سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي

باب:

صفحو:4 

فقط ٿورا سال اڳ، هٺيلي خروشيف، لينن جي ” ٻه قدم اڳتي ۽ هڪ قدم پوئتي“ واري حربي تي عمل ڪندي، پرامن بقائي باهميءَ جي جدوجهد ۾ غير جانبدار ريت جي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي. نتيجي طور، هن تي ڪميونسٽ چين طرفان نظرثانيءَ جي عمل کي دهرائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. آمريڪا ۾، جان فوسٽر ڊليس، آمريڪا جي جديد حڪمت عمليءَ جو تيزفهم معمار، غير جانبداريءَ کي ” غير مهذب “ قرار ڏنو آهي. آمريڪا ۾ تازو ئي هارورڊ جا ٻه ذهين گروهه، ڪسنگر ۽ شليسنگر، غير جانبداريءَ کي دلچسپ چيز ظاهر ڪرڻ لاءِ، آمريڪا جي ڊگهي عرصي وارن اهم مفادن کي خساري ۾ وجهي، روايتي راهه کان گمراهه ٿي ويا آهن.

غير جانبدار ملڪن مان ڀارت جو ڪردار، گهٽ ۾ گهٽ اڄ ڏينهن تائين، تمام چست رهيو آهي. ڀارت هڪ اهڙي مرلي وڄائيندو رهيو آهي، جنهن جو سر، مجموعي طرح فقط مغرب کي ئي اڻوڻندڙ لڳو آهي،

ڪنهن قوم جي خارجه پاليسيءَ جو مکيه محرڪ هوندو آهي، ان جي آزاديءَ ۽ ملڪي سالميت کي برقرار رکڻ جي تمنا. پاڪستان لاءَ، جنهن صورتحال ۾ هو پنهنجن عداوتي پاڙيسرين سان گهيريل آهي، ضروري آهي ته پنهنجي ملڪي سالميت ۽ منفرد نظرياتي حيثيت جي حفاظت جا اپاءَ ڳولي. ڪنهن قوم جي ٻاهرئين وقار جي بلنديءَ جو مدار ان جي اندروني طاقت ۽ استحڪام، ان جي ادران جي جانبداريءِ ۽ قومي مقصد جو مضبوطيءَ تي آهي. اسان کي وري وري پئي چيو ويو آهي، ته مغرب سان معاهدن اسان جي آزادي کسي ورتي آهي، اها ڳالهه صحيح نه آهي.

طاقت جي موجوده بين الاقوامي توازن ۾، مشڪل سان ٽي چار ملڪ آهن، جيڪي صحيح معنيٰ ۾ مڪمل خودمختياريءَ جي دعوا ڪري سگهن ٿا. ان کان سواءَ بين الاقوامي قانون جي ترقيءَ انهن ٿورن ملڪن لاءِ به لازم ٺهرايو آهي ته هو پنهنجيءَ خودمختياريءَ جي ڪجهه حصي تان هٿ کڻن، اقوام متحده جي ميمبري، سڀني ميمبر – ملڪن جي خود مختياريءَ تي چئني طرفن کان پابنديون عائد ڪري ٿي.

اقوام متحده جو منشور ان جي ميمبرن لاءِ لازم ٺهرائي ٿو، ته اهي پنهنجي روايتي خودمختياريءَ جي ڪن اهم ترين اختياري کي ترڪ ڪري ڇڏين. مثلا جنگ ڪرڻ جو حق، منشور جي آرٽيڪل ٻئي جي چوٿين فقري ۾ چيل آهي؛

” سڀ ميمبر ملڪ پنهنجن بين الاقوامي تعلقات ۾، ڪنهن به ملڪ جي علاقائي سالميت يا سياسي آزاديءَ خلاف ڌمڪيءَ يا طاقت جي استعمال کان، يا ٻئي ڪنهن به نموني اختيار ڪرڻ کان جيڪو اقوام متحده جي مقصدن جي خلاف هجي، پاسو ڪندا. ”

ميمبر ملڪ، انهيءَ ڪري، طاقت يا ڌمڪيءِ جو استعمال ڪري نٿا سگهن. انهن لاءِ لازم آهي ته پنهنجن بين الاقوامي تڪرارن جا فيصلا پرامن ذريعي سان قبول ڪن.

موقعي جي مناسبت سان مان ايوان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو، ته هن ئي اصول جو ڀارت پنهنجي آزاديءَ جي وقت کان وٺي سڀني ملڪن ۾ شدت سان پرچار پئي ڪيو آهي، پر پاڻ پنهنجي بين الاقوامي ڪار وهنوار ۾، ڀارت انهيءَ ئي اصول کي شدت سان پئي ٽوڙيو آهي.

پنهنجي مرڪزي نقطي تي واپس موٽندي، مان عرض ڪندس، ته بين الاقوامي قانون جي سموري دائريءِ اندر، ڪنهن به ملڪ جي آزاديءِ جو درجو انهيءَ ملڪ جي پنهنجيءَ طاقت ۽ آزاديءَ جي عزم تي مدار رکي ٿو، ۽ نه سندس خارجي الحاقن تي، جهڙي طرح معاهدن جي رڪنيت آهي. در اصل ڪنهن ملڪ جي ڪنهن عهدنامي يا معاهدي ڪرڻ جي صلاحيت ، بذات خود ان جي آزاديءَ جو دليل آهي. ڪو به ملڪ، جيڪو پنهنجن پيرن تي بيٺل نه آهي، ڪنهن معاهدي ڪرڻ جي اهيلت نٿو رکي.

جيڪڏهن پاڪستاني ائين محسوس ڪن، ته هو پوريءَ طرح آزاد نه آهن، ته ان لاءِ هوپاڻ ئي قصوروار آهن، ۽ نه هنن جي معاهدن ۾ رڪنيت. اسان کي پنهنجي وس آهر پنهنجن اندروني وسيلن کي ترقي ڏيارڻ ۽ اقتصادي طور ٻاهرين امدادي سهارن تي ڀاڙڻ واريءَ حالت کي گهٽائڻ لاءَ هڙئي حيلا هلائڻ کپن. ٻاهرين طاقتن تي اسان جو اقتصادي انحصار، ڪنهن به طرح معاهدن جي رڪينت سان واسطو نٿو رکي. مون تعلق رکندڙ عهدنامن جي هر هڪ لفظ جي چڪاس ڪئي آهي، ان ارادي سان، ته مبادا اهڙو ڪو فقرو ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جو مطلب هجي، ته پاڪستان جي ملڪي بجيٽ کي ٻين فنڊن يا . پي ايل – 480. فنڊن جي سهاري جي ضرورت آهي. اسين جيڪڏهن پنهنجن ذريعن کي پوريءَ طرح ڪتب آڻي سگهون ٿا، ته اها ڳالهه اسان توڙي اسان کي مدد ڏيندڙن لاءَ تسڪين جو باعث ٿيندي.

ٻاهرين امدادحاصل ڪرڻ وارن ۾ پاڪستان ڪو پهريون يا واحد ملڪ نه آهي، آمريڪا حقيقي معنيٰ ۾ . مارشل پليئن ، تحت ڳريءَ امداد جي ذريعي يورپ کي اقتصادي ذلت مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. اتحادي طاقتن جي متحد قوت هٿان شڪست کاڌل ۽ تقسيم ٿيل، برباد ۽ بُريءَ طرح تابع ڪيل جرمني، فقط ڏهه سال اڳ کنڊر بنيل هئي. ٻاهرينءَ امداد کي قابليت سان استعمال ڪرڻ ۽ ان کان آزاد ٿيڻ جي اٽل ارادي رکڻ سان، ترقي ڪري، جرمني هن وقت جي زبردست طاقت بنجي ويئي آهي. اڄ ان جي اقتصادي حالت اهڙي ئي مضبوط آهي، جهڙي ان ملڪ جي، جنهن ٿوروئي عرصو اڳ کيس اقتصادي امداد ڏني هئي.

ساڳيءَ ريت ٻين يورپي قومن مان، فرانس، اٽليءَ ۽ انگلينڊ کي مارشل امداد جي ذريعي نيئن سر پنهنجي اقتصادي آزادي بحال ڪرڻ لائق بنايو ويو آهي.

جيڪڏهن امداد جو مقصد ملڪن کي دائمي طرح ٻاهرئينءَ امداد جو محتاج رکڻ هجي ها، ته هي عظيم يورپي ملڪ انهيءَ کي ڪتب آڻڻ کان پوءَ پنهنجي نظام کي نئين سر تعمير نه ڪري سگهن ها. انهيءَ ڪري، اهو پاڳلپڻو ٿيندو، جيڪڏهن اها دعوا ڪئي وڃي ته اقتصادي امداد سان گڏ دائمي محتاجيءَ جو زهر به شامل آهي.

” ٽائيم“ مخزن، پنهنجي 3- نومبر سن 1962ع واريءَ اشاعت ۾، ٻاهرينءَ امداد تي ڪي دلچسپ تنقيدون ڪيون آهن؛

” ڪئينڊيءَ جي حڪومت اندر، بيروني امداد جي مقصدن ۽ طريقن تي نئين سر ويچار ڪيو پيو وڃي سرگرم ادارو، اڻٽر نئون محاذ، قائم ڪيو ويو آهي، ان جي بنيادي مضمونن ۾ هڪ سخت تنقيدي مضمون، شڪاگو يونيورسٽيءَ جي پروفيسر، هنس مارجينٿا جو، آمريڪن پولٽيڪل سائنس رويو، ۾ شايع ٿيو آهي،

