڻ لاءِ ھڪ حيلي طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نھ ٿا ڏيئي سگھون .

 ھيءَ ڳالھھ ڪنھن بھ اعتبار  کان محض  اتفاقي ناھي تھ ذري گھٽ سڀيئي ملڪ، جن آمريڪا کان فوجي امداد حاصل ڪئي آھي، ڪنھن  نھ ڪنھن رنگ ۾ يا تھ اندروني خلفشار ۾ يا ڪميونسٽ ملڪن سان تصادم ۾ مبتلا ٿيا آھن. ڏکڻ  ڪوريا کي جنگ جي مصيبت سھڻي پيئي. چين جي ڪناري کان ھـُن پار وارن ٻيٽن تي گولھ باري ٿي.  فلپائين،  ٿائلنڊ ۽ جپان کي شديد خارجي ۽ داخلي مسئلن کي منھن ڏيڻو پيو. يونان کي ھڪ داخلي ڪشمڪش مان گذرڻو پيو، جيڪا اڄ بھ مٿاڇري جي ھيٺان موجود آھي.  ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ايران جي اترينءَ سرحد تي گڙٻڙ ٿي. پاڪستان انھن ٿورن خوش نصيب ملڪن مان ھڪ آھي، جيڪو انھيءَ قسم جي آفتن کان بچي ويو آھي. پر اھا  صورتحال ھميشھ نھ ٿي رھي سگھي ۽ دانشمندي انھيءَ ۾ آھي تھ اسين سيٽو ۽ سينٽو  کان فورا الڳ ٿي وڃون.  سن 1967ع ۾ واشگٽن ۾ سيٽو جي سالياني ڪانفرنس  ۾ ٿائلنڊ جي وزير داخلھ جي متعلق ھڪ خبر آئي ھئي تھ ان ھيئن چيو ھو تھ ”ھيءَ صورتحال سخت انديشي واري آھي تھ ڪي ملڪ سيٽو جي ميمبريءَ مان محض فائدن  حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ رھن ۽ اھڙي نازڪ وقت ۾ پنھنجو پاڻ تي ڪي بھ ذميواريون يا پابنديون قبول ڪرڻ لاءِ تيار نھ ھجن، جڏھن تھ اسان جا ڪيئي نوجوان پنھنجين جانين  کي خطري م وجھي رھيا آھن ۽ ڪيئي ھڪ بلند مقصد لاءِ جنگ  جي ميدان ۾ ڪم بھ اچي چڪا آھن.“ خبر مطابق، ھن وڌيڪ ائين بھ چيو تھ ھو اھو نھ ٿو سمجھي سگھي تھ اھڙين حالتن ۾ ”سيٽو، جيڪو غير مساوي حقن ۽ ذميوارين جي بنياد تي قائم آھي، سو خاطر خواه طور تي ڪيئن ھلي سگھي ٿو .“ ھن جو خيال ھو تھ ”سيٽو اڻٽر ارتقائي عمل مان گذرندو ۽ پنھنجو پاڻ کي وڌيڪ متوازن مفاد جي اشتراڪ جي بنيادن تي منظم ڪرڻ  جي  ڪوشش ڪندو.“ سيٽو جي  ھڪ ميمبر ملڪ طرفان انھيءَ طرح جي خيال جي اظھار ۽ برطانيھ جي طرفان تازوئي ھڪ قرطاس ابيض (وائيٽ پيپر ) ۾ دفاع جي باري ۾ انھيءَ اعلان  جي شايع ٿيڻ سان گڏ تھ سيٽو جون ذمھ داريون ”نوعيت ۽ حدن جي اعتبار کان بتدريج نئين سر متعين ڪيون وينديون.“ بھتر ٿيندو تھ  پاڪستان پنھنجي نموني. سان انھن معاھدن کي ان کان اڳ ۾ ترڪ ڪري ڇڏي، جو ھو اڃا بھ وڌيڪ  وڏين مشڪلاتن  ۾ ڦاسي پوي.

