سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: رياست ۽ آزادي

 

صفحو : 3

 

6- پهرين افتتاحي تقرير

(جيفرسن جڏهن آمريڪا جو صدر ٿيو ته هن 4- مارچ 1801ع تي هڪ تقرير ڪئي جنهن ۾ سندس سياسي عقيدن جو تات پرج ملي ٿوِ)

دوستو ۽ هم وطنؤ!

ملڪ جي پهرئين سربراهه جي عهدي جي چارج وٺندي مان هن موقعي تي جيڪي منهنجا هموطن ڀائر موجود آهن، تن جي حاضريءَ جو فائدو وٺي، اوهان سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ۽ خلوص دل سان اعتراف ڪريان ٿو ته هيءُ عهدو منهنجن لياقتن کان وڌيڪ آهي، هڪ قوم جا اُڀري رهي آهي، جا هڪ زرخيز زمين تي آباد آهي، پنهنجن صنعتي ذريعن جي وسيلي، بر ۽ بحر ۾ چوڏس پکڙجي رهي آهي، دنيا جي انهن ملڪن سان واپاري مقابلي ڪرڻ لاءِ اٿي آهي، جيڪي حق وسارڻ ۾ دير ڪو نه ٿا ڪن. جڏهن آمريڪي قوم جون اهي صفتون منهنجي اڳيان اچن ٿيون ۽ مان پاڻ کي انهيءَ قوم جو سربراهه چونڊيل ڏسان ٿو ته مان نوڙت سان پنهنجو ڪنڌ هيٺ جهڪايان ٿو. مان هونئن هوند پنهنجي منصب جي جوابداريءَ کي خيال ۾ آڻي، ڏڪي وڃان، پر مون ۾ پنهنجي ملڪ جي آئين، عقل ۽ اختلاف جي ذريعن کي اڳيان ڏسي همت پيدا ٿئي ٿي. جنهن دور منجهان اسان گذريا آهيون، ان کي خيال ۾ رکندي، مان اميد ڪريان ٿو ته سمورا هموطن ڀائر هي اصول هميشه اڳيان رکندا ته سمورن معاملن ۾ اڪثريت جي راءِ ئي غالب رهندي، پر انصاف جي تقاضا اها آهي ته اڪثريت جي راءِ منصفانه هئڻ گهرجي، اقليت کي به اڪثريت وارا حق حاصل آهن، ۽ جمهوري قانون انهن حقن جا به پاسبان آهن، پوءِ انهن حقن کي تلف ڪرڻ وڏو ظلم ٿيندو.

هاڻ اچو ته هڪ دل ۽ دماغ سان پاڻ ۾ گڏجي ملي، هڪ ٿيون ۽ پنهنجي سماجي سرشتي ۾ انصافي طور برابري ۽ محبت پيدا ڪريون، جنهن کان سواءِ آزادي توڙي حياتي بي معنيٰ شيون آهن! اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جيستائين ملڪ مان، صدين کان وٺي وڪوڙيل مذهبي منافرت، نه نڪتي آهي، تيستائين اسان ڪجهه به حق ماڻي نه سگهنداسين. اسان جيستائين پاڻ مان سياسي متڀيد نه ڪڍيا آهن، جي ڏاڍ، ظالم ۽ غارتگريءَ جا ڪارڻ آهن، تيستائين انساني نجات ۽ آزادي حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. امڪان آهي ته هن ملڪ جي پرامن حدن تي اها شامت پهچي وڃي! پوءِ اهو خطرو ڪن لاءِ گهٽ ته ڪن لاءِ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ بچاءَ به الڳ الڳ ڪرڻا پوندا.

هر ڳالهه ۾ اختلاف ڪو اصول ناهي، ڇو ته ساڳئي اصول جي ٻن ڀائرن کي اسان جدا جدا نالن سان ڪوٺيون ٿا. اسين سڀ ريپبلڪن آهيون، اسين فيڊرلسٽ آهيون، جي ڪو اسان مان هيءَ ٻنڌن ٽوڙڻ چاهي ٿو ته ان جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجو. ٻين کي به راءِ جي اظهار جي اجازت ڏيو ۽ رڳو منطق سان ئي انهن کي شهه ڏيو. مون کي اها به ڄاڻ آهي ته ڪن جو پرخلوص ويساهه آهي ته رعيتي راڄ مضبوط نٿو ٿئي، تنهنڪري هيءَ حڪومت جٽادار ناهي. ڇا ڪو به ايماندار ۽ سچار وطن دوست، ههڙن ڪامياب تجربن کان پوءِ به حڪومت جو ساٿ ڇڏي ڏيندو، جا اڄ تائين اسان کي آزاد ۽ مستحڪم رکندي آئي آهي ۽ سو به رڳو ان تصور  ۽ خيالي نظريي تي، ته هن کي پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪنهن ٻاهرينءَ قوت جو گهرجائو ٿيڻو پوندو! مون کي پڪ آهي ته ائين نه ٿيندو. اٽلندو مان هن حڪومت کي دنيا جي مضبوط ترين حڪومت ٿو سمجهان. مون کي اهو به يقين آهي ته هيءَ اها اڪيلي حڪومت آهي، جنهن ۾ عوام، قانون جي صدا تي يعني پنهنجي پبلڪ آرڊر تي، حملي – آور تي ائين اٿلهي پوندو جو ڄڻ ته مٿس ئي حملو ٿيو آهي. ڪي چون ٿا ته حڪومت کي، عوام کي پنهنجي ويساهه ۾ وٺڻ نه گهرجي. پر فرشتن کي ڳولي انساني لباس ڍڪائي، عوام مٿان بادشاهه ڪري ويهارڻ گهرجي! هاڻي انهيءَ سوال جو جواب اڳتي هلي تاريخ ڏيندي!

اچو ته همت ۽ پوري اعتماد سان پنهنجي وفاقي ۽ جمهوري نمائنده حڪومت سان گهاٽو سٻنڌ رکون. ڇو ته اسان ڌرتيءَ جي چوٿين حصي تي، جو وچ ۾ سمنڊن جي ڪري پري ٿيل آهي، رهون ٿا ۽ جتي جنگ جدل جاري آهي. پوءِ ڀلا ڇو اسان ٻين کي نيچ ڄاڻي انهن کي ذليل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون؟ اسين ته اهڙي دلپسند ملڪ جا مالڪ آهيون، جنهن ۾ ايتري ته وسعت آهي، جو اسان جا هزارين ايندڙ نسل منجهس آباد ٿي سگهن ٿا. اهو گهٽ آهي ته: اسان مليل ڏات کي استعمال ڪندڙ، هڪٻئي تي ڀروسو رکندڙ، اعليٰ مذهبي اصولن جي پيروي ڪندڙ، سچ، خوشي ۽ قرب جي فضا کي قائم ڪندڙ آهيون. انهن سڀني نعمتن ۽ رحمتن هوندي به، پوءِ اسان کي خوشحالي ۽ آسودگيءَ لاءِ وڌيڪ ڪهڙي شئي جي گهرج آهي؟ پيارا ديس واسيو! ها، هڪ شئي اڃا اسان کي درڪار آهي. اها آهي هڏڏوکي حڪومت، جيڪا ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جي ايذاءَ کان بچائي. جيڪا ماڻهن کي واپاري ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڇڙواڳي ڏي، مزورن جي وات مان گراهه نه کسي، جو انهن پاپ پِٽي حاصل ڪيو هجي! سچ ته اها ئي سٺي حڪومت چئبي، جا ماڻهن جي آسودگي ۽ خوشحاليءَ جا ذريعا ميسر ڪري سگهندي هجي.

منهنجا هم شهريؤ! آئون پنهنجن فرضن جي ادائي جي استعمال تي ايندي، ڪجهه چوندس، جنهن ۾ توهان جي پياري ۾ پياري شئي سمايل آهي: آئون اهو ٻڌائڻ واجب ٿو سمجهان ته منهنجي نظر ۾ حڪومت جا، عوام لاءِ ڪهڙا ضروري اصول هئڻ گهرجن؟ جي حڪومت کي باوقار بنائين.

مختصر اهي هي آهن: ڪنهن به ذاتي مقصد، مذهبي ۽ سياسي متڀيد کان سواءِ سڀني لاءِ هڪجهڙو انصاف، هر قوم سان صلح، دوستي ۽ آزاد تجارت، هر ملڪ سان نيڪ نيتي ۽ خير خواهي وارا لاڳاپا قائم ڪرڻ، رياستي حڪومتن جي حقن جي حفاظت حمايت ڪرڻ، گهرو امن ۽ ٻاهرين بچاءَ ۽ عوام جي راءِ زني جي حق جي حفاظت ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته اهو عمل انهن مڙني بد ديانتن جو علاج آهي، جنهن جي نه هئڻ ڪري ملڪن ۾ انقلاب جي تلوار لٽڪندي رهندي آهي.

عوامي راءِ کي اهميت ڏيڻ، رعيتي راڄ جو مکيه اصول آهي. ان بعد هڪ ڀروسي جهڙي مضبوط ۽ منظم فوج، جن تي ٻاهرين حملن وقت پورو پورو ڀروسو رکي سگهجي، جا شهري انتظآميه تي برتري رکندڙ هجي. ڏيساور سان واپار ڪرڻ لاءِ همت افزائي، قرضن جي باقاعده ادائگي ڪري، عوام جي ڪارپت بچائڻ، اطلاعات جو پرچار ڪرڻ، انصاف جو سستو ۽ صحيح پلئي پوڻ. مذهبي ۽ پريس جي آزادي. حبس بيجا جي قانونن کان شخصي آزادي حاصل ڪرڻ، غير جانبدار جيوُرن اڳيان مقدمن جو هلائڻ وغيره. اهي ئي اصول روشن ستارن وانگر آهن، جي هر ماڻهوءَ جي هر ڏس ۾ رهنمائي ڪري سگهن ٿا.

اسان جي وڏڙن جي سمجهه، سياڻپ ۽ قربانيءَ جي رت وهائڻ سان هي نعمت اسان کي حاصل ٿي آهي، تنهنڪري اسان جي سياسي روح جو ايمان هئڻ گهرجي شهريت جي اصولن جو بنياد. هيءُ اصول اها ڪسوٽي آهن، جن سان اسان جي حق ۽ ناحق جي نيتي پرکي سگهجي ٿي، جنهن نيتيءَ ۾ اسان جو اعتماد آهي. جي اسان گمراهي ۽ ڊپ کان انهي راهه تان هٽي وڃون ته اسان کي وري به سجاڳ ٿي انهن قدمن جي نشانن کي ڳولي هٿ ڪري، انهن تي هلڻ گهرجي. حقيقت ۾ اها ئي پاليسي اسان جي سلامتي ۽ امن جي رهبر آهي.

منهنجا دوستؤ! مان هاڻي اهو عهدو سنڀاليان ٿو، جو توهان مون کي سونپيو آهي. ننڍن ننڍن عهدن تي رهي، مون اهو تجربو حاصل ڪيو آهي ته اهڙو ڪو ڪامورو مشڪل ملندو، جو عهدي ڇڏڻ کان پوءِ به اوترو ئي ناميارو، محبوب ۽ پرخلوص رهيو هجي جيترو عهدي ماڻڻ وقت، يا ان کان به اڳ واري وقت ۾، تنهن ڪري، توهان پنهنجي پهرئين ئي عظيم انقلاب ۾، پنهنجي رهنما کي اهو درجو بخشيو آهي، جنهن درجي ايندڙ تاريخ ۾ کيس عظيم شخصيت بنائي رکيو آهي! آئون توهان جي سامهون اهڙي هام ڪو نه ٿو هڻان ۽ نڪي اهڙو ويساهه ٿو گهران، آئون رڳو ايتري اعتماد جو سوالي آهيان ته آئون توهان جي معاملن، انتظام، ڪارڪردگيءَ ۾ جي وانجهو وڃان، ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن غلط انداز لڳائڻ ۽ غلط نتيجن ڪڍڻ ۾ ڦاسي، ڪا وڏي غلطي ڪري ويهان يا ڪڏهن پاڻ درست هوندي به، انهن ماڻهن جي مهندا غلط ليکيو وڃان جيڪي صحيح حقيقت ۽ راءِ کان واقف ناهن، ته اهڙين حالتن ۾ توهان تي فرض آهي منهنجي رهنمائي ڪريو. آئون اهڙين غلطين جي ثابتين لاءِ اوهان کان وقت بوقت گهر ڪندس، جيڪي ڄاڻي واڻي يا ارادتاََ مون نه ڪيون هونديون. آئون اوهان کان انهن ماڻهن خلاف پنهنجين غلطين جي سلجهائڻ لاءِ پڻ مدد گهرندس، جيڪي ماڻهو هروڀرو مون کي ننديندا رهندا، جن کي انهن ڪمن ۽ حالتن جي ڪا پروڙ ڪا نه هوندي. ٻيو ته توهان جيڪا ووٽ ذريعي منهنجي پسنديدگيءَ بابت منظوري ڏني آهي، اها ئي منهنجي لاءِ مستقبل ۾ ڪارائتي خاطري جهڙي رهندي. منهنجا آئندي جا ارادا اهي هوندا ته انهن ووٽرن لاءِ سٺي ۽ نيڪ راءِ دل ۾ قائم رکان، جن اڳواٽ ئي منهنجي حق ۾ پنهنجو رايواستعمال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻين جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪريان جو وس ۾ اٿم. آئون سڀني جي خوشنودي ۽ آزادي لاءِ شل ڪم اچان! توهان جي نيڪ نيتن جي آڌار ۽ نوازشن سان مان هاڻي هيءُ ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻان ٿو.

آئون اهڙي وقت دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار رهندس جڏهن توهان ڪنهن بهتر ماڻهوءَ کي پسند ڪري آڻي منهنجي جاءِ والاريندا، شال اها هستي جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ۽ ساري ڪائنات کي هلائي رهي آهي،منهنجن نظرين، اصولن ۽ خيالن کي بهتر ۽ سڌي رستي هلائي ۽ اوهان جي امن آشتيءَ لاءِ مون کي ڪم ڪرڻ جي سازگار نوعيت بخشي!

**

7- چار اهم خط

(جيفرسن جي اصولن جي اپٽار هيٺين خطن مان ظاهر ٿيندي، جي هُن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ پنهنجن همعصرن ڏانهن پي لکيا آهن.)