مارجينٿا ” اقتصادي ترقياتي امداد“ واري تصور جي عالمانه جراحت ڪري ٿو. هو چوي ٿو، ته  ” ان جو ، صحيح نموني ۾ ڪامياب استعمال جو دائرو، عام طرح جي محسوس ڪيل دائري کان تمام گهڻو ننڍو آهي. ڪيترائي گهٽ ترقي يافيه ملڪ ضرورتن جا مريض آهن- ڪي لازمي ته ڪي لاعلاج ضرورتن جا، ٻيا وري سماجي ۽ علاج جوڳين ضرورتن جا – جن جو ٻاهران مهيا ڪيل سرمايي جي مقدار يا فني تربيت جي ذريعي علاج ڪري نه سگهبو . ڪي ته نااهل ۽ بيکاري قومون، آهن جيڪي جيستائين ڪا اخلاق جي معجزانه تبديلي ظهور پذير ٿئي، غير ملڪي امداد کي پنهنجي حقيقي اقتصادي ترقيءَ لاءِ نڪي ڪتب آڻي سگهنديون ۽ نڪي ڪتب آڻينديون.“

هڪ “ نااهل ۽ بيکاري قوم “ سڏجڻ ، سو اسان جي قومي وقار جي خلاف آهي. پر، اچو ته پنهنجين ڪمزور پاليسن جي هن ڏکوئيندڙ جائزي جي موقعي تي پاڻ کي ملامت ڪريون، جنهن لاءِ صرف اسين ئي جوبدار آهيون.

مون هميشه روس ۽ ڪميونسٽ چين سان پنهنجي ملڪي تعلقات کي معتدل بنائڻ جي حمايت پئي ڪئي آهي، مان نٿو سمجهان ته ڪو معاهدن ۾ اسان جي شرڪت، ان ڏس ۾ ناموافق آهي، انهيءَ ئي مراد سان، مون پاڪستان ۽ روس وچ ۾ تيل جي معاهدي کي تڪميل تي پهچايو. گهڻوئي وسيع ميدان آهي، جنهن تي اسين ڪميونسٽ ملڪن سان دنيا ۾ امن  قائم ڪرڻ جي گڏيل مقصد لاءِ دوستن وانگر گڏجي سگهون ٿا.

ڏهه ڪروڙ باشندن جي، دنيا ۾ پنجون نمبر، وڏيءَ قوم جي حيثيت سان اسين بين الاقوامي لاڳاپن کي معتدل بنائڻ ۽ عالمي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. روس اسان جو ويجهو پاڙيسري ملڪ آهي. تاريخ جو ڊگهي ۽ طوفاني سفر ۾، اسان کي گهڻائي ڀيرا هڪٻئي سان گڏجڻ جو موقعو مليو آهي. اسان جي ٻنهي ملڪن جي نسلن ۽ ثقافتن جي پاڻ ۾ ميلاپ پئي رهيو آهي. تيموري خاندان جي اولاد جيڪا اسان لاءِ روسين وچ ايشيا مان عظيم ميراث آندي، سا اسان لاءِ اتساهه جو باعث آهي، ۽ رهندي، پنهنجي سمرقند، تاشقند ۽ انهن علائقن جي ٻين هنڌن جي دوري واري وقت مان اتي جي ماڻهن ۽ اسان جي ماڻهن وچ ۾ ثقافتن ۽ نظرين جي عظيم مناسبت ڏسي دنگ رهجي ويس، ڇاڪاڻ ته باوجود انهن اتانهن جبلن جي، جيڪي اسان کي الڳ رکن ٿا، ۽ گذريل ڪيترين صدين ۾ هڪٻئي سان ميل جول ۽ لڳ لاڳاپي جو عدم موجودگيءِ جي، اسان جي ٻن ملڪن درميان مضبوط رشتي جا تمام گهڻا ثبوت موجود هئا. اسين برابري ۽ خود داري جي شرطن  تي روس ڏانهن پنهنجي دوستيءَ جو هٿ ڊگهيريون ٿا. بهرحال، روس پنهنجن ذاتي سببن ڪري، اسان سان هڪ مسئلي جي سلسلي ۾، جو اسان جي خواهشن جي باوجود، اسين انهيءَ عظيم ملڪ سان پنهنجن ناتن کي مڪمل طريقي سان هموار نه ڪري سگهنداسين، جيستائين هو انهيءَ مسئلي جي حقيقي خوبين جي بهتر نموني قدر ڪري سگهي.

عوامي چين جو معاملو بلڪل مختلف آهي. ڪشمير جي باري ۾ عداوتي رويي اختيار نه ڪرڻ سبب، اسين چين جي عوامي جمهوريت جي تعريف ڪريون ٿا. جيتوڻيڪ ماضي ۾ اسان جي هن عظيم پاڙيسري ملڪ سان اسان جا تعلقات اهڙا خوشگوار نه هئا، جهڙا هن وقت آهن، گريلال جين ( Girilal Jain )جي تصنيف ڪيل ڪتاب، ” پنچشيلا ۽ ان کان پوءِ ”  ( Panchaheela and After )۾ ؛ مصنف چيو آهي؛

مسٽر چو اين – لائي جي 1956-57ع واري ڀارت جي دوري وقت، چين جي وزير اعظم کان بار بار پڇيو ويو، ته هو ڪشيمر بابت پاڪ- ڀارت تڪرار جي مسئلي تي پنهنجي حڪومت جي پاليسيءَ جي وضاحت ڪري. روسي سربراهن جي ابتڙ، مسٽر چو اين – لائيءَ ڪوبه قطعي جواب نه ڏنو. هن مان غير تصديق شدهه اطلاعن جي ڪي قدر تصديق ٿئي ٿي. جيڪي ان وقت دهليءَ ۾ مشهور هئا، ته چيني حڪمران ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان سان سوديبازي ڪرڻ واري خيال جا بنهه مخالف نه هئا.

اسان کي فرخداليءَ سان پنهنجين خامين جو اقرار ڪرڻ گهرجي، جنهن جي لاءِ موجوده حڪومت ذميدار نه آهي، جڏهن چين جي عوامي جمهوريت جي مرڪزي حڪومت قائم ٿي، ته اسان انهيءَ نئينءَ حڪومت کي تسليم ڪيو، ۽ شروع کان ئي اقوام متحده ۾ ان جي شموليت جي حمايت ڪئي. تنهن کان پوءِ، اسان جي اندروني انتشار ۽ ڪمزوريءَ جو فائدو ورتو ويو، ۽ حالتن جي دٻاءَ سبب اسان کي پنهنجو مؤقف بدلائڻو پيو. ڪيترن سالن تائين اسان چين جي عوامي جمهوريت جي اقوام متحده جي شموليت جي حمايت نه ڪئي. دوست ملڪن لاءِ هيءَ ڳالهه غير فطري نه آهي، ته ڪنهن خاص نظريي کي قبول ڪرڻ لاءِ هڪٻي کي مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. اها ڳالهه بين الاقوامي تعلقات ۾ شامل آهي، مثال طور، ملڪ جي اندروني معاملن ۾، ڪارخانن جي وزير جي حيثيت ۾، آئون واپار جي وزير کي پنهنجي نقطه نظر مڃائڻ جي ڪوشش ڪري سگهان ٿو؛ پر جي هو ان کي رد ڪري ڇڏي، ته انهيءَ جو اهو مطلب نه آهي، ته ڪو هو منهنجي” دٻاءُ “ هيٺ آيو آهي.

دٻاءَ جي اثر کي قبول ڪرڻ لاءِ آسانيءَ سان آماده ٿي وڃڻ سا ڳالهه واقع المناڪ آهي، اندروني طرح ڪمزور هجڻ جي حالت ۾، ائين ٿيڻ لازمي آهي. اسان جي اڳين حڪومتن واري وقت جا ساڳيائي اتحادي، چين جي عوامي جمهوريت کي اقوام متحده ۾ شامل نه ڪرڻ واري اڳينءَ پاليسيءَ کي جاري رکڻ لاءِ موجوده حڪومت تي غالب پئجي نه سگهيا، سا ڳالهه اسان جي معاهدن جي لحاظ کان به ، اسان جي هاڻوڪيءَ پرڏيهي پاليسيءِ جي آزاد هجڻ جو ثبوت آهي. حالتن پٽاندر به اسين پنهنجي اصل نقطه نظر تي انهيءَ ڪري موٽي سگهيا آهيون. ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت اهڙي قدم کڻڻ لاءِ ڪافي حد تائين مضبوط ۽ مستحڪم آهي. اسان گذريل ٻن سالن ۾ ڪميونسٽ چين کي اقوام متحده ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي، جيڪڏهن چين جي عوامي جمهوريت هن عالمي تنظيم جي رڪن بنجي وڃي، ته اها ڳالهه ساريءَ انسانذات لاءَ فائدي واري  ٿيندي. اهو اقوام متحدهه لاءِ ڪئين ممڪن ٿي سگهي ٿو، ته ڪنهن مسئلي تي پنهنجي اختيارات جي سارو وزن استعمال ڪري سگهي، جڏهن پنجهٺ ڪروڙ ماڻهن جا نمائندا ان جي فيصلن ۽ ضابطن جي دائري کان ٻاهر آهن.

ڪنهن به هٻڪ کان سواءِ مان کليءَ طرح چوان ٿو ته چين جي خلاف اسان کي ڪابه رنجشن ڪانهي انهي ملڪ سان اسان جا ڪي به سرحدي تڪرار ڪينهن، ان سان اسان جا تعلقات هموار ۽ خوشگوار آهن، ۽ اسين ڪشمير جي سوال تي چين جي رويي جو قدر ڪريو ٿا، ۽ اسان کي اميد آهي ته جيئن جيئن اسان جي باهمي لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو، تئين تئين اهو رويو وڌيڪ واضع ۽ مثبت صورت اختيار ڪندو.

هوڏانهن چين اسان کي يقين ڏيارو آهي، ته مغرب سان معاهدن ۾ اسان جي رڪنيت، چين سان اسان جي دوستيءَ لاءِ ڪنهن به طرح ناموافق نه آهي. اها دوستي اٽل ۽ غير مشروط آهي.

چيو وڃي ٿوته عوامي چين جي مرڪزي حڪومت پاڪستان کي هڪٻئي خلاف اڳرائي نه ڪرڻ جي معاهدي جي پيشڪش ڪئي آهي. انهيءَ پيشڪش کي مغرب سان ڪيل اسان جي عهدنامن سان ناموافق نٿو ٺهرائي سگهجي. اسان جا اهي عهدناما پنهنجي دفاع لاءَ آهن. اڳرائيءَ کي روڪڻ جو هڪ معاهدو، انهن عهدنامن جي دفاعي حيثيت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو.

آئون دعوا سان چوان ٿو ته چين سان اسان جي دوستي ڪنهن به قسم جي سوديبازي يا ڏي – وٺ سان داغيل نه آهي. اها ٻن پاڙيسري ايشيائي ملڪن درميان، جنهن ۾ پنجهتر ڪروڙ باشندهه آباد آهن، پائيدار دوستي آهي.

اسين عوام چين سان پنهنجي دوستيءَ روس سان خوشگوار ناتا قائم رکي سگهون ٿا. اسين پنهنجي مغربي دوستن سان ڪيل عهدنامن جي پاڪيزگيءِ کي ڪنهن به نقصان پهچائڻ کان سواءَ. جن ئي اوائلي وقت ۾ اسان کي پنهنجي اڪيلائيءِ جي حالت مان نڪرڻ جي لائق بنايو. ائين ڪري سگهون ٿا.

جيتريقدر غير جانبدار ملڪن جو واسطو آهي، جيڪڏهن ڪجهه سال اڳ اسان جا تعلقات متحده عرب جمهوريه سان ناخوشگوار هئا، ته انهيءَ ۾ اسان جي هن حڪومت جو قصور ڪونهي، جنهن وقت کان وٺي انقلابي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي، متحده عرب جمهوريه توڙي ٻين سڀني وچ – اوڀر ۽ آفريڪي ملڪن سان نائيجيريا، گهانا، ۽ مغرب رياستن سميت، پنهنجن لاڳاپن کي جفاڪشيءَ سان سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. انهيءَ حڪومت ٻين مکيه غير جانبدار ملڪن. خاص طرح يوگوسلاويا، سان به پنهنجن ناتن کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دنيا جي ٽن سياسي گروهن جي تفصيلي ذڪر ڪرڻ کانپوءِ، مان هاڻي اختصار سان انهن شخصن جو توجهه ڇڪائيندس، جي چاهين ٿا ته اسين عهدنامن کي ترڪ ڪري، ” پڪا غير جانبدار “ بنجي وڃون. موجوده حالتن ۾ انهيءَ  کان ڪوبه انڪار نه ڪري سگهندو، ته ڀارت غير جانبدارن جي مجموعي ۾ تمام اهم جڳهه والاري ٿو. انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسين غير جانبدارن جي ڇانوڻيءِ ۾ پنهنجو خيمو کوڙينداسون ته اسين ڀارت جي تسلط ۽ ان جي فريب حڪمت عمليءَ جي تابع ٿي وينداسون. جيستائين ڪشمير جو تڪرار فيصل ٿئي، اسين اقتدار جي انهيءَ دائري ۾ شريڪ ٿيڻ جو خيال نٿا ڪري سگهون، جنهن جي مٿان ڀارت جو تسلط آهي. مان نٿو ڀانيان ته پاڪستان جو ڪوبه باشندو پنهنجي ملڪ لاءِ اها ڳالهه پسند ڪندو، ته اهو نسبتا ڪمزور ۽ غير مستقل مزاج قومن جي انهيءَ اڻ ٺهندڙ سنگت جو غلام بنجي، جنهن جو اڳواڻ ڀارت آهي. ازانسواءِ ڪهڙيءَ حد تائين ۽ ڪيتري مؤثر طريقي سان غير جانبدار ملڪ ڀارت جي بچاءَ لاءِ هن جي چين سان هاڻوڪي جهڳڙي وقت آيا ، سو عالم آشڪار آهي.

دولت مشترڪ کي ڪو الڳ نظرياتي اقتدار جو دائرو ڪري نه ليکبو، ان جا جهونا رڪن مغربي گروهه ۾ شامل آهن، ۽ نون مان گهڻا ميمبر غير جانبدار گروهه ۾ آهن. بهرحال، دولت مشترڪه جي گهڻو ڪري سڀني ملڪن سان اسان جا تعلقات تمام خوشگوار آهن.

برطانيه کي گهڻو ئي بدنام ڪيو ويو، چيو وڃي ٿو، ته برطانيه ورهاڱي جي خلاف هئي، ۽ گڏيل هندستان جو آخري وائسراءِ ۽ آزاد ڀارت جو پهريون گورنر جنرل. لارڊ مائونٽبئٽن، پاڪستان جو دشمن هو. ڪئين به هجي، اهو هڪ تاريخي باب آهي؛ اسان کي ان جي ورثي سان واسطو آهي. ائنگلو- سئڪسن ماڻهوءَ جي هڪڙي ڪمزوري، يامان ان کي خوبي چوان، اها آهي ته هو بنيادي طور حقيقت شناس آهي. انهيءَ ڪري ائنگلو- سئڪسن وٽ ڪي مستقل تاثرات نه هوندا آهن. ازانسواءَ، اها انهيءَ ئي قوم جي خاصيت آهي، ته جيڪي هن سان مقابلو ڪن، انهن جو هوءَ بادل نخواسته قدر ڪندي آهي. انهيءَ جو هڪڙو ٺوس مثال جرمني آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي، ته انگريز مسلمانن جو قدر ڪنداهئا، ۽ ڪنهن وقت ۽ انهن جي غير مغلوب جذبي ۽ حوصلي کان ڊڄندا هئا. سڄيءَ دنيا جي سلطنت هٿ ڪرڻ لاءِ، هنن مسلمانن کي پنهنجو تمام خطرناڪ دشمن تصور ڪيو. عظيم انگريز مؤرخ آرنولڊ ٽوائنبي (Arnold Toynbee )پنهنجي ڪتاب ” تهذيب جي آزمائش.” (Civilization on Trail)۾ چوي ٿو؛

” صديون اڳ، جڏهن اڃا ڪميونزم جو نالو به ٻڌجڻ ۾ نٿي آيو، اسان جي بزرگن اسلام ۾ پنهنجي لاءَ خطرومحسوس ڪيو. سورهينءَ صديءَ ڌاري اسلام مغربي دلين ۾ ساڳيوئي روڳ ڦهلايو، جهڙو ڪمنيوزم ويهينءَ صديءَ ۾ ڦهلايو، ۽ خاص طور ساڳئي ئي سبب لاءَ. ڪميونزم وانگر، اسلام به  . مغرب ، جي مخالف تحريڪ هئي. جا ساڳئي وقت مغربي عقيدي جي نفيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿي ۽ ڪميونزم وانگر، هن اهڙي روحاني تلوار ڦيرائي، جنهن کان بچاءَ لاءَ مادي هٿيار بيڪار هئا.“ پر جڏهن حقيقت پسنديءَ جي تقاضا ٿي، ته برطانيه پنهنجيءَ روايتي اسلام دشمنيءَ کي دٻائي ڇڏيو، ۽ زار شاهي روس جي غاصبانه خواهشن خلاف، ترڪي سلطنت جي حمايت ڪئي، جن قومن جي وچ ۾ تلوارون هليون، تن ۾ تاريخي ياداشتون تمام گهريون آهن. . مسلمانن جي بهادري، انگريز قوم وٽ هڪ زندهه ڪهاڻي جي صورت ۾ قائم آهي.

بهرحال، انگريز اڄوڪي زماني ۾، رشڪ ڪرڻ بداران، همدرديءَ جا وڌيڪ مستحق آهن. هنن جي عظيم سلطنت، جنهن تان سج ڪڏهن لٿو ئي نٿي،، ساهاڻي سسي ۽ سڪڙ جي. ننڍڙي ٻيٽ جي صورت ۾ وڃي بچي آهي، جيڪو حمله آورن جي زد ۾ خلائي- ائٽمي هٿيارن ذريعي مڪمل تباهي نيپولن کليل آهي. نيبولن بونا بارٽ، انگريزن کي هڪ دڪاندارن جي قوم ڪوٺيو هو، اڄ ان جا دڪان يورپي مارڪيٽ جو حصو بنجي ويا آهن، ۽ طاقت جي تارازين کي برطانيا ڪنهن به پاسي جهڪائي نٿي سگهي. اسان کي برطانيه سان ڪوبه بغض ڪونهي، پر جيڪڏهن هن علائقي ۾ طاقت جي توازن کي درهم برهم ڪرڻ لاءِ هوءَ اقوام متحده تي دٻاءَ وجهندي، ته پوءَ اهو پاڪستان خلاف هڪ عدواتي قدم سمجهي، اسين ان تي غور ڪرڻ لاءِ مجبور ٿينداسين، ۽ ان جي نتيجن جا ذميدار نه ٿينداسين.

هاڻي آءُ پنهنجن ڪن پاڙيسري ملڪن جو ذڪر ڪرڻ چاهيا ٿو.

جيتوڻيڪ افغانستان هڪ اسلامي ملڪ آهي، پر بدقسمتيءَ سان شروعات کان وٺي، پاڪستان خلاف هن هڪڙي سمجهه ۾ نه ايندڙ عداوتي پاليسيءَ اختيار ڪئي آهي. ٻئي طرف، اسان مسلسل اشتعال انگيزيءَ جي موٽ ۾، هميشه صبر ۽ ضبط کان ڪم پئي ورتوآهي. بي انداز موقعن تي پاڪستان افغانستان سان پنهنجن لاڳاپن کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ورتي آهي؛ پر هن ملڪ پنهنجي عوام جي ڌيان کلم کلا اندروني معاملن تان هٽائڻ خاطر،  اسان جي سرحدن تي بي بنياد دعوائون پيدا ڪري، پنهنجي سموري تلخيءِ جو رخ پاڪستان ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي.

پاڪستان جو هر هڪ انچ اسان لاءَ مقدس آهي. انهيءَ ڪري، جيستائين افغانستان پنهنجن خطرناڪ غاصبانه ارادن کي ترڪ نٿو ڪري، تيستائين ڪوبه افغانستان ۽ پاڪستان جي ناتن ۾ سڌاري اچڻ جي توقع نٿو ڪري سگهي، ۽ ڪوبه موجودهه تعلقات جي صورتحال تي پاڪستان  کي ذميدار نٿو ٺهرائي سگهي، ۽ ڪوبه موجودهه تعلقات جي صورتحال تي پاڪستان کي ذميدار نٿو ٺهرائي نيبال، اوڀر پاڪستان کي بلڪل ويجهو، اسان جو قريب ترين پاڙيسري آهي، ايتري ويجهڙائيءَ هوندي به ، ماضيءَ ۾ اسان جا نيپال سان تعلقات محدود هئا. انقلاب کان وٺي ، هن ملڪ سان اسان جا ناتا در جي بدرجي سڌريا آهن. سال کن ٿيو، ته نيپال جو حاڪم، راجا مهيندر، پاڪستان ۾ اچي اسان جو مهمان ٿيو هو. اسان ڪيترن ئي اهم وفدن جي مٽاسٽا ڪئي آهي. اڃا به نيپال سان ناتن کي وڌائڻ لاءَ پاڪستان طرفان تعميري ڪوششون ڪيو پيون وڃن.

آئون هاڻي ڀارت جو ذڪر ڪندس ۽ اسان جي مسئلن جي اصليت تي روشني وجهندس، پندرهن سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو اڳ، اسين ساڳئي ئي ملڪ جاباشندا هئاسين، جنهن کي فرنگي بيٺڪيت جي طوق کان آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد پئي ڪئيسون. بنيادي اختلافن جي ڪري، اسين هڪٻئي کان ڌار ٿي. جدا جدا قومن جا ٻه ملڪ ٿي وياسون. اسان مان گهڻن کي اميد هئي، ته جيئن ئي هرڪو ملڪ، زندگي جي پنهنجن قدرن ۽ مفهومن پٽاندر، پنهنجي نقطه نظر ۽ پاليسيءَ تي ڪاربند ٿي ويندو، ماضيءَ جي تلخي به مٽجي ويندي، پر افسوس جو ائين نه ٿي سگهيو آهي. حڪومتن جي واڳ وٺڻ کان هڪدم اڳ ۽ پوءَ بيشمار انسانن پنهنجون حياتيون وڃايون. انهيءَ واقعي جو نتيجو انتهائي دهشتناڪ هو، تاريخ جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي لڏپلاڻ عمل ۾. آئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ جو خطرو نظر اچي رهيو هو.

پاڪستان، ننڍي ملڪ هجڻ ڪري، ڀارت کان تمام وڌيڪ مسئلن ۽ تمام گهٽ ذريعن جي حالت ۾ مبتلا هو، تنهنڪري وڌيڪ خواهشمند هو ته ڀارت سان پنهنجن تڪرارن کي فيصل ڪري، هڪ سٺي پاڙيسريءَ جيان رهي، بلڪ حقيقي معنيٰ ۾ ڀارت سان دائمي دوستيءَ جو ناتو قائم ڪري. اسان جي هيءَ صلح واري پاليسيءَ ڀارت جي اوچن خيالن مطابق نه هئي، جن جو مقصد، ٻين ڳالهين سان گڏ، وڳوڙ ۽ بدانتظامي پيدا ڪري، پاڪستان کي ختم ڪرڻ جو هو. سن 1947ع وارن المناڪ واقعن کي در گذر ڪرڻ بداران، ڀارتي حڪومت ورهاڱي جي پيدا ڪيل ڇڪتاڻ کي تيز ڪرڻ پسند ڪيو. ڀارتي ڀارتي پاليسيءَ جو هر هڪ قدم پاڪستان کي گهٽڻ جي غرض سان کنيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڀارت جي پاليسي سدائين ڪٽر ۽ ٺاهه کان ٻاهر پئي رهي آهي. ان جي ثبوت لاءِ انيڪ مثال ڏيئي سگهجن ٿا. پر مان هر هڪ جو ذڪر ڪرڻ نٿو چاهيان. ڇاڪاڻ ته انهن کي شمار ڪرڻ سان صورتحال کي بهتر بنائڻ ۾ ڪابه مدد ڪانه ملندي، بلڪ موجوده تڪليف ۾ اضافو ئي ٿيندو.

ڀارت اول مالي تصفيي کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کي ٻنهي حڪومتن جي ورهاڱي واري ڪارروائيءَ جي هڪڙي واضح حصي طور طيءَ ڪيو ويو هو. ڀارت جو هيءُ رويو ان جي ساک ۽ ڪارپت لاءَ ايتريقدر ته غير معقول ۽ نقصانڪار هو، جو خود گانڌيءَ به ان تي اعتراض ورتو ۽ احتجاج طور بک هڙتال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏنائين. انهيءَ وچ ۾ پاڪستان هن سوال کي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو. سلامتي ڪائونسل اڳيان پنهنجي بچاءَ جي مجبوري محسوس ڪري، ڀارت انهيءَ نبيري جي ڪي قدر بجا آوري ڪي. ائين نه آهي ته ڪو گانڌي پاڪستان تي مهربان هو، پر هن ائين ئي ظاهر ڪيو. انهيءَ ڪري هو هڪڙي ڪٽر هندوءَ  جي گوليءَ سان ماريو ويو،  جو ڀارتي زندگيءَ جي انهي طاقتور عنصر جو نمائندو هو، جو کليءَ طرح پاڪستان کي مٽائڻ چاهي ٿو.

سرمايو ڪنهن قوم لاءِ ائين آهي، جئين بُت لاءِ رت جو دورو، خاص طرح هڪ نئينءَ قوم لاءِ جا مصيبتن ۾ جنم وٺي ۽ زندهه رهڻ لاءِ جاکوڙ ڪندي هجي. ڀارتي حڪومت جو خيال هو، ته ملڪ جي ورهاڱي جي ڪارروائيءَ ۾ جيڪو خزاني جي ورهاست وارو فيصلو آهي، تنهن تان ڦري وڃڻ سان ۽ گڏيل ماليات ۽ جائداد  منجهان پاڪستان لاءِ اڳواٽ طيءَ ڪيل حصو ادا نه ڪرڻ سان، پاڪستان جون اقتصادي رڳون زندگيءَ کان محروم ٿي وينديون. ان کي وڌيڪ يقيني بنائڻ لاءِ دفاعي جائداد ۽ عملي جي ورهاڱي ۽ منتقليءَ کي هر قدم تي مشڪل بنايو ويو، انهيءَ مقصد سان ته جيئن  نئين ملڪ کي پنهنجي بچاءَ جي وسيلن کان محروم رکيو وڃي، پاڪستان کي فوجي هٿيارن ۽ گاڏين جو حصو پڇاڙيءَ تائين ڪونه مليو.

متروڪه ملڪيت جي پربت جيڏي مسئلي به، جو لڏپلاڻ سان پيدا ٿيو هو، پاڪستان کي گهڻي مشڪلات ۾ وجهي ڇڏيو. ڀارت انهيءَ معاملي کي منجهائڻ ۽ ان جي حل کي اينگهائڻ جو گس ورتو. معاملي کي جيئن جو تئين منجهيل رکڻ ۽ ان جي دائري کي وسيع ڪرڻ سان، اسان جي پاڙيسريءَ اسان تي مهاجرن کي آباد ڪرڻ ۽ سندن جائداد جي سوال کي حل ڪرڻ  جو بار حد کان وڌائي ڇڏيو، ڄڻ ته اهي مسئلا به ڪافي نه هئا، سو جهوناڳڙهه ، ڪشمير ۽ حيدرآباد ( دکن ) جي بارودي مسئلن کي تيزيءَ سان هوا ڏني ويئي ۽ اهڙيءَ طرح ڪشيدگيءَ جي باهه جيڪا اڳي ئي دکي رهي هئي، تنهن کي ڀنڀٽ ۾ تبديل ڪيو ويو ، ڀارت پنهنجين فوجين کي جهوناڳڙهه، ڪشمير ۽ حيدر آباد ۾ اهڙيءَ طرح داخل ڪيو. جو هٽلر جي جرمنيءَ واري وقت ملڪگيريءَ جي هوس رکندڙ نازي فوجن جي وزني بوٽن جي لتاڙ جي ياد تازي ٿي ويئي.

جئين هر ڪنهن کي معلوم آهي، پاڪستان جو اولانهون سمورو حصو ان جي ندين تي مدار رکي ٿو، جي ان جيڪي آباديءَ لائق زمين جي هر هڪ ايڪڙ جي آبپاشي ڪن ٿيون. انهيءَ پاڻيءَ کان سواءَ، اولهه پاڪستان جو اهڙو زرخيز علائقو بنهه بيابان ٿي ويندو، ڀارت، ڪشمير تي پنهنجي غير قانوني فوجي قبضي ذريعي، انهيءَ پاڻيءَ کي بند ڪرڻ جي طاقت حاصل ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح. ان جي توشاخاني ۾ پاڪستان خلاف جارحانه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي خطرناڪ هٿيار جو اضافو ٿيو آهي.

ٻيا انيڪ رواجي معاملا، انهن مکيه مسئلن کان جدا آهن جهڙوڪ؛ پاڪستان جي اوڀر ۽ اولهه سرحدن تي مختلف قسمن جون جهڙپون ۽ مداخلتون ۽ اوڀر پاڪستان جي ندين سان ڇيڙ ڇاڙ جون ڪوششون . انهيءَ عداوت کي عروج تي پهچائڻ لاءَ ڀارت بار بار هي اعلان پئي ڪيو آهي ته پاڪستان ان جو ” پهرئين نمبر دشمن “ آهي. ۽ پنهنجين هٿاربند فوجن جي ٻه ڀاڱي ٽي حصي کان به وڌيڪ فوجون هن پاڪستان خلاف مصروف رکيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org