سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات ناز

صفحو :2

عشق:

مير صاحب وليعهدي جي زماني کان وٺي دنيوي زندگي جي لاهين چاڙهين کان واقف ٿي چڪو هو. يورپ ۽ هندستان جي مختلف شهرن جو سير ڪري ڪافي تجربو حاصل ڪيو هئائين. سندس دل جوش ۽ جذبي سان ڀريل ۽ سندس دماغ بهترين صلاحيتن سان سينگاريل هو. سندس رڳن ۾ روح ۽ خون ۾ گرمي هئي. سندس ذات ۾ قوم ۽ وطن جي بهتري لاءِ وڏيون اميدون هيون. کيس به پنهنجي رياست کي هڪ مثالي رياست بڻائڻ جو خيال هو، مگر قدرت جو ارادو ڪجهه ٻيءَ طرح هو. مير صاحب اوچتو ئي اوچتو عشق جي اري ۾ اچي ويو ۽ محبت جي تيرن سان زخمي ٿي پيو[1]. لاهور جي هڪ ڳائڻي اقبال بيگم عرف بالي سان اک اڙجي ويس. طالب ۽ مطلوب ملي ملاقاتيون ڪيون. مير صاحب جون اکيون مائي صاحبه ۾ ۽ مائي صاحبه جون مير صاحب جي دولت ۾ کُپي ويون. ٿورن ئي ڏينهن ۾، مائٽن سان ملڻ جو بهانو ڪري، مير صاحب جو اَرڪو ترڪو کڻي لاهور هلي وئي. مير صاحب جي وڏن کان ورثي ۾ مليل اٺن لکن جا هيرا ۽ جواهر هضم ٿي ويا[2].

هن پنهنجي طرفان وڏا وس ڪيا ۽ حيلا هلايا. ميڙون منٿون ڪيون ۽ ماڻهو موڪليا. نيٺ بمبئي جي گورنر کي درخواست ڪيائين[3]. مگر ڪجهه نه وريو ۽ جدائي جي باهه ۾ جلندو رهيو. نيٺ ورهن جي وڇوڙي کان پوءِ مير صاحب جي آهُن اثر ڪيو ۽ مائي صاحبه آڻ مڃي، هيرامنڊي مان نڪري هَزهائينس بڻجي وئي. مير صاحب جي من جون مرادون پوريون ٿيون ۽ هو موج ۽ مزي سان محبت جون منزلون طئي ڪرڻ لڳو. هُو پنج ڇهه سال پريم رَس پيئندو رهيو، ته وري اوچتو هڪ ٻي جاءِ تي اکيون اڙائي ويٺو. هيءَ ڪوٽ ڏيجيءَ جي هڪ لوڪل لاڏلي بيبي سَتڻ هئي[4]، جنهن جي هٿ ڪرڻ ۾ مير صاحب کي گهڻي تڪليف ڪانه ٿي. ان هوندي به اهو دل جو معاملو هو ۽ ساڳئي وقت تي ٻن مرڪزن جو طواف ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. اهو کيس به احساس هو ۽ هڪ دفعي چئي ڏنائين[5].

دل ڇڏيان دلبر ڇڏيان يا حال دل جو چئي ڇڏيان

هن مونجهه مونجهاري وڌو مان هو ڇڏيان يا هي ڇڏيان

ٻن طرف کان موچڙا هن عشق جا سر تي کُتا

پوءِ ڀلي مون کي لڳن نڪي هو ڇڏيان نڪي هي ڇڏيان.

مير صاحب جو سالو ميان بگو سَوَن جا نوٽ سُلفي ۾ وجهي ساڙڻ لڳو ۽ ٻيا گلم جاتو بچي ۽ درٻاري دلال اهڙين فضول خرچيون ڪرڻ لڳا، جو خزانو خالي ٿيڻ لڳو، ايتري قدر جو ڪجهه مهينا سرڪاري ملازمن کي پگهار نه ملي سگهيو[6]. اهو حال ڏسي، برطانيه سرڪار وزارت جو عهدو ڪڍي، رياست جي حڪومت جو انتظام هڪ ڪائونسل جي حوالي ڪيو.

