سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات ناز

صفحو :13

گنجينئه خِرَد

ربَاعيات ناز

صياد فلڪ

نيرنگِ حيات

خونِ شرافت

من تصنيف لسان الغيب

حضرت ناز

نَقشئه سرمدي

 (1)

هر شخص ته واقف نه آ، از اسرار مئي جام

ڇو مُرده دلين جي اڳتئون، راز ڪجي طشت از بام

زاهد کي خبر نه آ خدا جي بَخُدا

نادان جي اڳتئون راز کولڻ به آ خام

(2)

دلبر جي ڪڏهن مِهر ڪڏهن ناز ڪڏهن جورو جفا

سئو طرح جا ڏيکارا ها هن جا جلوا

آغوش نظر کولي جو بغلگير رکين ها

ٿيان هان نه ڪڏهن توکئون دم ڀر ڀي جدا

(3)

گناهن کئون مان پاتو آهي فضل توکئون

۽ توبهه گناهن کئون مليو رستو هي توکئون

زيادهه گناهن کئون آهن ڪرم تنهنجا رب

دنيا کي ڏٺو ۽ سڀ کي ڄاتو توکئون

(4)

هن دشت ۾ موت جو پُٺتئون آ جنجال

هن دولت زرو مال جو وڏو آ جنجال

اول محنت ۽ آخر حسرت

هي مال ڪندو آخر توکي پامال

(5)

دنيا جو هر هڪ عقدو تو مُون سان کوليو

مشڪل ۾ ڪنهين ساٿ نه منهنجو آ ڏنو

حَقداني ۽ انصاف کي پاتم نه ڪٿي

چڱيءَ طرح سڀ کي آزمايو ۽ ڏٺو

(6)

نه ڪر نه ڪر فڪر تون باز آ باز آ

هن خام خيالن کئون اي دل باز آ باز آ

فڪر دنيا جو ۽ شادماني جي اميد

ٿيندو نه ڪڏهن وصل نه و اصل باز آ باز آ

(7)

ميدان تجربي ۾ اي بار خدا

هر چڱي ۽ بُري ۾ گهڻا ڪم اٽڪيا

پر توکان سوا منهنجي نه سُڻي ڪنهن آ فرياد

پوءِ گهڻا دوست پنهنجا اسان سڃاتا ۽ ڏٺا

(8)

جنهن جا دلبر ۽ ساغر به هُجي ته آ دل کي لگن

دل جو اهو آ مسڪن ۽ اهو پنهنجو وطن

گر باده پرست ۽ مست تو سمجهيو مون کي

پر سوا دلبر جي دنيا ۾ نه آهي لطف جيئڻ

(9)

هر نيڪ ۽ بد کي هاڻي آ سمجهيو

هر گل ۽ هر خار کولي هاڻي ڏٺو

هر شخص جو رنگ نرالو ڪم يا بيش

سوني جي طرح ڪسوٽي تي جڏهن مان آ پرکيو

(10)

دلبر سان هو بهار و باغ و صحرا

ذوقِ سخن ۽ الفت و جام مينا

آخر نه رهيو دلبر نه رنگِ سخن

مينا ۽ فلڪ ڪيا جام هستي اُلٽا

(11)

پايو اگر دنيا ۾ نام نامِ جفا

يا مهر محبت يا گل بُوئي وفا

ڪجهه سمجهيو نه راز هي خلقت خالق جو

ٻئي هِن خدا جي هٿ آ قسم خدا

(12)

رک خلق ”ناز“ نه اميدي ياري

آ خشڪ شجر ڪندو ڪهڙي سايه داري

عزّت کي سنڀال نه ڪر پنهنجي خواري

(13)

اي پرده نشين جلوو ڏيکار آ سامڻي آ

آ فڪر اهو توسان ملان مان ڪنهن جاءِ

جيءَ ۾ آ سيني سان جلد مان لايان توکي

هاڻي پردي ۾ هوندي خودنمائي تا به ڪجا

(14)

دنيا وارن کي آ فڪر هر وقت دينار

آپس ۾ نه اٿن ڪا خُود محبت زنهار

وڇون ۽ نانگ وانگر ڪر خوف هنن کئون ”ناز“

هنن کئون  ڊڄ جو هنن ۾ آهن ڏنگ ۽ خار

(15)

آهي سڀ جي خوشي حصول دين دنيا جو

ٻنهي کئون نجات ڏئي هي آ ارمان منهنجو

پنهنجو هي بناءِ مون کي آ منهنجي حسرت

پردي کان نِڪر ٻاهر ڏي جلوو پنهنجو

(16)

وٺ ساقئي ڪوثر کئون شرابِ گل فام

پي شوق سان پيرئي ۾ جام آرام

هن گيسوئي دنيا ۾ اسيري بيڪار

ٿي دام کئون رِها ۽ وٺ خدا جو نام

(17)

مشهور آ تنهنجي دلربائي هرجا

بي مثل آ شانِ آشنائي هرجا

عاشق هان هِن ادا جو تنهنجو

”ناز“ پردي ۾ به آهي جلوه نمائي هرجا

(18)

هي برقعو جنهن جي پردي ۾ آ زنّار

اندر جنهن جي دغا فتنو مڪر هزار

ڪنڌ تي نه وِجهه جو توتي نه پوي

اهو آ بار ندامت جنهن ۾ آ آزار

(19)

ڇا ڇا نه ڏيکاري ٿو دلربائي دلبر

ڇا ڇا نه جتائي ٿو آشنائي دلبر

هر ديدهء مينا آهي تماسو تنهنجو

سئو رنگ سان ڪيو جلوه نمائي دلبر

(20)

جنهن شعلئه يا قوت دل منهنجي کي ڏنو رنگ

وهڻ آ محيط يا شرارو آ منجهه سنگ

هو چور آ ساري دنيا آ غافل

هي معنيٰ رنگين ڪهڙي قدر آ بيرنگ

(21)

جو شخص هن جهان ۾ آ بي همت

لازم آ ڪنهن کئون نه وڍي ڪجهه بجز عبرت

ٿي سڀ کئون جدا ويهي گوشئه تنهائي ۾

هر نيڪ ۽ بد جهان کئون پوءِ رکي وحشت

(22)

هي ڏٺوسِين غم عيش جهان ڪجهه نه رهيو

جنهن فڪر ۾ تون هُئين خالي ڪجهه نه هو

آهن چند دم ساهه جا سرمايو تنهنجو

نقصان نه ڪر نفعو ته دل ڪجهه نه رهيو

(23)

جنهن ۾ ٿي هَوَس اهو آ ناڪام

هڪ داڻي جي خاطر پکي ڦاٿو منجهه دام

هي مال ۽ بال جنهن ۾ لک هن ملال

دنيا جي خاطر نه وڃاءِ پوءِ پنهنجو آرام

(24)

هر نيڪ بد جهان جو مالڪ آ خدا

هن کئون ڪوئي انڪار نه آهي قسم بخدا

باور نه ڪرين تون مگر غور سان ڏس

ڇو قوّتِ شيطان ماڻهو ضعيف ڪيا

(25)

هي وقت شباب شعر انشاء بهتر

۽ عشق مئي دلبر مينا بهتر

اچي ٿي نظر پيريءَ ۾ ترڪ دنيا بهتر

هي لحظ خيال و فڪر عقبيٰ بهتر

(26)

سر جان ڪري فدا جو توتي دوست

زرو مال جو لٽائي پنهنجو توتي دوست

جو گهرجي هو بي عذر حواله ۾ ڪري

تون ڪنهن به وقت هن جي ڪم نه آئين اي دوست

(27)

خود پسندي ۾ ڪڏهن آ آسودگي آئي خود پسند

پست همت جو ڪيئن ٿيندو مرتبو آخر بلند

نفعو ڪيئن ملي دنيا ۾ توکي اي دردمند

جو سراپا آ خسارو ڪيئن ٿيندو سُودمند

(28)

دل اگر دانا آ ته پهلو ۾ هردم يار آ

پست همت جو ڪيئن ٿيندو مرتبو آخر بلند

ڪنن ۾ دلبر صدا يا صدائي ذڪر حق

جي زبان گويا هجي ته هر ڳالهه ۾ اسرار آ

(29)

هڪ نان سان ٿو ٿئي شڪم پر انسان

پر حرص هوا سان آ رات ڏينهن نالان

دريا وجود ۾ آ هر وقت طوفان

آ مثل حباب هڪ دم جو مهمان

(30)

آ نفس ستمگار هي پورو شيطان

آ صاف عيان هن کي نه رک تون پنهان

ابليس کئون اسان پاڻ وڌيڪ آهيون ابليس

آ تنهنجي خيلان کئون هو ڀي حيران

(31)

عاشق عشق بت بتگر عيار آ ڪير

دير ڪعبي ۾ ڀلا هن مئون خبردار آ ڪير

اچ گلزار ۾وحدت جي نيرنگي ڏس

غرو ڪر عاشق و معشوق و گل خار آ ڪير

(32)

ممڪن ناهي يار جي جدائي دم ڀر

صرف ڳالهه ۾ نه ٿي آ سچائي منظر

دريا آ هو دل ڪُوزو غلط آ هي ڳالهه

ڏس دريا هي ٿئي ڪُوزي ۾ سمائي ڪيئن ڪر

(33)

هر چند ٿيا خار ۽ گل هڪ زينت باغ

بي يار نه ڀائي بلبل ۽ نه باغ

همرنگ آ لاله منهنجي دل جو خون

هي چشم چراغ باغ ڀي آ پر داغ

(34)

مصيبت جي منهنجي نه ڪا حد نه شمار

هاڻي سڀ ڪوشش ڪرڻي آ بيڪار

فرقت سان نصيب وصل جا نان نه ٿيو

ساري عمر ميسر ٿيو فراق دلدار

(35)

نابود مان بود کئون واقف نه آهيان

آهيان شعلو مگر دُود کئون واقف نه آهيان

جان دل ايمان عزّت ۽ مال

سودو تهڪيم پر سُود کئون  واقف نه آهيان

(36)

جو دوست ڦريو توکئون هن جي ياد ستم آ

سودو هو اهو جنهن جو سرمايو غم آ

نه عمر وڃاءِ پنهنجي بيڪار آ ڪوشش

معشوق بيوفا ۾ اميد هي ڪم آ

(37)

ڪا رڳ آ وفا هن ۾ ته خود ايندو پاڻهئي

جي دل ڪيس اچڻ رايو ته خود ايندو پاڻهئي

ڇو ٿو ڦرين بيوفائن جي ڪاڻ ماريو ماريو

تون ويهه رکي خدا تي هو ايندو پاڻهئي

(38)

بيگناهه يارن ته ڪئي مون سان دورنگي

قرآن بغل ۾ ۽ دل ۾ فرنگي

شطرنج جي مُهرن وانگون هي ويٺا هِن گويا

رکن ٿا هر وقت خيالِ خانه جنگي

(39)

ٻن ڏينهن ڪاڻ فڪر دنيا آ عبث

دلچسپي ۽ آبادي صحرا عبث

هر سانس چل چلا ۾ آ مثلِ نسيم

بهر حرص و هوا تمنا آ عبث

(40)

راضي نه رضا ڪڏهن دل هي ديگير رهيو

ڪڏهن محو خيال فڪر تدبير رهيو

باقي آهي هي هَوَس جواني گذري

حسرت آ جوان ۽ دل پير رهيو

(41)

جلاد آ هن کي مُون سان ڪينو

دل صاف هجي هن جو ڪاش آئينو

جي هٿ وڌائي ته قدمن تي ڪِران

جي پُٺتي پوي ته مان نه ڏسان ها سينو

(42)

بخشش هي زياده ڪم هر هڪ جرم و خطا

شرمندو ٿيان مان جو منهنجا ڪم هِن بُرا

هي هڪ گناهه آ منهنجي رهبري ڪئي

ڇا هو منهنجا جُرم ۽ ڪرم تنهنجا وڏا

(43)

جنهن تي آ نظر تنهنجي اهو آهي معبود

لطف و ڪرم غير جي هستي آ بود

مردود تنهنجو نه ٿيندو مقبول

مقبول تنهنجو ٿيندو نه ڪڏهن مردود

(44)

دنيا کئون جدا رهڻ ۾ راحت جان آ

هن رُو زمين تي اهوئي هڪ گنج پنهان آ

غربت جنهن کي چئجي ٿو سو گوهر آ ناياب

هي زينت دريا پر آشوب جهان آ

(45)

رنجيده نه ٿي جي توکي دل ريش ڏنو

خوش ٿي جو گهڻو توکي خود ڪيش ڏنو

هن دولت مصيبت تي ادا ڪر تون شڪر

جو ڪجهه نه ڏنم توکي مون بيش ڏنو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org