سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات ناز

صفحو :11

ڪافي 4

پاڻ ڦُرايو پنهنجو پاڻ، دانهُون دل وري ڇو ڪرين

ڪچو سودو يا ڪچي جو، ڏج جيءَ اندر جندجان

نينهن نماڻوني عشق وارن جو، ڪڍي هر ڪنهن جي لک لک ڪاڻ

ڪهڙو ڏوهه ڏجي هاڻي ڪنهن تي، درد نه ڄاڻن اڻڄاڻ

پاڻ چونڊي ڪَيُوَ پنهنجو سودو، مان نه هيڙس توسان ساڻ

ڏسي وائسي باهه برهه ۾، ”ناز“ ٽپو کاڌو پنهنجو پاڻ

ڪافي 5

مارُو دمدم ياد پون، پون ياد مارن جون ڳالهڙيون

ويٺي ساريان ساهه سڪايان، جهيڙو جيءَ اندر سان لايان ياد اچن ڪي ڳالهڙيون

هار سينگار مان ڪهڙو پايان، حال محرم ڪنهن کي ڀانيان

درد اندر جو ڪيئن سڻايان، ڳالهيون ڏکن والڙيون

روئي روئي نير وهايان، جايون مارن جون خالي پايان

ڏکي دل کي ڪيئن ڌتاريان، ڪيئن جيئن ڏکن والڙيون

ڀاڻا مارن جا خالي ڏسي، ڏکي دل پوي ٿي ڦِسي

رانجهن ويڙو ڪاڏي رُسي، سڻي سمجهي ڳالهڙيون

بيدردن سان ڪهڙي ياري، روئندي روئندي عمر گذاري

مفت سر دردي آهي بيماري، ويٺا سور اندر ۾ پالڙيون

عشق اندر ۾ باهه آ لاتي، دردن دل ۾ هَنئي آ ڪاتي

ڏکي دل آ بيوس ڦاٿي، ڪيئن غمن ڏکن ۾ جالڙيون

دلبر جو ڪو وس نه هلي، دل ئي دل ۾ ويٺو جلي

قسمت وڌو ڪنهن جي پلي، تقدير جون سڀ چالڙيون

”ناز“ نماڻو ڪري ڇا ماڻو، ڄاڻو دلبر يار نه ڄاڻو

ڪهڙيون ڏکن جون ڳالهڙيون

روئي روئي سڪ نه لهي، رانجهن کي وڃي ڪوئي چوي

”ناز“ توکي ڪوئي نه سهي، ڪيئن ڪيان دل جون ڳالهڙيون

ڪافي 6

رب دي حوالي محرم يار وي تون ته مُٺڙي دل دا غمخوار وي

ننڍي لاڪُون حسن وچ رهندا، دل ئي دل وچ سڙ سڙ پچدا

شرم و حيا بيڪار وي

دست درازيان دلبر نوازيان، محرم رازيان نال گذار وي

آندا خالي جاندا خالي، تيڏي محبت ديکي ڀالي

نه تئن تي ڪوئي اعتبار وي

فڪر رنج دليان نُون رهسن، درد غم عاشقان نُون ٺهسن

سر ڏيوڻ تي تيار وي

همت دل دي هار نه ڏيسُون، جٿان رهسُون ياد ڪريسُون

تون ڀي رکين دل وچ يار وي

ڪِتني تائين لوڪ سَتائيسن، ڇوڙ ڇڏڪي اِهي جو وَئيسن

جنيدي هوسُون مِلسُون هڪوار وي

اپني غلطي آپ ڏک ڏيوي، محبت واليان ڪُون ڪون رنج ڏيوي

”ناز“ نه سُڻي سمجهي يار وي

 

ڪافي 7

پنهنجي هٿن سان پاڻ وڃائي، تو ڇو ڇڏيو

قسمت آندو هو ناز تو رُلائي، ڇو ڇڏيو

هر روز ڪيئن مِلن ها، توکي يوسف جهڙا غلام

افسوس قدر يوسف جو، نه زليخا تو ڪيو

عاشق ليليٰ جا ڪيئي، ٿيندا زماني ۾

پر مجنون جهڙو ته پيدا، ٻيو ڪوئي ڪري ڏيو

ماڻهن جي چئي لڳي ڪري، ڪَيَئي ناز سان دغا

پنهنجي وفا کي تو، نه مَدّنظر رکيو

سَهندي نه آهي دنيا، ڪنهن جو ڀاڳ ۽ عُروج

هن ڳالهه جو ڀي توکي، ڌَيان نه آيو ذرو

کِلندا توتي اهي پاڻ جو، هن وقت آهن قريب

تون ڀي پوءِ افسوس ۾، مَليندين هٿ ويٺو

نه چڱائي چڱي لڳي، نصيحت نظر اچي

قسمت جي ڦير جو نه علاج، آ مون کئون ٿيو

ڪافي 8

يا الاهي تون مِلا مُدّت کئون، جو وڇڙيل آهن

درد عشق جا ڪٺل، محبت جا مُٺل آهن

اي زمانا ڪيستائين دشمن ٿيندين، تون مظلوم دل

مجبوري تنهنجي کئون آهن، جدا نه هرگز هو رُٺل آهن

ترس ڪر اي سنگدل هيڻي. منهنجي هن حال تي

مثل آئينه شڪسته دل، ۽ درد جا ٽٽل آهن

انتظار وصل ۾ هي عمر ساري وئي لنگهي

نه ٿيو نصيبن ۾ ملڻ، موت ڏينهن ترسيل آهن

روئي روئي رت اکين مئون، خون دل ڀي خُشڪ ٿيو

”ناز“ ديدن دلبر جي ڪاڻ، اکڙيون رنل آهن

ڪافي 9

دل سمنڊ ڏسي ڇوليون کائي، جگر شمشير تي چڙهيو

يا الاهي هن جدائي جو، ڪيئن هي سج ڏٺو

الوداع جو سِين مشڪل هو ڏسڻ، موت منهنجو ڪٿي بيٺو هو لڪو

جيئري جدائي سڄڻن جي شل نه ٿئي، هن جيترو دنيا ۾ ناهي درد ٻيو

خون جي ڇڪ عمر ۾، مان پهرئين ڏٺي

روئڻ چنبڙڻ پاڻ ۾، مان اڄ ڏٺو

الوداع ڪئين دوستن جي، ڏٺي مان ڪيئي بار

هي نمونو الوداع خون جو، ڪو ٻيو ڏٺو

”ناز“ اهڙي زندگي کئون هاڻي، منهنجي بس ڀلي

هر روز جي درد کئون آهي، ڀلو ڏينهن موت جو

هڪ ضعيفي ٻي بي گهري ٽئين، مفلسي شاهه کي

بي يار محرم راز دنيا ۾، رهڻ ڪهڙو ٿيو

ڪافي 10

نه ڪو ڇَنڊو دل تي وجهي وجهي، هاڻي دل جلي سڙي ٽچڪي

همدرد ڪوئي اڄ ڪنهن جو ناهي، هڪ تڙڦي ٻيو ويٺو کلي کلي

باهه برهه جو کُورو ٻاري، چَوَن سَڙ پَچ هاڻي هِتي هِتي

هرهر قيد ڪرايُئي دل کي، هاڻي عشق ڪهڙو قدر تنهنجو ٿيو ڪٿي ڪٿي

کائڻ پيئڻ جيئڻ وهه ٿيو، ”ناز“ رهي ڏسو اوهان جٿي جٿي

جيڪي ننڊ شرم هِن سُتڙا، ڪيئن جاڳن تو لاءِ ڪٿي ڪٿي

ڪافي 11

ناحق ڏيندي وري طعنه مستانه، نال ديواني ڪيها جهڳڙا جهيڙا

جنگل جوڳي ڀَڳوا ويس وي، ڇوڙ چُڪا مئن اپڻا ديس وي رهندا مثل بيگانه

يار ڪيتوئي ڪر نه ڄاتوئي، بيوفا نال نينهن لاتوئي هُڻ ڄاڻي يار نه ڄاڻي

ڏيکڻ وچ، ڀي درد هي ڏوڙا، جدائي تيڏي جي دا جهورا ڏوجها يار ميڏا اڻ ڄاڻي

ڪافي 12

منهنجي مرڻ کئون پوءِ وري، درد ڇا ڪندين

مجرم ٿيندين تون ڪنهن جو، وري درد ڇا ڪندين

پوءِ ڪير دل ۾ رَکُندئي هو، پنهنجي دل ڏُکي ڪري

ڏيندُئي اچڻ نه ڪوئي پوءِ درد ڇا ڪندين

سَنڌ جيڪوئي تنهنجو ڀڄي، ٿيندو هو پري

ويجهو اچڻ نه ڏيندُئي پوءِ، درد ڇا ڪندين

تنهنجي خوراڪ خونِ جگر، دل جو ٿيندو ڀنو

بُک ۾ مري مري پوءِ درد ڇا ڪندين

ويهڻ اٿڻ جي جاءِ نه، ملندي توکي ذرا

در در ٿيندين خراب پوءِ، درد ڇا ڪندين

افسوس قدر توکي نه هن، دل جو ڪو ٿيو

پنهنجو پاڻ ساڙي گهر کي وري، درد ڇا ڪندين

ڏين ها ڪنهن کي ڀي درد کسي ها، ڪنهن جي ڀي دل

رڳو مون کي ماري درد، وري ڇا ڪندين

منهنجا کسي تو ”ناز“، ڏنا ٻين کي کڻي

پر تنهنجو ناز ڪير سهي پوءِ درد ڇاڪندين

ڪافي 13

بيوفائي جي حُسن توکي آهي سزا ملي

ڪوجهن ۽ ڪملن جي هٿن ۾ سونهن تنهنجي آ رلي

نا ڪرين ها بيوفائي، نا وڃين ها رلي

تنهنجي رلجن ۾ ڀي گڏ منهنجي، جند جان آ رلي

قسمت ڦري منهنجي وري يا، تقدير تنهنجي آ ڦري

اڄ اچي ڪر فيصلو مون ساڻ، گڏ ويهي ملي

ڪيو حاسدن گمراهه توکي، تو ڪيو مان کي تباهه

انصاف دل پنهنجيءَ ۾ ڪر، تون ڀلي يا مان ڀلي

ڇا حقيقت جي ملڻ سان، ڪوئي عزت ۾ فرق ٿئي

”ناز“ جهڙو ڪيئن ملي، ڳوليو ويٺا بيشڪ ڀلي

ڪافي 14

مئن رانجهن رانجهن وتي پُڪاران

ڇِڪيان عشق محبت تاران

پرديس پري هي جنهن دا ديرا

جڏان قادر موڙي مهاران

جهنگل ٻيلي رات اويلي

مئن مَنجهيان تيريان چاريان

دل تيڏي دي سُڌ نه ڪائي

ڪيها حال ڪران لاچاران

نال نادانان ميڏي ياري

ساري عمر اَوکي گذاران

سر ڏيوڻ هي ڪم اساڏا

ٻيا ڪم ڪيها بيڪاران

جي جيندا رهندا ته دلبر ملدا

ناز جيوڻ ڪَنُون بيزاران

قسمت نال سلام اڄ آئي

سر گهول صَدق مئن جاوان

ديد جنهين ڪُون ناز سِکَيندي

ناز ڀي رهندا نال ديداران

گهولي جُدائي سر تي آئي

ڪهڙا درد لڳا بيماران

ڪافي 15

مان نه ويڙس توکي ڇڏي

تو ڪڍيو مون کي پاڻ پاڻ

سور سختيون روز سٺم پَئي

پَئي هليون آيون جند جان

سنگت تنهنجي ساٿ نه خوش مون سان

مان ڪيئن رهان توسان ساڻ

جتي به هوندس دُعا ڪندس

تون شال جواني ماڻ

ڪافي 16

ڪنهن نُون حال سُڻاوان دل دا ڪوئي محرم راز نه ملندا

سر ڌُوڙ مِٽي چا پا تم سارا ننگ ناموس وڃايم

ماهي پڇڻ نه ويڙهي آيم وَتدا اُلٽا عالم کِلدا

دلبر ڪيتي دلڙي ماندي رات ڏينهان ٻَيٺي ڪُرلاندي

خبر خوشي دي نا ڪوئي آندي ٿي مسافر دردر رُلدا

شرم حجاب ني تيڏي ماريا ڪِيوين ٿيوي هُڻ ميڏا گِذارا

ميل ملڻ دا نه هٿ لڳڙاچارا هجر تيڏي وچ هردم جَلدا

دل اندر وچ درد گهڻيري ياد آون جڏان دلبر ويڙهي

دُک کولان مئن ڪهڙي ڪهڙي ته غمخوار مليا ڪوئي غم دا

ننگ ناموس ”ناز“ وَڌندا تينون سجدا ڪرڻ هر ڪوئي آندا

ڪِيوين اُلٽا عالم وَٽ کلدا جي ”ناز“ ڪون تون هٿ چاڪردا

قدر ميڏا تئن نا ڪيتا توڙي جام زهر دا مئن پيتا

ٿي دشمن دل نُون نيتا هُڻ نه جِيندا نه مئن مردا

لک لک بار تينُون سمجهايا سمجهه ڪنهين دي وچ تون نه آيا

بي سمجهان نال هي نينهن لايا ڪوئي حال دردان دا نه پُڇدا

سُور تيڏي وچ سڙدي ڳيوسي محبت تيڏي وچ مَردي ڳيوسي

جُدائي تيڏي وچ رُلدي ڳيوسي نه رحم تينون ڪُجهه آندا

ڪيئي بار وعدي تيڏي تي آيا حال دل دا رورو سُڻايا

درد ميڏا نا تينون آيا نه خيال ”ناز“ دي نال ڪجهه رُلدا

ڪافي 17

ڪُوڙيان ڳالهيان ڪُوڙيان مياران ڪُوڙ ڪَڏان تَڪ چلڻا وي

دل نه اپڻي تون جو رلائين ٻي دل ڪيوين رلڻا وي

دل هي شاهد دل دي هردم هميشه دل دا ڌنڌا هلڻا وي

دل آئينه عَڪس فوڪَس دا دل ني نقشا دل کچنا وي

تصور وچ جو تصوير آئي اهو ساڳا عڪس اُترنا وي

رمز رموز دا جو راز نه ڄاڻي ناز بيڪار اُهِين نال ملڻا وي

ٻنهان لوڪان دا ڪيها مقصد مطلب خالي فِتني فساد وچ جلڻا وي

اپڻا نه ڪوئي سانُون ڪرڻ ڏيوي ڪيون مفت دعويٰ ٻئي تي رکڻا وي

ڪافي 18

ڪيو ظلم ڀَلي اختيار اَٿوَ ناز محبت ۾ بيمار اٿَوَ

ڪاڻ ليليٰ قيس مجنون ٿي، ڦريو منجهه بحروبر

ڪاڻ شيرين ٽڪر ٽاڪي، فرهاد ڦاڙيو پنهنجو سر

هير ڪاڻ رانجهن ڇڏيو پنهنجو وڃي هي تخت تڙ

ڪاڻ دلبر ناز ڀي رت، روئندو رهيو هي دربدر

ڪيو ظلم ڀلي اختيار اٿو، ”ناز“ محبت ۾ بيمار اٿو

هن عشق ۾ آشمس الحق جي يار کل ٿي

هن عشق ۾ منصور ڀي، آ سولي ڏٺي

۽ هن عشق ۾ انالحق جي ڪنهن آ ٻولي سکي

ناز ڀي دعويٰ اها ساڳي رکي

ڪيو ظلم ڀلي اختيار اٿو ناز محبت ۾ بيمار اَٿوَ

ڪنهن جي لاءِ مومل گڏ، وڃي سومل سُتي

دربدر عاشق رُولائڻ لاءِ، ڪير وڃي محمل لڪي

موت ڪنهن جي لاءِ نهر کير جي تجويز ٿي

”ناز“ جي ڀي ڏک ڏيڻ لاءِ ڪهڙي دلبر تدبير ڪئي

ڪيو ظلم ڀلي اختيار اٿو ”ناز“ محبت ۾ بيمار اٿو

ليليٰ شيرين مومل دلبر ڪير، توهان ۾ وڏي بيوفا

ڪنهن ڏني آ توهان مئون، پنهنجي عاشق کي سخت سزا

جن ويچارن ڪيو نام روشن، انهن تي اوهان آهيون جفا

مظلومن کي ماري ڇا مزو ٿو اَچيوَ ڏسيو ذرا

بيگناهن جي جفا تي ڇا نه ٿيندُوَ خدا خفا

ڪيو ظلم ڀلي اختيار اٿو ناز محبت ۾ بيمار اٿو

ڇا حسن ۾ هي تاثير آ، هرڪو بڻجي بيوفا

يا معشوقن سڀئي ڌنڌا ظلم جا پنهنجي هٿ ڪيا

ليليٰ ۽ شيرين ۽ ٻين جا ته خالي ها قصا لِکيا

توهان هي ظلم سڀ ڪنهن کئون سُڻيا ۽ سِکيا

پر سچ پڇيو ته چار قدم اوهان سڀن کئون وڌيڪ کنيا

ڪيو ظلم ڀلي اختيار اٿو ناز محبت ۾ بيمار اٿو

يا اوهان کي بت بيجان چئجي يا ڪافر سنگدل بي ايمان چئجي

نا عاجزي ۽ انڪاري جو ترس ٿئي

نا نصيحت هدايت جو اثر ٿئي

نا ڪنهن جي توبهه زاري تي رحم پوي

نه خدمت گذاري وفا جو قدر ٿئي

هاڻي نه ٻيو علاج ڪوئي نظر اچي

ڪيو ظلم ڀلي اختيار اٿو ناز محبت ۾ بيمار اٿو

جيئري عاشق جي نه معشوقن کي ڪوئي پيار ٿيو

درد دل جو مرض ٿيو ۽ هو عشق ۾ بيمار ٿيو

نه دواجيئري ٿي آخر موت کڻي لاچار ڪيو

غسل ميّت کي ڏئي آخر جنازو هي تيار ٿيو

پوءِ لاش کي آخر اچي معشوقن هيئن پيار ڪيو

ڇا اسان کئون رُسي اڄ ڪاڏي جدا هي يار ٿيو

ڪيو ظلم ڀلي اختيار اٿو ”ناز“ محبت ۾ بيمار اٿو

نظم

معصوم زليخان

او مدهوش خيالن واري او پريشان حالن واري

او نوجوان جمالن واري او مستانه چالن واري

او سياهه خمدار والن واري چشم مست غزالن واري

اي معصوم زليخا حسن ۾ يڪتا

دل گم ٿيل اٻوجهه اياڻي

دل گم ٿيل توتي گهايل تون ڀي ڏسجين مون تي مائل

جامو زيب گلابي آ جهلڪي جسم شبابي آ

مٿي تئون چادر سرڪي وئي بي خبري ۾ اُتري وئي

سوچيئي سمجهيئي دل ۾ ڇا اي معصوم زليخا حسن ۾ يڪتا

دل گم ٿيل اٻوجهه اياڻي

او تنهنجو خاموش تڪلم او تنهنجو دردناڪ تبسم

او بي ربط پريشان گيسو او دل سوز ڪشيده ابرو

او غرق تصور ۾ گم ٿيل او فڪر رنج ۾ تون آن ستل

او درد محبت ڪنهن جي ڪٺل اي معصوم زليخا حسن ۾ يڪتا

دل گم ٿيل اٻوجهه اياڻي

سڄي هٿ ۾ دل آ ڪنهن جي مٺ ۾ بند آ محبت ڪنهن جي

نازڪ نازڪ پيرهن عريان هٿ حنائي پنجئه مرجان

نظرن ۾ تصوير آ ڪنهن جي هٿن ۾ تقدير تنهنجي آ ڪنهن جي

ڪڍين نقشو اڄ ڪلهه جو او معصوم زليخا حسن ۾ يڪتا

دل گم ٿيل اٻوجهه اياڻي

پنهنجي تنهائي پاڻ ڏيکارڻ واري جهنگل همراز بنائڻ

هن درجه دل غم هي ڇاهي آخر تو سوچيو سمجهيو ڇاهي

پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري ڏي ”ناز“ کي مخمور ڪري ڏي

نام عاشق جو مشهور ڪري چپ ڇاکئون تون

اي معصوم زليخا حسن ۾ يڪتا

دل گم ٿيل اٻوجهه اياڻي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org