سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :10

 

ڪيئن ٿو ھستي ساڻ حاصل ٿئي خدا،

ڇڏ اھا ھستي تھ ھو ناھي جدا.

 

ڪر خدا جي راھ ۾ خود کي تباهه،

ويھھ بڻجي دوجھان جو بادشاهه.

 

جسم جي ھر ڪار کي بيڪار ڄاڻ،

عاشقن کي صرف سوليءَ تي سڃاڻ.

 

خاڪ جي ڪوزي ۾ پاڻي ٿو رھي،

ڪيئن ٿئي ظاھر نھ جي ڪوزو ڀڄي.

 

آب آھين پاڻ کي ڪوزو نھ ڄاڻ،

ڀڃ اھو ڪوزو حقيقت کي سڃاڻ.

 

جسم ڪوزو آھي، پاڻي پاڪ ذات،

ذات کي مخفي رکيو آھي صفات.

 

پاڻ کي ڪوزو بنائي تو ڇڏيو،

خاڪ ۾ خود کي ملائي تو ڇڏيو.

 

آب آھين تون ٺڪر خود کي نھ ڄاڻ،

آفتاب آھين، ڪڪر خود کي نھ ڄاڻ.

 

اڳ ۾ جيڪو آب جاري ٿو رھي،

سو ڦري ازخود ڳڙو ٿي ٿو پوي.

 

جي ڳڙي کي ٿي لڳي ڪوسي ھوا،

جھٽ ڳري ۽ آب بڻجي ٿو صفا.

 

اڳ ۾ توڙي پوءِ پاڻي ٿو رھي،

ڪا گھڙي ساعت ھو صورت ٿو مٽي.

 

اي سڄڻ، ڪر جسم فاني کي فنا،

جيئن حقيقي ذات سان ماڻين بقا.

 

ڀڃ کڻي ھن جسم واري ڪوٽ کي،

شاه بڻجي وڃ ڇڏي ھن اوٽ کي.

 

شيخ جامي جيئن ڏٺو اسرار کي،

جھٽ ڪيائين بند ھر گفتار کي.

 

اڳ لکيائين ٿي ڪتابن جا ڪتاب،

پر ٿيس ھاڻي سمورا بند باب.

 

ھن ڪتابن سان صفا ناتو ڇنو،

ويو لڙھي پاڻي ۾ ان جو ھر پنو.

 

شيخ کي حاصل ٿي حق جي آگھي،

ھن صفا دنيا جي ھر لذت ڇڏي.

 

پيو پتو ان کي جڏھن الله جو،

ٿيو وڃي طالب عبيدالله جو.

 

ان جي ذات آھي کٻي توڙي سڄي،

ھوئي آھي عرش تي ڇا فرش تي.

 

عزم سان ڏس کوهھ ڪيئن ٿو کوٽجي،

اڻ ڏٺل پاڻيءَ کي ٿو ظاھر ڪجي.

 

اڳ ۾ ڪڍجي ٿو مٽي کي سربسر،

پوءِ پاڻي ٿو اچي سڀ کي نظر.

 

ان طرح سان غير تي آڻي يقين،

آب حاصل ٿو ڪجي کوٽي زمين.

 

ڪر پري پردو مٽيءَ جو ڏس خدا،

جسم جي اولي کي لاھي پس لقا.

 

ڦاڙ چادر کي ۽ ٿي وڃ بي حجاب،

ابر ۾ آھي لڪل ھي آفتاب.

 

ڇڏ انھيءَ ھستيءَ، کي حاصل ڪر خدا،

پاڻ سان ھر وقت واصل ڪر خدا.

 

پاڻ کان ڪر دور ھي ڪاري بلا،

شھوت ۽ حرص و ھوس واري بلا.

 

جلد ماري ڇڏ ھي شھوت جي بلا،

تون متان ٿئين ھن بلا ۾ مبتلا.

 

ڪيئن ھوا ۾ ٿو ھوا ڪافور ٿئي،

جسم ڪافوري ٿو جھٽ پٽ دور ٿئي.

 

ڪيئن ھوا سان ھيڪڙائي ٿو رکي،

اي سڄڻ! تون ڄاڻ ھن اسرار کي.

 

ذات بڻجڻ سان وڃن ٿيون سڀ صفات،

جسم کان آجو ڪري ٿي جڳ ۾ ذات.

 

مان نٿو کولي ٻڌايان ھي بيان،

ڇو تھ ھت مجبور بڻجي ٿي زبان.

 

مڃ نھ مڃ، منھنجو سخن آھي اھو،

مان ٻڌائي ٿو ڇڏيان رستو سڌو.

 

دينداريءَ ۾ ھيس سالن جا سال،

ھو سدا تسبيح ۾ منھنجو خيال.

 

سر وظيفن ۾ کپائيندو رھيس،

من کي مسجد سان ملائيندو رھيس.

 

زھد تقويٰ ۾ ھيس شام و سحر،

سوز غم جي ڪين ھئي مون کي خبر.

 

بندگي حق جي ڪيم سالن جا سال،

ڪين ھو منھنجو رياضت ۾ مثال.

 

مون ڪيو ٿي ذڪر اثباتي مدام،

آفرين ھر ڪنھن ڪئي ٿي صبح و شام.

 

نيٺ ورتم پير عبدالحق جو در،

جت ڪيم نيڪي بدي کي درگذر.

 

بحر وحدت ۾ ھڻايائين ٽٻي،

پوءِ بخشيائين ھيءَ دولت درد جي.

 

مون تي ايڏي عشق جي امداد ٿي،

دل جو ويرانو ويو آباد ٿي.

 

دينداري جو تڏو پٽجي ويو،

مذھبن سان واسطو مٽجي ويو.

 

ھي مسلماني ڪٿي ۽ مان ڪٿي،

يار جو حسن آھي ھر ھڪ جاءِ تي.

 

ھر طرح ھستي جي سامان کي ڇڏيم،

ڪفر توڙي دين و ايمان کي ڇڏيم.

 

دل الـــــٰھي عشق سان معمور ٿي،

غير جو سودا ويو ڪافور ٿي.

 

خاڪ جي پتلي جي ھستي ٿي فنا،

عشق سان ھر چيز اڏري وئي صفا.

 

عشق جو مھراڻ موجون ٿو ھڻي،

ان جي آڏو ڪير پنھنجو سر کڻي.

 

موج خوني آھي بيشڪ بي پناه،

ڪير سر ڪوڙو ڪري ٿيندو تباه.

 

رت ۾ رڱجي تيز پاڻي ٿو رھي،

پنھنجي خوني وھڪرن سان ٿو وھي.

 

مون کي ان مھراڻ ۾ مرشد وڌو،

غم لٿو نيڪي، بدي ۽ جان جو.

 

جسم جو ڀانڊو توجھھ سان ڀڳو،

ھن ٿيڻ سان جو ھيو سو ھو ٿيو.

 

ڪنھن کي ناھي منھنجي حالت جي خبر،

ٿيا فنا اعمال منھنجا سربسر.

 

مون کي فرمايو ھي منھنجي پيشوا،

پير عبدالحق حقيقي رھنما.

 

ھن مٽيءَ جي مٺ کي پيرن ۾ ڪري،

ھٿ ڪري وٺ جلد حق جي ذات کي.

 

خاڪ جي پتلي کي اڳ ۾ ڏي ڌڪو،

”مان اسان“ وارو حجاب آھي وڏو.

 

ھڪ ٿي ويندا پاڻ ۾ ذات ۽ صفات،

دور ڪر ھر وھم کي ڪر چپ چپات.

 

آفتاب ۽ روشنيءَ کي ڄاڻ ھڪ،

پنھنجو جلوو ٿا پسائين پاڻ ھڪ.

 

جيڪو موجود آھي سو نابود ڪر،

جيڪو نابود آھي سو موجود ڪر.

 

پاڻ ماري پاڻ کي موجود ڪر،

ھوڏ ھستيءَ ڄو ھجڻ نابود ڪر.

 

ھن فنا مان جلد حاصل ڪر بقا،

وٺ مزو ھن مئي جو پس پنھنجو لقا.

 

مھربانيون پير جون ڪھڙيون لکان،

جنھن ڪيا ايڏا ڪرم منھنجي مٿان.

 

جڳ ۾ اھڙو ڪير بڻجي ٿو سگھي،

لامڪان تي جو رسائي ٿو ڇڏي.

 

جسم و جان و دين و دل کي ھت ڇڏي،

خاڪبازي کان مٿي ڪر پاڻ کي.

 

لامڪان تائين وڃي پرواز ڪر،

جيئن پوي ھر راز جي توکي خبر.

 

خاڪ جي ھستي کي جلدي دور ڪر،

پاڻ پنھنجو نور سان معمور ڪر.

 

رک مٿي مخلوق کان پنھنجو خيال،

عرشق و ڪرسيءَ کي ڪري ڇڏ پائمال.

 

دار تي منصور جيئن ھمسوار ٿي،

دم انالحق جو ھڻي نروار ٿي.

 

جابجا تون ئي ٿو ڏسجين سر بسر،

تن بدن واري ٻيائي دور ڪر.

 

تون ئي تون آھين اکين آڏو سدا،

پاڻ کي ڏس، دور ڪر دوئي صفا.

 

ڄاڻ صورت کان سواءِ پنھنجو جمال،

پاڻ جيئن حاصل ڪرين پنھنجو ڪمال.

 

ڇڏ وڃائي پنھنجي ھستيءَ جو وبال،

رک نظر ۾ صرف پنھنجو ئي خيال.

 

پاڻ کي پنھنجي نظر ۾ محو ڪر،

جيئن ڏسين درگاه رب جي سربسر.

 

پٽ وري دل جي نگاھن جي دري،

ماڻ ويھي دوجھان جي سروري.

 

جسم کي گم ڪر نگاھن کي سڃاڻ،

عقل ۾ ايندي نھ ھن معنيٰ جي ڄاڻ.

 

گم ڪري ڇڏ خاڪ جي پتلي جو گوڙ،

بحر وحدت جي ۾ ان کي جلد ٻوڙ.

 

تنھنجي اندر جي اکين ۾ ھرزمان،

نور جو ھڪ بحر آھي بيڪران.

 

پاڻ کي ھن بحر ۾ داخل ڪري،

ڪر فنا ھن خاڪ واري جسم کي.

 

تنھنجي ھستي آھي خيمو خاڪ جو،

تون انھيءَ خيمي کي ڦاڙي ڪر ڦٽو.

 

آھي ان خيمي جي اندر حق جي ذات،

ڏس انھيءَ کي ڪر مٽيءَ جي مٺ کي ماٺ.

 

ڪر يقين ٻيو ناھي ھو توکان سوا،

پاڻ کي ڄاڻي سڃاڻي پس لقا.

 

تون ڪڏھن اڏرين ٿو ھر ھڪ عرش تي،

پر ڪڏھن ڦيرا ڏئين ٿو فرش تي.

 

تون گداگر، بادشاھ ۽ وزير،

تون ئي دربان، تون ئي بڻجين ٿو امير.

 

جو ڪجھھ آھي، تون ئي آھين جابجا،

وچ ۾ آھي ڪين ٻيو توکان سوا.

 

جيئن جو پنھنجا پر ھلائي ٿو خيال،

لامڪان تائين پڄائي ٿو خيال.

 

آھي موجان موج ھردم بحر ۾،

سربسر سالڪ لڙھي ٿو لھر ۾.

 

زور سان ھڪ موج ٻاھر ٿي ڪڍيس،

ٻي ٿڦڙي ماري تري م ٿي ھنيس.

 

ھو ڪڏھن اندر ڪڏھن ٻاھر وڃي،

جھٽ لڙھي لھرين ۾ ان جو سر وڃي.

 

بحر سارو نور جو آڙاھ آھ،

ڪير ويندو جنھن کي پيارو ساھ آھ.

 

جو وڃي ويجھو وڃائي پنھنجو ساھ،

جان پنھنجيءَ کي جلائي ٿئي تباھ.

 

بحر اعظم جو عجب آھي لقا،

ان کي ناھي ابتدا ۽ انتھا.

 

بحر اعظم آھي بيشڪ بي ڪنار،

ڪين ٿيندو ان جي موجن جو شمار.

 

ان جي موجن ۾ جڏھن پھتو خيال،

موج سان ٿي موج ويو منھنجو خيال.

 

ان خيالي موج جو آھي لقا،

جيڪا پاڻي ٿي وھي ٿي جابجا.

 

منھنجي اھڙي گردش احوال آھ،

حال کان ٻاھر ھي منھنجو حال آھ.

 

ھن طرح ظاھر ڪيان ٿو حال کي،

جيئن پڇاڙي جو پتو جڳ کي پوي.

 

ناھي ٻيو ڪجھھ بحر اعظم کان سوا،

موج ۾ ھڪ موج آڻي ٿي صفا.

 

بحر جي موجن جي طغياني ڏٺم،
موج بڻجي خود پريشاني ڏٺم.

 

ھت مزو ۽ معرفت آھن مدام،

جسم جو ۽ جان جو ناھي مقام.

 

ڪير آھي معرفت جي عيش سان،

ڪنھن کي طاقت ناھي جو کولي زبان.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org