پاڪستان  جي خارجھ  پاليسيءَ جي ھڪ حليف ھئڻ واري نوعيت  ۽ ڪميونزم جي مقابلي  ڪرڻ لاءِ غير ملڪي امداد حاصل ڪرڻ جي حقيقت  جي باوجود،اسين ڪميونسٽ ملڪن سان تصادم کان انھن معروضي مفادن جي بنياد تي بچيل رھيا آھيون، جيڪي ايشيا ۽ ننڍي کنڊ ۾ عوامي جمھوريھ چين ۽ اسان جي درميان مشترڪ آھن. ھندستان پاڪستان جو حريف  آھي ۽ چين  سان ان جو جھڳڙو آھي . چين جي راءِ ھيءَ ٿئي ٿي  تھ ھندستان آمريڪا جو وڌيڪ محتاج بڻبو ويندو ۽ ان جي اثر  ھيٺ آھستي آھستي چين جي ھڪ دشمن  جي حيثيت اختيار ڪندو. ان ڪري ھيءَ ڳالھھ چين جي  قومي مفاد ۾ آھي تھ ھو پاڪستان جي حمايت ڪري ۽ اھائي ڳالھھ پاڪستان جي قومي مفاد ۾ بھ آھي تھ ھو چين سان دوستانھ تعلقات ڳنڍي . انھن سڀني ملڪن مان، جن ڪميونزم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪا کان مدد حاصل ڪئي آھي، فقط پاڪستان ئي ھڪ اھڙو ملڪ آھي، جنھن جا ھڪ تمام طاقتور ڪميونسٽ ملڪ سان بنيادي مشترڪ مفاد وابستھ آھن. ھيءُ ھڪ انوکو مثال آھي، ۽ عالمي رابطن ۾ ھڪ غير معمولي صورتحال !

 جيئن تھ پاڪستان جو عوامي جمھوريھ چين ۽ سو ويت يونين سان ڪو بھ جھڳڙو ڪونھي، ان ڪري حالات جي تازه ترين صورت جي پيش نظر اسان کي انھن سان دوستي ۽ عدم جارحيت جا معاھدا جيترو بھ جلد ممڪن ٿئي، طئي ڪرڻ گھرجن . اسان کي ٻين عظيم  طاقتن  سان پڻ معاھدن ڪرڻ متعلق سوچڻ گھرجي، جيتوڻيڪ عملي نقطھ نظر کان اھي غير ضروري ھجن. ان جو ڪوئي فائدو ڪونھي تھ اسين دفاعي معاھدن ۽ تنظيمن جا ميمبر ھوندي بھ ھڪ عالمي طاقت کي رعايتون ڏيندي، جڏھن تھ ٻيون طاقتون انھيءَ ڪم کي پنھنجي خلاف سمجھي رھيون ھجن، سڀني ملڪن سان دوستانھ تعلقات جون دعوائون  ڪريون. اھو ھڪ بنيادي تضاد آھي ۽ اسان کي پنھنجي تعلقات کي حقيقي طور تضاد کان آجي رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

پاڪستان کي  پنھنجن پاڙيسرين سان گھڻي کان گھڻا دوستانا معاھدا ڪرڻ گھرجن. ايرا، برما ۽ نيپال سان انھيءَ قسم جا معاھدا طئي ٿيڻ ۾ ڪا بھ دقت ھئڻ نھ گھرجي.  نيپال سان ھڪ معاھدي کان علاوه، ڪڻ ٻين معاملن تي پڻ تعميري مذاڪرات ڪري سگھجن  ٿا.، پاڪستان کي افغانستان سان پڻ دوستي ۽ عدم جارحيت جو معاھده ڪرڻ گھرجي. موجوده بحران تيز سفارتي اقدامات جي ھڪ سلسلي جي  تقاضا ڪري ٿو.  فقط انھيءَ قسم جي اقدامات سان انھن غلطين کي درست ڪري سگھجي ٿو، جيڪي آمريڪا جي پاڪستان سان تعلقات جي نئين موڙ کان پيدا ٿيون آھن .

 آمريڪا، مغربي يورپ ۾ ڪافي اثر  و رسوخ جي مالڪ آھي، ان ڪري پاڪستان لاءِ نيٽو ۾ شامل طاقتن کي  فوجي سازو سامان  جي فراھميءَ بابت بنيادي آمريڪي رويي کان ھٽائڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو. پوءِ بھ اِھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي تھ انھن مان ڪي، ڪھڙيءَ حد تائين  تعاون ڪرڻ لاءِ  تيار ٿيندا. پاڪستان جي نقطھ نظر کان مغربي يورپ ۾ فرانس سڀني  کان اھم ملڪ آھي ۽ اھو ضروري  ناھي تھ فرانس آمريڪا جي حاليھ فيصلن کان اثر قبول ڪيو ھجي. اسان انھيءَ ملڪ سان جيتريقدر بھ  جلد مفاھمت پيدا ڪري وٺون اوتروئي ٻنھي لاءِ بھتر ٿيندو.


(1)  مترجم جو  نوٽ : پاڪستان ھن وقت دولت مشترڪھ کان جدا ٿي چڪو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org