**

فرانسز هوپڪنس ڏانهن

پئرس

13- مارچ 1789ع

تون چئين ٿو ته مون کي تنهنجي سامهون اُئنٽي فيڊرلسٽ ڪري پيش ڪيو ويو آهي؛ ۽ مون کان پڇين ٿو ته آيا اهو سچ آهي؟ مون ڪڏهن به اهڙي راءِ نه ڏني آهي جا حوالي طور ڪم آندي وئي هجي، ڇاڪاڻ ته مون ڪڏهن به پنهنجي راءِ کي ڪنهن پارٽيبازيءَ، مذهب، فلسفي ۽ سياست جي ماتحت نه رکيو آهي. اهو انهيءَ ڪري جو آئون پاڻ ۾سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت رکان ٿو. آئون توکي اهو به ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مان فيڊرلسٽ (وفاق ۾ ويساهه رکندڙ) نه آهيان. جيڪڏهن آئون جماعت کان سواءِ بهشت ۾ وڃي نه سگهندس ته آئون اهڙي بهشت تان ئي هٿ کڻي ڇڏيندس! اهڙي فطرت، آزادي ۽ اخلاقي قدرن جي ابتڙ آهي. انهيءَ ڪري مان فيڊرلسٽ ڌر جو ناهيان، پر مان ائنٽي فيڊرلسٽ کان به ڪجهه اڳڀرو آهيان. نئين دستور ۾ اصولن جي موجودات آهي،ان کي مان منڍ کان ئي مڃيندو ٿو اڃان؛ جٽادار حڪوت، انتظاميه، قانون ساز ادارو، عدليه جي تنظيم، قانون ساز اداري جي ننڍي پيماني تي ورڇ، مختلف ايوانن ۾ مختلف راءِ شمارين رستي. ننڍين ۽ وڏين رياستن جي مفادن جو سهڻي ۽ سڀائتي نموني ٺاهه، رياستن  بجاءِ، ماڻهن جي راءِ شماري ۽ محصولن جا اختيارات. آئون پهرين انهيءَ راءِ جو هوس ته پوئين ڳالهه کي ڪجهه محدود ڪيو وڃي، پر پوءِ مون کي ٿوري ئي ويچار، انهيءَ ڳالهه تي آڻي بيهاريو ته ائين نه هئڻ گهرجي. جا ڳالهه مون منڍ کان پئي مڃي آهي، سا آهي انتظاميه خلاف، آزاديءَ جي بچاءَ لاءِ حقن جي بلن جي گهر. منهنجي مراد آهي ته: مذهبي ڇوٽڪارو، ناحق بنديءَ کان نجات، مستقل مقيم فوجن کان ڇوٽڪارو، هر ڪيس ۾ ملڪ جي قانون پٽاندر جيورين معرفت مقدمه بازي هلائڻ پر، مون صدر جي دائمي اهليت کي پڻ تسليم نه پئي ڪيو آهي.

**

البرج گيريءَ ڏانهن

فلاڊيلفيا

26- جنوري 1799ع

جنهن جذبي سان رياستن طرفان وفاقي دستوربحال ڪيو ويو آهي، ان لحاظ مان صدق دل سان ان جي حفاظت جو خواهان آهيان. مان ان دستور کي بادشاهي اصول وانگر قائم رکڻ جي خلاف آهيان، جنهن ذريعي پهرئين صدر ۽ سينيٽ کي، تاحيات عهدن ماڻڻ جي صلاح پئي ڏني ويئي آهي. نيٺ ته انهيءَ کي ورثي جي حيثيت ڏني وڃي ها! اهڙي نموني راءِ شماري جي اصول کي بنهه ختم ٿي ڪيو ويو. آئون رياستن وٽ اهڙن اختياراتن جي رهڻ جي فائدي ۾ آهيان، جي هنن هيل تائين يونينين کي سونپيا آهن ۽ يونين جي قانون ساز اداري کي انهن اختيارين کي پاڻ وٽ رکڻ جي حق ۾ آهيان، جن هيٺ، دستور موجب اختيارات جي ورڇ ڪري سگهجي ٿي. مان رياستن جي مڙني اختيارين کي مرڪزي حڪومت ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ حڪومت جي  اختيارين کي انتظامي شاخن جي حوالي ڪرڻ جي حق ۾ به ناهيان. آئون حڪومت جي ڪفائتي ٿي رهڻ جي حق ۾ آهيان. جيئن حڪومت ڪوشش ڪري سڀني عوامي آمدنين کي، قومي قرضن جي ادائگيءَ ۾ صرف ڪري سگهي ۽ نڪي عهدن ڪري پگهارن ۾ واڌ آڻي، قومي ۽ عوامي قرضن کي چوٽ چاڙهي. جيستائين ڪو ڌاريون ڪاهه نه ڪري، تيستائين گهرو دفاع لاءِ مان پنهنجي مليڇا تي ڀروسي ڪرڻ جي حق ۾ آهيان. ٻيءَ صورت ۾ مان ايتري بحري فوج قائم رکڻ جي فائدي ۾ آهيان، جيتري اسان جي بندرن کي ڌارين جي حملي کان بچائي سگهي. مان امن امان جي وقت، فوج رکڻ جي حق ۾ ناهيان، ڇو ته اها عوامي جذبن کي مشتمل ڪندي. آئون اهڙي بحري فوج رکڻ جي خلاف آهيان، جنهن جو خرچ ۽ اندروني جهيڙو جهٽو اسان کي تباهيءَ ڏي گهلي وڃي. آئون سڀني قومن سان واپاري ناتن سڌارڻ ۽ سياسي لاڳاپن قائم رکڻ جي حق ۾ آهيان. آئون پاڻ کي نون عهدنامن وسيلي يورپ جي جهڳڙالو ماحول ۾ آڻڻ، سندن بئلنس آف پاور (قوتن جي ميزان) لاءِ خونريزيءَ ۾ گهلجڻ، بادشاهن سان وفاق ڪري آزاديءَ جي اصولن خالف وڙهڻ جي حق ۾ ناهيان، آئون مذهبي آزاديءَ جي حق ۾ آهيان. قانون رستي هڪ فرقي جي ٻئي فرقي مٿان فوقيت قائم رکڻ جي خلاف آهيان؛ شهرين طرفان سندن چونڊيل نمائندن تي ٿيندڙ جائز يا ناجائز تنقيد کي ڏنڊي جي زور سان نه، پر عقلي دليلن سان خاموش ڪرائڻ جي حق ۾ آهيان. آئون سائنس جي هر شعبي ۾ ترقيءَ جو خواهان آهيان. فلسفي جهڙي مقدس علم جي خلاف هل هنگامو ڪرڻ، انساني ذهنن کي کوکلين آکاڻين ۽ ڏند ڪٿائن سان سجائڻ گويا اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي هٽڻ آهي. اهو اعتبار ڪرڻ ته حڪومت مذهب، اخلاق ۽ سائنس لاءِ گذريل دؤر ۾ پوري سِٽ سٽي هئي ۽ اهو سوچڻ ته اسان جا وڏا جيڪي ڪجهه حاصل ڪري ويا، تنهن کان وڌيڪ اسين ڪجهه به ڪري نه سگهنداسون. مطلب ته اهڙين مڙني ڳالهين جي خلاف آهيان. آئون اهو به ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته فرينچ انقلاب جي ڪاميابيءَ لاءِ آئون سچي دل سان خواهشمند آهيان ۽ آرزو اٿم ته ان جو نتيجو، هڪ آزاد ۽ سٺي انتظاميه حڪومت جي فائدي ۾ نڪري؛ پر انهن (فرينچن) اسان کي جيڪا واپار ۾ چوٽ رسائي آهي، ان تي مان سرهو هرگز ناهيان. منهنجي پهرين مراد منزل منهنجو ملڪ آهي. ان ۾ منهنجي ڪٽنب، قسمت ۽ خود منهنجو وجود آهي. منهنجو ڪو به مفاد ان جي خلاف ٿي نه ٿو سگهي. مون ۾ هڪ قوم کي ٻيءَ قوم تي ترجيح ڏيڻ جو ڪو به عنصر موجود ناهي، پر انهن جا لاڳاپا، پاڻ سان ڳنڍجڻ بابت گهڻو سوچيندو آهيان.

**

پاپلر فاريسٽ            پيئر سيموئل ڊيونٽ ڊي نيمورس ڏانهن

24- اپريل 1816ع

پيارا دوست، مون کي تنهنجو خط اوهان جي ”ايڪنا ڪئشل رعيتي راڄ“ جي دستور سميت پهتو آهي. منهنجي خيال ۾ اها طرز حڪومت انهن لاءِ بهترين سرشتو آهي، جن لاءِ ٺاهيو ويو آهي. هر هڪ حڪومت جي پهرين خوبي اها هئڻ گهرجي ته اها ، اتي جي عوام جي خواهشن پٽاندر ٺاهيل هجي. اسان جي لاءِ اهو دستور ڪنهن به صورت ۾ ڦلدائڪ نه ٿيندو. حڪومت جو ڍانچو ۽ اخلاقي اصول، جن تي توهان حڪومت جي انتظام جو بنياد ٻڌو ٿا، تنهن جي تعريف ڪندي، اسان پوين سان ته متفق آهيون، پر اڳين سان نه. توکي خبر آهي ته اسان گڏيل رياستن وارا، دستوري لحاظ کان ۽ ضمير جي آواز کان جمهوريت پسند آهيون. اسان سماج کي اهڙو قدرتي گهر ٿا سمجهون جو ڀانيون ٿا ته ان سان گڏ ئي گڏ انسان جي تخليق ٿي آهي. هن ۾ اهي لياقتون ۽ خصلتون رکيون ويون آهن ته ساڳين خواهشن رکندڙن سان، اتفاق ۽ ميل جول قائم رکي، پنهنجي دل لاءِ تسڪين حاصل ڪري. پوءِ انهن لياقتن جي استعمال سان ئي انسان، هن سماج کي وجود ۾ آندو. ان ڪري سمجهيو ته اها ئي هن جي حاصلات آهي، جنهن کي قائم ۽ جاري رکڻ جو هن کي پورو پورو حق آهي. هو اها جدوجهد انهن سان رلي ملي ڪندو، جيڪي ساڻس انهيءَ حاصلات ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا هوندا، تن کي هو پاڻ مان خارج ڪري نٿو سگهي. منهنجي خيال ۾ ته تجربي اسان تي اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته فردن جي مجموعي مان ٺهيل سماج کي، انهن اختياراتن کي پاڻ وٽ رکڻ جو پورو حق آهي، جي هو خود استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪي اختيارات هو هلائي نٿو سگهي، تن کي انهن نمائندن جي حوالي ڪري، جن کي هن چونڊيو آهي ۽ پوءِ انهن کي بدعنوانين سبب پاڻ هٽائي به سگهي ٿو. ان ڪري، اسان وٽ عوام (منهنجي مراد موجب فردن جي مجموعي مان ٺهيل سماج) عام رواجي زندگيءَ جي حقيقتن جي ڇنڊ ڇاڻ، ۽ فيصلي جي قوت حاصل هئڻ سبب، حقيقتن جي فيصلي جا اختيارات، جيورين جي معرفت پاڻ وٽ محفوظ رکيا آهن. عام سطح کان مٿي ذهني معاملات نبيرڻ لاءِ پاڻ کي لائق نه سمجهي، انهن جي تصفيه لاءِ چونڊيل جج مقرر ڪيا آهن، جن مان ڪن کي هو پاڻ چونڊيندا آهن ۽ ڪن کي پنهنجن نمائندن معرفت چونڊي مقرر ڪندا آهن.