ان ڪري مير صاحب جا اختيارات گهٽجي ويا ۽ سندس جيب خرچ لاءِ به ماهوار لوازمو مقرر ٿيو. هن وڏي ڊڪ ڊوڙ کان پوءِ ٻن ٽن سالن ۾ اها ڪائونسل ختم ڪرائي وزير ورتو. ڪائونسل جي ناڪامي کان پوءِ هو صرف آئيني سربراهه رهيو ۽ حڪومت جو سارو ڪاروبار انگريز وزير جي هٿ ۾ رهيو[7]. محدود پگهار مان مير صاحب جي خرچ جو پورائو ٿي نه سگهيو ۽ هو ڏاڍو ڏکيو وقت گذارڻ لڳو. هڪ طرف عشق جو ڪاروبار ۽ ٻئي طرف اختيارات جي ڪمي ۽ تنگدستي، سندس زندگي کي زهر بڻائي ڇڏيو. پنهنجي غم غلط ڪرڻ لاءِ هو سارو وقت شعر و شاعري، راڳ ويراڳ ۽ شيل شڪار ۾ صرف ڪرڻ لڳو[8].

وفات:

مير صاحب زندگي جا تلخ تجربا پورا ڪري 25 ڊسمبر 1935ع تي وفات ڪري ويو. سندس لاش کي ٻه سال امانت طور ڪوٽ ڏيجي جي امام بارگاهه ۾ رکيو ويو، جتان 19، فيبروري، 1937ع تي ڪربلا موڪليو ويو[9].

مير صاحب جي وفات تي ڪيترن ئي شاعرن مرثيا لکيا، جن مان فقير هدايت علي تارڪ، نواب گل محمد خان زيب ۽ ضمير حسين شاهه جا مرثيا مشهور آهن. فقير هدايت علي تارڪ جي عربي ۾ لکيل قطع تاريخ جا هيٺيان شعر به ذڪر جي قابل آهن[10]:

مير ”علي نواز“ وَحدُ فاضل  1354هه

قد قال فوته غيب من الالم

قل بفتتا وصول من فوته لنا

سنته بقال سِرُ من خلوت القدم

سڀاءُ:

مير صاحب نهايت حليم ۽ سادي طبيعت وارو انسان هو. سندس آمدني جو وڏو حصو فقيرن ۽ مسڪينن جي امداد ۾ خرچ ٿي ويندو هو[11]. هو وڏو خرچائو، سخي مرد، عاشق مزاج ۽ حضور شرم ماڻهو هو. ڪڏهن ڪڏهن اميري سان گڏ فقيري به اختيار ڪندو هو. بدن تي گيڙو ڪفني، مٿو اگهاڙو، هٿ ۾ يڪتارو ۽ زبان تي رندي ڪلام هوندا هيس. ويرانن ۾ جُهوپڙيون لڳي وينديون هيون ۽ جهوپڙين ۾ عاشقانه صدائون بلند ڪندو هو[12].

شاعري:

مير علي نواز خان بنيادي طور تي هڪ جذباتي ۽ عاشقانه مزاج جو ماڻهو هو. سنڌ کان ٻاهر هندستان جي جدا جدا جڳهن، ۽ يورپ، ايران ۽ مصر جي مختلف شهرن جو سير ڪري، فطرت جو وڏو مطالعو ڪيو هئائين. ان کان سواءِ گهر ٻار کان وڇڙي وڃڻ، ڪافي وقت جي شفقت کان محروم رهڻ، ۽ عشق جي اَري ۾ اچڻ ڪري سندس دُکي دل مان دانهون نڪرڻ لڳيون. دراصل اهي دانهون پرت جون پچارون بڻجي، سندس دلي جذبن جي ترجماني ڪرڻ لڳيون، ۽ موزون لفظن جي سانچي ۾ اچي شعر بڻجي ويون. هو وڇوڙي جا ورلاپ ڪندي هڪ سٺو شاعر ٿي ويو. غم غلط ڪرڻ لاءِ سخن جي مشق جاري رکيائين، ۽ شاعري ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. سندس تخلص ناز هو ۽ آغا شاعر قزلباش دهلوي جو شاگرد هو.

مذهب:

مير صاحب پنهنجن وڏن وانگر مذهب جو شيعو هو، پر تنگدلي، تعصب ۽ فرقه بندي کان آجو هو. هو وڏي دل وارو، روادار ۽ هرڪنهن سان هڪجهڙو ٿي هلڻ وارو ماڻهو هو. سندس ڪچهري ۾ هر مذهب واري ماڻهوءَ کي رسائي هئي. رياست ۾ جيڪي به سُني مذهب وارن جون درگاهون آهن، تن جي سجاده نشين سان سٺا تعلقات هيس، ۽ انهن سڀني درگاهن جي سرپرستي ڪندو هو.

هڪ دفعي، 5 اپريل 1935ع تي ٺيڙهيءَ جي مدرسي ۾ پاڻ وڃي امداد ڏنائين، ۽ وزيٽرس بوڪ ۾ نوٽ لکيائين، جنهن جو ڪجهه حصو هيٺ ڏجي ٿو[13].

”اڄ ٺيڙهيءَ جي مدرسي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ وڏي خوشي حاصل ٿي. مان پنهنجي وزير کي حڪم ڏيندس ته هو مدرسي کي هر طرح جي امداد ڪندو رهي. اهو مدرسو اسلامي رياست جو شان آهي، جنهن کي برقرار رکڻ، رياست جي هر حاڪم جو فرض آهي.“

مير صاحب هڪ درويش ماڻهو هو. کيس مذهبي ڇڪتاڻ کان تڪليف ٿيندي هئي. سندس دلي تمنا هوندي هئي ته سُنين ۽ شيعن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ گهرجي. ان لاءِ راڻيپور جي مشهور اديب ۽ عالم مولانا حڪيم محمد صادق جي مدد سان هڪ اردو رسالو ”دعوت الاعتضام بدين الله الاسلام“ شايع ڪرايائين، ۽ ”دين الله“ نالي هڪ خدائي تحريڪ جو بنياد رکيائين. هن تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هر فرقي جي مسلمان کي عام دعوت ڏني وئي. افسوس جو اها تحريڪ شهنشاهه اڪبر جي ”دين الاهي“ وانگر ڪامياب ٿي نه سگهي ۽ مير صاحب جي وفات بعد ختم ٿي وئي.

شخصيت:

مير علي نواز خان معمولي شخصيت جو ماڻهو نه هو. سندس خاندان کي عرب ۽ عجم جون اهم خصوصيتون ورثي ۾ مليل هيون. هو صورت جو سهڻو ۽ سيرت جو من مُهڻو هو. سندس اٿڻي ويهڻي اميراڻي ۽ رهڻي ڪهڻي شريفاڻي هئي. هو نهايت شاندار نموني سان رهندو هو. کيس پنهنجين خانداني روايتن سان پيار هوندو هو. هو غيرتمندي ۽ خودداريءَ جو پتلو هو. ننڍن کي پيار ڏيندو هو ۽ وڏن جي عزت ڪندو هو. کيس دوستن جو وڏو خيال رهندو هو ۽ دوست نوازي سندس طبيعت جو اهم جُزو هئي.

مير صاحب کي منڍ کان وٺي صحيح تعليم جو ماحول مليو. سندس استاد ان وقت جي علمي، مذهبي ۽ روحاني زندگي ۾ وڏي اهميت جا مالڪ هئا. هنن مير صاحب کي رڳو رسمي طور تي نه پڙهايو، پر سندس سکيا ۾ پوري دلچسپي به ورتائون انهيءَ سکيا جي ڪري مير صاحب کي عمر ڀر مذهب ۽ مذهبي معاملن سان دلچسپي رهي. کيس استادن کان سواءِ ٻين به وڏن وڏن عالمن ۽ اديبن جون صحبتون نصيب ٿيون، جن جي ڪري ديني علمن جي ڪافي ڄاڻ حاصل ٿيس، مگر هو انهن علمن ۾ ڪمال حاصل ڪري نه سگهيو، ڇو جو سندس مزاج روماني هو. سندس جذباتي طبيعت ڪنهن به هڪ جڳهه تي ڄمي نه سگهي، ۽ هو پاڻ کي مختلف علمن جي مطالعي ۾ محو رکي نه سگهيو.

مير صاحب هڪ عالم ۽ مفڪر بڻجي نه سگهيو، تنهن ڪري سندس شخصيت ۾ غير معمولي ڳالهيون تمام گهٽ آهن. هن وٽ هڪ عام ماڻهو هجڻ هڪ وڏي ڳالهه ۽ دوستي هڪ وڏو انعام هو. هو آدميت جو پرستار ۽ انساني فطرت جو وڏو واقفڪار هو. کيس ڪتابي علم جي بدران فطرت جو مطالعو وڌيڪ وڻندو هو. هو انساني زندگي جي رازن ۽ رمزن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو، ۽ انهيءَ صورتحال کيس انسان دوست بڻائي ڇڏيو هو.

مير صاحب هڪ رند، آزاد خيال ۽ سيلاني مزاج جو ماڻهو هو. ان هوندي به سندس طبيعت ۾ ڇڙواڳي نه هئي. سندس زندگي ۾ هڪ قسم جو نظام هو. کيس عمر ڀر پنهنجين ذميدارين جو احساس رهيو. پنهنجي خاندان ۽ گهر سان دلچسپي رکيائين، ٻارن ٻچن سان پيار ڪيائين ۽ سندن خيال رکيائين. هو هڪ سٺو پيءُ، سٺو شوهر ۽ سٺو عزيز هو. هر ڪنهن سان سٺو برتاءُ رکندو هو. ڪڏهن به ڪنهن دوست سان ناراض نه ٿيو. ڪنهن ماڻهوءَ کي نه رنجايائين، ڪنهن کي گهٽ وڌ نه چيائين، ۽ ڪنهن جي به دل نه ڏُکايائين. هو دل جو درياهه، هٿ جو ڇُٽل ۽ سخي مرد هو. سندس دسترخوان تي راڄ پلندا هئا، ۽ آيو ويو پيو کائيندو هو.

مير صاحب هڪ عاشق مزاج ماڻهو به هو. سندس جواني ديواني هئي، جنهن کيس عشق جي آکاڙي ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو. عشق جو نتيجو اهو ٿيو جيڪو ٿيندو آهي، يعني عمر ڀر محروميون ۽ ناڪاميون ڏٺائين.

مير صاحب مذهبي ماڻهو هوندي به تنگ نظر نه هو. مذهبي اختلاف سندس رستي ۾ رنڊڪ وجهي نٿي سگهيا. شيعن، سنين مقلدن ۽ غير مقلدن سڀني سان سندس دوستي هئي. مطلب ته هو هڪ آزاد خيال ۽ رک رکاءَ وارو ماڻهو هو ۽ هر انسان جي عزت ڪرڻ فرض سمجهندو هو.

هن کي توحيد تي ايمان هو ۽ رسول مقبول ۽ اهليت جي عشق سان سرشار هو. وٽس اسلامي اصولن کي وڏي اهميت هئي. هو شريعت جو قائل ۽ سچو مسلمان هو. اهو سڀ ڪجهه سچ آهي مگر دينداري سندس عاشقي کان اڳتي وڌي نه سگهي. هن وٽ هڪڙي ئي وقت تي دين ۽ عشق ٻنهي جا سلسلا جاري هيا. هن پرهيزگارن بڻجڻ چاهيو، مگر محبوبن جي دام مان نڪري نه سگهيو. هن کي مسجد جي سِڪ هئي، پر بتخاني جي ڇڪ کان به بچي نه سگهيو. بهرحال هو محبت جو بندو هو. وٽس خلوص ئي خلوص هو. عشق جي لڳاتار صدمن سندس شخصيت ۾ درد ۽ غم کي پيدا ڪيو، ليڪن اهي درد ۽ غم کيس زندگي کان بيزار ڪري نه سگهيا. هو زندگي ۾ دلچسپي وٺندو رهيو ۽ پاڻ کي هڪ مُڙس ماڻهو ثابت ڪيائين.

همعصر شاعر ۽ دوست:

مير علي نواز خان جا هيٺين اديبن ۽ شاعرن سان تمام گهاٽا تعلقات هئا. هو ساڻن قربن ڀريون ڪچهريون ۽ روح رچنديون رهاڻيون ڪندو رهندو هو. اهي سڀيئي وڏا اديب ۽ شاعر هئا ۽ مير صاحب کين پنهنجن دوستن جيتري عزت ڏيندو هو.

1.   مولوي محمد صادق، راڻيپور وارو

2.  نواب گل محمد خان زيب، جهل مگسي وارو

3.  پير سيد ابو محمد صالح شاهه راڻيپور وارو

4.  مخدوم الله بخش عاصي کهڙن وارو

5.   مرزا قليچ بيگ ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد وارو

6.  سيد عابد علي شاهه شيدا خيرپور وارو

7.  سيد ريجهه علي شاهه لڪياري کهڙن وارو

8.  ڦوٽو خان عرف حباب شاهه سوزخوان خيرپور وارو

9.   سيد محمد علي شاهه فاني، ڪوهاٽي، ڪوٽ ڏيجي وارو

10. فقير هدايت علي نجفي، تارڪ لالُو رانوَڪ وارو

11. مير راض محمد خان عاشق ڪوٽ مير محمد خان وارو

12.   مير دوست محمّد خان ڪنڌرن وارو

13. مسٽر عبدالرزاق ميمڻ رفعت نوشهري فيروز وارو

14.سيد مهدي شاهه جهانيان پوٽو پيالي وارو

هيٺيان شاعر مير صاحب جي ڪچهري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندا هئا. هو ڪافي وقت تائين سرڪاري مهمان ٿي رهندا هئا ۽ مير صاحب سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا.

1.   مرزا قربان عيل بيگ ٽنڊي آغا، حيدرآباد وارو

2.  مرزا مدد علي بيگ ٽنڊي آغا وارو

3.  فقير غلام سرور قادري لاڙڪاڻي وارو

4.  ميان شمس الدين بلبل ميهڙ وارو

5.   ميان محمد هاشم مخلص ٽکڙ وارو

6.  الهيار فقير مري، ٽنڊي نظر علي خان وارو

7.  پير علي محمّد شاهه عرف علي سائين ڏانوري وارو

8.  سيد حڪيم امير علي شاهه فتحپور وارو

9.  پير سيد اميرالدين شاهه امير، گمبٽ وارو

10.سيد ڇتن شاهه، خيرپور وارو

11. پيرل فقير ڦلپوٽو ڏانوري وارو

12. فقر الهرکيو کوکر خيرپور وارو

13.ميان حاجي محمّد مفتون خيرپور وارو

14. ميان نورل فقير حاجاڻو خيرپور وارو

15.ميان قادر بخش حقير ٺُل وارو

اردو شاعرن مان آغا شاعر قزلباش، مولانا سُها ۽ حفيظ جالنڌري مير صاحب جا مداح ۽ درباري شاعر هئا، ۽ سندس ادبي ڪچهرين جي رونق ۾ اضافو آڻيندا رهندا هئا. آغا شاعر قزلباش مير صاحب جي اردو ڪلام جي اصلاح به ڪندو هو. انهن کان سواءِ هيٺيان اديب ۽ شاعر به خيرپور جي درٻار ۾ ايندڙ هئا ۽ مير صاحب کين وڏي عزت ڏيندو هو:

1.   مولانا شميم امروهوي

2.  ڊاڪٽر عبدالحق

3.  مولانا حسن نظامي

4.  مولانا حسرت موهاني

5.   حڪيم محمّد شجاع

6.  مولانا عظيم المحسن لکنوي

7.  مولانا صفي لکنوي

8.  مولانا محمود الحسن دهلوي

9.  مولانا ذاخر صاحب

10.خيال لکنوي

11.مير بشارت علي زيدي.

تصنيفات:

مير علي نواز خان ”ناز“ جون نثر ۽ نظم ۾ هيٺيون تصنيفات آهن:

1.      خلوت عشق: هن ڪتاب ۾ مير صاحب جون سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون آهن. هي ڪتاب ٻه دفعا ڇپيو آهي. پهرين ڇاپي ۾ اٺيتاليهه ڪافيون آهن، ۽ ٻئي ڇاپي ۾ ڏهه ڪافيون وڌيڪ آهن. ٻئي ڇاپي ۾ ڪافين جي ترتيب به بدليل آهي. پهريون ڇاپو علمي پريس لاهور مان ۽ ٻيو ڇاپو موتي پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد مان شايع ٿيو آهي.

2.      طوفاني عشق: هن ڪتاب ۾ به سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون آهن. ڪافين جو تعداد ڇائيتاليهه آهي. هي ڪتاب 1931ع ۾ سرائي ڇتل خان ڪوهنور پريس ڪراچيءَ مان ڇاپرايو هو.

3.      آتش عشق: هي ڪتاب منشي مولا بخش ”همدم“ ليٿو پريس اولڊ جيل روڊ ڪراچيءَ مان 1933ع ۾ ڇاپرايو هو. هن ۾ به هڪ سئو ڇويهه سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون آهن.

4.                 بياض ناز: هي ڪتاب (قلمي) مير صاحب پنهنجي

بيگم بالي کي ڏنو هو. بيگم صاحبه مير صاحب جي وفات کان گهڻو پوءِ مشهور اديب ۽ شاعر نسيم امروهوي کي عطا ڪيو هو، جنهن وري قومي عجائب گهر ڪراچي جي حوالي ڪري ڇڏيو. هن ۾ پنج ڊگها نظم، هڪ دوهڙو ۽ چوهٺ ڪافيون آهن، جن مان ڇائيتاليهه ڪافيون ڪتاب ”آتش عشق“ مان ورتل آهن ۽ باقي ارڙهن اڻ ڇپيل ڪافيون ڪليات ۾ داخل ڪيون ويون آهن.

5.      خمڪده خيام مئڪده ناز: هن ڪتاب ۾ ايران جي مشهور شاعر شيخ مولا بخش خان مئنيجر فيض پريس خيرپور 1930ع ۾ پنهنجي پريس مان شايع ڪيو.

6.      گنجنيئه خِرد: هن ڪتاب ۾ مير صاحب جون ايڪهتر طبعزاد رباعيون آهن. هي ڪتاب سرائي ڇتل خان ايجوڪيشنل پريس ڪراچيءَ مان ڇاپرايو هو. ڪتاب تي اشاعت جي تاريخ يا سال ڪونهي. هن ڪتاب جو فارسي ۾ منظوم ترجمو فقير هدايت علي نجفي (تارڪ) لعلُو رانوَڪ واري ڪيو آهي.

7.      گلدستئه ناز: هي ڪتاب مير صاحب جي اردو غزلن تي مشتمل اهي، جيڪو 1924ع ۾ نور پريس دهلي مان شايع ٿيو هو.

8.      ڪليات ناز (اردو): هن ڪتاب ۾ مير صاحب جا اردو غزل، سلام، قصيدا ۽ مرثيا آهن. اهو ڪتاب جناب نسيم امروهوي آفسٽ پريس ڪراچي مان ڇاپرايو آهي. ڪتاب تي اشاعت جو سال ڪونهي.

9.      سياحت يورپ: هي ڪتاب انگريزي ۽ اردو ٻنهي زبانن ۾ آهي. منجهس يورپ جي سفر جو بان آهي. هي ڪتاب گهڻي ڪوشش جي باوجود هٿ اچي نه سگهيو.

10.     داستان ليليٰ مجنون: هي ڪتاب نثر ۾ آهي. هڪ صفحي تي اردو ۽ ٻئي صفحي تي ان جو انگريزي ترجمو ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ليليٰ ۽ مجنون جي هڪ خيال تصوير ڏيئي ان تي تبصرو ڪيو ويو آهي. اهو آرمي پريس لاهور مان شايع ٿيل آهي.

 


[1] . ساليانه ائڊمنسٽريشن رپورٽ خيرپور، 1923ع.

[2] . امداد علي خان سرائي: ”سهاڳن جو احوال،“ قلمي، مملوڪه سرائي غلام شبير خان، ساڪن ٽالپر وڏا.

[3] . خوشتر گرامي: ”بڙي آدميون ڪا عشق“، پريم شاستر بوڪ ڊپو لاهور، 1937ع ص113.

[4] . زباني روايت وڏيرو احمد بخش خان سوهو، ساڪن ڳوٺ مولڙو، سابق توشڪي مير علي نواز خان مرحوم.

[5] . مير صاحب جي ڪافين جو ڪتاب ”طوفان عشق“.

[6] . زباني روايت وڏيرو احمد بخش خان، سابق توشڪي مير صاحب.

[7] . دين محمد وفائي، مولانا: خيرپور رياست جي تاريخ“، قلمي مسودو، ص183.

[8] . امير علي شاهه، سيد: ”خيرپور رياست جي تاريخ“، قلمي مسودو، ص102.

[9] . امير علي شاهه، سيد: ”خيرپور رياست جي تاريخ“ قلمي مسودو، ص183.

[10] . هدايت علي تارڪ: ”برهه جي بندي“، قلمي مسودو، مملوڪ ڊاڪٽر نواز علي خان بلوچ.

[11] . نسيم امروهوي: ”تاريخ خيرپور،“ حوالو ڏنل آهي، ص105.

[12] . علي محمد شاهه، پير: ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، حوالو ڏنل آهي، ص47.

[13] . وزيٽرس بوڪ مدرسه دارالهديٰ، ٺيڙهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org