سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي

باب:

صفحو:11 

[ 7 ]

وڏين طاقتن جون عالمي پاليسيون- سندن اتحادين جا مفاد- سندن وچ ۾ جهڳڙي جا مڪان – غير واسطيدار ملڪن کي هٿيارن جي امداد – پاڪستان جا مفاد – پاليسيءَ تي

نظرثاني جي ضرورت

22)- جون 1964ع )

 

هن اهم مهمليءَ جي رٿ تي مختلف ميمبرن طرفان ظاهر ڪيل ويچارن کي مون ڏاڍيءَ دلچسپي سان ٻڌو آهي.جيئن مون ڪلهه اخباري نمائندن کي انٽرويو ڏيڻ وقت  چيو هو، اسان جي حڪومت، آمريڪا طرفان ڀارت کي ڊگهي عرصي واري فوجي امداد ڏيڻ جي رٿا تي، آمريڪا کي پنهنجي پريشاني ذهن نشين ڪرائڻ جي هر ڪا ڪوشش ورتي آهي.

مختلف مرحلن ۽ مختلف موقعن تي، صدارتي سطح کان وٺي هيٺ تائين، اسان هن مسئلي تي پنهنجن دوستن ۽ اتحادين سان بحث ڪيو آهي. اسان کين ڀارت کي ملندڙ ڊگهي عرصي واري فوجي امداد جي خطرناڪ نتيجن کان آگاهه ڪيو آهي. جيئن مخالف ڌر جا ميمبر سمجهن ٿا، جيڪڏهن اسين پنهنجن دوستن کي هن پاليسيءَ جي اختيار ڪرڻ جي انديشن کان مطمئن نه ڪري سگهيا آهيون، ته انهيءَ جو سبب اسان جي طرفان ڪنهن ڪوتاهيءَ جو نه آهي ؛ اسان پنهنجي وسان نه گهٽايو آهي . مان گذارش ڪريان ٿو، ته اهي ميمبر اسانجين دشوارين جو پورو اندازو نٿا لڳائين، ڇاڪاڻ ته کين ڪنهن وڏيءَ طاقت جي عالمي پاليسين سان مقابلي ڪرڻ جو ڪو تجربو ڪونهي.

سن 1958ع کان اڳ، پاڪستان کي وڏين طاقتن سان پاليسيءَ جي معاملن تي مقابلي ڪرڻ جي ڪابه ضرورت پيش نه آئي. گهڻن ئي مسئلن تي اسان جون پاليسيون وڏين طاقتن جي مفادن سان موافق هيون. پر تقدير هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي آهي جو پنهنجن قومي مفادن خاطر اسين وڏين طاقتن جي عالمي پاليسين سان اختلاف راءِ ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پيا آهيون، اسان هر ممڪن طريقي سان ڪوشش ورتي آهي، ته هو اسان جي برصغير ۾ هن وقت جيڪو نمونو هلي رهيا آهن، تنهن جي سنگين ۽ خطرناڪ نتيجن کي محسوس ڪن.

منهنجي خيال ۾، ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته ڪو وقت ايندو آهي، جڏهن بحث ۽ گفتگوءَ کي ختم ڪرڻ کپي.، ۽ قوم کي پنهنجين بنيادي پالسين  جو نئين سر جائزو وٺڻ کپي . شايد پاڪستان لاءِ وقت  آيو  آهي، ته پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ تي، پنهنجن بنيادي قومي مفادن جي روشنيءَ ۾، بدليل حالتن پٽاندر، ٻيهر سوچيو ۽ ويچاريو وڃي. مخالف ڌر جي ميمبرن جي فهم ۽ مشوري مان اسان گهڻو ڪجهه پرايو آهي.

اسين پنهنجن قومي مفادن سان ٺهڪندڙ ڪارآمد پاليسين کي فقط يڪسان نظرين ۽ باهمي مفاهمت سان ئي اختيار ڪري سگهنداسين. جيئن مون چيو آهي، حڪومت هن بحث مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي، ۽ اسان کي اميد آهي ته مستقبل ۾ مخالف ڌر ۽ ان جي اڳواڻن کان وڌيڪ مفيد مشوار ملندا، ڇاڪاڻ ته هي اهڙا مسئلا آهن، جي اسان سڀني تي ساڳيءَ طرح اثرانداز آهن.

گذريل جنگ جي پڄاڻيءَ کان وٺي، اسان ٻن اهم واقعن جو مشاهدو ڪيو آهي، جي دنيا تي اثرانداز ٿيا آهن. جنگ جي خاتمي کان پوءِ اسان ايشيا، آفريقا ۽ اوڀر يورپ ۾ گهڻين ئي خود مختيار حڪومتن کي ظهور ۾ ايندي ڏٺو، ۽ اسان آزاد دنيا ۽ بين الاقوامي ڪميونزم جي وچ ۾ نظرياتي ڪشمڪش کي نمايان ٿيندي به ڏٺو. چين – روش جي ٽڪراءُ بعد اهو نظرياتي جهڳڙو اڄ 1964ع ۾ قدري وسيع ٿي ويو آهي. پر اسين ٻڌون ٿا -- ۽ اسين روس توڙي چين جي اڳواڻن کي ٻڌون ٿا – ته بين الاقوامي جهڳڙي جي صورت ۾، ائٽمي جنگ جي صورت ۾، روس  ۽ چين جا باشندا هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهندا . اهڙيءَ طرح، اسان دنيا جي ٻن اهم واقعن جو مشاهدو ڪيو آهي. هڪ آهي ايشيا، آفريقا ۽ يورپ جي ڪن حصن ۾ آزاد ملڪن جو وجود ۾ اچڻ ۽ ٻيو آهي ٻن مخلتف نظرياتي عقيدار رکندڙ عظيم ديون جي وچ ۾ ڇڪتاڻ، اسان ملڪن جي ورهاست پڻ ڏٺي آهي، جا ڪن حالتن ۾ ضروري حالتن ۾ ناجائز هئي، جنهن جي ڪري ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي.

اها حقيقت آهي ته بيٺڪي سرشتي جي خاتمي جي باوجود ان جا ڪي مورثي اثر اڃا رهجي ويا آهن. نون آزاد ٿيل خودمختيار ملڪن جي وچ ۾ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي ويا آهن. سرحدي جهڳڙا ۽ ٻيا ڪيترائي اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ، جهڙوڪ سابق بيٺڪي علائقن  طرفان هڪٻئي ڏانهن دعويداريون.  اهي مسئلا آفريڪا توڙي ايشيا ۾ نظر اچي رهيا آهن. پر ايشيا ۽ آفريڪا ملڪن ۾ اهو به طئي ڪري ته اختلافن کي پر امن طريقي سان حل ڪجي. مثال طور، آفريقا ۾ اسان ڏٺو آهي ته ؛ ” اديس ابابا ڪانفرنس “ آفريقي ملڪن جي اندورني اختلافن کي فيصل ڪرڻ لاءِ هڪ دستور العمل رٿيو آهي ، پر جيڪي ملڪ ورهاڱي جو نتيجو آهن، انهن جا اختلاف زياده سنگين آهن. جيتريقدر اسان جي برصغير  جو تعلق آهي، اسان پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، ڇاڪاڻ ته اسان جو ايمان هو، ته ان جو وجود اسان جي علائقن توڙي ڀارت جي باشندن لاءِ نجات ۽ حفاظت جو سبب بڻبو ، پر ڀارت ۾ ڪي اهڙا عناصر آهن، جن برصغير جي ورهاڱي سان پاڻ کي ڪڏهن به موافق نه بڻايو. منهنجي خيال ۾ انصاف روءَ ڀارت جي حڪومت ۽ ڀارت جي سابق وزير اعظم پاڻ کي ٻن قومن واري نظريي سان  ڪنهن حد تائين موافق بڻايو. باوجود ان جي ڀارت ۾ ڪي طاقتور ۽ سرڪش جماعتون آهن. جن اڃان تائين ورهاڱي جي حقيقت کي قبول نه ڪيو آهي، ڀارت جون سرڪش جماعتون نه صرف ٻن قومن واري نظريي ۽ برصغير جي ورهاڱي جي خلاف آهن، بلڪ  هو پنهنجي ءَ پر انهيءِ کي منسوخ ڪرڻ جا اپاءَ وٺي رهيا آهن . اهو ئي سبب آهي جو ڀارت جي ڪن شخصيتن جي باري ۾ اسين ٻڌون پيا ته هو ڪشمير  جي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وفاق ( Confederation ) جون ڳالهيون پيا ڪن. بيشڪ، پاڪستان جي صدر پنهنجي پشاور واريءَ تازي تقرير ۾ اهو بلڪل واضح ڪري ڇڏيو هو ته اهڙي قسم جي تجويز پاڪستان لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه ٿيندي.  ليڪن هيءَ حقيقت پنهنجيءَ جاءَ تي قائم رهي ٿي، ته ڀارت ۾ ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي پاڪستان جي وجود کي هڪ خودمختيار ملڪ جي حيثيت سان قبول نٿا ڪن.

مسئلي جو هي هڪ بنيادي سبب آهي. اکنڊ ڀارت ۾ اعتقاد رکندڙ طاقتور عناصر ڀارت ۽ پاڪستان کي ملائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪي عناصر سرڪش مزاج جا آهن؛ ٻيا اسان لاءِ پرامن پر هر حالت ۾ خطرناڪ طريقا استعمال ڪري رهيا آهن . اسان کي اهڙن عنصرن سان مقابلو  ڪرڻو آهي. پاڪستان جو ملڪ انيڪ قربانين ڏيڻ کان پوءِ حاصل ڪيو ويو هو، ۽ جيتريقدر هتي جي عوام  جو تعلق آهي، پاڪستان جي سالميت ۽ خود مختياريءَ کي قائم رکڻ ۽ ان کي تباهه ڪرڻ وارين سازشن کي ناڪام بنائڻ جي باريءَ ۾ سندن خواهش ۽ ارادي ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش ڪانهي.

آمريڪا ۽ ٻين مغربي طاقتن طرفان ڀارت کي فوجي امداد ڏيڻ وارو فيصلو يقينا اهڙن عناصر کي، جيڪي ٻنهي ملڪن جو ميلاپ چاهين ٿا. هٿي ڏيندو ته هو پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ فوجي يا پنهنجي ٻي طاقت استعمال ڪن، انهي ڪري، صورتحال بيحد سنگين آهي.

اسين پاڻ کي هڪ ترقي پذير ملڪ ڪوٺيون ٿا. پر هر حالت ۾، نسبتا اسين هڪ غريب ملڪ آهيون ، ۽ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اسين وڌيڪ هٿيارن حاصل ڪرڻ جو ٻوجهه برداشت نٿا ڪري سگهون. اسان کي پاڻ ڏانهن ايماندار ٿيڻ کپي ۽ حقيقت کي تسليم ڪرڻ کپي جهڙي طرح اسين اهو بوجهه برداشت نٿا ڪري سگهون. ڀارت جا بشندا به نٿا ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته جيئن اهو ٻوجهه اسان جي     چيلهه ڀڃي ڇڏيندو، تيئن انهن جي به  ڀڃي ڇڏيندو . تيئن انهن جي به ڀڃي ڇڏيندو. غور ڪريو ته اسين پنهنجيءَ بجيٽ جي ٽن شوءَ ڪروڙن جي رقم مان هڪ شؤ ڪروڙن کان وڌيڪ رقم هٿيارن تي خرچ ڪري رهيا آهيون. ۽ ڀارت جي حالت ۾ ته تيرهن سؤ ڪروڙن جي بجيٽ مان هڪ هزار ڪروڙ هٿيارن تي خرچ ٿئي ٿو. هي آهي قومي سرمايي جو لا حاصل رستن ڏانهن رخ، جيڪو انهيءَ عوام سان بي انصافي آهي جيڪو مصيبت زده آهي ۽ غريب جي زندگي بسر ڪري رهيو آهي. هيءَ اسان جي عوام سان وڏي بي انصافي آهي. جن کي زندگيءَ  جي بهتر معيار  جي ضرورت آهي. هي ڪو قدرت جو قانون ڪونهي، ته اسين غريب ۽ مفلسيءَ ۾ گذاريون ۽ اسان جو عوام صعوبتون سهي.

جيڪو سرمايو اسين هٿيارن تي لڳائي رهيا آهيون، سو اسان جي عوام جي زندگي کي بهتر بنائڻ لاءِ چڱي نموني خرچ ڪري سگهجي ٿو. هيءَ نئين صورتحال اسان جي ذميداريءَ کي اڃا به پيچيده بنائي ٿي . اسان کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته جن پاپندين ۾ اسين اڳي ئي گهيريل آهيون، تن جي هوندي، موجوده صورتحال اسان جي اولاد ۽ اسان جي اولاد جي بهتر معيار واري زندگي ڏيڻ جي ڪوشش کي ملتوي ڪري ڇڏيندي. هي هڪ نهايت اهم ويچار آهي. پر جيڪڏهن اسين حقيقتن کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ چئون ته اسين غريب نه آهيون، ته اهو اسان جي ذاتي يا قومي هٺڌرمي ءَ کي ته شايد تسڪين ڏئي پر انهيءَ ڪري اسين پنهنجو پاڻ کي فريب ۾ مبتلا ڪنداسين

هيءَ هٿيارن جي ڊوڙ صورتحال کي وڌيڪ ڀرڪائيندي ۽ نه رڳو برصغير اندر، بلڪ ساري ايشيا اندر وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪندي. مون ساري ايشيا جو فڪر انهيءِ ڪري ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ ڀارت ايشيا جون مکيه قومون آهن – اسين ڏهه ڪروڙ باشندا  آهيون، ۽ هو چاليهه ڪروڙ باشندا آهن. ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هٿيارن جي ڊوڙ لازمي طرح ٻين پاڙيسري ملڪن تي مڪمل اثر ٿيندو. موجوده حالت نه رڳو ڀارت ۽ پاڪستان جي باشندن جي مفاد لاءِ خطرناڪ ۽ نقصانڪار آهي. بلڪ مجموعي طرح ساري برصغير جي باشندن لاءِ پڻ . اسان پنهنجي قومي ذميداريءَ سان گڏوگڏ پنهنجي برصغير جي اجتماعي  ذميداري به آهي. اسين آسپاس کي علحده ٿي نه رهي سگهنداسين. نه رهون ٿا، اسان جي دنيا پاڪستان ۽ ڀارت تائين محدود نه آهي، اها بين الاقوامي دنيا آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ايشيا جي وڏين قومن مان آهن . انهن جي اختيار ڪيل پاليسين جو رد عمل يقينا وسيع ٿيڻو آهي.

اهوئي سبب آهي جو آمريڪي اختياريءَ طرفان ڀارت کي ڊگهي عرصي واري فوجي امداد جي فيصلي پاڪ – ڀارت اختلافن کي وڌائي ڇڏيو آهي،  ۽ انهن اختلافن  جي موجودگيءَ سبب ايشيا جو ايندڙ امن انهن کان سڌيءَ طرح متاثر ٿيو آهي. اسان جي خيال موجب، اهي اختلاف پرامن طريقي سان، دوبدو ڳالهين جي وسيلي ۽ ٺاهه جي جذبي سان حل ٿي سگهن ٿا. اهي ڪي وس کان ٻاهر نڪتل نه آهن، ٻنهي طرفن جي خير خواهيءَ سان، ڀارت ۽ پاڪستان انهن کي حل ڪري سگهن ٿا. مان نڪو جاعي پسند آهيان. نڪو قنوطي، پر اها حقيقت آهي ته آخرڪار اسين انهيءَ حل طرف ڪي قدر وڌي رهيا هئاسين .ائين برابر آهي ته اسين مقصد حاصل جي حد تائين نه پهتا هئاسين، ان کان ڪافي دور هئاسين، پر ڪن نين حالتن اسان کي اميد ڏياري ته شايد اسان جون ڪوششون صورتحال ۾ ڪو سڌارو آڻينديون، بدقسمتيءَ سان ، تازو ڀارت کي ڊگهي عرصي واريءَ فوجي امداد واري فيصلي اسان جي ذميداريءَ کي يقينا وڌيڪ دشوار بنائي  ڇڏيو آهي.اهي اميد افزا حالتون ڪهڙيو هيون؟ اهي رهيو – شيخ عبدالله جي آزادي، ڪشمير جي اندورني، صورتحال ، ڀارت جو اهو محسوس ڪرڻ، ته کيس پاڪستان سان پنهنجا اختلاف ڳالهين ذريعي نبيرڻ گهرجن، ۽ پڻ اهو احساس ته سندس عوام جي مفاد خاطر اهڙي طريقي سان نبيرو ڪرڻ ضروري آهي. پر عين انهيءَ وقت جڏهن حالتون صحيح رخ اختيار ڪري رهيون هيون، اعلان ٿيو ته آمريڪا طرفان ڀارت کي ڊگهي عرصي واري فوجي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ ، اها شاستري حڪومت کي آمريڪي پاليسين جي حمايت ڪرڻ لاءِ هڪ قسم جي لالچ هئي، جيڪا ان کي سندس ٺهڻ کان به اڳ آڇي ويئي. سن 1962ع ۾ جڏهن چين – ڀارت جڳهڙو نمودار ٿيو، ته اسان کي ٻڌايو ويو ته ڀارت کي آمريڪا  ۽ برطانيا جي طرفان مليل امداد هنگامي حالتن جي بنياد تي آهي، ۽ اها انهي ءَ ڪري ڏني ويئي آهي جو ڀارت کي چين جي طرفان کان سنگين خطرو درپيش آهي، ۽ آمريڪا ۽ برطانيا لاءِ اهو ممڪن نه آهي ته هو ڀارت جي مدد نه ڪن. ليڪن اهو چيو ويو هو ته اها امداد هڪ هنگامي نوعيت جي، هڪ خاص مقصد جي سلسلي ۾ آهي، اها ڪشمير جي معاملي کي ويچار ۾ رکي ڏني وئي آهي.

اسان محسوس ڪيو ، ته اهو ويچار گهڻو وڌيڪ واضح هجڻ گهرجي ها، ۽ گهڻو وڌيڪ صاف هجن گهرجي ها، پر آمريڪا ۽ برطانيا اهو دليل پيش ڪيو ته انهيءَ نقطي تي هنن جي ۽ اسان جي وچ ۾ فقط خيالي فرق آهي ، ۽ تنهن کان سواءِ  هو ڪشمير کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڀارت کي ملندڙ فوجي امداد سان وابسته ڪندا. تنهن بعد جيئن منهنجي دوست مسٽر فضل الاهيءَ چيو آهي، ناسا ۾ ، آمريڪا ۽ برطانيا ڀارت کي ٻارهن ڪرور ڊالرن جي قيمت جيتري جنگي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو، وري به اسان کي چيو ويو، ته هيءَ تجويز مستقل نموني جي نه آهي. ۽ انهيءَ جو بنياد ڊگهي عرصي واريءَ پاليسيءَ تي نه آهي، بلڪ اها فقط اصلوڪي هنگامي امداد کي وسيع ڪرڻ خاطر آهي، تنهن بعد وري، سن 1963ع ۾ برطانوي وزيراعظم مسٽر مئڪميلن ۽ صدر ڪئنيڊي جي گڏيل پڌرائي جاري ٿي، جنهن موجب هنن ڀارت کي وڌيڪ ڇهه ڪروڙ ڊالرن جي امداد ڏيڻي ڪئي. سن 1964ع ۾، ڀارت کي ٻين ڇهه ڪروڙ ڊالرن جي امداد ڏيڻي ڪئي ويئي . هن وقت اسان جي سامهون هي اعلان آهي، ته ڀارت کي آمريڪا طرفان ڊگهي عرصي واري امداد ملندي. جا هر سال اٽڪل ڏهه ڪروڙ دالرن جيتري هوندي. انهيءَ جو مطلب ته صورتحال ۾ مڪمل تبديلي اچي چڪي آهي.

انهي ءَ تبديليءَ جي ڪري وقت آيو آهي ته اسين پنهنجين ذميدارين ۽ پنهنجيءَ موجوده پوزيشن جي مجموعي جائزو وٺون. اسان ڪي سياسي عهد اقرار ڪيا هئا.  پر اهي بلڪل مختلف حالتن ۾ ڪيا ويا هئا. نئين صورتحال اهڙي آهي. جو جيڪڏهن روشني ۾ اسان جي ان سياسي ۽ فوجي پهلوائن جو پوريءَ طرح جائزو نه ورتو. ته اها قومي فرض جي ادائگي ۾ اسان جي طرفان ڪوتاهي ٿيندي. اسان جي اتحادين سان انصاف ڪرڻ خاطر به اسان  کي ائين ڪرڻ گهرجي ، ڇاڪاڻ  ته جيتوڻيڪ هنن اسان سان ناانصافي ڪئي آهي . پر اسان کي انهن سان انصاف ڪرڻ جڳائي. اسان جا قومي عهدناما اهڙا ته وزندار آهن ، انهن مان اسرندڙ جوابداريون ته وڏيون آهن ، ۽ اسان جي ساليمت ۽ آزاديءَ کي هن وقت ايڏو ته سنگين خطرو آهي، جو جيڪڏهن موجوده حڪومت پنهنجي سياسي ۽ فوجي پوزيشن جونئين سر جائزو نه ورتو ، ته اها پنهنجي عوام سان دوکيبازي سمجهي ويندي. ان جو اهو مطلب نه آهي ته اسان جي پاليسيءَ ۾ ڪا مڪمل يا بنيادي تبديلي اچي رهي آهي.

اسين ڇڙواڳي جو رستو اختيار ڪرڻ نٿا گهرون. اسان تي پنهنجن دوستن جي ذميداري آهي، ۽ اسان تي پنهنجي عوام جي ذميداري آهي. پر ساڳئي وقت انهيءَ حقيقت کان ڪوبه انڪاري نه آهي، ته ملڪ کي هڪ سنگين خطرو درپيش آهي. اسان کي انهيءَ حقيقت کان باخبر بنجڻ ٿيڻو آهي، ۽ مون کي يقين آهي ته ان کان تعميري طريقي سان ، باخبر بنجڻ ۾ ساري قوم حڪومت جو ساٿ ڏيندي. مون کي اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته تازو آمريڪا جي بااختيار عملدار، آمريڪا جي قانون ساز مجلس جي هڪ ڪاميٽيءَ اڳيان پنهنجي بيان ۾ چيو، ته جهڙي ريت پاڪستان کي ڊگهي عرصي واريءَ فوجي امداد تي ڀارت پنهنجو موافق بنايو هو، اهڙي طرح پاڪستان به جلد ئي ڀارات کي ڊگهي عرصي واري امداد ڏيڻ تي موافق بنائيندو، پنهنجن اتحادين ۽ دوستن سان انصاف ڪرڻ خاطر، مان وري به ائين چوڻ مناسب ٿو سمجهام ته هو غلط فهميءَ جو شڪار آهن. ڇاڪاڻ ته ٻنهي حالتن ۾ بنيادي فرق آهي. هڪ طرف جيتريقدر پاڪستان جو تعلق آهي، اهو ڪن عهدنامن ۾ شامل هو. ۽ ان ڪي شرط قبوليا هئا. انهن شرطن ۽ اقرارن جي پوئيواري ۾ ئي پاڪستان کي آمريڪا کان فوجي امداد ملي. جيتريقدر ڀارت جو تعلق آهي. معاملو ان جي برعڪس آهي، جيتريقدر اسان کي معلوم آهي. ڀارت جي حڪومت آمريڪا وٽان ملندڙ فوجي امداد جي سلسلي ۾ ڪوبه شرط  ۽ ڪوبه اقرار نه قبوليو  آهي. هي هڪڙو فرق آهي. ٻنهي جي حالتن درميان. ٻيو فرق هي آهي ته ڀارت  پاڪستان جي ايراضيءَ کان چؤڻو آهي . جڏهن پاڪستان کي آمريڪا کان فوجي امداد ملي رهي هئي، ته ڀارت ذري گهٽ پنهنجن اعتراضن  سان آسمان کي ڏاري ڇڏيو. هيءَ حقيقت آهي ته فوجي امداد جو پروگرام هيٺ، پاڪستان  ڪي شرط قبوليا هئا. هاڻي ڀارت جيڪڏهن پاڪستان بنسبت ، جنهن کي پنهنجا وسيلا بلڪل محدود هئا۽ جو ايراضيءَ ۾ ڀارت جو ڇوٿون حصو هو، آمريڪا وٽان فوجي امداد ملڻ تي ايتريقدر  پريشان ٿيو، ته پوءِ اسان جي حڪومت ۽ عوام جي احساسن کي هرڪو سمجهي سگهي ٿو، سو به اهڙي حالت ۾ جڏهن، ڀارت، جيڪو پاڪستان جي ايرانيءَ جو چؤڻو آهي. ، ڪنهن به شرط شروط کانسواءِ آمريڪا کان ڊگهي عرصي واري ڀاري فوجي امداد وٺي رهيو آهي. هي آهن صورتحال جا ٻه فرق ، اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته هي فرق اهم نوعيت جا آهن انهيءِ ڪري اسان جي طرفان صورتحال سان موافقت ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

ڀارت کي ڊگهي عرصي واريءَ فوجي امداد جو ڪشمير جي تڪرار تي اثر دور رس آهي . شروعات ۾ اسان کي چيو ويو  ته ڀارت کي ملندڙ هنگامي فوجي امداد ڪنهن طرح ڪشمير جي تڪرار سان ڳنڍيل آهي، ۽ آمريڪا ۽ برطانيا ، پنهنجو اثر رسوخ هلائي، ڀارت کي انهيءَ جهڳڙي نبيرڻ تي آماده ڪندا. رفتي رفتي ڪشمير جو سوال ڀارت جي فوجي امداد کان علحدو ٿي رهيو . آمريڪا سرڪار جي جنهن عملدار جو مون تازو احوال ڏنو آهي. تنهن چيو ته برصغير ۾ سندس ملڪ جا عالمي مفاد ان لاءِ ڪشمير جي جهڳڙي کي حل ڪرڻ کان وڌيڪ اهميت وارو آهن. هاڻي هتي اسان کي بنيادي اختلاف  صاف نظر  ايندو.

آخر انهن عالمي مفادن  جو مطلب ڇا آهي؟ آمريڪا جي عالمي مفادن سان لازمي طور ان جي اتحادين جا ايتري ئي قدر ڳنڍيل آهن، جيتريقدر ان جا پنهنجا مفاد، جيڪڏهن آمريڪا  ۽ ان جي اتحادين جي وچ ۾ ڪي مقصد باهميءَ مفاهمت باهمي شناس ۽ باهيمي پابندين جا آهن، ته پوءِ انهن  اتحادين جا مفاد پڻ، جن پاڻ کي آمريڪا سان وابسته رکيو آهي ، آمريڪا جي مفادن جو حصو آهن . انهيءَ ڪري، لازمي طور ،. آمريڪا کي پنهنجن اتحادين جي مفادن جو قدر ڪرڻ گهرجي، هاڻي آمريڪا جا عالمي مفاد سندس اتحادين جي مفاد سان ڪهڙي ءِ ريت ٽڪراءَ  ۾ اچي سگهن ٿا؟ مان خيال ئي نٿو ڪري سگهان ته پاڪستان جابين الاقوامي مفاد – مان ايتريقدر خوش فهم نه ٿيندس جو انهن کي اسان جا عالمي مفادچوان – اسان جي دوستن جي مفادن ٽڪرائجي سگهن ٿا. جيڪڏهن ائين ممڪن هجي ته بين الاقوامي معاملن ۾ اسان جي اخلاقي توڙي سياسي نظرين ۾ يڪجهتي نه هجي ها.  آمريڪا ائين چئي نٿي سگهي ته سندس عالمي مفاد سندس اتحادين جي مفادن سان ٽڪرائجن. ٿا ، ۽ جيڪڏهن اهن ائين چيو آهي، ته پوءِ سندس پوزيشن ۾ بنيادي اختلاف پيدا ٿي ويندو. منهنجي دوست مسٽر مسيح الرحمان ، جي دل ۾ اها ئي ڳالهه هئي، جڏهن هن چيو ته قومي مفادن سان ٽڪرائجي سگهن ٿا. جيڪڏهن اهي پاڪستان جي بنيادي قومي مفادن سان ٽڪرائجي سگهن ٿا،  ته پوءِ ڏسڻو آهي  ته رڳو اسان جي ئي قوم آهي ڇا، جيڪا انهيءَ زمري ۾ ليکي ويئي آهي.

هيءَ ڳالهه منهنجي چوڻ جي نه آهي ته ترڪي  ۽ ٻيون قومون به ساڳين سنگين حالتن  سان دوچار آهن. پنهنجي اتحادي سلسلي جي ٻئي ڇيڙي جو مشاهدو ڪندي، اسين ڏسون ٿا ته قبرص جو سوال تي اتحادين طرفان عدم حمايت جي ڪري، ترڪ قوم به ڪي قدر سنجيدگي ۽ مايوسي  محسوس ڪري ٿي. جيتريقدر پاڪستان جو تعلق آهي، جڏهن ترڪيءَ کي قبرص ۾ سنگين خطرو درپيش ٿيو، تڏهن اسين ترڪيءَ سان پنهنجي اتحادي معاهدي جي ڪري، ۽ ان سان پنهنجي غير قانوني رشتي جي ڪري پاڻ کي حق بجانب سمجهي، ترڪ مفاد جي حمايت خاطر مضبوطيءَ سان ميدان ۾ آياسين. عهدنامن جو مطلب اهو آهي ته انهن ۾ ڪنهن حد تائين ڏي – وٺ جو اصول قبولجي. نه فقط عام حالتن ۾ بلڪ خاص طرح خطري جي حالتن ۾ . اسين پنهنجي فرض جي ادائگيءَ ۾ گسون ها. جيڪڏهن قبرص واري معاملي  ۾ اسين ترڪيءَ جي سڏ تي لبيڪ نه چئون ها.

اهڙيءَ طرح، جيڪڏهن پاڪستان کي پنهنجن  اتحادين کان رنجش آهي، ته انهيءَ صورتحال ۾ فقط اسين ئي مبتلا نه آهيون. پر ان جي حد ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ يا ته پنهنجن اتحادين جي ذميداريءَ تي اسين پنهنجي بين الاقوامي مفادن مطابق ڪاروائي ڪريون، يا وري پنهنجن اتحادين کي ڇڏي ڏيون .

اسين فقط اندازن تي قائم رهي نٿا سگهون ، نه وري ڪابه وڏي طاقت ئي ائين قائم رهي سگهي ٿي. ٻين لفظن ۾ ڪا وڏي طاقت به ساڳئي وقت ٻن گهوڙن تي سوار ٿي نٿي سگهي، ان جا پنهنجا عالمي مفاد. سندس اتحادين ۽ دوستن جي مفادن مطابق هئڻ گهرجن. جيڪي ساڻس هڪجهڙن نظرين ۽ خواهشن ۾ شريڪ آهن ، ۽ ساڻس ڪي پابندين ۾ ٻڌل آهن ٻي صورت ۾، کيس تسليم ڪرڻ گهرجي، ته هڪ اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ اتحاد جا معاهدا هاڻي فائديمند نه رهيا آهن بلڪ هڪ ٻوجهه ۽ خسارو آهن ، ۽ انهي ءَ ڪري کيس معاهدن واري پاليسيءَ کي ترڪ ڪرڻ گهرجي ، پر جئين مون چيو آهي. ٻئي گدرا هڪڙي مٺ ۾ جهلي نٿا  سگهجن. اوهين معاهدن جي نظام سان گڏ، پنهنجن اتحادين جي مفادن سان دوکيبازي ءَ جو سرشتو قائم نٿا رکي سگهون. گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ سلسلي ۾ يڪجهتي جو هجڻ ضروري آهي. مون کي معلوم آهي ته يڪجهتيءَ کي ڪمزو دماغن جي وصف چيو يو آهي. پر هتي اسين لفظن جي راند نه کيڏي رهيا آهيون. هتي اسين نه رڳو پاڪستان جي ڏهه ڪروڙ باشندن جي بلڪ ساري برصغير جي بي انداز آباديءَ جي زندگين ۽ تقدير  سان کيڏي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته هن قسم جي صورتحال انهن لاءَ  بيحد خطرناڪ حد تائين وڌي سگهي ٿي.

هن هٿيارن جي امداد جي فيصلي جي ڪري، اسين شايد محسوس ڪريون.

ته ڪشمير جو مسئلو اڃا به وڌيڪ سخت ٿيو آهي، ان جو حل اڃا به وڌيڪ مشڪل بنجي ويو آهي. مان ڀارت تي سارو الزام نٿو لڳايان . آخر جڏهن ڀارت کي ڪا فوجي  امداد ملي ٿي ، ته هو اها ڇو نه وٺي . ڀلي ته اها امداد وٺي. ليڪن اها حاصل ڪرڻ بعدڀارت کي ان جي صورتحال مان پيدا ٿيندڙ خطرا به ڏسڻا پوندا بهرحال ، هي هڪ جدا سوال آهي جيتوڻيڪ مان ڀارت جي حڪومت يا اتي جي عوام تي ايتريقدر الزام نٿو ڌريان . پر مون کي يقين آهي ته نيٺ هو محسوس ڪندا، ته هيءَ صورتحال حقيقا انهن لاءِ فائديمند نه آهي. اسين اڄ جنگباز ڀارت کي سندس ڪن اوڀر علائقن مان مسلم آباديءَ کي بيدخل ڪرڻ جي پاليسيءَ اختيار ڪندي ڏسي رهيا آهيون پر جيڪڏهن ڀارت جي فوجي طاقت ۾ ايتريقدر اضافو ڪيو وڃي. جو هو اڃا زياده مضبوط ٿي وڃي، ته هو ان کي ضرور ڪتب آڻيندو،.جيتوڻيڪ عملي طور کڻي اها طاقت ڪتب نه آندي وڃي ، پر جڏهن به رڳو ان جي موجودگي جي بنياد تي ئي هو ڪافي فتنا کڙا ڪري سگهي ٿو. هڪ اڳرائي ڪندڙ ملڪ لاءِ ضروري نه آهي، ته هو هٿياربند حملي ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪري ، در اصل ان کي لڙائي جي ضرورت  ئي ڪانه ٿيندي اهو ضروري به آهي ته پاڪستان تي عملي طرح حملو ڪيو وڃي ۽ توبن جو رخ اسان ڏانهن موڙيو وڃي ٻنهي ملڪ جي وچ ۾ طاقت جو فرق ۽ عدم توازن ايترو ته وڌي ويندو جو عام حالتن ۾ اهو ڪمزور پاسي واري ملڪ کي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو. ائين برابر آهي ته پاڪستاني قوم آسانيءَ سان دلشڪستي نه ٿيڻي آهي. تنهن هوند ي به ظاهري طرح، طاقت جي اڻ برابري هونئن به مناسب نه آهي، ۽ مان اڻ برابري جو لفظ ٻنهي پاسن کي ڀيٽڻ جو خيال کان ڪتب آڻيان ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان کي معلوم آهي، ته طاقت جو استعمال کان سواءِ ئي ان مان ڇا ٿو حاصل ڪري سگهجي. هڪ اڳرائي پسند، طاقت جي برتري رکڻ واري ملڪ کي طاقت جي استعمال ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانهي مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪ کي ڪنهن غير ائٽمي طاقت واري ملڪ خلاف ڪي مقصد حاصل ڪرڻا آهن ، ته ان طاقت استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. اهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. جنهن ۾ ڀارت طاقت کي استعمال ڪرڻ بدران صرف طاقت جي مظاهري ڪرڻ سان پنهنجن  مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري - ۽ ڀارت هميشه پاڪستان خلاف طاقت استعمال ڪئي آهي . پنهنجيءَ مضبوط فوجي طاقت جي مظاهري سان، ڀارت اهي پاليسيون اختيار ڪري سگهي ٿو. جي صلح سانت يا پاڪستان سان خير خواهيءَ واري ناتي سان ناموافق هجن. جيڪڏهن اڄ اسان کي هڪ اهڙي صورتحال سامهون آهي، جو  مسلمانن کي ڀارت مان ڪلي طرح بيدخل ڪيو پيو وڃي ، ته پاڪستان اهڙن واقعن کي فراموش نٿو ڪري سگهي اسان کي اهڙي صورتحال تي غور ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن جي اسان تي اخلاقي ذميداري آهي.

اسان پنهنجن مخالف ڌر جي دوستن کي چوندي ٻڌو آهي؛ اوهين ڀارت مان اتي جي مسلمانن جي بيدخليءَ واري سوال کي اقوام متحده ڏانهن ڇو نٿا رجو ڪريو ؟ “ اسين بيڌڙڪ ائين ڪريون ها. جيڪڏهن انهي ءَ سوال جي اهوئي جواب هجي ها. اسان اقوام متحده جي پڌرنامي جو مطالعو ڪيو آهي، ۽ اسين ان جي حدبندين کان باخبر آهيون ، اقوام متحده  ڪو بالا ۽ برتر ملڪ يا ڪا اعليٰ ترين عدالت ڪانه آهي. اها فرمان يا حڪمناما جاري نه ڪندي آهي،

جن کي لازمي طور مڃڻو پوي . ان جي پڏرنامي جو پنهنجون حدون آهن. ۽ اهڙن مسئلن کي اقوام متحده ڏانهن رجوع ڪرڻ ۾ جيڪي رنڊڪون آهن. تن جي اسان کي خبر آهي. نيٺ به اسان کي ، يعني پاڪستان جي عوام کي ئي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻو ۽ انهن جو سدباب ڪرڻو آهي. انهيءَ جو مطلب ڪهڙو آهي.؟ جيڪڏهن ڪشمير ڀارت جي مسلمانن جي بيدخليءَ وارو مسئلا حل ٿيڻ کان رهجي ويا ، ۽ ساڳئي وقت جيڪڏهن مغربي فوجي امداد جي ذريعي ڀارت روز بروز طاقتور ٿيندو ويو. ايتريقدر جو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طاقت جي توازن هجڻ جو سوال ئي نه رهيو، ته انهيءَ جو مطلب اسان لاءِ هڪ هيبتناڪ ۽ اونداهي مستقبل جو آهي. انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي، اسان کي پنهنجين ذميدارين جو نئين سر جائزو وٺڻ گهرجي.

[ 8 ]

ڪامن ويلٿ ڪانفرنس – ترقي لاءِ علاقائي سهڪار جو ٺاهه –

بيدخل ڀارتي  مسلمان – سريلنڪا ، برما ۽ نيپال ڪشمير –

آمريڪا سان لاڳاپا – قبرص جو سوال – چين

سان لاڳا پا ” بنيادي  ڦير گهير بنا پاليسي

21)- آگسٽ 1964ع )

مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ سندس ساٿين جن اڄ صبح جو تقريرون ڪيون آهن، جيتوڻيڪ بنيادي طور حڪومت جي پرڏيهي پاليسيءَسان نااتفاقي نه ڏيکاري آهي، تنهن هوندي به ان تي حملا ڪيا آهن، جيئن مان ثابت ڪندس، ڪي اهڙا بيان ڏنا آهن. جي صحيح نه آهن . هنن اهو به پڇيو آهي ته اسان جي پرڏيهي پاليسيءَ جا اهم اصول ڪهڙا آهن. هو معلوم  ڪرڻ چاهين ٿا ، ته وڏين طاقتن بنسبت سان جو حقيقي رويو ڪهڙو آهي؟ هنن اسان کان آمريڪا سان لاڳاپن جي صاف صاف وضاحت طلب ڪئي آهي، ۽ عوامي چين سان لاڳاپن جي باري ۾ به ساڳئي قسم جي وضاحت  گهري آهي پنهنجين تقريرن ۾ هنن چيو ته ماضي ءَ ۾ يعني هن حڪومت جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ، کين انهن ۽ ٻين ڪيترن ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن جي چڱي طرخبر هئي ، پر موجوده وقت ۾ هو انهن بابت  ڪابه واضح معلومات نٿا  رکن آئون انهيءَ ڪري صورتحال جي وضاحت ٿو ڪريان.

هن حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، پاڪستان جي بنيادي ۽ اهم مفادن کان قطع نظر، اسان جو ملڪ مڪمل طرح هڪ خاص طاقت جي بيٺڪ بنيل هو. اها حالت چڱيءَ طرح پڌري هئي. پاڪستان جا مفاد ڪهڙا هئا ۽ انهن کي ريت نقصان پهچي رهيو هو؟ تنهن کان بيپرواهه بنجي، اڳين حڪومتن کي رڳو انهيءَ خاص طاقت جي اشارن تي عمل ڪرڻو هو، بلڪ ان حد تائين اهي تابعدار رهيون جو ڪن ٻين ملڪن سان دشمنيءَ وارو سلوڪ ڪندو رهيون.

سن 1958ع تائين اها حالت هئي. پاڪستان جي هاڻوڪي حڪومت اها پرڏيهي پاليسي اختيار ڪري رهي آهي. جيڪا ٻئي ڪنهن به معاملي بنا، صرف ملڪ جي اهم مفادن  جي خيال تي ٻڌل آهي. جهڙوڪ ؛ ان جي سلامتيءَ جون بنيادي ضرورتون ۽ ان جي عوام جي بهبودي. هيءَ اها پاليسي آهي. جنهن ۾ اسان جا مستقل قومي مفاد سمايل آهن جن جي بچاءِ لاءِ اسان کي معلوم آهي ته پاڪستان جو عوام موجوده حڪومت جو ساٿ ڏيڻ لاءِ هر دم تيار ٿيندو.  هر قسم جون تڪليفون سهندو. ۽ هر قسم  جون قربانيون پيش ڪندو، جن جي هنن کي تقاضا ڪئي ويندي. اسان پنهنجن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته ان ۾ پاڪستان جي ڀلائي آهي. اڳين حڪومتن جي جي اختيار ڪيل محڪوم ۽ پوڙهي پاليسيءَ جي ڪري، هڪ غلام ۽ ماتحت جي حيثيت سان پنهنجيءَ هلت تان هٽڻ جي کين ڪابه جرائت ڪانه هئي، ۽ کين ڪوبه اونو ڪو نه هو، ته سندن انهيءَ هلت جي ڪري پاڪستان جي مفادن کي ڪيتريقدر نقصان پهچي رهيو آهي. ان جي ابتڙ ، موجوده حڪومت جڏهن به پاڪستان جا مفاد اهڙو مطالبو ڪن ٿا. وڏين طاقتن سان به، جي ان جون اتحادي آهن. اختلاف راءِ ڪرڻ کان نٿي  هٻڪي. اسان جي پاليسي خودداريءَ ۽ خود اعتماديءَ جي آهي. اهوئي سبب آهي، جو پاڪستان جو وقار ساريءَ دنيا ۾ ۽ خاص طرح ايشيا  ۽ آفريقا ۾ بلند ٿي ويو آهي.

ميمبرن جي تقريرن ۾ ڪامن ويلٿ واريءَ پڌرائي ڏانهن به ڪي قدر اشارو هو، مخالف ڌر جي محترم اڳواڻ چيو، ته اسان انهيءِ پڌرائيءَ کي تيليءَ مان ٿنڀ بنائي ڇڏيو آهي. مان انهيءَ سلسلي ۾ ايوان اڳيان ڪي حقيقتون پيش ڪريان ٿو.  اهي اسين نه آهيون ، جن هن پڌرائي کي تيليءَ مان ٿنڀ بنائي ڇڏيو آهي، بلڪ ، ان جي ابتڙ ، اهو ڀارت آهي، جنهن ائين ڪيو آهي. انهيءَ پڌرائي ۾ پاڪ – ڀارت تڪرار بابت آيل حوالي خلاف، ڀارت محاذ کڻي کڙو ڪيو آهي.  انهيءِ سلسلي ۾ مان ايوان جي اڳيان ڀارت جي اطلاعات کاتي جي وزيرياڻي، مسز اندرا گانڌي ، جا ڪامن ويلٿ ڪانفرنس ۾ ڀارتي وفد جي هڪ ميمبر هئي، تنهن جي ڏنل بيان کي دهرائيندس، جيڪو هن پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽندي، لنڊن مان رواني ٿيڻ کان  ڪجهه وقت اڳ ڏنو هو. سوال گذريل چند ڏينهن کان اخبارن ۾ اهي خبرون اچي رهيون آهن ته ڪامن ويلٿ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڀارت ۾ زبردست هلچل هلي رهي آهي. اسان کي ان بابت خبر پئي  آهي، ته ها هلچل لڳاتار اتي جاري هئي. گمان ڪري سگهجي ٿو  ته اوهان جي والد  ڪنهن مقصد سان ڀارت کي ڪامن ويلٿ ۾ شامل رکيو. اوهان جي خيال موجب، ڀارت ڏهه يا ويهه سال ان ۾ شريڪ رهندو يا نه؟ جواب ”ڪنهن به ڳالهه جي اڳڪٿي ڪرڻ تمام مشڪل آهي. اهڙي هلچل شروع کان وٺي ئي چالو  هئي. پر هن وقت  ( پڌرائيءَ ۾ ) ڪشمير جي حوالي اچڻ ڪري سخت ناراضگي پيدا ٿي رهي آهي.اهو دستور پئي رهيو آهي، ته ڪن به اندروني معاملن تي (ڪانفرنس ۾ ) بحث نه ڪجي، ڇاڪاڻ ته (جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته) پوءِ اوهين اڳتي چري نه سگهندا . اسان جي مالي وزير مسٽر ڪرشنامچاريءَ کي، جو اسان جي وفد جو اڳواڻ هو، ان جو اڳ ۾ ئي انديشو هو  ۽ انهيءَ بابت هن ڪانفرنس کي واقعي خبردار ڪيو هو ” سوال “ ڇا، اوهين سمجهو ٿيون ته پڌرائي ۾ ان جو ذڪر ايتريقدر ناراضگي  پيدا ڪري سگهي ٿوجو انهيءَ مسئلي جي ڪري ڀارت ڪامن ويلٿ مان ٻاهر نڪري اچڻ لاءِ تيار ٿي وڃي جواب جيئن اوهان پاڻ ذڪر ڪيو آهي. ايتريقدر ناراضگي واقعي آهي مان ڀارت ۾ نه آهيان، انهيءَ ڪري مون کي فقط ايتروئي معلوم آهي، جيترو اسان جي اخبارن بيان ڪيو آهي.“

هاڻي  هي بيان نڪو پاڪستاني  وفد ڏنو آهي، نڪو ان جي طرفان ئي ڏنو ويو آهي. اهو ڀارت  جي اطلاعات کاتي جي وزيرياڻيءَ ڏنو هو، جا ڀارتي وفد جي ميمبر هئي. خود ڀارت اندر ئي ، پڌرائي ۾ ڪشمير بابت حوالي جي ڪري ڪانگريس پارٽيءَ ۾ ۽ اخبارن ۾ هنگامو برپا ٿيو، جو ڀارت جي ناراضگيءَ جو عڪس هو. اسين انهيءَ لاءِ  ڪو داد طلب نه ڪري رهيا آهيون ليڪن معاملي جي حقيقت هيءَ آهي ته سترنهن سالن ۾ پهريون دفعو هن حوالي جي قسم جي ڪا چيز پيش ٿي. جيئن مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو آهي،  اهو ڪو معجزو ڪونه هو، پر تنهن هوندي به انهيءَ لاءِ ضرور ڪو معقول سبب هوندو ايوان کي ياد هوندو ته سن 1951ع ۾ وزير اعظم لياقت خان ڪامن ويلٿ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لنڊن وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيستائين کيس اها خاطري نه ڏني ويئي، ته  ڪشمير تي بحث ٿيندو، پر کڻي اهو ڪانفرنس کان ٻاهر ۽ غير رسمي طور ٿئي . ان وقت صرف انهيءَ ڳالهه کي ئي، ته پاڪستان جو وزير اعظم اهڙي قسم جي خاطري حاصل ڪري سگهيو، هڪ وڏي ڪاميابي سمجهيو ويو. موجوده حالت ۾، ڪانفرنس ۾ ڪشمير جو حوالو ڏنو ويو . ۽ ان بحث ڪيو ويو، جنهن ۾ ارڙهن مان سترهن ملڪن حصو ورتو، ۽ سڀني پاڪستان جي حمايت ڪئي منهنجي خيال ۾ هي اهڙو واقعو آهي. جيڪو قابل غور آهي. مون کي اميد آهي ته مخالف ڌر جا ميمبر جيڪڏهن پاڻ انهيءَ جي اهيمت کي تسليم ڪرڻ جا خواهشمند نه آهن ، ته گهٽ ۾ گهٽ  پاڪستان جي عوام کي ائين ڪرڻ جي اجازت ڏيندا.

استنبول واري نامي بابت مون اڳ ۾ ئي اهو صاف ڪري ڇڏيو آهي. ته هي اقرارنامو اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي سهڪار جو آهي، ۽ ڪنهن کي به ان مان ٻيا اجايا مطلب نه ڪڍڻ کپن. اهو ضروري نه آهي  ته هن قسم جي ٺاهه يا اقرا نامي  (Agreement )  کي، جيڪو ڪو معاهدو نه آهي، واسطيدار ملڪن جي پارليامينٽن  ۾ نيو وڃي . ايران يا ترڪي يا پاڪستان ۾ ائين نه ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن اهو ڪو معاهدو هجي ها، ته واسطيدار ملڪن جا آئين ان کي پنهنجين  پنهنجن  پارليامنيٽن ڏانهن رجوع ڪرڻ جي طلب ڪن ها، ليڪن هي هڪ اقرار نامو آهي - - اقتصادي ، سماجي ۽ ثقافتي اقرار نامون. در اصل، ماضيءَ ۾ اسين ٻين ملڪن سان ڪيترائي اقرارناما ڪري چڪا آهيون.

هن مسئلي جو هڪ ٻيو پهلو به آهي. جو نهايت اهيمت وارو آهي. جيڪي ٽي ملڪ هن ٺاهه ۾ شريڪ آهن، سي سن 1955ع کي هڪ معاهدي جي ذريعي ڪن ٻين ملڪن سان ڳنڍيل  آهن، جي جاگرافيائي يا ثقافتي طور انهن سان ڳنڍيل نه آهن. بهرحال، هي نئون ٺاهه انهيءَ معاهدي جي دائري کان ٻاهر، هڪ با مقصد ۽ تعيمري طريقي ۾، اقتصادي ، سماجي ۽ ثقافتي  سهڪار جو وسيلو بنجي ٿو. انهي لحاظ کان، هي ٺاهه پنهنجي اهميت رکي ٿو اچو ته  فرض ڪريون، ته هن قسم جو ٺاهه بغداد معاهدي جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ  به موجود هو. ۽ هو ايران، ترڪي، پاڪستان ۽ عراق تائين محدود هو. پوءِ جيتوڻيڪ عراق پنهنجي پاليسيءَ موجب بغداد معاهدن مان نڪري اچڻ لاءِ مجبور  ٿي وڃي ها، تڏهن  به اهو  لازمي نه ٿئي ها، ته هن علاقائي سهڪار جي ٺاهه جي (Regional Co- operation Agreement )کان به ٻاهر نڪري اچي ها. انهيءَ حالت ۾ به عراق سان اسان جا لاڳاپا سرگرم ۽ دوستاڻا رهن ها. جهڙيءَ طرح حقيقتا هن وقت آهن، بلڪ اسان جو باهمي  سهڪار گهڻو وڌيڪ هجي ها، انهيءَ نقطه نظر کان به “ ترقي لاءِ علاقائي سهڪار. ( R.C.D ) اهميت وارو آهي. تنهن کان سواءِ ، اسين برصغير جي ٻين ملڪن کي اسان سان اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي دائرن ۾ سهڪار ڪندو ڏسڻ چاهيون ٿا. سچ پچ  ته اسان ۽ اسان جي سڀني پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ علاقائي سهڪار ممڪن آهي. اسان کي اها فوقيت حاصل آهي. ته هڪ طرف اولهه پاڪستان وچ اوڀر سان ملحق آهي، ۽ ٻئي طرف اوڀر پاڪستان جي ڏکڻ- اوڀر ايشيائي ملڪن سان جاگرافيائي ويجهڙائي آهي. اهي ملڪ پڻ هن يا هن جهڙي ڪنهن ٻئي سهڪار جي سرشتي ۾ شريڪ ٿي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح جتي به عوام غريب آهي ۽ ان کي ترقيءَ جي ضرورت آهي. اهي پنهنجن وسلين سڀني جي عام فائدي لاءِ يڪجا ڪري، مجموعي ڪوشش جي ذريعي. ٻين فائدن سان گڏ، جديد فني فائدا به حاصل ڪري سگهن ٿا. منهنجي  خيال ۾ ترقيءَ جي علاقائي سهڪار واري ٺاهه  ۾ گهڻن ئي فائدن جي گنجائش آهي. انهيءَ ٺاهه هيٺ ايران، ترڪي ۽ پاڪستان جا پندرنهن ڪروڙ باشندا هڪٻئي جي مدد ڪندا۽ وقت تي ٻيا ملڪ به ان ۾ شامل  ٿي سگهندا. اڄ اسين فقط ان ڳالهه جا متمني آهيون، ته غربت جي داغ کي ميسارجي ۽ پنهنجي عوام جي زندگيءَ کي بهتر بنائجي ۽ انهيءَ مقصد سان ڏسڻو آهي، ته ڪيئن اسان جا وسيلا بهترين طريقي سان ڪتب اچي سگهن ٿا، مون کي يقين آهي ته ترقيءَ جي علاقائي سهڪار جو خيال ٻين ملڪن ۾ پڻ همدرديءَ جو تاثر پيدا ڪندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org