جڏهن اسان انهن اخلاقي اصولن تي سوچيون ٿا، جن تي حڪومت جو چرخو هلڻو آهي ته اسان هر حالت ۾ سماج جي موزونيت تي پهچون ٿا. آئون توسان تنهنجي مقامي رنگ روپ ۾، سڪ محبت سان مليو هوس. آءٌ پاڻ کي توسان متفق محسوس ڪري ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان. آزادي، سچ، ايمانداري ۽ عزت اوهان جي سماج جا چار مکيه اصول ليکيا وڃن ٿا. مان توسان متفق آهيان ته اختلاف، خلوص ۽ سخاوت بيشڪ انساني فطرت جا املهه عنصر آهن، يعني ته حق تي زور جو وس ناهي، ملڪيت ماڻڻ جو حق اسان جي جبلت ۾ سمايل آهي، پر اهڙيءَ ريت جيئن ٻئي ڪنهن انسان جي ايذاءَ رسائي يا حق تلفي نه ٿئي، ڪنهن کي به اهو حق ناهي، ته هو ٻي جي لياقتن ۽ خاصيتن جي استعمال ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجهي. انصاف سماج جو بنيادي حق آهي. اڪثريت، هڪ فرد کي دٻائڻ وقت مجرم آهي، چئبو ته اها پنهنجي طاقت جو ناجائز نفعو وٺندڙ آهي ۽ ڪارو قانون هلائي سماج جو بنياد اکيڙي ٿي، پنهنجي وس وارن معاملن ۾ ماڻهن جو ذاتي عمل ۽ بيوس معاملن ۾ سندن نمائندن جو عمل، جن کي چونڊي ۽ هٽائي سگهن ٿا، رعيتي راڄ جو ضروري جزو ۽ روح آهي. سڀئي حڪومتون ٿورو ڪي گهڻو رعيتي راڄ آهن. ڇالاءِ جو اهو اصول ٿورو يا گهڻو هر هڪ حڪومت جي دستور ۾ موجود آهي. عوام جي صحيح نمائنده حڪومت، ٻي هر حڪومت جي ڀيٽ ۾ وڌ ۾ وڌ ايراضيءَ ۾ قائم ڪري سگهجي ٿي. سو دوست، اهي آهن اهي مکيه اصول جن تي تون ۽ آءٌ متفق ٿي سگهون ٿا، پر سماج جي ڍانچي تي تون ۽ مان بلڪل الڳ ٿلڳ راءِ رکي سگهون ٿا! مرحوم ڪارٽيس پاران تجويز ڪيل اسپين جي دستور ۾، هڪ بلڪل نئون اصول پيش ڪيل هو، جو تو واري موڪليل دستور ۾ به ڪو نه آهي. اهو هيءُ هو ته: ”ڪو به شخص جو هن کانپوءِ ڄمندو، تيستائين شهريت حاصل ڪري نه سگهندو، جيستائين لکي پڙهي نه ڄاڻي!“ انهيءَ فقري ۾ سمايل سياڻپ کي سمجهڻ مشڪل ناهي. اهي ڳالهيون، جن رستي حڪومت کي بهتر انتظام ۽ وفاداري گهرجي ٿي، سي دستور جي بنيادي اصولن ۾ مسلسل اعتماد طلب رهن ٿيون. جڏهن ته انساني لاڳاپن جي واڌاري ۽ تبديل سان ترقي پسند ترميمن جون اڳتي هلي تقاضائون ڪيون وڃن ٿيون، تڏهن سڀ کان وڌيڪ ضرور ۽ اثرائتو قدم هيءُ آهي ته ماڻهن جون دليون روشن ڪجن، ڏاڍ، ظلم ۽ جهالت کي ائين تڙي ڪڍجي، جيئن باک ڦٽيءَ جو اوندهه گم ٿي ويندي آهي. ائين برابر آهي ته ائين ڪرڻ سان انساني حالتون، يڪدم اهڙي ڪڙيءَ تي ڪين وڃي رسنديون، جو دنيا مان ڏک سور ۽ بڇڙايون مفقود ٿي وڃن، تڏهن به منهنجو اهو يقين آهي ته اهڙ اُپاءَ انهن ۾ ڪافي سڌارو آڻيندا، خاص ڪري انتظآمي ۽ مذهبي معاملات ۾، اهو سڀ تڏهن عمل هيٺ اچي سگهندو، جڏهن عوام ۾ علم جي روشني پکيڙي ويندي.

**

مونٽيسيلو                                       جون ٽيلر ڏانهن

28- مئي 1816ع

ٻين ڳالهين کان سواءِ، تنهنجي اسان جي حڪومت جي اصولن بابت پڇا – ڳاڇا، ۽ نمائندن کي هدايتن ڏيڻ جو حق ۽ انهن حقن جي پوئواري لاءِ ٻڌل رهڻ جي فرض وارو اصول، بلڪل مڃيل نظر ٿو اچي. اسان وٽ بئنڪ ڪاريءَ جو سرشتو درست ۽ آزمايل ناهي. آءٌ ان کي پنهنجي دستور مٿان هڪ اهڙو داغ ٿو سمجهان، جنهن کي ڄڻ جُواگيرن لڳايو هجي، اهي پنهنجي ترقيءَ جي لالچ ۾ هتان جي شهرين جي وات جو گرانهه ۽ اخلاق چٽ ڪري رهيا آهن، آءٌ جمعبنديءَ کي ايستائين جائز ۽ برابر ٿو سمجهان، جيستائين هلندڙ نسل جي واعدي ڪيل قرضن کي لاٿو وڃي. خالق ڪائنات جي اٽل اصول پٽاندر، جيڪو به نسل ايندو، سو انهن زمينن ۽ ملڪيتن جو وارث ٿي قبضو ڪندو رهندو آهي، جيڪي سندن وڏا ڇڏي ويندا آهن. مسٽر آدم جو هر حڪومت کي ”رعيتي راڄ“ بنائڻ وارو طريقو، پوءِ ڀلي ته اهو قدرتي اصولن مطابق هجي يا نه، تو چڱيءَ ريت پروڙيو آهي. اهو سمجهڻ ضروري آهي ته لفظ ”رعيتي“، هر زبان ۾ الڳ ۽ جامع معنيٰ رکي ٿو. جنيوا، سئٽزرلينڊ ۽ هالنڊ جي هٿ ٺوڪين رعيتي راڄن ڏانهن ئي کڻي ڏسو! جيڪڏهن آءٌ ان لفظ کي خاص وضاحت واري معنيٰ  ڏيان ته اها هيئن ٿيندي: شهريت جي اڪثريت طرفان مقرر ڪيل قاعدن قانونن تي هلندڙ حڪومت. نه ته هر حڪومت رعيتي آهي، ڇاڪاڻ جو ٿورو يا گهڻو هر حڪومت ۾ شهرين جو سڌو سنواٽو ڪجهه نه ڪجهه عمل جو دخل هوندو آهي. اهڙي حڪومت محدود ايراضي ۽ آدمشماريءَ ڏانهن جوابدار رهندي آهي. آءٌ نٿو ڀانئيان نه اها ڪا ”نيو انگلينڊ ٽائون شپ“ کان ٻاهر به عمل ۾ اچي سگهندي. رعيتي راڄ جا ٻيا بهتر نمونا انهن حڪومتن ۾ نظر ايندا، جتي انتظاميه، عدليه ۽ قانون ساز ادارا ۽ سندن شاخون ماڻهن پاران، سڌي طرح گهڻي عرصي لاءِ يا دائمي وارث ڪري چونڊيا ويندا آهن. يا جتي اختياراتن جي ورهاست منظور ڪيل هوندي، انهن مان ڪي عوام جي هٿ وس هوندا آهن ته ڪي انهن جي سوچ کان مٿڀرا هوندا آهن، جيترا اختيارات عوام جي وس کان پري هوندا، اوترو ئي انهيءَ حڪومت کي گهٽ رعيتي راڄ ڄاڻبو پر جتي اهي ورثي وارا اختيار قائم هوندا، اتي ته رعيتي راڄ هئڻ جو ڪو سوال ئي نٿو اٿي ۽ جهڙوڪ فرانس ۽ وينس ۾، يا خود ”ٿاڦيل“ حڪومتن جي حالتن ۾. مثال طور هالينڊ کي وٺو، جتي هڪ دفعو چونڊ ٿيڻ بعد نمائندن کي تان حيات اختيارات سونپيا وڃن ٿا، اهڙين حڪومتن کي معمولي رعيتي راڄ ڳڻي سگهجي ٿو. اسان جي پنهنجي رياستي حڪومت وارو ڪردار خالص رعيتي آهي: نمائندن جو ايوان ۽ سينيٽ ته برابر آهن، پر اهي به گهٽ چئبا، انتظاميه، ته اڃا به گهٽ آهي، ڇو جو ان کي عوام سڌيءَ طرح نٿو چونڊي ۽ عدليه ته رعيتي راڄ جي بنهه ابتڙ آهي، ڇاڪاڻ جو ان جي مقرري تان حيات آهي، ملٽري آفيسر، جي عوام ڏانهن ذرو به ذميوار ناهن تن ۾ وري وڌيڪ اضافو ڪيو ٿو وڃي! اسان جي ڪائونٽي ڪورٽين (جنهن کي عدليه، انتظاميه، ٽئڪسن، پوليس ۽ فوج جي مقررين سان گڏوگڏ اسان جي روزمره جي سڀني معاملاتن جا اختيارات ڏنل آهن) سي خود نامزد ڪيل آهن ۽ پاڻ کي پاڻيهي بحال رکي سگهن ٿيون ۽ تاعمر اختيارات ماڻي سگهن ٿيون. اهي هڪ ڀيرو ٺهڻ کان پوءِ ڊاهي نٿيون سگهجن. سڀ کان خراب ڳالهه اها آهي ته اسان جو اڌ جيترو آدم سرحدن تي بيٺو آهي يا لڙي رهيو آهي، جو راءِ شماريءَ جي حق کان صفا محروم آهي. ڄڻ ته انساني سماج، ڌرتيءَ جي سنڀال لاءِ پيدا ٿيو آهي، پر نه ان تي رهندڙ ۽ وسندڙ ماڻهن جي سنڀالڻ لاءِ! يا ائين کڻي چئجي ته انهن بستين جي اڌ جيتري آدم کي سندن مرضيءَ خلاف، باقي آدم جي خواهشن کي پورو ڪرڻ يا نه ڪرڻ جوحڪم اوس مڃڻو آهي!

هاڻي اچو ڏسون، ته هڪ رياست جون اعليٰ خوبيون ڪهڙيون آهن؟

اهي نڪي آهن شهر جون عالمپناهون ۽ نڪي وڏا وڏا قلعا ۽ ڪوٽ، نڪي مضبوط ديوارون ۽ نڪي اونهين کاهين وارا وڏا دروازا، نڪي شهرن جو فلڪ نما جڳهيون، ڊگها منارا ۽ برج، نڪي عياش اعليٰ دماغ ماڻهو، ۽ نڪي فرض کان بيپرواهه شخص. پر اهي ماڻهو ۽ شخصيتون برک آهن، جيڪي پنهنجا حق سڃاڻن ۽ انهن جي بقا لاءِ جدوجهد ڪن، بس اهي ئي رياستون جوڙيندڙ ماڻهو ڳڻيا ويندا آهن.

مرڪزي حڪومت ۾، نمائندن جو ايوان مکيه طور تي رعيتي آهي، سينيٽ، مشڪل سان اهڙي مقبول رهندي، ڇو ته اها سڌي طرح عوام جي چونڊيل ناهي، ۽ چونڊيندڙن جي مرضيءَ جي خلاف وقوع ۾ آيل آهي. انتظاميه، سينيٽ کان وڌيڪ رعتيي آهي، ڇو ته ان کي عوام مقرر عرصي تائين پاڻ چونڊي ٿو. (ان ۾ ڪو ماڻهو ”الف“ اميدوار کي تڏهن ووٽ ڪندو آهي، جڏهن هو کيس ”ب“ اميدوار کي ووٽ ڪرڻ جو يقين ڏياريندو آهي) ۽ عدليه، قوم جي ووٽ کان بلڪل آزاد آهي. تنهنڪري عوام طرفان هن تي ڪا به پابندي ڪانهي.

جيڪڏهن حڪومت جي انهن شعبن کي، عوام جي ضابطي لاءِ جمهوري يا رعيتي ماپو سمجهيو وڃي، ته پوءِ مون کي ان کان وڌيڪ ٻي ڪنهن سٺي ماپي جي سڌ ناهي. اسان جي حڪومت، توقع کان گهٽ جمهوري يا رعيتي آهي، ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته: ماڻهن جو پنهنجن نمائندن تي، سندن حق ۽ مفاد حاصل ڪرڻ جي لحاظ کان گهڻو گهٽ ضابطو آهي. ان جو سبب، انهن ماڻهن ۾ جمهوري قدرن جي کوٽ ناهي، پر جن اهو دستور جوڙيو آهي، تن جي صحيح اصولن جي، انهن يورپي اختياراتن سان ڀيٽ ڪرڻي آهي، جن کي وڏن شهرن جي عوام مان خوف هو ۽ جن کي هر وقت آزاديءَ، خوشحاليءَ ۽ گڏيل رياستن جي عام شهرين خلاف ڀڙڪايو ٿي ويو!....

انهيءَ لفظ ”رعيتيءَ“ جي نظريي بابت اسان ڪجهه نه ڪجهه چوڻ بجاءِ، پڪ سان چئي سگهون ٿا ته؛ ٿورو ڪي گهڻو هڙئي حڪومتون رعيتي راڄ آهن. ڇاڪاڻ ته: انهن ۾ چونڊن ۽ ضابطي جا عنصر موجود آهن. ان ڳالهه تي ويساهه رکندي ته ”عوام جو مجموعو  ئي پنهنجن حقن جي بهتر سنڀال ڪري سگهي ٿو، ۽ عوام جون خرابيون، سندن نمائندن جي هٺ مان پيدا ٿيل خرابين کان گهڻو گهٽ هاڃيڪار آهن.“

آءٌ اهڙيءَ حڪومت جو دوست آهيان، جنهن ۾ مٿيان عنصر گهڻي ۾ گهڻا آهن، آءٌ توسان ان راءِ تي سچائيءَ سان متفق آهيان ته: بئنڪ ڪاريءَ جو وجود، حفاظتي بيٺل فوجن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. فند ۽ قرضن جي صورت ۾ عوام کان پئسو ڪڍي بيدريغ خرچڻ، مستقبل سان وڏي پيماني تي ٺڳي ۽ دولاب ڪرڻ جي برابر آهي.

ٿامس جيفرسن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: