سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:14 

”ماڻهوءَ کي جيئري جلائڻ سان نظريو ڪونه ٿو بچي، پر ماڻهو ڪُسجي ٿو وڃي“. اهو سچ جو گفتو ڪيڏو نه صحيح ۽ صاف، ۽ ڪيڏو نه امر ۽ ٻاجهارو گفتو آهي. هڪڙي پر مغز اصطلاح سان ڪاسٽيلو، هڪ ئي ڀيري ۽ هميشه لاءِ، سرويٽس جي خون جي خلاف پنهنجي امٽ فيصلي جو اظهار ڪري ڇڏيو. ڪنهن انسان کي مارڻ لاءِ ڪهڙا به منطقي، اخلاقياتي، قومي يا مذهبي دليل پيش ڪيا وڃن، پر مارڻ يا مارائڻ واري جي ان لاءِ شخصي ذميداري ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ٿي ٿي سگهي. هڪ خون جي عمل لاءِ هر صورت ۾ هر حالت ۾ ڪونه ڪو خاص ماڻهو ذميوار هوندو آهي، ۽ ڪوبه خون ڪنهن به خيالي فلسفيانه اصول يا اصولن جي مدد سان معاف نٿو ٿي سگهي. سچ پکيڙي سگهجي ٿو، پر مڙهي نٿو سگهجي. تعصب ۽ جنون سان ڪوبه عقيدو وڌيڪ صاف ۽ ڪو سچ وڌيڪ صحيح نٿو ٿي سگهي؛ ۽ نه وري ڪنهن به قسم جي پروپئگنڊا ۽ ڪنهن  عقيدي يا ڪنهن سچ کي ان جي اوچائي کان وڌيڪ اوچو ڪري سگهي ٿي. ان کان به وڌيڪ ڳالهه هيءَ آهي ته ڪوبه عقيدو، ڪوبه فلسلفو محض انهن ماڻهن کي ختم ڪرڻ سان، جن کي سندن ضمير ان جي سچ کي نه مڃڻ تي مجبور ڪري ٿو، ڪوڙ مان ڦري سچ يا سچ مان ڦري وڌيڪ سچ نٿو ٿي سگهي. رايا ۽ خيال ماڻهوءَ جا انفرادي تجربا ۽ مشاهدا آهن، ۽ انهن جو آخري مدار سواءِ خود ان ماڻهوءَ جي ٻيو ڪنهن تي ڪونهي. اُهي ڪنهن ضابطي ۾ رکي يا قواعد ۾ آڻي نٿا سگهن. ڪو سچ ڀلي هزار ڀيرا خدا جو نالو وٺي ۽ وري وري پنهنجي تقدس ۽ عظمت جي دعويٰ ڪري، پر ان کي اهو حق وري به ڪونه ٿو ملي، ته خدا جي عطا ڪيل ڪنهن زندگيءَ کي ختم ڪري، جنهن جي عظمت ۽ تقدس هر نظريي جي عظمت ۽ تقدس کان بهرحال مٿي آهي. جيتوڻيڪ متعصب ۽ جانبدار ڪال ون جي نظر ۾ ايئن ٿي آيو ته فاني انسان غير قانوني عقيدن ۽ خيالن لاءِ فنا ٿي وڃن ته ان ۾ ڪو اهم ڪونه هو، پر ڪاسٽيلو جي نظر ۾ اهو هڪ زهريلو ويچار هو. هن جو خيال هو ته هر اهو انسان جيڪو پنهنجن عقيدن خاطر ڪو ڏک سهي ٿو يا ماريو وڃي ٿو، ته اهو بيگناهه آهي ۽ بيگناهه ڏک سهي ۽ بيگناهه ماريو وڃي ٿو.  روحاني ڳالهين ۾ هر قسم جو دٻاءُ نه رڳو روح جي خلاف هڪ وڏو جرم آهي، پر ڪو فائدو به هرگز ڪونهي. ”اسان کي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ٻڌڻ ۽ گهٽڻ نه کپي، ڇاڪاڻ ته زور ۽ دٻاءُ سان ڪنهن کي بهتر بڻائي نٿو سگهجي، ماڻهن کي ڪنهن ايمان جي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ايئن آهي جيئن لڪڻ هٿ ۾ جهلي ڪنهن بيمار ماڻهو جي وات ۾ کاڌي اماڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.“ انهيءَ ڪري انسان جو ازلي خير انهيءَ ۾ آهي، ته راين ۽ خيالن جي اختلاف رکندڙن جو دٻاءُ ۽ مارو هڪدم بند ڪيو وڃي.”تون پنهنجن عملدارن جي هٿ مان زور ۽ دٻاءَ جا سڀ اختيار کسي وٺ، هر ماڻهوءَ کي آزاديءَ سان پنهنجي زبان ۽ قلم جي استعمال ڪرڻ جي حق ڏي (ڇاڪاڻ ته سينٽ پال جو اهو ئي مقصد آهي، جڏهن فرمائي ٿو ته ’اوهين سڀيئي پيشگوئي ڪري سگهو ٿا... پيشگوئي ڪم جي شيءِ آهي، ۽ ماڻهن کي پنهنجن زبانن سان ڳالهائڻ جي منع نه ڪريو!)‘ ۽ ترت ئي اوهين ڏسي سگهندا، ته جڏهن آزاديءَ تان هر بند هٽي وڃي ٿو، تڏهن اُها ڪيڏا نه حيرتناڪ ڪم ڪري ٿي سگهي!“

ڪيس جي حقيقتن کي ڏٺو ويو، ۽ سوالن جا جواب پيش ڪيا ويا. هاڻي سيباسٽيان ڪاسٽيلو بحث کي يڪجا ڪري ٿو، ۽ ڏکويل انسانيت جي نالي ۾ فتويٰ جو اعلان ڪري ٿو. مائيڪل سرويٽس ناليوارو هڪ انسان، جيڪو حق جو ڳولائو هو، قتل ٿي ويل آهي. ڪال ون اُن ڏوهه ۾ مُک جوابدار آهي، جو اُن ۾ هن سربراهيءَ جو ڪم ڪيو هو، ۽ جينيوا جي شهري ڪائونسل تي اصل قتل جو الزام عائد ٿيل آهي. ڪيس جي تفصيلي ڪارگذاريءَ مان ثابت ٿي چڪو آهي ته هن ڏوهه ۾ مٿيان ٻئي اختيار ۽ اقتدار جا ڌڻي، ديني ۽ دنيوي، مذهبي ۽ سرڪاري ’پنهنجي پنهنجي اختيار جي دائري جون حدون ٽپي ويا هئا. شهري ڪائونسل کي ”هڪڙي روحاني ڏوهه ۾ فيصلي ڏيڻ جو ڪو اختيار ڪونهي.“ اُن کان وڌيڪ ڏوهي ڪال ون آهي‘ جنهن پنهنجي ذميداريءَ جو بار پاڻ تان لاهي، ميونسپل اختياريءَ وارن تي هنيو هو. ”تنهنجي ۽ تنهنجي ساٿين جي شاهدين تي شهري ڪائونسل هڪڙي ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏئي ڇڏي، ۽ هو خون ٿي ويو. پر هن مسئلي جي فيصلي ڪرڻ ۾ شهري ڪائونسل ايتري ئي نااهل هئي، جيترو ڪو انڌو ماڻهو اڇي ۽ ڪاري جي سڃاڻپ ۾ نااهل هوندو آهي. ڪال ون ٻٽو ڏوهاري آهي- هڪ اُنهيءَ نفرت لائق عمل جي اُڀارڻ جو، ۽ ٻيو اُن کي ايئن انتهائي پهچائڻ جو. بدنصيب سرويٽس کي ڏاگهه تي چاڙهڻ ۾ هن جي نيت ڪهڙي به هئي، پر هن جو اهو عمل هر صورت ۾ هولناڪ ۽ وحشيانو عمل هو. ”تو سرويٽس کي ڪهڙي ڏوهه ۾ مارايو؟ يا هُن پنهنجي زبان سان اهو ئي چيو ٿي، جو هن پنهنجي من ۾ سوچيو ۽ محسوس ڪيو ٿي، يا پنهنجي اندر جي آواز مطابق هُن پنهنجي من ۾ اهو ئي سوچيو ۽ محسوس ڪيو ٿي، جو هن پنهنجي زبان سان چيو ٿي. يعني، جو ڪجهه هن جي زبان تي هو سو ئي هُن جي دل ۾ هو، يا جو ڪجهه هُن جي دل ۾، هو سوئي هن جي زبان تي هو. جيڪڏهن تو هن کي انهيءَ ڪري ڪهائي ڇڏيو، جو هُن پنهنجي من جي عميق احساس ۽ عقيدي جو اظهار ڪيو هو، ته چئو ته تون هُن کي انهيءَ ڏوهه ۾ مارايو، جو هُن سچ ٿي ڳالهايو، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪو ماڻهو ڪجهه چوي ۽ اُهو غلط به آهي، پر جو ڪجهه چوي ٿو، سو هو پنهنجي دل سان مڃي ٿو، ته سچ آهي، ته اُهو هن جو سچ ئي سمجهبو ۽ جيڪڏهن تو هن کي انهيءَ ڪري مارائي ڇڏيو، جو هن جا خيال غلط ۽ خراب هئا، ته اُن حالت ۾ اهو تنهنجو فرض هو، ته انهن انتهائي قدمن کڻڻ لاءِ، اڳ تون هُن کي پنهنجي صحيح ۽ سٺن خيالن ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ڪرين ها؛ ٻيءَ حالت ۾ توکي انجيل مقدس مان ئي حوالا ڏئي اهو ثابت ڪرڻو هو، ته جيڪي به ماڻهو خيالن جي غلطي ڪن ٿا- پوءِ اُهي کڻي اُها غلطي، هو هڪ نيڪ نيتي ۾ ڪندا هجن، انهن کي خون ڪرائي ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو تو وٽ موجود ڪونهي.“ ڪال ون ’سواءِ ڪنهن جواز جي، هڪڙي اختلافي راءِ رکندڙ کي ڪهائي ڇڏيو هو‘ ۽ اُن ۾ هڪ ڏٺي وائٺي ۽ اڳ سوچيل سمجهيل خون جو هڪ ڀيرو نه، ٻه ڀيرا نه، پر ٽي ڀيرا ڏوهي هو.

ڏوهي، ڏوهي، ڏوهي. ايئن ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ دل جي ٽن ڏونڪن تي دنيا جي اڳيان ڪاسٽيلو پنهنجي هن فيصلي جو اعلان ڪرڻ ٿي گهريو. انساني رحمدلي ۽ ڪهڪاءُ، جيڪو ئي انساني معاشري جو سڀ کان اعليٰ اخلاقي اختيار ۽ سَندَ آهي، اُن اِهو فيصلو صادر ڪيو هو. پر، هڪڙي مري ويل ماڻهوءَ جي ناموس کي بچائڻ مان ڇا ٿو وري، جيڪو مئي کان پوءِ ساڻس ايئن انصاف ڪرڻ سان  به وري جيئرو ته ڪونه ٿو ٿئي؟ پر، نه ايئن آهي- وڏي ڳالهه ۽ سڀ کان ضروري ڳالهه آهي جيئرن جو بچاءَ ڪرڻ؛ هڪ شيطاني عمل کي پڌري ڪرڻ ۽ اُن کي هڪ گندي ۽ نفرت لائق عمل ثابت ڪرڻ سان ٻين بيشمار اهڙن عملن کي روڪي سگهجي ٿو. ان سان جيهان ڪال ون اڪيلو شخص نه آهي، جيڪو ايئن نندجي ٿو. ڪال ون جو ڪتاب، جنهن ۾ دهشت ۽ ڏاڍ  جي حيواني اصول جي پذيرائي ٿيل هئي، اُن کي هڪ قابل ملامت، انسان دشمن تصنيف ثابت ڪرڻ هو. انِ ئي سلسلي ۾ ڪاسٽيلو پاڻ پنهنجي ملزم کان پڇي ٿو، جنهن جي خلاف هُن اِهو فيصلو صادر ڪيو هو، ته ”ڇا، تون هي نه ٿو ڏسي سگهين ته تنهنجو ڪتاب ۽ تنهنجا ڪم دنيا کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃن؟ خداوند تعاليٰ  جي تڪريم ۽ تقديس جي حفاظت جي دعويٰ ته ڪيترائي ماڻهو آهن، جي ڪن ٿا. هاڻي، هن کان پوءِ اُهي ’خدا جا محافظ‘ جڏهن به ڪو ماڻهن جو ڪوس ڪرڻ گهرندا، ته توکي پنهنجي سند سمجهندا ۽ پنهنجي اُن ثواب جي ڪم لاءِ توکي شاهد واريندا. جيڪو خطرناڪ رستو تو ورتو آهي، اُنهي رستي تان هلندي، تو وانگر هو به پنهنجا هٿ بيگناهه رت سان رنڱيندا. تو وانگر هو به پنهنجي هر اُنهيءَ انسان ڀاءُ کي ڦاهي چاڙهيندا، جيڪو سندن راءِ کان مختلف ٻي ڪا راءِ رکندو هوندو.“ دنيا ۾ مختصر ۽ هيڪلا ڪٽر ماڻهو ايڏا خطرناڪ نه آهن؛ خطرو دراصل ڪٽرپڻي جي عام فضا کان آهي، جيڪا ڪنهن سماج ۾ زهريلي هوا وانگر پکڙي ويندي آهي. چند متعصب ماڻهن کي مُنهن ڏيئي سگهجي ٿو، پر تعصب جو بد روح ديو جڏهن معاشري تي مجموعي طور ڇائنجي  ٿو وڃي، تڏهن انسانيت جو ساهه اُن جي مُٺ ۾ اچي ٿو وڃي، ۽ روحاني فضا، جنهن ۾ انسان پنهنجِي ۽ ٻئي انسان جِي سڃاڻپ سکي ٿو، اُها بدلجي نفساني فضا جي صورت وٺي ٿِي بيهي، جنهن ۾ انسان جي دل  ۾ پنهنجي لاءِ هَوس ۽ هوڏ ۽ ٻئي لاءِ نفرت ۽ دوئيءِ کان سواءِ باقي ڪجهه نه ٿو رهي. انهيءَ ڪري آزاد روح انسانن کي نه رڳو هٺ ۾ ورتل، ڪٽر، آپيشاهه ۽ خونخوار طبيعت جي ماڻهن سان مقابلو ڪرڻو پوندو آهي، پر اُن کان به وڌيڪ کين هر اُنهيءَ خيال ۽ عقيدي سان مقابلي لاءِ تيار ڪرڻو پوندو آهي، جيڪو پاڻ مڃائڻ لاءِ ۽ پنهنجي بچاءَ ۾ ڏهڪاءَ  ۽ زور کان ڪم وٺي ٿو. ڪاسٽيلو جي موت کان ترت پوءِ يورپ ۾سؤ سالن جي مذهبي جنگين جو هولناڪ دور شروع ٿيو هو. ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ يورپ جي اُن طويل خوني دور جي پيشگوئيءَ طور ئي ڪاسٽيلو پنهنجي اُن لافاني ’فرياد نامي‘ ۾، يورپ جي اُن نام نهاد مذهب پسند پر حقيقي طرح هڪ بدترين انسان دشمن تعصبي فضا ۽ اُن جي حوارين ۽ حمايتن کي مخاطب ٿي، هي لفظ لکيا هئا: ”ڪي به ڪٺور کان ڪٺور ظالم حڪمران پنهنجين بندوقن ۽ توبن سان ايترو انساني خون وهائي نه ٿا سگهن، جيترو توهان پنهنجي خونخوار شعبديبازين وسيلي وهايو آهي ۽ اڳتي وهائيندا- شل خدا بي وس انسانيت تي ڪو رحم ڪري، ۽ بادشاهن ۽ ٻين حڪمرانن  جون اکيون کلن ۽ اوهان جي علم ۽ تقدس جي دمبازين ۾ ڦاسي. اوهان جي هوڏي طبيعت جي اوزارن بنجڻ کان پاڻ بچائي سگهن.“

سيباسٽيان ڪاسٽيلو هڪ بيحد نماڻو ۽ نرم دل شخص هو. پنهنجي چوڌاري ستايل ۽ پيڙيل انسانن جي دکي حال کي ڏسي، هو خاموش رهي نه سگهيو. هُن پنهنجي ڀريل، مؤمن دل مان، پنهنجي روح جوآواز بلند ڪري، هِن ڌرتيءَ تي  وڌيڪ انساني ڪهل ۽ ڪهڪاءَ لاءِ، ڌڻيءَ جي در دانهون ڪيون. ساڳئي وقت انتهائي ڏک ۽ نراسائيءَ جي حالت ۾ هو اُنهن شخصن کي بددعائون به ڪري ٿو ۽ اُنهن تي لعنتون به وسائي ٿو، جن جي دلين ۾ نفرت جا آڙاهه ٻري رهيا آهن ۽ دوئيءَ جا ڪنڊا  چڀي رهيا آهن، ۽ اُنهيءَ ڪري ڌرتيءَ تي هو سدائين امن جا ويري ٿي رهن ٿا، ۽ هنن کي پنهنجي هوڏي نفس جي پاڻ- ڀرائي ۾ ڪابه ٻئي شخص ، ٻئي فڪر ۽ ٻئي عمل جي چڱائي نه ڏسڻ اچي ٿي ۽ نه برداشت ٿي سگهي ٿي. اهڙن ئي آءٌ-پڻي ۾ورتل، انسان دشمن شخصن کي خيال ۾ رکندي، هو پنهنجي اُن عظيم ۽ بي مثال تصنيف جي پڄاڻي هِنن شاندار پر ساڳئي وقت دل ڏاريندڙ لفظن ۾ ڪري ٿو:”هيءَ مذهبي ظلم ۽ تعصب جي باهه پيغمبر دانيال جي ڏينهن ۾ ٻري هئي. اُن نيڪ ۽ معصوم نبيءَ جي برخلاف هن جي عملن مان دشمنن کي ڪابه ڳالهه ڪانه هٿ آئي. تڏهن هنن سڀني گڏ ٿي صلاح ڪئي ته هاڻي ڇا ڪجي! نيٺ هُنن فيصلو ڪيو ته هُن تي حملو ڪرڻو آهي ته هُن جي عقيدن تي حملو ڪجي. اڄ به ساڳي اُها ڳالهه ٿي رهي آهي. جڏهن ماڻهن کي پنهنجن دشمنن جي عمل ۽ ڪردار ۾ڪو عيب نه ٿو ڏسڻ ۾ اچي، ته هو اُنهن  جي ’نظريي‘ تي هلان ٿا ڪن. ۽ اِها هُنن جي هڪ بيحد شاطرانه چال آهي؛ ڇو ته کين خبر آهي ته اختيار ۽ اقتدار جا صاحب، جن  کي پنهنجي ڪا راءِ ئي ڪانهي، انهن کي ڪوڙ سچ  مڃائڻ سولي ڳالهه آهي. اهڙيءَ طرح هي ’ نظريي جي تقديس ۽ عظمت‘ جي ڳالهه وچ ۾ آڻي، هيڻن کي ستائين ٿا ۽ اُنهن تي ظلم ڪن ٿا. پر افسوس، سندن ’مقدس ۽ عظيم نظريو‘ اهڙو آهي، جنهن کي انسان ذات جو پيارو نبيءَ اسان جو مسيح سڳورو ’فيصلي جي ڏينهن‘ بيڪار سمجهي، رد ڪري ڇڏيندو-جتي هو عملن جي تورتڪ ڪندو، ۽ نه نظرين جي. اُتي جڏهن اِهي ماڻهو هُن کي چوندا، ’مالڪ، اسين تنهنجي پاسي هئاسين، ۽ تنهنجي تعليم مطابق عمل ڪيوسين ٿي‘ تڏهن هو هِنن کي سختيءَ سان جواب ڏيندو: پري هٽو مون کان، اي منافقؤ، اي بد ڪردارؤ!“

 

باب اٺون

 

ضمير تي زور جو غلبو

 

ڪنهن تقدس مآب مذهبي عالم ۽ روحاني بزرگ تي ههڙو ڀرپور ۽ جاندار حملو مشڪل سان اڳي ڪڏهن ڪو ٿيو هوندو، جهڙو ڪاسٽيلو پنهنجي ڪتاب ” ڪال ون جو گناهه عظيم“ ۾ ڪال ون تي ڪيو هو. جنهن سچائي ۽ صاف گوئيءَ سان هِن ڪتاب ۾ ڳالهه کي پيش ڪيو ويو هو، اُن مان هرشخصُ آسانيءَ سان سمجهي سگهيو ٿي ته جيڪڏهن جينيوا جي عائد ڪيل زبان بنديءَ ۽ عام ذهني گُهٽ خلاف ڪو اثرائتو احتجاج نه ڪيو ويو، ته نه فقط جينيوا ۾ پر سڄي يورپ جي پروٽيسٽنٽ دنيا ۾ فڪر جي آزاديءَ جو ڪو نشان باقي نه رهندو. اِنهيءَ ڳالهه جو پورو امڪان هو ته سرويٽس جي ڪيس جي ايڏي واضح بيان ۽ هُن جي ناحق خون جي ايتري کليل ثبوت کان پوءِ، مغربي دنيا جو هر سمجهو شخص اُن متعلق  ڪاسٽيلو جي خيال سان متفق ٿي ويندو، ۽ اُن خون جو  سنئون سڌو جوابدار  ڪال ون کي سمجهندو. ايڏي زورائتي  حملي جي آڏو ڪنهن مخالف جا پير ڄمي ئي نٿي سگهيا، ۽ ايئن پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ڪاسٽيلو جي هِن پڌرناميءَ  کان پوءِ ڪال ون جي سڄي بزرگي ۽ هُن جو سڄو تقدس مٽيءَ ۾ ملي ويندو، ۽ سندس ڪٽرپڻي ۽ مذهبي استبداد جو مڪمل خاتمو اچي ويندو.

پر دراصل ڪجهه به ڪو نه ٿيو! ايڏي لاجواب مباحثي، ۽ رواداريءَ جي ايتري هن روشن منشور جو ڪو به نتيجو ڪو نه نڪتو. اُن جو  سنئون سڌو سبب هيءُ هو، جو ڪاسٽيلو جو هيءُ ڪتاب ”ڪال ون جي گناهه عظيم“ لکجي ته ويو، پر پنهنجي دور ۾ ڇپجي نه سگهيو، ۽ عام ماڻهن جي هٿن تائين پهچي نه سگهيو! ڪال ون جي سازش ۽ ڪوشش سان هيءَ ڪتاب سرڪاري گرفت ۾ اچي، اتي ئي قابو ٿي ويو، ۽ يورپ جي ستل ضمير وٽ اُن جي پڪار پهچي ئي ڪانه سگهي.

ڪتاب جي لکجي وڃڻ کان پوءِ جڏهن مصنف جا دوست باسيل جي شهر ۾ اڃا اُن دستخطي نقل هڪٻئي کي ڏيکاري رهيا هئا، تڏهن جينيوا جي ديني بزرگن کي پنهنجي جاسوسن ذريعي خبر پئجي ويئي ته ڪاسٽيلو جو اُهو ڪتاب سندن مذهبي اقتدار ۽ روحاني تقدس لاءِ ڪيڏو نه هڪ وڏو خطرناڪ ثابت ٿي سگهيو ٿي. پوءِ هُنن وڌي، هڪدم وارُ ڪيو ۽ وارُ به سخت ڪيو. اهڙين حالتن ۾ هڪ منظم  سرڪاري طاقت جي سامهون هڪڙو هيڪلو انسان ڪري به نيٺ ڇا ٿي سگهيو! ڪال ون، جنهن رڳو عقيدي جي اختلاف ڪري، سرويٽس  کي جيئري ساڙائي ڇڏيوهو، هو پنهنجي اُن ظالمانه عمل جي بچاءَ ۾هڪ طرفا دليل ڏيندو رهيو، ۽ اُن ۾ هُن تي ڪا روڪ ڪانه هئي؛ پر ڪاسٽيلو، جنهن انسانيت جي نالي ۾ اُن انڌير خلاف احتجاج ڪرڻ ٿي چاهيو، اُن کي رڳو  ٻُڌي به نه  ٿي سگهيو! هونئن نه ته باسيل جي شهر ۾ هڪ آزاد شهريءَ تي، جيڪو ساڳئي وقت اُن جي يونيورسٽيءَ ۾استاد به هو، ڪنهن علمي بحث  ۾حصي وٺڻ تي ڪا بندش نه هئي؛ پر ڪال ون جيڪو معاملي بازيءَ ۾ ڏاڍو چالاڪ ماڻهوهو، تنهن ڇا ڪيو، جو پاڻ کي ذاتي حيثيت ۾وچ ۾ نه آڻيندي، سڄي جينيوا شهر جي طرفان سرڪاري طور باسيل جي شهري ڪائونسل  ڏانهن ڪاسٽيلو جي ”مسيح دشمن حرڪت“ خلاف احتجاج ڏياري موڪليائين. هاڻي باسيل جي شهري ڪائونسل ۽ اُتان جي يونيورسٽيءَ جا منتظمَ وڏي مشڪل ۾ اچي ويا، ڇوته ايئن هُنن جي اڳيان فقط ٻه رستا  بچيا هئا: يا ته هو پنهنجي هڪ آزاد شهريءَ مان هٿ ڪڍي، پري ٿي بيهن، يا  وري هُن جي ڳالهه کي صحيح  سمجهي، پاڻ بيهي اُن جو بچاءَ ڪن ۽ ايئن ڪرڻ سان پنهنجي هڪ طاقتور پاڙيسري رياست جي دشمنيءَ جا بار مٿي تي کڻن! ۽ پوءِ جيئن اڪثر اهڙين حالتن ۾ ٿيندو آهي، تيئن هِن حالت ۾ به ايئن ٿيو، يعني سچ تي زور غالب پئجي ويو، ۽ حق  کان طاقت زور ٿي ويئي. باسيل جي شهري ڪائونسلرن اِهو ئي مناسب سمجهيو ته ڀِت سان ٽڪر کائي مٿي ڀڃائڻ بدران، بهتر آهي ته هڪڙي فرد کي قربان ڪري ڇڏجي: اُنهن پوءِ حڪم ڪيو ته ڪنهن به قسم جي ڪا ليکت، جيڪا ”ايمان رسخ“ جي خلاف هجي، اُها باسيل جي  شهر ۾ شايع نٿي ٿِي سگهي. نتيجو هيءُ نڪتو، جو ڪاسٽيلو جو ڪتاب ” ڪال ون جو گناه عظيم“ فوري اشاعت کان محروم ٿي ويو، ۽ ڪيئي سال پوءِ ايئن سرڪاري بندش هيٺ رهڻ سبب اُهو علم جي پياسي نگاهن کان اوجهل رهيو.

جيئن سرويٽس کي باهه جي مچ ۾ اڇلي خاموش ڪرايو ويو هو، تيئن هاڻي ڪاسٽيلو کان قلم کسي، ڪاسٽيلو کي ماٺ ڪرايو ويو. هڪ ڀيرو وري به طاقت جي زور تي ”اختيار“ کي قائم رکيو ويو هو. ڪاسٽيلو جي هٿ جي ’ترار‘ ٽوڙي ويئي هئي؛ ليکڪ وڌيڪ لکي نٿي سگهيو. پنهنجي بچاءَ لاءِ هو جيڪا طاقت استعمال ڪري سگهيو ٿي، اُن کان کيس محروم ڪيو ويو هو، ۽ هاڻي هو هٿين خالي هو. ٻئي پاسي سندس مدمقابل، جيڪو هونئن ئي کانئس زور هو، کيس اڳي کان به زورائتا ڌڪن مٿان ڌڪ هڻي رهيو هو. جواب ۾ هن کي ٺلهي هٿ کڻڻ جي به اجازت ڪانه هئي. اٽڪل هڪ سؤ سالن جي گذرڻ کان پوءِ هن جو ڪتاب ”ڪالن  ون جو گناهه عظيم“ شايع ٿي. دنيا جي سامهون اچڻ وارو هو. پر اُن ۾ هُن جيڪي لکيو هو، سو اُن جي لکجڻ وقت، ان کان سؤ سال پوءِ، توڙي  اڄ جڏهن  اُن کي اٽڪل پنج سؤ سال گذري چڪا آهن ۽ پڻ آئنده سدائين هڪ امر لکڻي ۽ لافاني خيال  جي صورت ۾ زنده ۽ قائم رهڻو هو:”اوهين ٻين سان اهڙي هلت  ڇو ٿا هلو، جيڪا اوهان سان جيڪڏهن ڪو هلي ته اوهين اُها سهي نه سگهو؟ اسين نظرياتي دنيا جي هڪ ڳالهه ۾ منجهي پيا آهيون ۽ اُن کي سلجهائڻ چاهيون ٿا، ته پوءِ ٻيءَ ڌُر جي زبان بندي ڇو، ۽ اُنهن جي هيءَ خونريزي ڇا لاءِ ؟“

پر ڏاڍ ۽ دهشت جي راڄ ۾ ڪا اپيل، ڪا استدعا  ڪمُ ڪانه ٿي ڏئي. ڪاسٽيلو  مجبور ٿي، وياڪل مايوسيءَ ۾ ويڙهجي، چُپ ٿي ويو. بهرحال، اُنهن دورن ۾ به  جڏهن زور ذهن تي غالب هوندو آهي، مظلوم انسانن لاءِ هڪڙو ڏَڍُ وري به موجود  رهي ٿو- ۽ اُهو ڏڍ ۽ اها تقويت هوندي آهي مفتوح جي دل جي  اُها اَجيت نهڪار  ۽ ترديد، جيڪا فاتح لاءِ هُن جي من ۾ باقي رهندي آهي: ”تنهنجا لفظ ۽ تنهنجا هٿيار به اُهي ئي آهن، جيڪي هر ڏاڍُ ۽ ظلمُ پاڻ وٽ موجود رکندو آهي؛ اُهي توکي فقط  ظاهري ۽ عارضي غلبو ڏيئي سگهن ٿا اهو تنهنجو ڪو دائمي ۽ روحاني غلبو نه آهي؛ ڇو ته اِهو تُنهنجو غلبو جبر ۽ ڏاڍ جي بنياد تي بيٺل آهي، ۽ نه ڪنهن انساني ڪهل ۽ پيار يا الاهي محبت تي. آءٌ تنهنجي ان طاقت ۽ تنهنجن اِنهن هٿيارن کان ڪونه ٿو ڊڄان، ۽ نه اُنهن لاءِ ڪو دل ۾هوس اٿم. مون وٽ ٻي طاقت آهي، ۽ ٻيا هٿيار آهن- پنهنجي معصوميت ۾ پوري يقين ۽ خدا جي فضل ۽ ڪرم ۾ پختي ايمان جي طاقت: اِهي ئي منهنجا- اجيت هٿيار آهن، ڇو ته عقيدي ۽ ايمان کان طاقتور ٻيو ڪو هٿيار ئي ڪونهي. ڪجهه وقت لاءِ ايئن ٿي به سگهي ٿو ته حق دنيا جي انڌي ’انصاف ‘ آڏو لاچار ٿي پوي ۽ ناڪام ثابت ٿئي، پر اهڙو ڪو ماءُ-ڄڻيو اڃا پيدا ڪو نه ٿيو آهي، جيڪو حق  کي  هميشه لاءِ پنهنجو باندي ۽ غلام بنائي سگهي. جنهن دنيا مسيح کي ماري ڇڏيو، اُن دنيا  جي فيصلي تي ڪهڙو اعتبار. اُهو عدل ۽ انصاف ئي ڪهڙو، جنهن وٽ سدائين روزُ اڳرو ثابت ٿئي! هن دنيا جي بادشاهي خدا جي بادشاهي ڪانهي.“

هڪ ڀيرو وري به زور بازي کٽي. وڌيڪ خراب ڳالهه هيءَ ٿي ته ڪال ون جي طاقت ڪال ون جي اِنهن ڏاڍاين ڪري پاڻ وڌيڪ زور وٺِي ويئي. تاريخ جي داستانن ۾ شاعرانه قسم جي انصاف جي اميد رکڻ فضول آهي. اُن جا مثال فقط خيالي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ پڙهي سگهجن ٿا. اسان کي تاريخ جي اِنهيءَ حقيقت سان پاڻ کي مانوس ڪرڻو ئي پوندو ته اُها هڪ گهڻ- رنگي ۽ گهڻ- روپي ڏيک جو آکاڙو يا مانڊاڻ آهي، ۽ اُها  پنهنجي اُن ڏيکاءَ  ۾ ، عمل جي خيالن کان، نه چڱي آهي ۽ نه ئي بُري آهي اُها نه برائيءَ کي سزا ٿي ڏي، ۽ نه چڱائيءَ کي  ڪا پاکر ٿي پهرائي. اُها سچائيءَ تي نه پر طاقت جي بنياد تي بيٺل آهي، ۽ اڪثر طاقتور ماڻهن کي فتحياب بنائي ٿي؛ ۽ ڏٺو ويو آهي ته دنيائي مسئلن ۾اڪثر بي روڪ حوصلي ۽ جهنگلي فيصلن وسيلي ماڻهن کي سندس عملن يا بدعملن منجهان نقصان جي بدران فائدا پهچن ٿا.

ڪال ون تي، سندس بي حس تشدد جو الزام لڳايو ويوهو، تنهن ايئن سمجهيو ته کيس فقط هڪ ئي شيء بچائي سگهي ٿي- وڌيڪ تشدد، وڌيڪ سختي ۽ وڌيڪ زور ۽ ڏاڍ جو بي قياس استعمال. تاريخ ۾ اسان کي وري وري اِنهيءَ قانون جا مثال ملن ٿا ته جنهن ماڻهوءَ طاقت کي هٿيار طور استعمال ڪيو آهي، اُن کي آخر تائين پنهنجن ڪمن لاءِ طاقت کي   استعمال ڪرڻو پيو آهي؛ ۽ جنهن به حڪمرانن ڏاڍ جو راڄ قائم ڪيو آهي، اُن  کي مجبوراً  اُن راڄ جي بچاءَ ۾ ڏاڍ کي وڌائي دهشت ۽ دهشت  کي وڌائي هيبت  جي صورت ڏيڻي پيئي آهي. سرويٽس  جي ڪيس هلندي ۽ اُن کان پوءِ  جيڪا ڪال  ون جي مخالفت  عمل ۾ آئي هئي تنهن مان ڪال ون هيءُ نتيجو  ڪڍيو ته هڪ بااثر  ۽ ڪامياب حاڪم لاءِ پنهنجي طاقت کي قائم رکڻ ۽ اختيار جي سلامتيءَ لاءِ هيءُ  ڳالهه بيحد ضروري هئي، ته مخالف ڪير به هجي، ۽ ڪيئن به هجي ۽ مخالفت ڪهڙي به هجي ۽ ڪيتري به هجي، اُن کي اُتي جو اُتي، مڪمل طور دٻائي  ۽ ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي. پهريائين ته هُن جينيوا جي شهري ڪائونسل ۾ جيڪا ٿورائيءَ واري ڌر هُئي، ان کي ووٽن جي گهٽ وڌائي سان بي طاقت ۽ بي اثر ڪري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪائونسل اجلاس  جي موقعي تي هُن فرانس مان ايندڙ پروٽيسٽنٽ  پناهيگرن کي، جيڪي معاشي طور سندس محتاج هئا، ۽ اِنهيءَ ڪري سندس ئي حمايتي ٿي سگهيا ٿي، جينيوا ۾ شهريت جا حق ڏيارڻ شروع ڪيا، جنهن جي معنيٰ ته جينيوا ۾ اُنهن کي ووٽ جو حق ملي ٿي ويو. ڪال ون ايئن خاموشيءَ سان شهري ڪائونسل ۾ پنهنجي اڪثريت  کي دائمي طور پنهنجي پاسي رکڻ جي ڪوشش  ڪندو رهيو. ٻيو طريقو پنهنجي اثر وڌائڻ جي هيءُ ورتائين، جو آهستي آهستي شهر جي انتظاميا ۾ ننڍين وڏين عهدن تي پنهنجن ماڻهن کي مقرر ڪرائيندو  رهيو. جينيوا  جي محب وطن اصلوڪن رهاڪن کان اِها ڳالهه لڪل ته ڪانه هئي، پر اُن جي خطرناڪ صورت جو اندازو منجهن ڪجهه دير سان  پيدا ٿيو ۽ ترت ئي ڳالهه سندن وس کان ٻاهر نڪري ويئي. هنن مان ڪن پوءِ ڪجهه مخفي  گڏجاڻيون ڪيون، احتجاج اٿاريا. ڪجهه بي دليا مظاهرا پڻ ڪيا، تان جو ”ملڪين“ ۽ ”غير ملڪين“ جي وچ ۾ رستن تي ڪجهه قدر جهڳڙا به ٿي پيا. هڪ اهڙيءَ  ئي معمولي جهڙپ ۾ پٿر بازيءَ  سبب  هڪ ڌر جا ٻه شخص ڦٽجي پيا، ۽ ڪال ون کي پنهنجي طاقت جي اشڪنجي کي وڌيڪ ڪشڻ جو بهانو ملي ويو.

 ڪال ون پنهنجي طاقت  ۽ اختيار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هن واقعي  مان  خوب فائدو ورتو. ڳالهه اُٿاري ويئي ته هيءَ جينيوا  کي تباهه ڪرڻ جو هڪ وڏو منصوبو هو. جو فقط ”خداوند قدوس جي فضل ۽ ڪرم سان“ ناڪام ٿيو هو، ترت ڪائونسل جي ’جمهوري ڌر‘ جي سڀني اڳواڻن  کي گرفتار ڪيو ويو، جن جو اُنهيءَ ڳڙ ٻڙ سان ڪو به واسطو  ڪو نه هو. اُنهن کي شڪنجن  ۾ وجهي عذاب  ڏنا ويا، ۽ منجهانئن  ڪن  کان  ”بيان“ ورتا ويا، ته  شهر  ۾ قتل عام جي سازش  سٽيل هئي. جنهن ۾ ڪال ون ۽ سندس ساٿين کي مارڻ  جو منصوبو ٺهيل هو ۽ هڪ ”دشمن ملڪ“ جي فوج کي شهر ۾ آڻي. حڪومت جون واڳون اُنهن جي حوالي ڪرڻيون هيون، وغيره، وغيره. ماڻهن کان اُن ”ملڪ دشمن منصوبي جون قبوليتون“ هولناڪ عذابن ذريعي ورتيون ويون ۽ اُهڙيءَ  طرح ”وطن جي غداري“ جا الزام ثابت ڪيا ويا ۽ جلاد پنهنجو ڪم شروع ڪري  ڏنو. سڀني  ماڻهن کي، جن  ڪال ون  جي ڪا ٿوري به مخالفت ڪڏهن ڪئي هئي، جهلي، ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. هن وٺ پڪڙ ۽ قتل عام ۾ فقط اهي ئي پنهنجي جان بچائي سگهيا. جيڪي شهر ڇڏي، ڪنهن  پاسي ڀڄي ويا. پوءِ  جڏهن ”انصاف “ پنهنجو  ڪم ڪري چڪو ۽ ”خير “ ٿي ويو، تڏهن شهر ۾جيڪا سياسي جماعت باقي وڃي بچي سا واحد ڪال ون جي پنهنجي جماعت هئي، ”جمهوري ڌر“ جو شهر ۾ ڪو نام نشان به ڪو نه رهيو.

اهڙيءَ طرح جينيوا جي ”صفائي “ ڪرڻ کان پوءِ، ڪال ون کي مطمئن ٿيڻ کپندو هو، ۽ طبيعت جي ڪجهه فياضي ڏيکارڻ کپندي هئي. پر تاريخ جي ڄاڻئُن  کي خبر آهي ته آپيشاهي هر ڪاميابيءَ کان پوءِ اڳي کان وڌيڪ سخت  ۽ ڪٺور شڪل  وٺندي آهي، ڇو ته آپيشاهين سان ويڌن هيءَ  هوندي آهي ته هو آزاد خيال شخصن کان پوءِ اُهي خاموش ۽ بي هٿيار ڇو نه هجن، سدائين خائف رهندا آهن. هڪڙو شڪست کاڌل مخالف ماٺ ۾ آهي ۽ ڪجهه نه ٿو ڪڇي، پر ظالم حڪمران جي خوشامدڙين ۽ جي حضورين جي ٽولي ۾ وڌي نه ٿو شامل ٿئي، ان خاموش پر آڻ نه مڃيندڙ مخالف جو ٺلهو وجود ئي اُن ظالم حڪمران کي پنهنجي آپي مان ڪڍڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. هاڻي، جو ڪال ون پنهنجن سڀني سياسي  مخالفن کان پنهنجي جند ڇڏائي چڪو هو، اِنهيءَ ڪري سندس سڄي ڪاوڙ ٻين سڀني پاسن کان هٽي وڃي هڪڙي سيباسٽيان ڪاسٽيلو تي مچو ڪري بيٺي هئي.

پر ڪاسٽيلو تي ڪو هنڌائتو ڌڪ لڳي سگهي، اُن لاءِ ضروري هو، ته هڪ ڀيرو هُن جي زبان کولائجي، ته هو ڪجهه چوي، ته مٿس وار ڪجي. ٻئي پاسي ڪاسٽيلو هاڻي جهڳڙي ۾ پوڻ کان ونئن ٿي ويو. انسان شناس فڪر جا ماڻهو هونئن به وس پڄندي، ڪنهن ڊگهي جهيڙي ۾ پاڻ کي نه ڦاسائيندا آهن. ڪنهن طرفدار  شخص وانگر ماڻهن جا عقيدا ڦيرائي، اُنهن کي پنهنجي پوئلڳيءَ ۾ آڻڻ لاءِ مڇڏو  ٿي اُنهن جي پٺيان لڳڻ- اِنهيءَ عادت کي هو هڪ هوشمند ۽ باضمير شخص جي شان کان گهٽ سمجهندا آهن. هڪ ڀيرو سچ جي کليل اظهار کان پوءِ هو سمجهندا آهن، ته هو هر اُن بابت ڀون ڀون  ڪري. ڪنهن جا ڪن کائڻ، هُن کي ڪڪ ڪرڻو ۽ هُن جي بي عزتي  ڪرڻي هئي. هو سچ جا چوندڙ يا ٻڌائيندڙ  هوندا آهن، پر اُن جا ’پروپئگنڊائي‘ نه هوندا آهن، سرويٽس  جي حالت ۾ ڪاسٽيلو کي جو ڪجهه چوڻو هو، سو هُن چئي ڇڏيو  هو. هُن اُن  اسپيني شهيد جي نالي ۽ ناموس جي بچاءَ  ۾  پنهنجي  وس آهر ڪافي ڪجهه ڪيو هو. اُن سلسلي  ۾ هُن پنهنجي دؤر جي سڀني ماڻهن کان اڳڀرو وڌي، زور جي مقابلي  ۾ ضمير جي حمايت ڪئي هئي ۽ زور هٿان ضمير جي پسپائيءَ جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو هو. پر وقت جون حالتون سازگار نه هيون، ۽ هُن پروڙي ورتو هو، ته اڃا ڪنهن اڻ ڄاتل مدي تائين زور  جي هٿ ۾ اقتدار جون واڳون رهڻ واريون هيون. اِنهيءَ  ڪري هُن ترسڻ ۽ صبر  ڪرڻ ضروري سمجهيو ٿي، ته جيئن رواداريءَ  ۽ تعصب ۾  سهپ ۽ مسهپ  جي ڳالهه اڳتي  ڪنهن سازگار ماحول ۾ نبري سگهي. هو ڪافي مايوس هو، پر پنهنجي اصولن تي پختو رهندي، هو وڌيڪ پنهنجي مطالعي ۾ محو ٿي ويو. هو هاڻي  باسيل يونيورسٽيءَ  ۾ پروفيسر جي  عهدي تي فائز هو؛ هو انجيل مقدس جو لاطيني ۽ فرينچ ٻولين ۾ ترجمن جو  ڪم به هاڻي پورو ڪري چڪو هو، جيڪو هن پنهنجي سڄي زندگيءَ جو ڪارج سمجهيو ٿي. تنهن ڪري 1555ع ۽ 1556ع جا ٻه سال هو هر قسم جي مناظرائي بحث کان پاڻ بچائيندو، چپ چاپ، پنهنجي ڪنڊ  وٺيو ويٺو رهيو.

پر ڪال ون ۽ سندس جوڙيوالن کي جينيوا  ۾ پنهنجن جاسوسن کان خبرون پهچنديون رهيون ته باسيل يونيورسٽيءَ ۾ ڪاسٽيلو پنهنجن ويجهن دوستن جي دائري ۾ پنهنجن مخصوص خيالن جو ذڪر ڪندو ٿي رهيو. جيتوڻيڪ هو گهڻين بندشن هيٺ هو، پر کيس ” ڳالهائڻ“ جي وري به آزادي هئي؛ ۽ هٺ ڌرم ۽ تعصبي شخصن جڏهن ٻڌو ٿي ته هن جون ”شريعت “ کان هٽيل ڳالهيون، جيڪي هو ڏاڍي پختي انداز سان پيش ڪندو ٿي رهيو، سندس شاگردن ۽ ٻين طالبن وٽ جيئن پوءِ تيئن زياده مقبول ٿينديون  ٿي ويون، تڏهن هو ڪاوڙ ۾ تپي تپي  باهه ٿي ويا ٿي، ۽ سندن مخصوص دنيا ۾ هُن جي خلاف اٿيل  نفرت ۽ عداوت جي تحريڪ ۾ هو ايئن شامل ٿي ويا، ڄڻ اُهو سندن ديني فرض هو. خاص طرح  تقدير جي مسئلي بابت هن جا باغيانه خيال هنن جي برداشت کان ٻاهر هئا. اُهو ماڻهو جيڪو نمايان طور اخلاقي قوت جو صاحب آهي، اُن جو ٺلهو وجود ئي ماڻهن کي پنهنجي اثر ۾ آڻڻ لاءِ ڪافي آهي. هن جو رڳو جيئڻ به هن جي ڪارج کي وڏي هٿي ڏئي ٿو. هن جو اثر ايئن پيدا ٿئي ٿو ۽ وڌي ٿو ۽ هن جا عقيدا ۽ خيال ايئن پکڙجن ٿا، جيئن ڪو پٿر ڪنهن تلاءِ ۾ اڇلائجي، ته اُن  جون لهرون اُن جي چوڌاري  اُڀرن ۽ دائرا بڻائينديون، اڳتي وڌنديون وڃن. اِنهيءَ ڪري ڪاسٽيلو جيڪڏهن جهڪي نه ٿو ۽ پيش نه ٿو پوي ته هُن کي زوريءَ به جهڪائڻو ۽ پيش پوائڻو هو. پوءِ هُن جي ڦاسائڻ لاءِ هڪڙي ڄار وڇائي ويئي،  ته جيئن هُن تي ”ڪفر“  ۽ ”الحاد“  جو ڏوهه مڙهي سگهجي. يونيورسٽيءَ ۾ سندس هڪ همڪار  استاد کي ان ڪم لاءِ تيار  ڪيو ويو، ته هو ڪاسٽيلو کي هرکائي، اُن ڄار جي ڀرسان آڻي، ته جيئن هو آساني سان اُن ۾ ڦاسي پوي. اُن هن کي هڪڙو دوستاڻو خط لکيو- اهڙن لفظن  ۾ جو ڄڻ هُن ڪو خالص علمي سوال پڇيو هو، جنهن جو جواب هو هڪ سائل جي حيثيت ۾ کائنس پڇي رهيو هو. سوال هيءُ هو ته ’تقدير جي مسئلي بابت استاد ڪاسٽيلو جو ڇا خيال هو؟‘ ڪاسٽيلو ”سائل“ جي معصوم استفسار يعني سوال تي ايترو ڇڪجي آيو جو اُن ”مسئلي “ تي عام بحث ۾ حصي وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويو.  پوءِ جڏهن  ماڻهو گڏ ٿيا ۽ ڪاسٽيلو جي  ڳالهائڻ جو  وارو  آيو ته ڪاسٽيلو اُٿي اڃا ٻه جملا ئي مس ڪڇيا، ته ٻڌندڙن  مان هڪڙي هڪدم ٽپ ڏيئي، کيس چيو ته ”تون ملحد آهين، الحاد جون ڳالهيون ٿو ڪرين!“ ڪاسٽيلو به فوراً  ڳالهه جي نزاڪت کي سمجهي ويو، ۽  ضد ٻڌي پنهنجي  بچاءَ جي ڪوشش ڪرڻ بدران اُتي  ئي پنهنجي ڳالهه کي ختم  ڪري بحث مان نڪري  الڳ ٿي ويو، جنهن ڪري سندس مخالفن کي سندن الزام جي ثبوت جو ڪو خاص مواد ملي ڪونه سگهيو، ۽ يونيورسٽيءَ جي ٻين استادن، جيڪي اڪثر ڪاسٽيلو جا رفيق ۽ همدرد هئا، وڌيڪ هن جي خلاف ڪنهن  قدم کڻڻ جي اجازت ڪانه ڏني. پر جينيوا جا ڪٽيل دين پناهه ڳالهه کي اُتي ڇڏي،  چپ ٿيڻ وارا نه هئا. جيڪڏهن هڪڙي اٽڪل ناڪام ٿي هئي، ته ٻي اٽڪل ضروري هئي. عام مباحثن  ۾ مناظرن لاءِ ڪيئي ڀيرا هنن  ڪوششون ڪيون، پر اُنهن ۾ هو ڪامياب ڪونه ٿيا، جو  ڪاسٽيلو اُن لاءِ تيار نه هو. پوءِ هنن گندا افواهه اٿاريا ۽ ڪتابڙا شايع ڪيا ته جيئن ڪاسٽيلو ٻاهر اچي هُنن سان مقابلو ڪري. هُن جي دشمن سندس انجيل جي ترجمن  تي ڇوهه  ڇنڊيا ۽ اُن جون تصنيفون شايع ڪيون. هُن تي الزام هنيا ويا، ته هو گمنام رهي، فحش ادبي مواد لکي رهيو هو ۽ عريانيءَ ۽ بداخلاقيءَ جون ڳالهيون پکيڙي رهيو هو. هُن جي خلاف بدترين الزام گهڙيا ويا ۽ نفرت  انگيز ڳالهيون اٿاريون ويون. ايئن ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ اُهو سڀ ڪجهه ڪنهن جي اشاري تي ٿي رهيو، هو ۽ ڪنهن پوريءَ  رٿا سان سڀني پاسن کان، هُن جي خلاف  بدناميءَ  ۽ عداوت جو طوفان اٿاريو  ويو هو، ۽ ڪي ماڻهو جيئن پوءِ تيئن اُن کي وڌائيندا ۽ زور وٺائيندا ٿي رهيا.

ڪاسٽيلو جا مخالف پنهنجي دلين ۾ بغض ۽ ڪيني جا انبار ڀري هُن تي ايڏيون زهرناڪ جُلهون جو ڪري رهيا هئا. اُنهن مان سڀني غير جانبدار ۽ مصنف مزاج انسان پسند عالمن کي محسوس ٿي چڪو هو، ته هن شريف ۽ حق شناس عالم تي ترت ئي ڪو خوني حملو ٿيڻ  وارو هو ۽ هن جي املهه حياتي هڪ وڏي خطري ۾ هئي. هُن کي ڳالهائڻ  جي آزاديءَ کان ته اڳي ئي محروم ڪيو ويو هو. هاڻي هُن کي ختم ڪرڻ  لاءِ سنگدل  دشمن چؤطرف وڪوڙي ويا هئا. عين اهڙيءَ بيوسيءَ جي حالت ۾  ڪي اهڙا سچار ۽ نيڪ شخص  به وڌي  هُن جي ويجهو آيا. جيڪي هُن جو  وڏو  سهارو ثابت ٿيا. اُنهن مان هڪڙو  ميلنشان نالي جرمن ديني اصلاح  جو هڪ بزرگ اڳواڻ هو، جيڪو هر ڳالهه کان بي نياز ٿي، هُن جي مدد لاءِ ميدان تي نڪري آيو. ميلنشان ڪروڌ ۽ اهنڪار ۾ ورتل، اهڙن شخصن کان بيزار هو، جن لاءِ زندگيءَ جي معنيٰ فقط ڪدورت ۽ فساد هئي، ۽ نه ئي سرچاءَ ۽ محبت هُن سيباسٽيان ڪاسٽيلو ڏانهن همدردي ۽ همت افزائي  جو هڪ خط لکي  موڪليو. جنهن ۾ لکيائينس ته ”هن کان اڳ مون توهان سان خط و ڪتابت ڪانه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته آءٌ پنهنجن ڪمن ۾ ئي مصروف پئي رهيو آهيان. منهنجي خاموشيءَ جوهڪ ٻيو سبب به هو ۽ هو، اُهو هيءُ ته عقل ۽ پارسائيءَ جي صاحبن  ۾ مون کي ڏاڍيون دکدائڪ غلط فهميون ڏسڻ ۾ پئي آيون آهن، ۽ مون اُنهن ۾ اضافو آڻڻ نه ٿي گهريو. پر آءٌ سدائين اوهان جي، طرز تحرير  ڪري، دل ۾ گهڻي عزت ڪندو رهيو آهيان. آءٌ هن خط ذريعي اوهان کي خاطري ڏيارڻ گهران ٿو، ته مون کي اوهان سان دلي همدردي آهي، ۽ اوهان جي خيالن سان مجموعي طور اتفاق اٿم.  مون کي يقين آهي ته اسين محبت  جي دائمي ڏوري ۾ ٻڌل رهنداسين.

”راءِ جي اختلافن بابت، ۽ جنهن وحشيانه نموني ڪي ماڻهو حق جي پر ستارن تي حملا  ڪندا رهن ٿا، اُن متعلق  اوهان  جون شڪايتون ۽ دانهون صحيح آهن، ۽ اُهي پڙهي ۽ ٻُڌي، مون کي بيحد ڏک ٿئي ٿو ۽ منهنجي دل سدائين اوهان سان گڏ هِن صورتحال تي روئندي ۽ دانهون ڪندي رهي ٿي. پراڻي روايت  ٻڌل اٿم ته بهادرن جي وهيل رت مان دئيت پيدا ٿيا هئا. تنهن وانگر هي نوان مناظرائي، جيڪي اڄ پادرين ۾، ادارن ۾، ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ زور وٺي ويا آهن ۽ جهل نه ٿا ڏين، ۽ سمجهن ٿا ته علم ۽ فضيلت جا حقيقي  صاحب سندن هوائي مقصدن آڏو رڪاوٽ بڻيل آهن، افسوس سان چوڻو ٿو پوي، ته اُهي اڳين دورن جي سچن پچن عالمن ۽ درويشن جو اولاد يا اُنهن جا سجاده نشين آهن. پر اوهين فڪر نه ڪريو؛ خداوند  قدوس دنيا ۾پنهنجن باقي  بچيل سچن ٻانهن کي بچائڻ ڄاڻي ٿو.

” اسين جو ڪجهه بدلائي نه ٿا سگهون، اُهو اسان کي برداشت ڪرڻ کپي. جيئن جيئن منهنجي عمر وڌندي ٿي رهي، تيئن منهنجي من جو ڏک ۽ نراسائي به شانت ٿيندا ٿا وڃن. ٿورن ئي ڏينهن ۾ آءٌ وڃي، پنهنجي  ڌڻي پاڪ سان ملندس ۽ اُها دنيا هنن وحشتناڪ طوفانن کان محفوظ آهي. جيڪي هتي هن دنيا ۾انسانن جي دلين کي لوڏين ٿا ۽ بي آرام ڪن ٿا. پر جيڪڏهن اڃا ڪي ڏينهن هتي باقي رهيس، ته ڪنهن موقعي تي اوهان سان روبرو ويهي، گهڻن مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندس ۽ پنهنجي روح کي خوش ڪرڻ لاءِ اوهان سان ڪي دل جون ڳالهيون ڪندس. خدا حافظ!“

ميلنشان جي هن خط لکڻ مان خاص مراد هيءَ هئي، ته ڪاسٽيلو جو اِن طرح ڪجهه بچاءَ ٿئي ۽ ڪال ون لاءِ اُهو هڪ چتاءُ ثابت ٿئي، ته جنون ۾ وٺجي، هو اُن عظيم  عالم ۽ نيڪ بزرگ کي وڌيڪ ايذائڻ کان باز اچي. ميلنشان جي اُن خط جا پوءِ سوين نقل چوڌاري پکڙجي پيا ۽ هزارن ماڻهن کي اُن جي پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ انسان پسند عالمن جي دنيا ۾ اُن جو ايترو ته اثر ٿيو جو خود ڪال ون جي پنهنجن ويجهن ساٿين به، هن کي ڪاسٽيلو جي معاملي ۾ ڪجهه نرم ٿيڻ جي صلاح ڏني. مثلاً فرئنڪاس بادون نالي هڪڙي عالم ۽ ديني بزرگ ڏانهس هيئن لکي موڪيلو: ”هاڻي تون سمجهي سگهين ٿو ته ڪاسٽيلو سان تون جيڪا سخت روش وٺي رهيو آهين، اُن بابت ميلنشان ڇا سوچي رهيو آهي، ايتري قدر، جو تنهنجي اِنهن متضاد ڳالهين سبب هو تو سان ظاهر ظهور ناراض آهي، هاڻي تو لاءِ ان ۾ ڪهڙو منطق ٿو رهي، جو ڪاسٽيلو  کي ته شيطان سان گڏ هڪ ٻيو شيطان سڏين، ۽ ميلنشان کي وري به اُهوئي سچو ۽ سڳورو مسيحي مومن سمجهندو رهين؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org