سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:جيئي سنڌ

 

صفحو : 4

متفرقه

مناجات

(درحق عمرالدين)

ٿا گُهرون گڏجي دعا پاڪ جي ساراهه ڪري،

سايهء لطف و عطا تو مٿان الله ڪري!

 

اي برادر رهي شل تو سان سدا فتح قريب،

توکي رب شاد رکي تنهنجو سکي ساهه ڪري!

 

مرحبا بخت سندءِ کي ۽ مبارڪ توکي،

بخت تنهنجو ڀلي آغازِ نؤ ماهه ڪري.

 

تو وڄايو آهي نعرو هتي اي سنڌي هاڻ،

ڪاميابي ڏسي انگلنڊ توکي وهه واهه ڪري.

 

آهي اُميد وري ايندين پڙهي خط ۽ ڪتاب،

شوڪت ۽ جاهه سان علم و دل درياهه ڪري.

 

تون ڇڏي ٿو وڃين سڀني کي اڪيلو انگلنڊ،

ٿا ڪريون توکي روانو خدا همراهه ڪري!

·

Text Box: 48

مثنوي

 

نڙ کي سڻ ڪئن هو حڪايت ٿو ڪري،

۽ جدائن کان شڪايت ٿو ڪري.

 

مون کي جڏهانڪر وڍيو ٻوڙن مان ٿَن،

مرد ۽ زالون منهنجي دانهن کان رُئن.

 

اصل پنهنجي کان ٿئي جيڪو پري،

وصل جي لئي ٿو وري هردم مري.

 

سينو چاهيان هجر ۾ ٽڪر ٽڪر،

عشق جي دردن جي تان ڪريان خبر.

 

هر جماعت ۾ رُئان جئن عندليب،

ڪاٿي خوش ماڻهو ملن ڪٿ بدنصيب.

 

هرڪو پنهنجي راءِ موجب يار ٿيم،

دل جو دل  اندر مگر اسرار ٿيم.

 

دانهن منهنجي کان سندم ڳجهه دور ناهه،

ليڪ اک ۽ ڪن کي سو نور ناهه.

 

جان کان تَنُ تَنَ کان جان پنهان نه آهه،

پر لقائي جان جو فرمان نه آهه.

 

آهَه نڙ جي واءُ ناهي باهه آهه،

جنهن کي هي آتش نه آهي ناهه آهه.

 

باهه عشقي آهه جا نڙ ۾ اچي،

جوش عشقي آهه جنهن کان مئي پچي.

 

نڙ جي سنگت آهه وڇڙيل ساڻ ٺيڪ،

نڙ جي چيڪن کان پيم اندر ۾ چيڪ.

 

زهر ۽ ترياق نڙ جان ڪنهن ڏٺو،

يار ۽ مشق نڙ جان ڪنهن ڏٺو.

 

نڙ ڏکن سورن جون ڳاليهون ٿو ڪري،

مجنون ڪئن ليليٰ جي الفت ۾ مري.

 

حق اسان کي بخشيا نڙ جان ٻه وات،

هڪ ڪري ظاهر ۾ ٻيو باطن ۾ بات.

 

تون ٻڌين هڪ وات جي رڙ ۽ فغان،

هُو هوا ٻئي جي پئي منجهه آسمان.

·

Text Box: 50

قنبر

شاه و گدا ڪري ٿو تنهنجو سلام قنبر،

رحمت وسي ٿي تو تي هر صبح شام قنبر.

 

هر طرف کان تلائن لاتي آهي بهاري،

آب حيات پيئن ٿا خاص عام قنبر.

 

هرهڪ تلاءُ بيشڪ آئينه هوبهو آ،

آهي ڪيو سڪندر شايد قيام قنبر.

 

ڪهڙا نمڪ ڀريا هن قنبر جا آدمي سڀ،

پاڻي نمڪ ڀريو ٿا پيئن مدام قنبر.

 

پائن سفيد ڪپڙا چهرا هميشـﮧ چهرا،

ڪهڙو ڪلر جو اهي تاثير تام قنبر.

 

بي نون نه سمجهو قنبر آهي اُو مشڪ ۽ عنبر،

خوشبو ۾ تازه تر آ هر هڪ مشام قنبر.

 

سڳداسي سندي سنهڙا چانديءَ مثل ٿا چلڪن،

هٻڪار ۾ معطر ڪن ٿا تمام قنبر.

 

مٺڙيون پٻڻ جو ڏوڏيون بهه بيشمار آهن،

کائن وڏا ننڍا ٿا سڀ عام جام قنبر.

 

اعليٰ دماغ ماڻهن ئي خوب هي جڳهه آهه،

آهي ٻڌل دڙي تي عالي مقام قنبر.

 

ڪهڙا حسين ماڻهو قمبر جي شهر ۾ هِن،

حق تي ڪيو سَوَنِ آ بيت الحرام قنبر.

 

ماڻهن جو آهه وس ڇا_ آهن پکي پريشان،

ڪاٿان پکين کي آڻي ماري ٿو دام قنبر.

 

آڙيون بدڪ ۽ ڪرڙا هر هر مٿان وڃن ٿا،

گهورن ٿا جان پنهنجي هر هر بنام قنبر.

 

ڍنڍن ۾ کائي کائي کانا ٿلها ٿين ٿا،

آخر ڪري ٿو تن کي پنهنجو طعام قنبر.

 

حيدر جو ٿي سپاهي قنبر ٿيو شهنشـﮧ،

اي دل حياتي ساري ٿي رهه غلام قنبر!

·

همه اوست

 

(1)

عجب اسرار يا مولا رکيو تو نَحنُ اقرب ۾،

ٿئين هرشيءِ سان شامل گم ٿئين هر دين مذهب ۾.

 

مڪان تنهنجو نه ڪٿ آهي مگر هر جاءِ حق موجود،

توئي ڪاشيءَ ۾ گنگا ۾ توئي مڪي ۾ يثرب ۾.

 

زبان منصور جيءَ ۾ جاءِ ڪيئي مُلن جي دل خوش ڪيئي،

ڪيو ڪن کي تو سرگردان منجهايئي ڪن کي مطلب ۾.

 

ڪُٺئي ڪنعان چئي ’يا نوح انـﮧ لَيسَ مِن اَهلِڪ‘،

مگر آخر ۽ اول تنهن سان گڏ هنئين وقت اَرکَب ۾.

 

ڏنئي منهن غيب اندر لَن تَراني چئي تجلي سان،

وڌءِ موسيٰ ڪليم الله کي توبـﮧ ۾ تاب ۾.

 

زمينِ ڪربلا تنهنجي نظر کان خوب واقف آهه،

ڏسي مقتل حبيبن جو ٿئين اهل مصائب ۾.

 

عجب هِن رنگ رنگي تنهنجا سُبحان الذي اسريٰ،

ڪرايئي ڪاٿي احمد کي الاهي سير هڪ شب ۾.

يهودا کي مسيحا ڪيئي وئين ويجهو يهودن جي،

تُوَفي چئي وري هُن کي ڪيئي اعلي مراتب ۾.

 

ڪيئي قالوابليٰ جي قيد ۾ قابو قرابت سان،

جڏهن داخل ٿئين تون چئي نَفَخت انسان جي قالب ۾.

 

توئي مسجد ٽڪاڻي ۾ توئي گبرن جي ٿاڻي ۾،

توئي ميخاني رندن جي تون واعظ ۾ تون مطرب ۾.

 

ٿئين اسرار ۾ اسرار آلِاانسان سڙي چئي،

ٿئين اثبات نفي اندر ٿئين اظهار غائب ۾.

 

ڪڏهن دشمن جو حامي ٿئين ڪڏهن پيارن جو حامي ٿئين،

ڪڏهن هيڏي ڪڏهن هوڏي طرف مغلوب و غالب ۾.

 

ڏسي تنهنجا عجائب رستا ٿيا عالم سڀيئي غرق،

سندءِ توحيد ۾ تسبيح ۾ حمد ۽ تعجب ۾.

 

هوالاول هُوالاخر هوالباطن هوالظاهر،

اُهوئي آسمان ۾ ارض ۾ مشرق ۾ مغرب ۾.

 

فنا في الله جا پڙهه ڪڇ سبق حيدر ۾ غافل ٿي،

ضرورت ڪهڙي توکي قيد ڪيو آ درس مڪتب ۾.

·

 

همه اوست

(2)

هر شيءِ ۾ حسن تنهنجو يا رب نظر اچي ٿو،

انڌين اکين جي آڏو پردو مگر اچي ٿو.

 

ڳولا ۾ تنهنجي يا رب ٿيو عقل ۽ وهم عاجز،

هڪ بي خبر گهمي ٿو_ ٻيو موٽي گهر اچي ٿو.

 

تون هنئين ازل کان اڳهون_ تنهنجي ابد تي منزل،

ٿي وقت توکان حيران بي پا و سر اچي ٿو.

 

ڪاشيءَ ظهور تنهنجو ڪعبي ۾ نور تنهنجو،

والله سامهون سڀ ڪنهن کي تنهنجو در اچي ٿو.

 

گلشن ۾ حسن تنهنجو_ بلبل کي تنهنجو سودا،

جنهن جي زبان مان دم دم لعل ۽ گهر اچي ٿو.

 

تنهنجو وجود هر شي _ تنهنجو مڪان هر جا،

تون مايه جنهن مان هر شي جِن و بشر اچي ٿو،

 

ڇاهين خبر نه آهي _ ڇاهين خبر به آهي،

تنهنجي خبر جي اندر مون کي چڪر اچي ٿو.

 

تحقيق هڪڙو انسان ٻئي لاءِ آرسي آهه،

هر ڪنهن کي عڪس پنهنجو موٽي نظر اچي ٿو.

 

حيدر جي دل ۾ سارو عالم سمائجي ٿو،

جڏهن جو تنهنجي اڳيان دلبر نظر اچي ٿو.

·

 

فاني زمانو

هر ڪنهن کي هلڻو آهه هي فاني وطن ڇڏي،

پيارا عزيز دوست ۽ گلشن چمن ڇڏي!

هن تختـﮧ زمين کي هزارين وڃن ڇڏي،

هرڪو وڄائي وارو وڃي انجمن ڇڏي.

جڏهِه ٿو روح پياڪ معطر بدن ڇڏي،

دنيا ۾ تنهن کي ڪونه گهڙي هڪڙي کن ڇڏي.

داخل هميشـﮧ لاءِ ٿئي خاڪ ۾ بدن،

ڪينئن سان همنشين ٿئي_ اهلِ وطن ڇڏي.

باقي خدا جي ذات ٻيو سڀ فنا فنا،

هر چيز اڄ سڀاڻي هي حسن ۽ سخن ڇڏي.

جمشيد ڪاخ مان ويو کڻي خاڪ ۾ سرير؛

جاهه ۽ جلال کي ڇڏي رنگي جمن ڇڏي.

چلپل جو چرچو آهه جهان چار ڏينهن بس،

هر ڪو عدم ۾ ٿو ٿئي داخل جشن ڇڏي.

ليڪن ڏسو هي ناز ۽ ٺڳيون پوڙهي زال جون،

بيهي پري سوَن کي ڪيو ٿي ڇِڪن ڇڏي.

هن جو وصال آڻي پشيماني بوءِ بد،

راحت خوشي شڪر کي روح ۽ بدن ڇڏي.

حاصل ڪري منال ٿو البته گهري جو مال،

افسوس موت ساڻ فقط هي محن ڇڏي.

حيدر تون ڪر سفر جي پهر جيئين شاد دل،

ڳائي غزل ٿي خوش هي ڏکن جا سخن ڇڏي.

·

ٻه ٻاتا

مون عجب پوڙهو ڏٺو اوچتو اڄ وقت سحر،

ٿي ڪيائين هڪ عورت سان هينئين دل خوشتر.

”تتتنهجن ززلفن ڪڪيو مست مُنکي،

وويو هوش ججان مان سسڙي ٿو ججگر.

للليلي تتتون ۽ مممجنون مممان،

ممميلو ڪڪرايو رررب اڪبر.

مممون کي خخدا سان ججوان ڪيو عععشق،

تتتون ڀي ااچين ٿي ججوان وهه ننظر.“

چيو عورت ”ڇڇڇا ٿو چچئين بببڇڙا،

تتتون ڀل مممنهنجا ووويچارا ڪر.

ات بببيهه ته تنهنجي ڏڏ ڏاڙهي ته ڏسان،

سسسارين گهگهگهٽين ۾ ههلايان خخبر.“

چيو پوڙهي: ”خخدا سان ننه ڪريان اااهل،

مممان ماءُ پپپيٽان ٿٿيس ٻاتو ٻتر.“

مُنهن پوڙهي جو ٿيو پيلو ۽ ڏاڙهي ٿي ڏڪيس،

ٿي چيائين ”تتتبـﮧ! تتتوبـﮧ!“ هر هر.

چيو عورت: ”خخدا جا صصصد بار ششڪر،

مممون جان ججهان ۾ سسوين هِن ببشر.

مممان ڀي تتتو جان ٻٻٻاتي پپپر،

تتتون ڀي مممان جان گگگنگو چچچر.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: