سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سَمُنڊ سمايو بُوند ۾

صفحو :8

 

 

(الف)

هردي ۾ هٻس ڪيئن پيدا ٿي،

سيني جي جا سوڙهه سهي نه سگهيو،

دک پاڻ کي پرگهٽ ڪرڻ بنا،

اندر ۾ اداس رهي نه سگهيو،

اوٻر کان امنگن جون بوندون،

اک جي افق تي ترڻ لڳيون،

من وس کان بوند وسڻ نه ڏني،

سڌ دل جي ڪوبه لهي نه سگهيو،

اُهي قطره قيمت وارا هئا،

هڪ هڪ هئو موتي جو داڻو،

اکرن جي مالها کان وڌ ٻيو،

موتين جو هار ٺهي نه سگهيو.

 

(ب)

ڪوتا

پرهه ڦٽي جو صبح سويرو،
سج کي هو ڪڪرن جو گهيرو،
ماڪ اگهيو گل جو منهن ميرو،
شايد شڪبي شڪتي ڪائي،
مون وٽ اڀ مان اڏري آئي.

 

نرم ڳلن تي ٿپڪي لائي،   مان جاڳيس هوءَ گهرڪي ويئي،
ٻنڌڻن ۾ ڪي ٻول ٻڌائي، شعاء پسائي ترڪي ويئي،
اڌ ڪن سپنن کي جاڳائي، ڇرڪ ڀرائي ڇرڪي ويئي،
سڪ سان ڇڪ سان مون کي سوريو، مس مس جيئن مون پاڻ سنڀاريو،
منهنجي ڪومل چت کي چوريو، مون ڏانهن هن جي ناز نهاريو.

 

نڀ جي نور نظارن اندر،
ڪند رائن ڪهسارن اندر،
گهراين گلزارن اندر،
سڀ هنڌ جو ٿي سير ڪرايو،
پل ۾ پاڻيهي پئي پڄايو.

 

جت سورج پهچي نه سگهيو ٿي،
چنڊ جتي چمڪي نه سگهيو ٿي،
واءُ جو سر ٻڌجي نه سگهيو ٿي.،
اُت پر کولي آئي ڪلپنا،
هر اَسٿان تي ڇائي ڪلپنا.

 

ندي جيان ڪٿ ٿيندي ويئي،
ڊيل مثل ڪٿ نچندي ويئي،
پورن ۾ ڪٿ پچندي ويئي،
ڪٿ وڌوا جي ورلاپن ۾،
غم جي مارين محتاجن ۾.

 

دک سک سڀ دنياداري کان،
چت جي چنتا چنگاري کان،
ڪير بچائي بيزاريءَ کان؟
ڪوتا ڪومل آهه ڪماري،
نرم نفيس نزاڪت واري.

 

 

 

تنهنجي قدرت

 

قطره قطره ۾ سمايل آهي قدرت تنهنجي!
ذري ذري مجهان ظاهر آ حقيقت تنهنجي!

 

(1)

ڪهڙو سر آهه، نه جنهن ۾ آهي سوداءُ تنهنجو؟
ڪهڙي دل آهه، نه جنهن ۾ آهه الف تنهنجي؟

 

(2)

آهي هر جان ۾ جاني تنهنجو جلوو ئي چپٽ،
آهي هر گل جي اندر گيت طراوت تنهنجي!

 

(3)

آهي انسان فقط هونءَ ته هڏن جو ئي مچو،
پر منجهنس نيڪ ۽ بد جي آ شناخت تنهنجي!

 

(4)

آهي هرچيز تنهنجي حڪم جي ڏوري ۾ ٻڏل،
آهي هر هاج ۾ حاجت ۽ ضرورت تنهنجي!

 

(5)

تون مون کان ڇو ڀلا ”چپ چپ“ ڪندو لڪندو ٿو وتين؟
منهنجي اکين ۾ جو سهڻا آهي صورت تنهنجي!

 

(6)

پنهنجي گيرب ۾ ئي ڪيڏا ها ڪريان ظلم، مگر،
منهنجي هستي کي فنا ٿي ڪري حشمت تنهنجي!

 

(7)

تنهنجي ڪاوڙ کان مان ڳوليو نه لڀان ڪنهن دس تي،
منهنجي عيبن تي مگر آ سدا شفقت تنهنجي!

 

(8)

رهي ٿو خوف تنهنجو دل ۾ سدائين خاوند!
جنهن منجهان جاڳي اندر ۾ ئي عبادت تنهنجي!

 

(9)

ڪري پڃ دان تي انسان ڇو پنهنجي نيڪي؟
تون سخا جو سچو سائين، آ سخاوت تنهنجي!

 

(10)

سوين سينگار ڪيئه يار يگانه ڇا لئه؟
ڪري حيران ٿي وحدت منجهان ڪثرت تنهنجي!

 

(11)

تون مثل انب جي آهين، نه تو جهڙو ٻيو مٺو؟
ڪهڙي ميوي سان ڪجي لاثاني نسبت تنهنجي!

 

(12)

”الف“ ۾ ئي پيو منجهي، ٻيا ته اکر پوئتي رهيا،
ڪهڙن حرفن ۾ لکي ”فاني“ عبارت تنهنجي!

 

 

 

ڪامل جي قدرت

 

هر طرف ٿو ڏسان ڪامل آهي قدرت تنهنجي،
هر ذري ۾ آهي هستي ۽ حقيقت تنهنجي.

 

تنهنجو هر جان ۾ جاني ٿو وسي جلوو جمال،
آهي هر گل جي اندر گيت طراوت تنهنجي.

 

تون ئي کاري ۾ کٽي ۾ ۽ مٺي ۾ موجود،
ڪهڙي شيءِ آهه نه جنهن ۾ آهي لذت تنهنجي.

 

تون مون کان جو ڀلا ڇپ ڇپ ڪندو لڪندو ٿو وتين،
منهنجي اکين ۾ جو سهڻا آهي صورت تنهنجي.

 

تنهنجي غصي کان مان ڳوليو نه لڀان ڪنهن ڏس تي،
منهنجي شمع کي هوا کان آ حفاظت تنهنجي.

 

خوف تنهنجو آ فقط دل ۾ سدائين خاوند،
جنهن منجهان جاڳي اندر ۾ ٿي عبادت تنهنجي.

 

تنهنجي قطره مان ٿو درياهه جو ديدار بکي،
ٿي عجب ۾ وجهي وحدت منجهان ڪثرت تنهنجي.

 

تنهنجي ڌن مان ڪو ڪري دا ڇو اڀمان ڪري،
تون سخا جو سچو سائين آن سخاوت تنهنجي.

 

 

الف ۾ ٿي پيو منهنجي ٻيا ته اکر پوئتي رهيا،
ڪهڙي حرفن ۾ لکي ”فاني“ عبارت تنهنجي.

 

 

هئٽ ۽ پٽڪي جو جهڳڙو

 

يارو مون ڏٺو هڪ دفع ”لڙ ڦڙ“ جو نظارو،

جهڳڙو هيو هي دنيوي جهڳڙن کان نيارو.

هڪ نينڍ تي ننڍا وڏا يڪجاءِ هئاسين،

هڪ ٻئي سان حال پريت مزي جا ٿي ونڊياسين.

ديوان اچي هئٽ رکي ميز تي لاهي،

ڀائيءَ به رکيو رعب سان پٽڪي کي وڌائي.

ڪنهن ٿي ڪيون گذران جي تنگي جون ڪهاڻيون،

ڪن جون خوشيون نه عيش کان سيني ۾ سماڻيون.

ڪنهن ٿي چيو ته آرام جي تنهنجي آ ڪمائي.

ڊپٽي جو بڻئين ڪهڙي مٺائي تو کارائي؟

ڪنهن ٿي چئي ڪاليج جي بيڪار حياتي،

ڪنهن ٿي چئي ڌنڌي مان ٿي بيزار حياتي.

هڪ ڪنڊ ۾ ويهي مون ٿي سارو لقاءَ ڏٺو،

هيئن هئٽ کي پٽڪي سان مون جهڳڙو ڪندو ٻڌو.

آءٌ سو آهيان جنهن جي اڳيان پاڻي ٿو ڀرين تون.

مون کي ڏسي تقدير تي هٿڙا ٿو ڌرين تون.

شهرين جو شان آءٌ ڳوٺاڻن جو مددگار،

هر وقت هر طرح سان غريبن جو غمگسار.

منشي هجي منصف هجي ڪليڪٽر يا ڪمشنر،

منهنجا ٻه لفظ تن سان، عجب ڪن ٿا، مختصر.

ڪيولي کي ٿو هاٿي جي چنبي مان مان ڇڏايان.

ٻڪريءَ اڳيان ٿو شير جي گردن کي جهڪايان.

ڪلهه رات سائيڪل تي هيس سوار بن بتي،

سلام فوجدار ورايو مون کي ڏسي.

بد زيب ۽ ڪوجهي جو منهن ملوڪ بڻايان،

بي علم کي به عقل جي درجي ۾ ڳڻايان.

مالڪ کي پنهنجي مغز تي ايڏو غرور ناهه،

مان سر تي آهيان ته علم جو ضرور ناهه.

آهيان تتي ٿڌي ۾ عجب ڇانو ڇپر مان،

توکان مقابلي ۾، ٿيس زور زبر مان،

پائي نه پلئه آهه جي پئسي جو غرض ٿئي،

مون کي سڏي ٿو گهر گهڙي سڀڪوئي قرض ڏئي.

آهي کڻي ديوان کي درڪار نوڪري،

مون کان سواءِ ڏئي نه ٿي سرڪار نوڪري.

عينڪ ٿي ڪري منهنجي نمائش کي دوبالا،

مون سان ٿا ٿين بوٽ جا چيڪٽ ئي نرالا.

آءٌ رنگ ڍنگ ۾ آهيان دنيا کان نرالو،

يورپ جو آهيان پٽ آمريڪا جو سالو.

تهذيب سندم چال ۽ رفتار مان ظاهر،

بي قاعدگي تنهنجي آ مقدار مان ظاهر.

پهريائين ٻڌي حال هي پٽڪو ٿو پريشان.

پوءِ جوش کان جلندو رهيو، ٿڙ ٿڙ  تي ڪنبيس جان،

تنڪي کان اهڙو ولولو تنري ۾ ٿيو پيدا،

مستيءَ ۾ اچي مور ٿي ڄڻ پنک پکيڙيا.

بهيئن هئٽ سان پٽڪي ڪئي تيزي سان گفتگو،

تون ڪير جو منهجي اڳيان ڪانئر ٿئين دوبدو.

گذري جا سڀيتا، تنهنجو روشن ها ڏيئو مان،

زياده آهي اقبال سندم تنهنجي شان کان.

شعلو تنهنجي تهذيب جو ڀڙڪايو اٿم پر،

وچڙين ٿو وري مون سان اڄ ڀي تنهنجي بي اثر.

اڄ ڀي مان توکي پنهنجي پگهر تي ٿو نپايان،

تنهنجي خوشي لاءِ ڪيترا حيلا ٿو هلايان.

ليڪن خبر نه هئي ته زمانو آ بي ادب،

پنهنجي خوشي ڏيئي مون خريديو آهي غضب.

مون ۾ آ لڪل زيب ۽ زينت جو خزانو،

مستڪ تي ڌريو تاج اٿم شاهه جانو.

وچ ۾ ٿو ويهي مان ڪريان دنيا جي دريافت،

ظاهر آ منهنجي ذات مان چهري تي شرافت.

آءٌ بزرگي، درويشي، ديانت جي نشاني،

تون آ عاقبت ۾ تنگ، ندامت جي نشاني.

هڪ ڏينهن جو خط واٽ تي ماڻهو ٿي پڙهايُئه،

ڄاڻين نه اکر، پاڻ کي ڪيڏو ٿي بتايُئه!

کيسن ۾ هڻي هٿ چيئه عينڪ نه اٿم ساڻ،

هيئن پنهنجي جهالت کي ڍڪيئه واه ڙي اڻ ڄاڻ.

مون کي نصيب ٿي آ هندستان جي ڀومي،

رشين منين کان آهه جا ايمان جي ڀومي.

هي اسپتالون باغ بغيچا بڻايا ڪنهن؟

منصف ٿي چئه ته تاج ۾ هيرا هڻايا ڪنهن؟

بڇڙا تو شروعات شرارت جي ڪئي آ،

پنهنجن ۾ ٻري آگ عداوت جي وئي آ.

ڪڇه ڪال ٻنهي چهچٽو وهه وهه جو لڳايو،

ٿي دهل دمامن جو شغل، شور گهٽايو.

هي حال ڏسي اوچتو کاڌي جي ڪئپ چيو،

منهنجو اوهان کي قدر سراسر آ وڌي ويو.

آءٌ ماڻ ڇڏي ٿي آهيان نئڙت ۾ نماڻي،

پوٽي تلڪ جي آهيان گانڌي جي نياڻي

”فاني“ نه اٿم فخر اگر آهيان طلبدار،

ليڪن اوهان ۾ ڇو وڌيو آپي جو انڌڪار؟

 

 

ترائيل

صرف اکين کان پري ڪيئن پرين چئبو پري،
هو پري جيترو آهه اوترو اوري آهي،
دل ٿي دل کي ڇڪي ڪوهن تان کڻي ويجهو ڪري،
صرف اکين کان پري ڪيئن پرين، چئبو پري؟

 

پل ۾ پرگهٽ ٿي سا صورت اچي تارن تي تري،
ڪو تصور جي، جي دنيا ۾ اڏامڻ چاهي،
صرف اکين کان پري ڪيئن پرين چئبو پري،
هو پري جيترو آهه اوترو اوري آهي.

 

****

ڏسي جي ڪين سگهان سي مان ڏسڻ چاهيان ٿو،
ڪئي مون خوردبيني آهه انهي لئه ايجاد،
مگر اوزار پنهنجي پرک لئه نه ٺاهيان ٿو،

 

ڏسي جي ڪين سگهان سي مان ڏسڻ چاهيان ٿو
مون کي خود پاڻ سڃاڻڻ جي نه آهه من ۾ مراد،
مان خوردبين ڇو خودبين ڇو نه ٺاهيان ٿو،
ڏسي جي ڪين سگهان سي مان ڏسڻ چاهيان ٿو،
ڪئي مون خوردبيني آهه انهي لئه ايجاد.

 

دنيا جي دورنگي آهي تصوير چٽيل ڏس.
جيوت جا ٻيئي روپ ٿي آشا ۽ نراشا،
سک دک ۽ مرڪ لڙڪ کي هڪ ٻئي سان مليل ڏس،
دنيا جي دورنگي آهي تصوير چٽيل ڏس.

 

ڪي پل خوشي جا گل کي تون صحرا ۾ ٽڙيل ڏس،
اس ڇانو به پاڇا اٿي هڪ سج جا تماشا،
دنيا جي دورنگي آهي تصوير چٽيل ڏس،
جيوت جا ٻئي روپ ٿي آشا ۽ نراشا.

 

***

لڙڪن جو کڻي جام جو مرڪي ٿو پئي پيو،
آشا ۾ نراشا کي سو بدلائي ڇڏي ٿو،
چوڏس جي اماوس کي ٿو دلڌير ڏئي پيو،
لڙڪن جو کڻي جام جو مرڪي ٿو پئي پيو.

 

جيوت جهان ۾ اهو مڪمل ٿو جئي پيو،
جو هار کي به جيت جا گل پائي ڇڏي ٿو،
لڙڪن جو کڻي جام جو مرڪي ٿو پئي پيو،
آشا ۾ نراشا کي بدلائي ڇڏي ٿو.

 

 

مخمس

راحت جي ڳولا

رات ساري مون گذاري رنج ۾،
جو ڏٺم فرحت نه پنهنجي گنج ۾،
”اٿ“ چيو اميد لوڏي هنج ۾-
”ڇڏ ستت گوندر گنوائڻ ۾ گسو،
ڪر وڃي راحت جي ڳولا اي پسر!“


 

(2)

صبح جو ساجهر سمجهي آيم سفر،
نهر تي نمندو نظر آيو ٽڪر،
خوش قلم ويٺو، پرندن جو ولر.
هيج مان هر هر هوا گهوگهاٽ ڪيا،
وڌ پريشاني جا مون کي پور پيا.

 

(3)

مون پڇيو تن کانِ: ”ڏسيو راحت جو گهر،
جنهن جي ڳولا ۾ ڦران ٿو دربدر“،
چيچلائيندي چيائون ”بي خبر!
دردمندن کان پڇين راحت جو گس!
ساري عالم ۾ ملي جنهن جو نه ڏس“.

 

 

 

(4)

بس وسوڙو ٿي گهڙيس وڻڪار ۾،
پريم کان آٿت گهريم آزار ۾،
جنهنجو جلوو آ سڄي جنسار ۾،
پر وراڻيائين ته هن جو سوجهرو،
ويو ڪري ڳوڙهن سان جهيڻو ڏوجهرو                                                                   

 

(5)

ات اچي يارن جي ياري ياد پئي،
تنهن به ليڪن غمگساري ڪانه ڪئي،
اٽلندو منهن کي گهنجائي وئي چئي:
”دوست، جي درد باڳ کان رلندا رهيا،
قبر ۾ آخر سي ٿانئيڪا ٿيا.“

 

(6)

آسمان تي تهه رنگين آيو نظر،
نازنين ٽهه ٽهه ڪئي ٿي جنهن اندر،
مون چيو خوش ٿي ته ڏيندي خوشخبر.
پر چيائينِ ”منهنجي کل آ هڪ گهڙي،
جو پون کن پل اندر ڳوڙها ڳڙي.“

 

(7)

عرش تان لاهي نگاهن سان نقاب،
مشڪندو اوڀر کان نڪتو ماهتاب،
مون وڄايو ساڳئي رودن جو رباب.
”خوش نه ڀانئج مون کي“ چياءِ ڏس! مگر،
داغ فرقت، زرد رئو، زخمي جگر“.

 

(8)

نا اميدي آندو جو نيڻن مان جام،
اوچتو آيو اجل کان خوش ڪلام،
جنهن چيو: ”مون ۾ وسي آنند دام.“
نيڪنامي رهبري جنهن جي ڪري،
سو ڏسي راحت کي ”فاني“ سر ڌري.

 

 

ماضي ۽ حال

سچ چوڻ آ جهالت، آهي جوٺ عقلمندي،
آهه مال يتيمن جو ڄڻ صوف سمرقندي،
آهه مرڪ مڙس جو اڄ دوستن سان دغابازي،
اشراف هار کاڌي، بي شرم جي آ بازي،
هُو اور زمانو هو، هيءُ اور زمانو آ.

 

ڇا آه ۾ اثر هو، ڇا خوف هو خدا جو!
مظلوم جي صدا ٿي آڪاس گرجندو هو،
ڪِولِي کي ستائڻ ڀي چوندا ها پاپ ڀاري،
اڄ آهه بيڪسن جي گردن مٿان ڪٽاري،
هُو اور زمانو هو، هيءُ اور زمانو آ.

 

بيوه جو ست بگاڙڻ اڄ ڪلهه بحال سمجهي،
ڌارين جي بغل ۾ اڄ خود خواب خيال سمجهي،
هنسن جي جاءِ تي اجھ افسوس ڪانگ بڻجي!
ويٺا ڏسون اکين سان استرين لاج لٽندي،
هُو اور زمانو هو، هيءُ اور زمانو آ.

 

استاد لئه ادب هو، وڏڙن لئه نياز نئڙت،
اڄ بزرگن لئه جاڳي ننڍي وڏي کي نفرت،
ڌارين لئه دل اندر هئي همدردي وفاداري،
پنهنجن پرين سان لازم ناهي ڪا قربداري،
هُو اور زمانو هو، هيءُ اور زمانو آ.

 

رشوت جي ڪوڏي ڄڻ آ مادر جي ٿڃ ٿڻن جي،
دڪو به ڪين ڇڏجي منشا رهي مڻن جي،
ڪجهه ڀي حرام ناهي، سڀ ڪجهه حلال آهي.
دنيا جا عيش تياڳڻ مشڪل محال آهي.
هُو اور زمانو هو، هيءُ اور زمانو آ.

 

اقرار مڇ جي تي ملندو هو قرض ڪافي،
هئي ڪارپت نه اڄ جيان، انجام جي خلافي،
پاڻيءَ جي لئه به اڄ ڪلهه اکرن جي گهرج آهي،
جنهن هٿ ۾ اڄ ملي ٿو سو هٿ سڍال ناهي،
هُو اور زمانو هو، هيءُ اور زمانو آ.

 

جت ڌرم جي نالي تان قربان ٿي ٿيا ڪونڌر،
ليڪن نه جذبو جاڳي دل جا سڪي ويا سرور،
تنهن جاءِ تي به اڄ ڪلهه رت جا نشان آهن،
اڄ راند سمجهي هڪ مان ٻيو ڌرم ٿا مٽائن،
هو اور زمانو هو، هيءُ اور زمانو آ.
ڇا دور آ دنيا جو سورج چڙهيل لهي ويو،
ليڪن ڪڏهن نه ورندو هڪوار جو وهي ويو،
اڀري يا ڪين اڀري ڪائي خبر نه آهي،
سو شمس، شمس ناهي، سو چنڊ، چنڊ ناهي،
”فاني“ فضول سارو تنهنجو هي فسانو آ،
هُو اور زمانو هو، هيءُ اور زمانو آ.

 

 

ڪونج

نوٽ؛ هيٺين شعر ۾ پدري پريم جا جذبا، پنهنجي نماڻي نياڻي ڪوشليا (ڪونج) جي اوچتي مرتئي تي اظهار ڪيل آهن. سندس اوسٿا لڳ ڀڳ ڏهه ورهيه هئي هيءَ ٻوٽين مکڙي 3 مئي 1944ع جي ڌاري اسان کان رسي هميشه لاءِ جدائيءَ جو داغ ڏيئي، وڃي ايشور جي جهولي ۾ جاءِ نشين ٿي. [کيئلداس فاني]

(1)

ڇا لکان، ڇا سان لکان، ڇاتي لکان،
ڪيئن لکان،ڪنهن ڏيلکان، ڪنهن کان پڇان،
ٿو رڙان ڳڻتيءَ ڳران جهوريءَ جهڄان،
دل اندر ٿو درد جو ٻارڻ ٻري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

 

(2)

جل جلي ويو آ جگر جولان کان،
خون دل جو ويو سڪي ارمان کان،
آگ وڌ هيءَ آهي آتشدان کان،
ٺاز ڪنهن کان ڪين ٿو ٻرندو ٺري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

 

(3)

آگ کان آنڊي جي آهي ڄر تکي،
آ جگر واري جگر کي جهر تکي،
ٿي چڀي سيني ۾ ڄڻ نستر تلي،

جسم ٿو اولاد جي ڄر ۾ ڄري،

ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

(4)

جان جهوراڻي کان جهرڻو ٿو وهي،

هڪ وهي نڪري ته ٻيو ٺهه پهه ٺهي،

چشم پيالن ۾ نه ٿو چشمو رهي،

ڇولين جي ڇوهه کان ڇاتي ڏري،

ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

(5)

غم پري منهنجي غريبيءَ کان رسي،

ٻهڪندڙ دنيا ڪري ويئي ٻُسي،

ڪيئن پئي قدرت هٿان قسمت ڪسي،

منهنجي غم تان غم نه ٿو ٽرندو ٽري،

ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

(6)

ورهيه گذريا منهنجي غم سان غم رهيو،

ڪم فقط آهي ته غم سان ڪم رهيو،

غم سوا غم کان نه خالي دم رهيو،

هيءَ نئين سر ماس چنتا ٿي چري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

 

 

(7)

سڌ نه ديپڪ کي قضا جي واءَ جي،
ڪونج وئي سنگت وڇوڙي ڀاءُ جي،
آس ويڳاڻي ڪري وئي ماءُ جي،
اوچتو صدمي جي ڳڻتي ۾ ڳري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

 

 

(8)

ڇا سندس مٺڙو رسيلو راڳ هو،
ڄڻ ڀريو ميران منجهنس ويراڳ هو،
منهنجي لئه سو راڳ بيشڪ ڀاڳ هو،
پر قضا قهري کان قسمت ٿي کري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري،

 

 

(9)

ويو سندس آلاپ ٿي سڀ کي وