سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :4

 

اصناف سخن

سچل سائين کان اڳ سنڌي شاعري اوائلي ڪبت – دوھڙي ۽ ڪافي يا وائي تي مبني ھئي. ڪبت ۾ فقط فقھھ جا مسئلا، معجزا ۽ مداحون وغيره چيا ويندا ھئا جي اڄ ڪلھھ متروڪ ٿي چڪا آھن. وايون يا ڪافيون گھڻو ڪري ٻھ ٺپيون ھونديون ھيون جن ۾ مولود، مناجات يا محبوب جا سراپا وغيره جو بيان ٿيندو ھيو. انھن جو مضمون ھن وقت جي شاعري جي لحاظ کان اڻپوري ھيو. باقي دوھڙو پنھنجي ترقي جا ڪافي مرحلا طئي ڪري چڪو ھيو. سچل سائين مٿين سڀني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آھي. ڪبت ۾ سندس وحدت نامو مخدوم محمد ھاشم جي زادالفقير، مخدوم عبدالله جي ڪنزالعبرت خواھ مخدوم عبدالرحيم گرھوڙي جي حقيقت محمدي يا تفسير وغيره کان گھڻو اڳڀرو آھي ڇو تھ ان جي زبان وڌيڪ سليس سلوڻي ۽ صاف آھي. ازانسواءِ منجھس روزمره جو بھ گھڻو خيال رکيو ويو آھي. ساڳي ريت قتلنامو ۽ جھولڻا وغيره سنڌي شاعري ۾ پھرين ڪوشش ھجڻ جي باوجود اڄ ڏينھن تائين پنھنجو مٽ پاڻ آھن. انھيءَ طرز ۾ ڪوبھ شاعر اڃا ايترو ڪامياب ڪونھ ٿيو آھي.

مرثيھ جي ميدان ۾ سچل سائين سنڌ جو پھريون شاعر آھي. ھن کان اڳ دوھڙن ۽ بيتن جي زمين ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، احسان فقير ۽ ٻين ڪن شاعرن سر ڪيڏارو آلاپيو آھي. مگر مرثيھ جي صنف سخن جو موجد اسان جو سچل سائين آھي، جنھن کي پوءِ ثابت علي شاه، عالم ڪربلائي ۽ ٻين شاعرن ھن فن ۾ پنھنجي قلم جا جوھر ڏيکاريا آھن. سنڌي دوھڙي جي زمين شاھ عبداللطيف اڳ ۾ ئي ھموار ڪري ڇڏي ھئي، باقي ان جي آبياري ۽ گلڪاري جو ڪم سچل سائين اچي پورو ڪيو. ھير رانجھو ۽ روجھن جا داستان جيڪي اڳ ۾ ڪنھن بھ سنڌي شاعر بيان نھ ڪيا ھيا، تن کي سچل جي زبان حق ترجمان بيان ڪري سنڌي ادب ۾ اضافو آندو. ازانسواءِ سنڌي خواه سرائڪي دوھڙن ۽ بيتن ۾ حسن و عشق جي راز و نياز جون اھي موشگافيون ڪيائين، جن جي تقليد مولوي لطف علي ۽ خواجھ غلام فريد جھڙن شاعرن کي ڪرڻي پئي. بيدل، حمل ۽ ٻيا ڪيترا سنڌي شاعر سچل سائين جي ڪلام کان متاثر ٿي شعر چوڻ لڳا.

سنڌي ڪافي ۾ سچل سائين جو مقام سنڌ جي سڀني شاعرن کان مٿي آھي. ھن صنف ۾ سچل سائين ساخت خواه مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ کان جيڪي ايجادون ڪيون تن ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪوبھ اضافو ڪري نھ سگھيو آھي.

سنڌي موزون ڪلام ۾ اوليت جو سھرو ھالن جي شاعر مخدوم عبدالرؤف ڀٽي جي سر تي آھي، مگر سندس ڪلام صرف قديم مولودن ۽ مداحن تائين محدود آھي. سچل سائين جون ڪيتروين ڪافيون ۽ غزل بھ علم عروض جي قاعدن موجب آھن. ازانسواءِ زبان جي صفائي، خيال جي گھرائي خواھ مضمون آفريني ۾ سچل سائين جي ڪلام جو درجو بلند آھي.

سچل سائين اردو ۾ بھ ڪجھھ غزل چيا آھن جي ان وقت جي لحاظ کان ھڪ معجزي جي حيثيت رکن ٿا. ڇو تھ ان وقت اردو شاعري پنھنجون ابتدائي منزلون طئي ڪري رھي ھئي. سراج الدين خان آرزو جي وفات وقت سندس عمر سترھن سال ھئي. اردو زبان جو ھڪ وڏو عالم ۽ شاعر نسيم امروھوي پنھنجي رسالي ۾ سچل سائين جي ڪلام تي تبصرو ڪندي لکي ٿو تھ: سچل سائين انو قت بھ اردو غزل ۾ اھڙا صوفيانھ ۽ اخلاقي مضمون نظم ڪيا، جيڪي اڄ بھ انقلابِ ذھنيت جي باوجود ھر طبقي ۾ مقبول آھن.

فارسي ۾ سچل سائين غزل، مستزاد، قطع ۽ مثنوي ۾ طبع آزمائي ڪئي آھي. انھن سڀني صنفن ۾ مثالن ذريعي وحدت الوجود جي وضاحت ٿيل آھي. خيال جي بلندي ۽ معنيٰ جي گھرائي سان گڏ صنايع ۽ بدايع بھ چڱا استعمال ٿيل آھن، مگر زبان جي بندش ۽ صفائي اھڙي نھ آھي جھڙي ھڪ اھل زبان شاعر جي ڪلام ۾ ھئڻ گھرجي. ممڪن آھي راوين ۽ ڪاتبن جي غلطين سبب ڪالم جي اصلي صورت سالم نھ رھي ھجي. بھرحال سندس قادر الڪلامي ۾ ڪوبھ شڪ ناھي.

 

موضوع سخن

سچل سائين پنھنجي زماني جو ھڪ بي نظير شاعر ٿي گذريو آھي ۽ اڄ ڏينھن تائين کانئونس پوءِ سنڌ سندس درجي جو شاعر پيدا نھ ڪري سگھي آھي. ھو ھڪ مجذوب سالڪ ۽ الاھي اسرار جو عارف ھيو. تصوف جو ڪو اھڙو نڪتو ڪونھي جو سچل سرمست نروار نھ ڪيو ھجي.

ھو ٻڌائي ٿو تھ ھي جھان اصل عدم جي اوڙاھ ۾ ھيو، مگر جڏھن ذات الاھي پنھنجي صفات جي مظھر کي ظاھر ڪرڻ چاھيو تڏھن ”ڪن“ جي اشاري سان ڪائنات جو ڪتاب جڙي راس ٿي پيو ۽ ھي سموري ھنگامھ آرائي نيستي مان نڪري نروار ٿيل ھستي واري نئين چيز مان پيدا ٿي پئي. سچل اھو سمورو مضمون ھيٺين ٻن سٽن ۾ ھن طرح ادا ٿو ڪري:

ز ناچيز شده يک چيز پيدا

کھ او در ھر دو عالم شد ھويدا.

وري جڏھن وحدت جي وادي ۾ اھا ڪثرت جي ڪچھري لڳي، تڏھن ھن ساري ڪچھري جو مير مجلس ۽ روح روان حضرت انسان کي ئي قرار ڏنو ويو ۽ تخليق جو سمورو راز ان جي سيني ۾ سمايو ويو.

نديدم سر از انسان بيرون

ھمھ ملڪ خدا گر ديده ام.

صورت سڀ انسان جي، اٿي عشق اصل،

خلق الله آدم عليٰ صوره، جزو تھڙو ڪل،

الانسان سري و اناسره، سچ سچا پيو سل،

ڀول نھ ٻي تون ڀل، ھتي ھتي ھڪ ٿي.

انسان کي ڪائنات جو جوھر ۽ اشرف المخلوقات بڻائي ساري خدائي جون واڳون سونپيون ويون، مگر انسان وري ٻي مخلوق تي حڪم ھلائڻ بدران انسانن تي حڪومت ھلائڻ شروع ڪري ڏني. ذات پات جو ڀيد، ننڍ وڏائي جا درجات ۽ دوئي جا طلسمات ان کي ويڙھي حقيقت جي نقطي تان ھٽائي ويا. سچل سائين اھا حالت ڏسي ھڪ ھمدرد ناصح جي صورت ۾ ھن طرح ھدايت ٿو ڪري:

آءُ سالڪ ڪر صحيح تون ھن طلسمات کي،

ڀڃ دوئي تان ڪل پويئي دور ڪر درجات کي.

دوئي جا بند ڀڃي ڪثرت جي طلسم ٽوڙڻ بعد وري ساڳيءَ وحدت جي وادي ۾ قدم ٿو پوي ۽ ھيڪڙائي جو عالم نظر ٿو اچي. سچل اھا ھيڪڙائي واري ھستي پنھنجو پاڻ ۾ ٿو پسي ۽ سڀ ڪجھھ پنھنجو ئي مظھر تصور ڪري ببانگ دھل پڪاري ٿو:

پاڻ پنھنجو پاڻھي، صورت منجھھ سڃاڻ،

الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،

ناھي شڪ گمان، سچو سائين ھيڪڙو.

انھيءَ مٿئين منزل ماڻڻ لاءِ کيس ڪنھن بھ اڪتسابي علم ۽ ھنر جي ضرورت نٿي پوي. اھا شيءِ شيخن مشائخن وٽان نٿي ملي ڇو تھ اھا امانت فقط الاھي عشق جي عطا آھي جنھن لاءِ ڪوبھ ٺڳي جو ٺاھ ڪارگر نٿو ٿي سگھي.

بزرگ شيخ مشائخ يارو، نا مخدوم ٿياسي،

نڪي قاضي، نڪي ملا، معلم پير بڻاسي،

نڪي ٺاھ ٺڳي جا ٺاھي، رنگ رساءَ رکياسي،

سچا ٻاجھئون عشق الله جي، ڪوئي ھنر نھ سکياسي.

سچي ۽ الاھي عشق لاءِ عقل ۽ اختيار جو ڪم ناھي. اتي محبت جي ميخاني مان بيخودي جي شراب جي ضرورت آھي، جنھن جي پيئڻ سان خدائي خمار چڙھي ٿو ۽ ان مدامي مستي سان ئي الستي عشق حاصل ڪري الاھي اسرار جو راز حاصل ڪري ٿو سگھجي.

مست رھي ميخاني اندر، منگ وتي سي مستي،

مستي سان نا سر سڃاڻي، تنھن جو ڪم ڪم بختي،

ٻيون سڀ ڪوڙيون ڳالھيون، سچا! سچو عشق الستي.

الاھي عشق حاصل ڪرڻ سان سالڪ کي پنھنجي ھستي جي سموري حقيقت معلوم ٿي وڃي ٿي. ھو عبديت جي اولي کان ٻاھر اچي خدائي رنگ ۾ رنڱجي ٿو وڃي. اھڙي حال حاصل ڪرڻ بعد ئي سچل سائين پنھنجي وقت جي غلامانھ ذھنيت خلاف صداءِ احتجاج بلند ڪئي ھئي ۽ علامھ اقبال کان ھڪ سؤ سال اڳ خودي جو نعرو بلند ڪيو ھيو. سندس ڪلام ۾ اھا ھڪ اھم خصوصيت آھي جو ھو تقليدي رسم و رواج جا بند ڀڃي تحقيقي مرحلن طئي ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو.

تون ئي مالڪ ملڪ جو، ٻانھون ڀانءِ م پاڻ،

لا خير في عبيدي، اھو اٿئي اھڃاڻ،

صورت منجھھ سڃاڻ، پاڻ پنھنجو پاڻھئي.

*

ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو،

پاڻ بيگانو مول نھ ڄاڻين، آھين يار يگانو،

ونفحت فيه من روحي، بلڪل ڇڏ بھانو،

وھم سچل ڪڍ ٻانھپ وارو، شملو ٻڌ شھانو.

*

طبل وڄائج وحدت وارو، غازي ڇڏي گدائي،

ھيڏي ھوڏي تون ئي آھين، ڪانھي جاءِ جدائي،

الانسان سري و انا سره، آھين خاص خدائي،

بر بحر ۾ تنھنجو، سچا آھي سير سدائي.

*

ڇوڙ گمان گدائي والا شملا ٻڌ چا شاھي دا.

ھو وحدت جو طبل وڄائيندي انساني برادري جي وسيع پيماني تي دعوت ٿو ڏئي. خواه مذھب جي فروعي ۽ منجھيل مسئلن کان سندس منزل مٿي آھي. ڪابھ گروه بندي ڪانھ آھي، ھو ھر ڪنھن جي صورت ۾ پنھنجي محبوب جو مشاھدو ٿو ماڻي:

نھ بي ديني بندي ۾، نھ اسم اسلامي،

ھندي سنڌي ناھي، ھو شاھ نا شامي،

نڪا حرڪت ھن کي، نڪي آھي آرامي،

خواجھ خدامي، پنھنجي ڪري پاڻ ٿو.

ايتري فراخ دل ۽ بين الاقوامي برادري جي مبلغ ھجڻ جي باوجود سچل سائين ائين ڪڏھن بھ نھ ٿي چاھيو تھ ڪا ھڪ قوم دغا ۽ دولاب سان ٻي تي غلبو حاصل ڪري وڃي. سندس زماني ۾ جڏھن فرنگي سياست جو ڄار سڄي ھندستان ۾ پکڙجي چڪو ھيو، جابجا سندس عياري ۽ مڪاري پنھنجو ڪم ڪري رھي ھئي ۽ خود ملڪ کي حريص نگاھون پنھنجي آماجگاھ بڻائڻ لاءِ سوچي رھيون ھيون، تڏھن فقط ھن شاعر جي دوربين ۽ موقع شناس نظر پنھنجي وطن واسين کي ايندڙ خطري کان خبردار ڪري رھي ھئي ۽ ھو وقت جي تقاضا موجب ھندو- مسلم اتحاد تي زور ڏئي بار بار پڪاري رھيو ھو:

وقت اھا ٿي ويل، دوئي دور ڪرڻ جي،

ڪڍ مذاھب من مان، ساجھر ساڻ سويل،

ھندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل،

متان ٿئي اويل، اولھھ سج نھ الھي.

*

اولھھ سج نھ الھي، متان ٿئي اوير،

ميڙي ويندءِ مغربي، تاريڪيءَ ۾ تير،

ڇڏي ويندئي ڇپرين، ڍونڍون سدا ڍير،

مرد ڏين ٿا مام ۾، ماٿيڪي مٿير،

وجھھ اٿي وجھھ پاڻ ۾، ھيڪڙائي جي ھير،

ناسودي ناخير، نپٽ پوءِ نابود ڪر.

نھ فقط ايترو مگر فرنگين جي دريائي تماشي ۽ ھنرمندي ۾ خلوص نھ ڏسي مٿن اکيون ٻوٽي ويساھ رکڻ جي خطرناڪ نتيجن کان بھ قوم کي کولي کولي واقف ڪري ويو آھي.

مڪڙي ڏٺم موج ۾، تنھن ۾ مير ملاح،

مڇيون مارن اوچتي، بانڪا بيپرواھ،

لھر بحر جا حاڪم ڄاڻي، شوريا وتن شاھ،

وائڙا رکن تن مٿان، ويچارا ويساھ،

آسرا اڙين جا،  آھن منجھھ الله،

ڏئي پانڌ پناھ، رکي وٺندو راڄ کي.

مٿين بحث مان معلوم ٿيندو تھ ھو ھڪ بي نظير قومي ۽ بين الاقوامي شآعر آھي ۽ قدم قدم تي انساني برادري ۽ مساوات جي تبليغ ڪندو ٿو رھي.

ان کان سواءِ حسن و عشق جون سموريون ڪيفيتون سندس ڪلام جو حصو آھن. مجاز ۽ حقيقت جون اھي موشگافيون ڪيون اٿس، جتي ڪنھن عام شاعر جي رسائي مشڪل ۽ محال ٿيندي. حسن جي حملي جو منظر ڏسو.

چالي چشم چٽڪ، ماريو محبوبن جي،

قاتل فوج حسن جي، آئي ڪاھون ڪاھ ڪٽڪ،

اچي وڌائون اوچتي، سيني سيف سٽڪ،

عاشق ٽپي آئيا، اٽڪجي اٽڪ،

جھت پٽ سان جھٽڪ، سر سٽيائون سٽ ۾.

ساڳي نموني  مجازي محبوب جي سراپا بيان ڪندي ان جي ڪنڍن جي وصفن جي تصوير ٿو ڪڍي. سندس منھن کي مصحف سمجھي تلاوت ٿو ڪري ۽ برھ جا سمورا باب ختم ڪري ٿو ڇڏي.

ابرو ڪنڍا قرب جا، وار ڪنڍا ڪارا،

اکين ڪنڍيون عجيب جون، ماڻڪ موچارا.

*

محرابي مرغول، ڪنڍا پيشاني پارا،

مٺا موچارا، سدا منھنجا سپرين.

*

ڪجا ڪج محراب، منھن تي محبوبن جي،

ڏنگا ونگا ورھ ورھ، مصحف جا اعراب،

سٽون سيپارن جون، پڙھڻ ٿيون ثواب،

برھ سندا باب، سچل سڀ ختم ڪيا.

اھو ساڳيو مضمون ٻئي ھنڌ ٻئي پيرائي سان بيان ٿو ڪري.

مصحف پاڻ چوان، منھڙو محبوبن جو

آيتون منجھھ عشق جون، مطالع ڪيان،

قاري اچي ڪو پڙھي، ھجي ھي روان،

حرف سڀ سنوان، ڏنگو ڏسان ڪونھ ڪو.

محبوب جي ابروءِ خمدار کي قوس قزح سان تشبيھھ ڏئي نيھن جي نظاري کي ڪيئن نھ خوش اسلوبي سان بيان ٿو ڪري.

قوس قزح ڪمان، ابرو عجيبن جا،

ضرب ظلم جي زور سان، اڇلن الامان،

سل ھڻن ٿا سيني ۾، پنبڙين جا پيڪان،

نيزا نيھن نشان، سچل سر سھائيا.

محبوب جي منھن تي پگھر جي پاڻي جي تصوير ڪڍڻ لاءِ ڪھڙا نھ رنگين لفظ استعمال ٿو ڪري.

قطرا آب عرق، سونھن سڄڻ منھن تي،

جرڪن جھلڪن ٿا ائين، جئن پني ماڪ مرڪ،

داڻا ڪن درڪ، دل ۾ درديلن جي.

وري محبوب جي منھن تي زلفن جي پکڙجڻ جون تشبيھون ملاحظھ ڪيو.

مو پکيڙيا منھن تي، ڇٻيلن ڇلا،

سنبل ڄڻ ڪي سلا، صبح ڪڍيا ساجھري.

مو پکيڙيا منھن تي، ڇٻيلن ڇلا،

واسينگن ولا، ورھ وارن تي ڏٺا.

*

ڇٻيلن ڇلا، مو پکڙيا منھن تي،

نيم شبي مھتاب جان، منھن ٻرن مشعلا،

تاريڪي ۾ تيجارا، تکا ڏين تجلا،

عاشق ات اجھلا، سر ڏين ٿا سٽ ۾.

يا جي رخسار تي ڪاري تر جو منظر جيئن سچل سائين ڏيکاريو آھي تيئن سڀ ڪو شاعر ڏيکاري نٿو سگھي. سندس حسن بيان ۽ حسن تشبيھھ جو انداز لڳايو.

حبيبن حبشي، پھرو رکيو پاڻ تي،

اندر اچڻ کان اڳي، ڪاتي تنھن ڪشي،

رخ انھيءَ رشي، ڪروڙين قتل ڪيا.

مجازي محبوب جي سراپا بيان ڪرڻ کان پوءِ ھن جي مرغنامي ۾ عاشقانھ خط و ڪتابت جا راز و نياز بھ عجيب نموني سان آيل آھن جن ۾ زبان جي سلاست سان گڏوگڏ نازڪ خيالي ۽ بلند پرواز جا اھڙا مثال ملن ٿا، جي سڀ ڪنھن جي ڪلام ۾ نھ لڀندا. سندس پرت جي پني جون تمثيلون ڏسو.

پني ۾ پيغام، لکي مڪا سڄڻين،

سي نھ سمجھن عام، جي آھن منجھھ اشارتين.

*

الوھيڙو عشق جو، ساٿي ساڻ نيو،

کامي پاڻ پيو، خوني خط پرينءَ جو.

*

منجان ڪئين لکي، ڪتابت قريب ڏي،

ساٿي واٽ سکي، ٻڌائي نھ ٻين کي.

*

اڃا عبارت، لکڻ لڳس پرينءَ ڏي،

روئندي ڀريون رتِ، اوتڻ ٻئي اکيون.

*

جارون لکيم جو، ڪاغذ قريب ڏي،

حقيقت جو حال جي، واچڻ وٺو ڪو.

پڙھندي پنو سو، تنھن کي آنديون آئيون.

*

ڀينر ڪئين ڀنو، ھي جو نامو نيھن جو،

خط خمار ڏنو، جيڪس پڙھندي پرينءَ کي.

سوز و گداز سچل سائين جي رڳ رڳ ۾ سمايل ھيو. سندس عقيدي موجب بي درد نامرد آھي ۽ محبت جي مرحلن طئي ڪرڻ لاءِ درد کان سواءِ ٻيو ڪوبھ رھبر ڪونھي.

درد در دل ھر کھ باشد مرد اوست

حرف بيدردان موثر نيست نيست.

*

ورتم دڳ درد جو، تنھن سڀ ڪا واٽ وساري،

چنڊ اڀري آئيو، وئي سڀ انڌاري.

*

گوندر جن گذاريو، آءُ تنين گولي،

ھينئڙي ۾ ھولي، ھوندي ڏکن وارئين.

سچل سائين ھڪ عارف ۽ عاشق شاعر ھجڻ سان گڏ فطرت جو بھ وڏو نقاش آھي. ھو قدرت جي نظارن کي اھڙي نموني سان چٽي ٿو وڃي جو اھي نظارا ڄڻ اسان جي اکين جي سامھون اچي ٿا بيھن. سر سارنگ ۾ سندس مندائتي مينھن جو منظر ڏسو-

 

ٻھھ ٻھھ ڪندا آئيا، ٻيھر ٻڪروال،

ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ کان ويا ٽھي مال،

آھن ۾ اچي پئي، چونگن سني چال،

مندائتي منڊل ڪيا، جر اٺا جال،

پلر سان پسي پيا، پنھوارن پلال،

جھري پيون جھوپيون، جھانگيئڙن اجھال،

ننگو ڪج نھ نڌر کي، نماڻن ننگ پال،

جن جا ھھڙا حال، تن پرور پت رکيج تون،

*

ھڪ وسڻ ٻيو وڄڻ، ٽيون لھي پيو سيءُ،

جھوري وڌئين جھوپيون، ڇن وڌائين ڇيءُ،

رنن جو رڻ ۾ والي وسيلو ٿيءُ،

حال جنين جو ھيءُ، تن پرور رک پناه ۾.

مٿين ٻن بيتن ۾ مينھن وسڻ وقت ھڪ واھڻ ۾ جيڪو ماحول پيدا ٿئي ٿو ان جي ھوبھو تصوير اسان جي سامھون آھي ۽ اھا تصوير اھڙن دلڪش مناسب ۽ موزون لفظن ۾ ڪڍي وئي آھي جيڪي سندس نيچرل شاعري جي ساک ٿا ڀرن. ازانسواءِ سندس روجھن جو داستان پڙھبو تھ سندس مضمون آفريني ۽ جدت جو اندازو لڳائي سگھبو. مثال طور ٻن بيتن تي اڪتفا ٿي ڪجي.

ڦوڙائي جون ڦٽيون، ڦٽيون ٿيون ڦولھين،

ابر سندي آسري، ٽڪر ٿيون ٽولين،

ڳوليو ٿيون ڳولين، ترايون تر ڀريون.

*

پانڌوڙيون پھاڙ جون، رڻين ڪوھ رھن،

لوچي سي لھن، جن سچو ٻڌو سندرو.

سچل سائين جي ڪلام جو گھري نظر سان مطالعو ڪبو تھ معلوم ٿيندو تھ کيس زبان تي وڏي دسترس ۽ عبور حاصل آھي. الفاظ جي نشست، بندش جي چستي، بيان جو جوش ۽ زبان جو زور سندس قادرالڪلامي جو ڪلمو ڀريندا نظر ايندا. الفاظ سندس حڪم موجب زبان جي صفائي سان فرمانبردار نوڪرن وانگر پنھنجي پنھنجي مناسب جڳھھ تي ازخود ايندا ويندا، محاورا، ضرف المثل ۽ اصطلاح بلڪل روزمره جي مطابق ھوندا. مجال آھي جو ھڪ حرف بي مھل استعمال ٿيل ھجي. مطلب تھ ھر شيءِ منڊيءَ جي ٽڪ وانگر پنھنجي جاءِ تي جڙيل نظر ايندي. ڪمال اھو آھي جو زبان جي صفائي سان گڏ صنايع بدايع جي سرخي بھ شامل ھوندي آھي ۽ ان ۾ ڪونھ ڪو ناصحانھ پھلو بھ موجود ھوندو. مثال طور سندس محبت جي باغ من ٻھ چار عقيدت جا گل پيش ڪجن ٿا.

مون ۾ آھين تون، تو ۾ آھيان مان،

بجلي بادل سان، آھي جيئن سپرين.

*

ھڪ جوءِ ٻي جوءِ، ڇڏي ڪين جوان،

اھي سڀ انسان، ننگن تان نثار ٿيا.

*

سر سنواريو سر کي، سر سنواريون سر،

جو آھي سورٺ ور، سو ڏيڻ کان ڪٿي ڏري.

*

مور نھ محبت کان مڙان، ھتي اچي ھاڻ،

ڪاڻ ڪني جي ڪاڻ، ڳئون چاريندس ڳوٺ جون.

*

ڪچو سچو ڪين ٿئي، توڙي اچي رنگ،

سچي سندي سنگ، ڪچا سچا ٿي ويا.

*

حرف حلال ھيڪڙو، ٻيا سڀ حرف حرام،

عاشقن انجام، اھو آھي عجيب سان.

*

ڪاتي ريءَ ڪھي ڇڏيو، راڻا تنھنجي رنج،

سکون سڀ سھنج، سوڍو ساڻ کڻي ويو.

*

سوڍا ھن سڙيءَ جو، لھي وڃ سماءُ،

ويرين وڌو وچ ۾، آھي وير وڌاءُ،

مون تي لڳندو ڪونھ ڪو، پيارا پاڻي پاءُ،

ھيڪر ھيڏي آءُ، تھ پير لوي پڌري ٿئي.

مطلب تھ سچل سائين جي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت جو درياه ڇوليون ماريندو نظر ايندو. خيال جي گھرائي، فڪر جي بلندي، ٻولي جي سلاست ۽ بيان جي خوش اسلوبي سندس ڪلام جون اھم خصوصيتون آھن. حاصل ڪلام شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح کان سواءِ سنڌ جو ڪوبھ شاعر ڪنھن بھ لحاظ کان سندس مد مقابل ٿي نھ سگھندو.

- حامي

 

 

ساقي نامي ۽ مثنوين جو مختصر تعارف

 

ساقي نامو

ھن ۾ ڪل ايڪويھھ قطعا بحر رمل جي ٻن وزنن تي آھن. پھريان ٻارھن فاعلاتن مفاعلن فعلن تي ۽ باقي نو فاعلاتن فاعلن (يا فاعلات) تي آھن. انھن قطعن ۾ ازل جي ساقي کان معرفت جي شراب ۽ حقيقي عشق جي درد حاصل ڪرڻ جي صدا ڪئي وئي آھي. شاعر وڏي واڪئين انگوري شراب کان عاري ٿو بڻجي ۽ عرض ٿو ڪري، تھ اھو شراب مئل دل کي زندگي بخشي نھ سگھندو، تنھن ڪري التماس آھي تھ کيس اھڙو شراب عطا ڪيو وڃي، جيڪو ھن کي مٽيءَ جي ھيٺان بھ ھميشھ لاءِ زندھ رکي.

 

راز نامو

ھيءَ ھڪ ڊگھي مثنوي آھي، جيڪا بحر رمل مسدس محذوف تي چيل آھي. ھن ۾ ڪل اٺ سؤ اڻونجاھ شعر آھن. ھن مثنوي متعلق شاعر جو پنھنجو قول آھي تھ:

ناھي فردوسي نظامي جو جواب،

در يگانو آھي منھنجو ھي ڪتاب

ھن ۾ ناھن بادشاھن جا قصا،

معرفت وارا ٿا سمجھن ماجرا،

ڪين آھي ھي مسائل جو ڪتاب،

منھنجي مرشد جي اڳيان ٿيو مستجاب.

 

تار نامو

ھيءَ ھڪ سؤ ڇائيتاليھھ شعرن جي مثنوي آھي جيڪا بحر رمل مسدس محذوف (فاعلاتن فاعلاتن فاعلن) تي چيل آھي. ھن ۾ ھڪ طنبوري جي تار جي زباني معرفت جون رمزون بيان ڪيون ويون آھن. تار پنھنجي حقيقت بيان ڪندي ٻڌائي ٿي تھ: کيس کاڻ مان ڪڍي، کوري ۾ پچائي، وڏاڻن ۽ مترڪن جون مارون ڏنيون ويون آھن. ۽ موجوده صورت ۾ آڻي ڪاٺ جي طنبوري سان ملايو ويو آھي. طنبوري واري ڪاٺ کي بھ ڪوري، تڪليفون ڏئي، موجوده صورت ۾ آندو ويو آھي. طنبورو ۽ تار وڄائڻ واري آڱر جا محتاج آھن، ۽ ان جي اشاري سان وڇوڙي جو ورلاپ ڪري درد وارن کي سوايو سوز بخشين ٿا. آخر مرشد شاعر کي سمجھائي ٿو:

جسم طنبورو تھ تار آھي زبان،

ٿي ڪري اسرار موليٰ جا عيان.

قلب طنبورو ٿيو ۽ تار جان،

آھي ڪاريگر جي آڱر جو بيان.

درد دل جي سان لکيم ھي ماجرا،

خود قلم کي حڪم فرمايو خدا.

رازنامو آھي منھنجو ھي ڪتاب،

جو بھ پڙھندو سوئي ٿيندو ڪامياب.

عشق جي غم جو منجھس آھي بيان،

جو زبان مان ناھي آھي دل منجھان.

ھن مثنوي ۾ خدا تعاليٰ ۽ رسول مقبول' جي تعريف کان پوءِ سڪندر ۽ نوشابھ جي تمثيل ۾ ابن عربي جي مشھور وحده الوجود واري فلسفي جي اپٽار ڪئي وئي آھي. ۽ چيو ويو آھي، تھ حقيقي محبوب احد مان احمد جي اوٽ ۾ سفير بڻجي آيو آھي، اھو آقا عبد بڻجي، پنھنجي صفتن جا مختلف روپ ظاھر ڪري رھيو آھي. انھيءَ حقيقت جي خبر عشق جي درد کان سواءِ ڪنھن کي نٿي پوي. تنھن ڪري سالڪ لاءِ ضروري آھي تھ ھو قيل ۽ قال وارا مسئلا ڇڏي، عشق جي جذب ۽ حال واري منزل ۾ اچي ۽ لامڪاني سير ڪري.

ان کان پوءِ مختلف تشبيھن جي ذريعي ھمھ اوست جو سبق سمجھايو ويو آھي. اھو سبق سمجھائيندي ننڍيون ننڍيون حڪايتون بيان ڪيون ويون آھن، ۽ انا الحق جي رازن ۽ رمزن جي اپٽار ڪري، منصوري ۽ فرعوني دم جو فرق ٻڌايو ويو آھي.

آخر ۾ معرفت جا نڪتا بيان ڪندي، درازن جي درگاھ ۽ فقيري سلسلي جو احوال قلمبند ڪيو ويو آھي.

 

گداز نامو

ھيءَ مثنوي بحر رمل مسدس محذوف تي چيل آھي. ھن ۾ ٻھ سؤ چوويھھ شعر آھن. ھن مثنوي ۾ بھ وحده الوجود جي تبليغ ڪئي وئي آھي. شاعر چوي ٿو تھ: ”پنھنجي ھستي کي فنا ڪري، حق جي ھستيءَ ۾ قائم رکڻ گھرجي.“ ھو برف جي تمثيل ۾ سمجھائي ٿو تھ: جڏھن برف ڳري ويندي، تڏھن پاڻي ٿي ويندي، جنھن مان نرالا ڪم پيدا ٿيندا ۽ گل ڦل ٽڙي گلزار بڻجي پوندا. اھڙيءَ طرح جيڪڏھن سالڪ پنھنجي جسماني ھستي کي فنا ڪندو، تڏھن ئي حقيقي بقا ماڻي سگھندو. جڏھن عبد، معبود سان گڏبو، تڏھن غير فاني ٿي ويندو ۽ معبود جي ھستي وڃي بچندي.

ھو ٻڌائي ٿو تھ: ھن جسماني ڪائي ۾ روح جو نوراني ڏيو روشن ٿو رھي. مگر انھيءَ ڪائي جي ڪري ان جي روشني ظاھر نٿي ٿئي. اھو ڪائو ڀڄندو، تھ روحاني ڏئي جي روشني ظاھر ٿي پوندي.

اڳتي ھلي شاعر چوي ٿو تھ: حقيقي محبوب پاڻ کي عبد سڏائي ٻانھپ جي ٻولي ٿو ٻڌائي. اھا سندس پنھنجي مرضي آھي تھ ڀلي پاڻ عبد سڏرائي، پر اسان سندس شان کي سڃاڻون ٿا. اسان کي کيس ٻانھي سڏڻ جي ڪا مجال ناھي. وري ڪڪڙ جي آني جي تمثيل ۾ ٻڌائي ٿو تھ لاھوتي پکي آني ۾ لڪل آھي، پر واز ڪري نٿو سگھي. کيس اھو جسماني ڪوٽ ڀڃي ٻاھر وڃڻو ۽ اڏامڻو آھي.

آخر ۾ پنھنجي مرشد جي مھرباني مڃيندي ٻڌائي ٿو تھ: سندس فيض واري نظر سان ”مان ۽ اسان“ وارا سمورا حجاب دور ٿي ويا ۽ ھر طرف حق ئي حق نظر اچڻ لڳو.

 

مون کي مرشد راھ ڏيکاري ڇڏي،

دل وئي سڀني خيالن تان کڄي.

ھي خدائي دم غلامي جو ڀري،

ان جي در جي خاڪ سرمو ٿو ڪري.

 

عشقنامو

ھيءَ مثنوي بحر رمل مسدس محذوف تي آھي. ھن ۾ ھڪ سؤ ايڪونجاھ شعر آھن. ھن مثنوي ۾ انسان جي عظمت جو بيان ڪيو ويو آھي. عارف سچل سائين ٻڌائي ٿو تھ: کيس پنھنجي پير عبدالحق وٽان ان حقيقت جو پتو پيو آھي، تھ در اصل آدم جو گھر حق جي گھر آھي. ھو جو ڪجھھ ٻولي يا ٻڌي ٿو. اھو حقيقت ۾ حق آھي. ظلم ۽ جھل ٻيئي سندس ئي فعل آھن. ظلم مان سندس مراد پنھنجو نفس ڪھڻ ۽ جھل مان مراد پنھنجو پاڻ کي پاسي ٿيڻ آھي. ھو الستي عھد ۽ قالو ابليٰ ٻنھي کي عشق جا گفتا ٿو سمجھي. حق جي ذات انسان ۾ لامڪان جا راز ۽ رمزون رکي عشق آڳ لائي ڇڏي آھي، جنھن جي نتيجي ۾ ھو لامڪان جو شھباز بڻجي پيو آھي. پوءِ انسان کي جنت جا سير ڪرائي، زندگيءَ جون نعمتون عطا ڪيون ويون. ان کان پوءِ ھن کي مٽيءَ جي ملڪ تي آندو ويو، جتي کيس محنت ۽ محبت جي مڪان ۾ رھڻو پيو.

مٿي ذڪر ڪيل حقيقت بيان ڪرڻ کان پوءِ عشق ۽ عقل جو بحث ڇيڙي، عقل کي عشق جو دربان ثابت ڪيو ويو آھي. پڇاڙيءَ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ:

 

عقل اٽڪيل ٿو رھي تقليد ۾،

عشق ھر دم ٿو رھي توحيد ۾.

عقل سان دنيا جو درشن ٿو ڪجي،

عشق سان پسجي ٿو حق جي ذات کي.

 

درد نامو

ھيءَ مثنوي بحر رمل مسدس محذوف ۾ چيل آھي، ھن ۾ ڪل ڇھاسي شعر آھن. ھن ۾ پنھنجي مرشد وٽان ورتل درد جو سبق دھرايو ويو آھي ۽ عارف سچل جي قول موجب درد کان سواءِ ماڻھو ڪنھن بھ ڪم جو ناھي. جيڪڏھن ھو درد واري بيخوديءَ ۾ رھندو، تھ فنا جو ماڳ ماڻي بقا جو حال حاصل ڪندو، اھو ئي وحدت جو سچو رستو آھي. اصل ۾ ساري ڪائنات وھم ۽ خيال کان وڌيڪ ڪا ھستي نٿي رکي. ھستي ھڪڙي حق جي ھستي آھي، جنھن ۾ ”مان اسان“ وارا ٻيائي جا ٻول ختم ٿي وڃن ٿا.

 

رھبر نامو

ھن مثنوي ۾ شاعر شرح غوثيھ ۽ منطق الطير تان مثال وٺي ”وحدت الوجود“ جي اپٽار ٿو ڪري ۽ ھمھ اوسوت جو نعرو ھڻي ٿو. ھو ٻڌائي ٿو تھ: جھڙي طرح چنڊ گرھڻ وقت چنڊ آسمان جي برج ۾ اچي پردي ۾ ٿو رھي، تھڙيءَ طرح انسان بھ پنھنجي ھستيءَ جي ڪڪر ۾ گم ٿي ٿو وڃي ۽ نظر نٿو اچي. سندس عقيدي موجب روحاني نور ڪجھھ وقت لاءِ جسماني ڪوٽ ۾ گم ٿي ٿو وڃي. ان کي انھيءَ خاڪي پڃري کان ٻاھر ڪبو، تھ ڪثرت جا سمورا ڪوٽ ڊھي ويندا ۽ وحدت وارو ھڪ وجود باقي وڃي بچندو. اھڙي منزل تي پھچڻ لاءِ عشق جي درد جي ضرورت آھي. انھيءَ درد سان معرفت جو در کلي ويندو ۽ عشق جو اعليٰ مرتبو حاصل ٿيندو. انھيءَ درد جي دولت سان طالب ذري مان آفتاب بڻجي ويندو. ھن مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جا سمورا واسطا ٽوڙي، جسماني ناتن کان منھن موڙڻو پوندو، ۽ اھڙو درجو حاصل ڪري سگھبو، جو ھر شيءِ حق بڻجي ويندي. حق کان سواءِ ٻي ڪابھ شيءِ نظر نھ ايندي. ٻيو تھ ڇڏيو پر آدم عليه السلام، جبرائيل عليه السلام، ابليس ۽ حوا بھ انھيءَ ذات جا مختلف روپ نظر ايندا.

جيڪي آھي سو فقط الله آهه،

ھر جڳھھ تي پاڻ بيپرواهھ آهه.

ھن مثنوي ۾ لطيفا بيان ڪري، توحيد جي تبليغ ڪئي وئي آھي. جنھن موجب وحدت ۽ ڪثرت جي ٻيائي کي ٻوڙي، حقيقي وحدانيت ثابت ڪئي وئي آھي، ۽ ڏيکاريو ويو آھي تھ ذات ۽ صفات ۾ ڪو فرق ڪونھي. خالق ۽ مخلوق جو بھ ھڪڙو ئي وجود آھي. دنيا ۽ ان ۾ جو ڪجھھ آھي، سو فقط الاھي ذات جو عڪس آھي. مثال طور انسان سان ان جو پاڇو ھلي ٿو، تھ اھو سندس تابع آھي. ان پاڇي کي ٻيو ڪوبھ وجود ڪونھي.

ھن مثنوي ۾ ”قدري“ ۽ ”جبري“ فرقي جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آھي ۽ ڏيکاريو ويو آھي، تھ قدري پنھنجي مختياري واري عقيدي ۾ خوار ۽ خراب آھي، تھ جبري کي وري پاڻ تي ڪوبھ اختيار ڪونھي، ان ھوندي بھ ”جبري“ کي ”قدري“ تي ترجيح ڏني وئي آھي، ڇو جو ”قدري“ پنھنجي پاڻ ڀروسو ٿو رکي، ۽ ”جبري“ پاڻ کي بيزار ٿي خدا ۾ اعتقاد ٿو رکي، ان لاءِ پاڻيءَ تي ڪک جي ترڻ جو مثال ڏنو ويو آھي،  ۽ سمجھايو يوو آھي تھ ڪک کي ترڻ جي ڪا بھ طاقت ڪانھي. ھو پاڻيءَ جي زور تي ئي تري رھيو آھي. ان کان پوءِ ٻڌايو ويو آھي تھ اڳي پوءِ قدري ۽ جبري ٻنھي فرقن کي ھڪڙي ڳالھھ ڄاڻڻ گھرجي ۽ سمجھڻ کپي تھ:

تنھنجي ھستي ناھي سڀ ڪجھھ يار آهھ،

تون نھ آھين جا بجا دلدار آهھ.

 

عطا محمد حامي

١-  آگسٽ ١٩٨١ع

خيرپور ميرس

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org