سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 10

باب ڏھون

پاڙيسرين ۽ ڪن ٻين ملڪن سان تعلقات

پاڪستان، ايران ۽ ترڪيءَ سان مثالي تعلقات قائم ڪيا آھن ۽ ڀائپيءَ وارو اھو اشتراڪ  ايشيا جو روز بروز وڌيڪ طاقتور عنصر بنجي رھيو آھي . ترقيءَ لاءِ علاقائي تعاون، لاءِ جنھن کي عام طور تي آر-  سي-ڊي سڏيو وڃي ٿو، اسان جي ملڪن کي ھڪٻئي جي وڌيڪ قريب آڻيندو، ڇاڪاڻ تھ ان جو بنياد مساوات، باھمي امداد ۽ دوستيءَ تي رکيل آھي . اسان  کي پنھنجن  باھمي تعلقات کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گھرجي ۽ مشترڪھ مشڪلاتن تي قابو حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن سان ھڪٻئي جي مدد ڪرڻ گھرجي.

مستقبل لاءِ ھيءُ ھڪ ڏاڍو نيڪ شگون آھي تھ ترڪي ۽ عرب رياستن جي درميان ظاھري طور حل نھ ٿي سگھڻ جھڙن تعصبن تي قابو حاصل ڪيو  پيو وڃي . تازو ئي، اصلاح جون ڪيئي علامتون ظاھر ٿيون آھن، پر انھن مان ڪا بھ انھيءَ حوصلھ وڌائيندڙ حمايت  جي برابر  ڪانھ ھئي، جيڪا ترڪيءَ طرفان عرب- اسرائيل جنگ ۾ عربن کي حاصل رھي . اھڙيءَ طرح، ايران ۽  متحده عرب جمھوريھ جي تعلقات ۾، جيتوڻيڪ ماضيءَ جي دوران بگاڙ رھيو، وچ اوڀر جي جنگ ۽ ان ۾ عربن جي مقصد لاءِ ايران جي حمايت، انھن تعلقات جي سڌاري لاءِ عمدو  موقعو فراھم ڪيو. عراق، ترڪي ۽ پاڪستان ، سڀني جا تعلقات ايران ۽ متحده عرب جمھوريھ ٻنھي سان سٺا آھن ۽ اھي انفرادي ۽ اجتماعي طور انھن ٻنھي ملڪن جي درميان تعلقات کي معمول تي آڻڻ جي ڪم ۾ مدد ڏيڻ جي طاقت  رکن ٿا. جيڪا ڳالھھ جنگ کان اڳ ۾ مشڪل نظر اچي رھي ھئي، تنھن کي عربن جي حق ۾ ايران طرفان ھمدرديءَ جي مظاھري کان پوءِ ھاڻي گھٽ مشڪل نظر اچڻ گھرجي. انھن ٻن ملڪن ۾ مفاھمت، وچ اوڀر جي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل علائقي ۽ ايراني نار جي ڌماڪي دار صورتحال واري علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ گھڻي مدد گار ثابت ٿيندي.

ھاڻي لاطيني آمريڪا جي ترقي  پذير ملڪن ڏانھن توجھ ڦيرائي ويندي تھ ڏسبو تھ پاڪستان کي انھن ملڪن سان سٺا تعلقات رکڻ جي ھن ڪري ضرورت آھي، جو انھن کان بين الاقوامي تجارت ۾ وڌيڪ منصفانھ شرطن  حاصل ڪرڻ، ترقي يافتھ ۽ ترقي پذير قومن ۾ تعاون جي بھتر اقتصادي حالات پيدا ڪرڻ ۽ مشترڪھ سياسي امنگن جي پرورش ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملي سگھي ٿي. لاطيني آمريڪا پاڪستان کان پري آھي، پر سٺن تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ مفاصلي کي ڪڏھن بھ رڪاوٽ نھ سمجھڻ گھرجي . لاطيني آمريرڪا جا ڪيئي مسئلا، ايشيا ۽ آفريڪا جي مسئلن سان  مشابھات رکن ٿا. لاطيني آمريڪا جي ملڪن سان دوستانھ  تعلقات قائم  ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم ڪو نھ ٿيندو،  بشرطيڪ اسين سڀني ترقي پذير ملڪن جي امنگن  سان  واپستگي  قائم رکون، جيڪي بھتر زندگيءَ لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن. لاطيني آمريڪا جي ملڪن لاءِ خود اراديت جي حق  جو اصول مقدس حيثيت رکي ٿو. خاص طرح انھيءَ ڪري پاڪستان، انھيءَ کنڊ سان محدود لاڳاپن ھئڻ جي باوجود، مفاصلي جي مشڪلاتن تي قابو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، اقوام متحده ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي لاطيني آمريڪا جي ملڪن  جي حمايت حاصل ڪئي آھي. انھيءَ لحاظ کان پاڪستان لاءِ  لاطيني آمريڪا جي رياستن، خاص طور ميڪسيڪو، ڪيوبا، برازيل ۽ ارجينٽائين جي وڌيڪ اھم رياستن سان تعلق وڌائڻ اڃا بھ وڌيڪ ضروري آھي .

پاڪستان کي، ٻن حصن ۾ ورھايل ھئڻ ڪري، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ  پاڙيسري آھن : الھندي طرف ايران، افغانستان، چين  ۽ سو ويت يونين، جيڪا  پاڪستان کان فقط ڪي ٿورا ميل دور آھي، اسان جي اڀرندي بازوءَ ۾ برما ۽ ٿوري مفاصلي تي نيپال، ڀوتان ۽ سڪم آھن . ھندستان جو علائقو اولھندي ۽ اڀرندي پاڪستان جي وچ ۾ واقع آھي. سندن بيھڪ جي ڪري، اولھھ  پاڪستان کي الجزائر تائين ڦھليل سڀني ملڪن سان ۽ اوڀر پاڪستان کي اوڀر ۾ انڊونيشيا ۽ جپان تائين سڀني ملڪن سان رابطو قائم رکڻ جي ضرورت آھي.

ايران سان پاڪستان جا تعلقات انتھائي شاندار آھن ۽ ڪو بھ سب ڪونھي تھ اسان جون ٻئي قومون ھن علائقي ۾ امن کي پائدار بنائڻ لاءِ پنھنجي باھمي تعلقات کي اڃا بھ وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جو ڪم ڇو نھ جاري رکن . افغانستان جي مسلم رياست، پاڪستان جي سرحد سان لاڳو ھڪ پاڙيسري رياست آھي ۽ انھيءَ ملڪ سان سٺا تعلقات، ٻنھي جي مفاد ۾ ٿيندا. تاريخ ، عقيدي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي بنياد تي، افغانستان سان اسان جا مشترڪھ رابطا، ايشيا جي ڪنھن بھ ٻئي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ آھن. ستم  ظريفي اھا آھي تھ شايد انھن مشترڪھ لاڙن جي گھڻائيءَ سبب، ڪن موقعن تي اسان جي تعلقات ۾ لاھھ اچيو وڃي . پر سياسي زندگيءَ ۾ کڻي ڪھڙو بھ لاھھ ۽ چاڙھھ اچي. ٻنھي پاڙيسري مسلم رياستن لاءِ برادرانھ تعلقات قائم رکڻ انتھائي ضروري آھن. اسان جي لاءِ اھو ممڪن آھي تھ اسين  پنھنجن اھم قومي مفادن جو تحفظ ڪندي بھ ھڪٻئي سان برادرانھ تعلقات قائم رکون . واضح سببن  جي ڪري، ھندستان  افغانستان جي نيڪ خواھشن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري ٿو .

 نيپال، پاڪستان لاءِ  اھو ڪجھھ آھي، جيڪو افغانستان ھندستان لاءِ آھي. افغانستان ، پاڪستان جي طرف  کان خشڪيءَ ۾ گھيريل آھي ۽ اھو ھڪ مسلمان بادشاھي آھي . ان جا سو ويت يونين سان سٺا تعلقات آھن ۽ اتر ۾ ھڪ خشڪيءَ جو رستو ان جي علائقي وچان لنگھي ٿو. نيپال، ھندستان جي طرف  خشڪيءَ  ۾  گھيريل آھي ۽ اتي ھڪ  ھندو بادشاھي آھي. ان جا چين سان سٺا تعلقات آھن ۽ ھڪ سڙڪ انھن کي ھڪٻئي سان ملائي ٿي.  نيپال جي اوڀر پاڪستان  ۽ سڪم ۽ ڀوتان جي اھم رياستن سان ويجھڙائي ۽ ان جي آسام صوبي سان نزديڪي، جنھن ۾ ناگا ۽ ميزو قبائل  رھن ٿا، خواه نڪسل باڙي واري تنگ گذرگاه جي بغاوتن جو ذڪر کڻي نھ بھ ڪجي، سي سڀ نيپال کي پاڪستان جي خارجھ پاليسيءَ جي اندازن ۽ تخمينن ۾ وڏو اھم مقام ڏين ٿيون. ڪجھھ سال اڳي تائين نيپال سان اسان جا تعلقات عدم موجود ھئا. بھرحال ٿورائي  سال اڳي وڃايل وقت جي تلافي ڪرن لاءِ وڌيڪ زوردار ڪوششون ڪيون ويئون آھن ۽ سڀني شعبن ۾ اسان جا ان سان تعلقات سڌري ويا آھن. اڃا بھ وڌيڪ اشتراڪ عمل  جا زياده ۽ بھتر موقعا موجود آھن، جيڪي پاڪستان ۽ نيپال جي درميان روزانو وڌندڙ مفاھمت ۾ اضافو ڪندا. سڪم ۽ ڀوتان پڻ  پاڪستان جا پاڙيسري آھن، پر بدقسمتيءَ سان ھندستان انھن رياستن کي، جن کي ھو پنھنجو باجگذار  سمجھي ٿو، اسان سان تعلقات قائم ڪرڻ جي اجازت نھ ٿو ڏئي. ھن ڳالھھ ۾ شڪ ناھي تھ انھن شمالي ھماليائي رياستن جي آزاديءَ ۽ قومي وقار جو جذبو ھڪ نھ  ھڪ ڏينھن  علحدگيءَ جون بندشون ٽوڙي ڇڏيندو ۽ پاڪستان کي انھن سان  باھمي مفاد جي بنياد تي تعلقات قائم ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو . ڄمون ۽ ڪشمير وانگر، نيپال، سڪم ۽ ڀوتان پڻ، ھماليھ  جبلن جي قطار تي اھڙيءَ طرح سان بيٺل آھن، جو انھن مان ھڪ قميتي جاگرافيائي – سياسي ھار ٺھي پيو آھي، جنھن  جي قدر  و قيمت کي ننڍي کنڊ جي سياست جي سلسلھ ۾ فراموش نھ ڪرڻ گھرجي . اھو غير محفوظ علائقو اڃا بھ ھڪ ٻيو ويٽ نام بنجي سگھي ٿو .

 پاڪستان کي برما سان انتھائي دوستانھ تعلقات قائم رکڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي، جو انھيءَ ملڪ جون سرحدون اوڀر پاڪستان  ۽ ھندستان جي بي آراميءَ وارن علائقن  سان مشترڪھ آھن . برما سان گڏ لڳل اسان جي سرحد جي نشان جي بندي ڪئي ويئي آھي ۽ اسان جا باھمي رابطا اسان جي ٻھ- طرفھ تعلقات جي سڀني دائرن اندر مسلسل  ترقي ڪندا رھيا آھن . اراڪان واري سرحد تي امن ۽ مفاھمت  جي فضا قائم آھي ۽ انھيءَ ڳالھھ باھمي اعتماد کي وڌايو آھي. انڊونيشيا جي پاڪستان  سان گڏ لڳل ڪابھ سرحد ڪانھي، پر ان جا اسان سان خصوصي تعلقات جيڪي صدر سوئيڪار نوجي زماني ۾ قائم ٿيا، سي کيس وڌيڪ وسيع معنائن ۾ ھڪ پاڙيسريءَ جي حيثيت  بخشين ٿا . اسان کي اميد آھي تھ ان ملڪ ۾ تازو ئي جيڪي ڦيرڦارون آيون آھن، سي ھنن ٻن انتھائي گنجان آباديءَ وارن مسلمان ملڪن جي تعلقات ۾ وڌيڪ اضافي جي راه ۾ رڪاوٽ ثابت نھ ٿينديون .

جتوڻيڪ سو ويت يونين سان  پاڪستان جي ڪا سرحد لاڳيتي ڪانھي، ان ھوندي بھ اسين ان جي ايترو ويجھا آھيون، جو پاڙيسري سڏائي سگھون ٿا . پاڪستان – سو ويت تعلقات  کي گذريل تاريخ بگاڙي رکيو آھي ، جنھن  لاءِ نھ پاڪستان  ۽ نھ سو ويت يونين مڪمل طور ن ذمھ دار آھن . پاڪستان جي آزاديءَ وقت ھن قسم جي ھر علامت موجود ھئي تھ اسان جا تعلقات ٻھ – طرفن باھمي مفادن  جي بنيادن تي وڌندا ويجھندا رھندا. پر بعد ۾ رونما ٿيندڙ واقعن انھن اميدن کي ختم ڪري ڇڏيو . پاڪستان، سوويت- آمريڪي مقابلي جي انتھائي عروج واري زماني ۾ ھڪ دفاعي معاھدي جو ميمبر بڻجي يونين جي مخالفت جي باھھ  ڀڙڪائي، جيڪا اھڙن سڀني معاھدن کي پنھنجي قومي ۽ بين الاقوامي مفادن جي خلاف سمجھندي ھئي . آمريڪا جي عالمي مفادن سان دائمي وفاداريءَ جي ثبوت پيش ڪرڻ جي فڪر ۾ پاڪستان  ڪڏھن ڪڏھن غير معتدل طرز عمل اختيار ڪندو رھيو، جنھن جو نتيجو اھو ٿيو تھ سو ويت يونين، ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ ھندستان جي حمايت جي صورت ۾ اسان کان بدلو ورتو . نھروءَ انھن اختلافن کي پاڪستان ۾ سو ويت يونين  جي تعلقات جي صورت کي وڌيڪ خراب ڪرڻ لاءِ نھايت ھنرمنديءَ سان تعلقات ڪيو . بين الاقوامي  حالات ۾ تبديليءَ جي تحريڪ جي بنياد تي پاڪستان ۽ روس جي تعلقات ۾ ھڪ رستو ان وقت پيدا ڪيو ويو، جڏھن مون ٻارڻ، بجلي ۽ قدرتي وسيلن جي وزير جي حيثيت ۾، معدني تيل  جو معاھدو ڪرڻ  لاءِ 1960ع جي پڇاڙيءَ ڌاري انھيءَ ملڪ جو دورو ڪيو .  پاڪستان ۽ سو ويت يونين جي درميان وڏيءَ اھميت وارو اھو پھريون رابطو ھو ۽ ان ٻين ميدانن  ۾ لاڳاپن لاءِ رستو ھموار ڪيو . ھيءَ ڳالھھ خوشيءَ جو سبب آھي تھ گذريل ڪجھھ  سالن ۾ سو ويت يونين سان پاڪستان جا تعلقات بھتر  ٿيندا رھيا آھن .

چين ۽ ھندستان اسان جا انتھائي اھم ۽ ويجھا پاڙيسري آھن ۽ انھن جي باري ۾ جدا بحث ڪيو ويندو. جيسين عام تعلقات جو معاملو آھي، تيسين ھيءَ  دعوي ٰ ڪري سگھجي ٿي تھ پاڪستان پنھنجن گھڻن پاڙيسرين مان اڪثر ملڪن سان دوستانھ تعلقات قائم ڪيا آھن . اھا ڪا معمولي ڪاميابي ڪانھي .

 

-----


 

باب يارھون

ويٽ  نام جي جنگ ۽ پاڪستان

  چين ۽ ھندستان سان پاڪستان جي تعلقات تي بحٽ ڪرڻ کان  اڳ ۾، ويٽ نام جي مسئلي تي ڪجھھ چوڻ ضروري آھي، جيڪو  ھن وقت دنيا جي سامھون ھڪ اھم ترين مسئلو آھي.  پاڪستان وانگر، ويٽ نام کي پڻ سامراجي تسلط جي ھٿان  محڪوم رھڻ جي ھڪ تاريخ آھي.  ويٽ نامي عوام،  ابتدائي دور کان وٺي انھيءَ جو وڏي بھادريءَ سان مقابلو ڪيو آھي.  ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي ٿوري ئي عرصي  کان پوءِ جڏھن ھنن جي  سابق حڪمرانن سان ٺاھھ جون سڀ ڪوششون ناڪام ٿي ويئون، تڏھن اھي فرانس جي خلاف ھٿيارن کڻڻ تي مجبور ٿي پيا. ان وقت  مغربي ملڪ فرانس جي پشت پناھي ڪري رھيا ھئا. آزاديءَ جي انھيءَ جنگ فرانس  کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو . 1954ع جي جينوا وارن معاھدن جو مقصد اھو ھو تھ ھڪ آزاد ۽ خود مختار ويٽ نام جو قالب تيار ڪيو وڃي،  پر آمريڪا مداخلت ڪري انھن معاھدن جي مقصدن کي ناڪام بنائي ڇڏيو.

شروعات ۾ آمريڪا ڪميونزم جو مقابلو ڪرڻ جي بھاني سان ڏکڻ ويٽ نام جي حڪومت کي خانھ جنگيءَ ۾، جنھن کي خود آمريڪا جي روزانھ وڌندڙ فوجي شموليت شديد بنائي ڇڏيو ھو، مدد ڏيڻ لاءِ ”فوجي مشير“ ۽ ” فوجي مبصر“ موڪليا.  اسپين جي خانھ جنگيءَ وقت ڪيئي آزاد خيال ماڻھو جمھوريت  پسندن جي مدد لاءِ يورپ جي ٻين حصن ۽ آمريڪا کان آيا ھئا. جنرل فرانڪوجي ڪاميابيءَ کان پوءِ مغربي يورپ ۽ آمريڪا اسپين  کي مغربي قومن جي برادريءَ مان نيڪالي ڏيئي ڪيترن سالن تائين ان سان جماعت ۽ برادريءَ جي ٿالھين ڀاڄين تان لٿل ماڻھوءَ وارو سلوڪ روا رکيو. ويٽ نام جو معاملو ڪھڙو نھ مختلف آھي، جتي آزاد خيال ۽ ترقي پسند طاقتن کي ملڪ کي ڪميونسٽ. بنجڻ کان بچائڻ جي بھاني سان چـِيٿيو پيو وڃي !

ھن معاملي تي قياس آرائي  ٿي سگھي تھ ڇا، آمريڪا کي شروعات کان ئي اھو يقين ھو تھ ويٽ نام ۾ ان جي ذمھ داري ايتريقدر وسيع ٿي  ويندي، جيتري اھا اڄ آھي، يا ڪيئن. رحم ۽ انصاف  کي متڪبرانھ قومي وقار تي قربان ڪيو ويو آھي. آمريڪا غالبا ويٽ نام ۾ فوجي فتح حاصل ڪرڻ جي  طاقت تھ رکي ٿي، پر انھيءَ قسم جي فتح انھيءَ مسئلي جو سياسي حل مھيا نھ ٿي ڪري سگھي، جيڪو سياسي حل کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن بھ شيءِ کي خاطر ۾ نھ ٿو آڻي. آمريڪا، ايشيا ۾ پنھنجي مستقبل  جي ڪردار جو دارومدار ويٽ نام جي جنگ جي نتيجن سان وابستھ سمجھي ٿي، جنھنڪري ھن اھو تھيھ ڪيو آھي تھ اھا انھيءَ جنگ جي تلخ انجام تائين ان ۾ پنھنجي شرڪت کي جاري رکندي. آمريڪا ۽ سوويت يونين ۾ جيڪا مصلحت آميز مفاھمت موجود آھي، تنھن تي اڳيئي ھيءَ جنگ دٻاءُ وجھي رھي آھي. چين اڃا تائين پنھنجين ھٿياربند فوجن کي انھيءَ ڪشمڪش ۾ شريڪ ٿيڻ نھ ڏنو آھي، پر چيني علائقي جي خلاف اشتعال انگيز فوجي ڪارروايون جاري آھن، جنھن کان انھيءَ جنگ ۾ پريشان ڪندڙ اضافي جو امڪان آھي. ويٽ نام ۾ ستين آمريڪي ٻيڙي جي جوانن کي ڇڏي صرف آمريڪي فوجين جو تعداد چار لک ۽ ستر ھزارن کان ٻاھر نڪري ويو آھي. ڏکڻ ويٽ نامي حڪومت ۽ آمريڪي جنرل وڌيڪ فوجين لاءِ زور ڏيئي رھيا آھن. آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل ويسٽمورلئنڊ کي آمريڪا گھرايو ويو تھ جيئن ھو جنگ کي اڃا وڌيڪ شديد ڪرڻ لاءِ زياده امداد حاصل ڪرڻ جي مقصد سان آمريڪي ڪانگريس کي خطاب ڪري، ۽ آمريڪا جي وزير دفاع مئڪنمارا  ويٽ نام  جي پنھنجي نائين دوري تان واپسيءَ تي بيان ڏنو آھي تھ آمريڪا جي جنگي ڪوشش لاءِ وڌيڪ فوج درڪار آھي.  صدر  جانسن 3-آگسٽ 1967ع تي ڪانگريس کي درخواست  ڪئي تھ اھا ھلندڙ مالي سال جي دوران ” گھٽ ۾ گھٽ پنجيتاليھھ ھزار“ فوج جي وڌيڪ ڪمڪ پھچائڻ جي اجازت ڏي. ساڳئي وقت تي ھن ڪانگريس کان  تقاضا ڪئي تھ اھا انفرادي ۽ اجتماعي انڪم ٽئڪس تي ڏھھ في سيڪڙو سرچارج مڙھي، جنھن مان ساڍن ڇھن ارب ڊالرن جي مجموعي  رقم حاصل ٿيندي، جيڪا ويٽ نام جنگ جي وڌندڙ خرچ جو انتظام ڪرڻ ۾ ڪم آندي ويندي. چونڊن اچڻ کان اڳ ايندڙ سال جي دوران انھيءَ قسم جي سخت اقدامن مان آمريڪا جي انھيءَ مشڪل صورتحال جي وسعت جو فقط اندازو ئي ڪري سگھجي ٿو.

 اتر ويٽ نام تي ھوائي بمباري  ايتري تھ وحشيانھ ٿي چڪي آھي، جو ان کي ”زمين کي ساڙڻ واري پاليسيءَ “ جو مظھر چئي سگھجي ٿو. بمباري اھڙي تھ پيٽ ڀريءَ حد تائين ڪئي ويئي آھي، جنھن ۾ ھڪ بم وچان ڪيئي ننڍا ننڍا بم نڪرن ٿا ۽ انھن مان پاڪيءَ جھڙا تيز فولادي ٽڪرا ٻاھر نڪري چو طرف اڏامن ٿا. نيپام ۽ فاسفورس بم، جن ۾ اھڙا ڪيميائي مادا ڀريل ٿين ٿا، جيڪي خوفناڪ نموني ۾ سڙندا آھن ۽ جن جي باھ  کي مٽي ۽ پاڻيءَ سان وسائڻ ذري گھٽ ناممڪن ھوندو آھي، ڏکڻ ۽ اتر ٻنھي حصن ۾  ڪيرايا ويا آھن. انھن بمن جو شڪار ٿيڻ وارا سوزش جي سخت تڪليف  ۾ مبتلا ٿي پوندا آھن. ھنن جي جسمن  جو ماس بدن تي موجود ھوندي ڳرڻ لڳندو آھي ۽ جيڪڏھن اھي زندھ بچي بھ پوندا آھن تھ ھميشھ لاءِ لولا لنگڙا ٿي رھندا آھن. آمريڪا پنھنجن جديد مھلڪ ھٿيارن سان اھي تجربا ھن لاءِ ڪري رھيو آھي تھ جيئن اتر ويٽ نامين کي مجبور ڪيو وڃي تھ اھي 1968ع ۾ ٿيندڙ آمريڪا  جي صدارتي چونڊن  جي مھم جي زور وٺڻ کان اڳ ۾ ٺاھھ جي ميز  تي اچن. پر جنگ جي عروج جو ھڪ آخري نقطو پڻ ھوندو آھي. ھاڻي ان جي ارتقا جي ڏاڪڻ ۾ صرف ٽي يا چار ڏاڪا  رھجي ويا آھن ۽ ان ڪري جنگ جي ڦھلجي وڃڻ جي انديشن  کي نظر انداز نھ ٿو ڪري سگھجي. ھيءَ ھڪ خوفناڪ جوئا آھي، جنھن جي خلاف   بين الاقوامي راءِ کان علاوه، آمريڪي عوام جي راءِ جو ھڪ حصو پڻ مخالف آھي. يورپ ۽ ايشيا ۾ آمريڪا جي جنگي ڪاررواين  جي خلاف جنگ جي شدت ۾ آيل  اضافي سان گڏو گڏ ناراضگي وڌي رھي آھي. آمريڪا پنھنجي  وڌندڙ علحدگيءَ جو علاج ڪرڻ لاءِ جنگ ۾ ٻين ملڪن جي شرڪت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رھي آھي. اھوئي سبب آھي  جو پاڪستان تي ايتريقدر دٻاءُ وڌو  پيو وڃي تھ اھو آمريڪا جي جنگي ڪوششن ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ڪجھھ علامي حصوئي وٺي. پر دٻاءُ کڻي ڪيترو بھ شديد ھجي، اسان کي ڪنھن بھ صورت ۾ پنھنجي ھن عزم کي تھ اسين ھن جنگ ۾ ڪو بھ حصو نھ وٺنداسين، ڪمزور نھ ٿيڻ ڏيڻ گھرجي، ۽ نھ اسان کي ھن جنگ کي جاري رکڻ جي مذمت کان ھٻڪڻ گھرجي. انھيءَ قسم جي موقف کان شايد اسان کي اقتصادي ۽ فوجي امدا د ۾ نقصان ٿئي، پر پنھنجي منصفانھ حيثيت جو بچاءُ ڪندي پاڪستان انھيءَ  نقصان کان جيڪو ان مادي صورت ۾ ٿيندو، گھڻو وڌيڪ  فائدو حاصل ڪندو. امن جي زماني ۾ مادي امداد جي فائدن تي، جيڪي ان کي  آمريڪا جي ساٿ ڏيڻ جي سبب کان تمام وڏي مقدار ۾ مليا آھن،  رشڪ ڪرڻ بلڪل درست آھي، پر جيڪڏھن انھيءَ قسم جي امداد وٺندڙ  ملڪ کي ڇڪي  جنگ ۾ شامل ڪرڻ جو  مقصد ھجي تھ پوءِ امداد جي فائدن ۽ خطرن کي فقط امن جي زماني ۾ نھ جاچڻ  گھرجي، پر انھن کي جنگ جي نتيجن جي روشنيءَ ۾ پرکڻ گھرجي.  ھن وقت ٿائلنڊ اقتصادي طور خوشحال ٿي سگھي ٿو، پر جيڪڏھن جنگ انھيءَ  ملڪ تائين ڦھلجي وڃي تھ پوءِ ان وقت ٿائلنڊ  وٽ ڪھڙا فائدا رھجي  ويندا ؟

ويٽ نام جي آزاديءَ  وارو جنگ انھن سڀني قومن ۾ روح ڦوڪي رھي آھي، جيڪي  وڏين  طاقتن جي  طرفان مداخلت جي زد ۾ آيل آھن. ھن ملڪ طرفان جيڪي قربانيون ڏنيون ويئون آھن. تن مان ممڪن آھي تھ سڀني ترقي پذير ملڪن کي فائدو پھچي، پر ويٽ نام جو سبق فقط شجاعت ۽ مردانگيءَ جو سبق ناھي، ڇاڪاڻ تھ ان جو ھڪ وڌيڪ اونداھو  طرف پڻ آھي. ھيءَ جنگ ”ڊيئم“ جھڙن مذھبي  جنونين تي مشتمل ويٽ نامين  جي ھڪ گروھھ جي بد اطوارين کان سواءِ ھرگز جاري نھ رھي سگھي ھا، جنھن  عيسائيت کان سواءِ باقي ٻين سڀني مذھبن  کي ختم ڪري  ڏکڻ ويٽ نام کي ھڪ علحده مملڪت بنائڻ ٿي چاھيو.   آمريڪا جي طرفان ڊيئم  جي مدد ھن ڪري  ڪئي ويئي، جو ھن پنھنجي ملڪ ۾ ان جي  مادي موجودگيءَ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ھئي. ويٽ نام جي حقيقي مصيبتن جو آغاز انھيءَ نقطي کان ٿئي ٿو. پراڻي سامراجي طاقت سان ڪيل آزاديءَ جي جنگ ختم ٿي چڪي ھئي، پر ھڪ  جديد سامراجي طاقت  جي مداخلت جي خلاف ھڪ نئين جنگ جي شروعات ٿي چڪي ھئي. ويٽ نام ۾ پراڻي نظام جي ياد، انھن رعايتن  جي سبب ڪري تازي ٿي رھي آھي، جيڪي ھڪ ٻاھرين طاقت جي شھرين کي عطا ڪيون ويئون آھن.

جيڪڏھن اقتصادي ۽ فوجي امداد ڏيندڙ ملڪ جو مقصد جنگ کي ڦھلائڻ آھي تھ پوءِ پاڪستان  اھڙي امداد مان حاصل ٿيندڙ فقط فائدن جي متعلق ئي نھ سوچڻ گھرجي، پر ان جي ٻين نتيجن کي پڻ نظر ۾ رکڻ گھرجي. خود پاڪستان جي جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آھي ۽ اھو ھڪ انتھائي لازمي امر آھي تھ اسين ھر اھڙي دباءُ جو مقابلو ڪريون، جنھن جو مقصد اسان کي ھـِن تباھڪن  تصادم ۾ ڦاسائڻ  ھجي. ايشيا ۽ ھندستان ۽ پاڪستان  جي ننڍي کنڊ جي مستقبل جو دارومدار ان جي نتيجي تي آھي. ھيءَ جنگ ھميشھ لاءِ تھ جاري رھي نھ سگھندي، پر نيٺ بھ ان کي پنھنجي  جاءِ امن کي ڏيڻي پوندي ۽ ھڪ دفعو جڏھن اھو بحال ٿي ويندو، تھ آمريڪا جي عالمي مفادن  ۽ ايشيا ۾ سندس حيثيت جي تشريح ۾ ڪيئي تبديليون اچڻ واريون آھن. حالات جي انھيءَ تبديليءَ لاءِ  پاڪستان کي صبر سان انتظار ڪرڻ گھرجي.

بين الاقوامي سياست گري ھڪ لچڪيدار فن آھي. اڄ جيڪي ڪجھھ ناممڪن نظر پيو اچي، سو سڀاڻي ممڪن ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن صدر ڪينيڊي قتل نھ ڪيو وڃي ھا، تھ ويٽ نام جي جنگ جو رخ گھڻو ڪري مختلف ھجي ھا. چين ۽ آمريڪا جي درميان ھڪ اھڙي تعميري  گفتگوءَ جو آغاز  ٿي سگھي ھا، جھڙو وزيراعظم خروشچيف ۽ صدر ڪينيڊيءَ جي درميان ويانا ۾ ٿيو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ سو ويت يونين مصلحت پسندانھ مفاھمت ٿي ھئي.  

 

                                         ----------


 

باب ٻارھون

چين ۽ پاڪستان جا تعلقات

 

١٩٦٢ع  کان پوءِ چين ۽ پاڪستان جا تعلقات گھڻي قدر سڌري ويا آھن. انھيءَ ڳالھھ آمريڪا ۾ زبردست غلط فھميون پيدا ڪيون آھن، جتي ھنن تعلقات جي معقوليت کي گھڻي قدر بگاڙي پيش ڪيو ويو آھي. چين ۽ پاڪستان جي تعلقات جو بنياد، ٻنھي ملڪن  جي ھندستان سان اختلافن تي  رکيل ناھي. اھو عنصر جيتوڻيڪ اھم آھي، ان جي باوجود اھو اصلي سبب جو ھڪ حصو آھي. چين، پاڪستان جو ھڪ پاڙيسري آھي ۽ اسان لاءِ ضروري آھي تھ اسان پنھنجن سڀني پاڙيسرين سان دوستي ۽ برادريءَ جي بنيادن تي سٺا تعلقات قائم رکون. پاڪستان ۽ چين جي درميان علاقائي يا ڪي ٻيا جھڳڙا ڪينھن، جيڪي اختلافن پيدا ڪرڻ جا سبب بنجن. چين ۾ انقلاب جي خاتمي کان بعد ئي ان  جي اھا پرخلوص ڪوشش رھي آھي تھ پاڪستان سان  معمول جي مطابق تعلقات قائم ٿين. وزيراعظم  چو اين لائي بنڊونگ ڪانفرنس جي دوران پاڪستان جي وزيراعظم کي يقين ڏياريو  ھو تھ چين، پاڪستان سان سٺا تعلقات چاھي ٿو ۽  پاڪستان لاءِ ھڪ طاقتور پاڙيسري ملڪ جي طرف کان خير خواھيءَ جي انھيءَ اظھار کي ٺڪرائڻ  غير دانشمنديءَ وارو ڪم ھجي ھا. ايشيا ۾ چين جي غالب حيثيت تسليم ٿيل آھي ۽ پاڪستان ھڪ ايشيائي ملڪ آھي، جنھن جو مقدر ھميشھ لاءِ ايشيا سان وابستھ آھي. ان ڪري پاڪستان لاءِ اھو نھايت ضروري آھي تھ اھو ايشيا جي اتحاد کي مستحڪم  بنائڻ لاءِ چين سان دوستانھ تعلقات قائم رکي. ايشيائي ۽ آفريڪي قومن جي  برادري  جي ميمبر نھ ھئڻ  جي حيثيت ۾ آفريشيائي يڪجھتيءَ کي وڌائڻ ۽ ترقي ڏيڻ  ۾ اسان جو مفاد گڏيل آھي. اھو ھڪ  وڌيڪ سبب آھي، جنھن جي بنياد تي انھن ملڪن کي ھڪٻئي سان سٺا تعلقات قائم رکڻ گھرجن. ترقي پذير ملڪن  ھئڻ جي ڪري چين ۽ پاڪستان بھتر بين الاقوامي تجارتي شرطن حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين  ترقي پذير قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ ترقي يافتھ ملڪن  کان  ڪجھھ  وڌيڪ منصفانھ تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ، پاڻ جھڙن   ترقي پذير ملڪن سان اشتراڪ عمل جا خواھان آھن. شروعات کان وٺي ئي چين فلسطين  جي  تقسيم جي سوال تي ھڪ منصفانھ موقف اختيار ڪيو آھي  ۽ اسرائيل  جي خلاف عربن جي مقصد جي حمايت  ڪئي آھي. عرب قومن لاءِ چين جي حمايت پاڪستان جي نقطھ نظر سان ٺھڪندڙ آھي، جھڙيءَ طرح انھيءَ جرائتمندانھ موقف مان قطعي طور ظاھر ٿيو آھي، جيڪو چين طرفان ان وقت  عرب ملڪن  جي حق ۾ اختيار ڪيو ويو، جڏھن اسرائيل تازو اڳرائيءَ جو قدم کنيو . چين  ڏکڻ روڊيشيا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي علحدگي پسنديءَ ۽ نسلي پاليسين  کان وڌيڪ اھم ڳالھھ اھا آھي تھ ان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خود اراديت جي حق جي صاف صاف حمايت ڪئي آھي ۽  ٻين خيالن  کان قطع نظر، صرف اھائي ھڪ ڳالھھ پاڪستان کي چين سان دوستانھ تعلقات وڌائڻ خاطر متاثر  ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي.

ھڪ ترقي پذير ملڪ ھئڻ جي حيثيت ۾ پاڪستان اقوام متحده جي تشڪيل ۾ سڌارو چاھي ٿو تھ جيئن اھا ڪمزور قومن جي مفادن جي تحفظ لاءِ بھتر ڪردار ادا ڪري سگھي، پر چين جي وڏي طاقت جي شموليت کان سواءِ ، جيڪا پنھنجي حق جي بنياد تي سلامتي ڪائونسل ۾ جڳھھ حاصل  ڪرڻ جي اھل آھي، انھيءَ ڳالھھ جو تصور بھ  نھ ٿو ڪري سگھجي. عالمي طاقتن طرفان ھندستان ۽ پاڪستان جي ھٿياربند  فوجن ۾ ٻـِ- طرفي خطرناڪ قسم جي  ڪمي ڪرڻ جي ڪوشش بدران، اقوام متحده کي ھٿيارن جي ڪميءَ لاءِ ھڪ مڪمل ۽ عام بين الاقوامي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، جنھن ۾ ائٽمي  ھٿيارن جون ھڪ – ھٽيون قائم ڪرڻ بدران انھن جي مڪمل خاتمي جو اصول شامل ھجي. جيڪڏھن امن جي  ضمانت فقط ھڪ غير مسلح دنيا ۾ ڏيئي سگھجي ٿي، ۽ جيڪڏھن  بين الاقوامي سطح تي ھٿيارن جي مڪمل ۽ عام ڪميءَ لاءِ ڪوششن جي  ھمت افزائي پسنديده ڳالھھ آھي، تھ پوءِ ھٿيارن جي ڪميءَ لاءِ ڳالھين ۾ چين جي شموليت لازمي آھي. سترڪروڙ انسانن جي اھڙيءَ قوم جي تعاون کان سواءِ، جنھن وٽ جوھري اسلح خانو پڻ آھي، ھٿارن جي مڪمل  ڪميءَ جو خيال، ھڪ ڏورانھين  منزل بنيو رھندو. انھن نمايان سببن ڪري، چين سان پاڪستان  جي دوستانھ تعلقات  ۾ اھڙن مثبت اسبابن ڪري حرڪت آئي آھي، ۽ نھ اھڙين وقتي حاجتن جي ڪري جن جو ڪنھن  بئي ملڪ تي اثر پوندڙ ھجي.

ھن قسم جا طعنا ھنيا ويا آھن تھ پاڪستان ۽ چين جي زندگيءَ جا نظريا ھڪٻئي سان اڻ ٺھڪندڙ آھن ۽ انھيءَ ڪري انھن ٻن ملڪن ۾ ھڪ دوستاڻو ۽ عملي طريقھ ڪار گھڻي وقت تائين قائم نھ ٿو رھي سگھي. ھيءُ دليل بھ پيش ڪيو وڃي ٿو تھ جيئن تھ پاڪستان جا چين سان تعلقات موضوعي انداز جا آھن، ان ڪري اھي وقت جو دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي قابل ٿي نھ ٿا سگھن. اھي دليل مغالطي ۾ وجھندڙ آھن. رياستن جا واسطا سڌا سنوان رياستن سان ھوندا آھن، ۽ نھ سندن معاشرتي نظامن يا نطرين سان. جيڪڏھن انھيءَ دليل کي ان جي منطقي نتيجي  تائين  پھچايو وڃي،  تھ پوءِ پاڪستان جا دوستانھ تعلقات فقط مسلم ملڪن سان ھئڻ گھرجن ۽ ان کي باقي دنيا کان پاڻ کي الڳ ٿلڳ رکڻ گھرجي.  ھيءَ  ھڪ تاريخي حقيقت آھي تھ اسلام ھڪ سياسي قوت جي  حيثيت سان ٻين جي مقابلي ۾ عيسائي ملڪن جي ھٿان وڌيڪ نقصان برداشت ڪيو آھي. اھا عيسائي دنيا ئي ھئي، جنھن اسلام جي خلاف صليبي جنگين جو بنياد وڌو ۽ اھي عيسائي قومون ئي ھيون، جن ذري گھٽ سڀني مسلمان مملڪتن کي صدين تائين پنھنجي سامراجي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو ۽ انھن جي معاشرتي ۽  اخلاقي تندن کي ايتريءَ حد تائين تباھ ڪيو، جو اسلامي دنيا اڃا تائين انھيءَ نقصان جي بحال  ٿيڻ جي دؤر مان گذري رھي آھي. پروفيسر آرنولڊ ٽائنبي چيو آھي :

”ڪميونزم جي متعلق ڪجھھ  بھ  ٻڌڻ  کان ڪيئي صديون اڳي، اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏھڪائيندڙ ڀوت اسلام ۾ نظر آيو ھو. سورھين صديءَ جي زماني تائين اسلام مغرب وارن جي  دلين ۾ اھڙي ئي  اضطرابي ڪيفيت پيدا ڪندو ھو، جيڪا ويھين صديءَ ۾ ڪميونزم پيدا ڪري رھي آھي، ۽ اھو اضطراب لازمي طور ساڳين ئي سببن جي بنياد تي پيدا ٿي رھيو آھي. ڪميونزم وانگر اسلام پڻ مغرب  دشمن تحريڪ ھئي ۽ ان سان گڏو گڏ مغربي عقيدي جي ھڪ بدعتي  تشريح پڻ ھئي، ۽ ڪميونزم وانگر، اھو بھ جذبي جي ھڪ اھڙي ترار لھرائي رھيو ھو، جنھن جي خلاف مادي ھٿيارن ۾ ڪنھن بھ قسم جو دفاع ڪو نھ ھو.“(1)

ھيءُ ڳالھھ غير امڪاني آھي تھ  چين ”پاڪستان جي غرناطھ جي سقوط يا مسلمان رياستن يروشلم جي کسجي وڃڻ جو ذميوار ٿيڻ وارو آھي. اسان جا تعلقات بنڊونگ جي اصولن ۽ عدم مداخلت جي  قطعي پيرويءَ جي بنياد  تي بيٺل آھن. اسلامي مذھبي ڪتابن ۾ ڪٿي بھ اھو لکيل ڪونھي تھ غير اسلامي رياستن سان دوستيءَ جي تعلقات پيدا ڪرڻ سان شناخت لاءِ خطرو پيدا ٿئي ٿو .

پاڪستان جا عوام ڏيڍ صديءَ کان وڌيڪ عرصي لاءِ مغربي تسلط ھيٺ رھيا آھن. ان جي باوجود پاڪستان سڀني مغربي ملڪن سان دوستانھ ۽ آمريڪا ۽ برطانيھ سان خصوصي تعلقات قائم ڪري رکيا آھن. انھن  قريبي ناتن مان ڪنھن بھ ناتي پاڪستاني عوام جي مذھبي  قدرن کي خراب  ڪو نھ ڪيو آھي. انھن جي ملڪ مغرب جي دخل اندازيءَ جي باوجود، جنھن جو بنياد تسلط ۽ بيجا مداخلت تي ھو، نھايت فخر سان پنھنجي اسلامي ڪردار کي قائم رکيو آھي. جيڪڏھن  پاڪستان جي سياست ۽ معاشرتي بناوٽ ايتري قدر مضبوط آھي. جو اھا مغربي ثقافت ۽ تھذيب جي حملي جو مقابلو ڪري سگھي ٿي تھ پوءِ اھا ڪنھن بھ ٻي نظريي جي  مقابلي ۾ پنھنجو مقام برقرار رکي سگھندي، خاص ڪري ھڪ اھڙي ملڪ جي نظريي  جو، جنھن جو ڪڏھن بھ اسان جي ملڪ تي  غلبو يا اسان جي اندروني معاملات ۾ مداخلت ڪانھ ٿي آھي. جڏھن آمريڪا  ۽ سو ويت يونين جي درميان تعلقات غير دوستانھ ھئا، تڏھن  پاڪستان ۽ سو ويت يونين جي درميان تعلقات جي قيام  جي خلاف پڻ اھڙي ئي سخت مخالفت ڪئي ويندي ھئي. ھيءُ تھ جڏھن ٻنھي عظيم طاقتن  جا تعلقات بھتر ٿيا، فقط اعتراض ختم ٿيا. جڏھن چين ۽ آمريڪا جا تعلقات وڌيڪ  حقيقت  پسنديءَ وارو رخ اختيار ڪندا، تڏھن آمريڪا، پاڪستان ۽ چين  جي باھمي دوستانھ تعلقات جي ايتري مخالف  نھ رھندي. جيڪڏھن پاڪستان ھن وقت ۽ چين جي خلاف  ڪي اشتعال انگيز قدم کنيا، تھ جڏھن آمريڪا چين جي درميان تعلقات بھتر  ٿي ويندا، تڏھن ان جي حالت وڌيڪ خطري واري ٿي پوندي. انھيءَ وقت اسان وري ائين پٺتي رھجي وينداسون، جيئن سو ويت يونين سان پنھنجي تعلقات کي بھتر بنائڻ جي ڪوشش ۾ اسين ھندستان کان پٺتي رھجي ويا ھئاسون . جيڪڏھن قيمتي وقت ھن طرح ضايع ٿيندو رھيو تھ ان مان ناقابل تلافي نقصان پھچڻ  جو انديشو آھي. ان ڪري ھيءَ ڳالھھ انتھائي ضروري آھي تھ پاڪستان چين سان پنھنجن دوستانھ تعلقات کي ترقي ڏيڻ ۾ مصروف رھي- ۽ آمريڪا جي عالمي پاليسيءَ جي موجوده رجحانن جي مدنظر چين سان قائم ٿيل موجوده تعلقات کي قطع ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ سڀني ڪوششن جو مقابلو ڪري انھن کي قائم رکي. پاڪستان کي خود پنھنجي مھذب سياسي مفادن جي بنيادن تي پنھنجي خارجھ پاليسيءَ جي تشڪيل عالمي طاقتن  جي بدلجندڙ سياسي ضرورتن کان بي نياز ٿي ڪرڻ گھرجي.  


(1)  سـِو لـِيزيشن آن ٽرايل، 1948، ص- 2­-21.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org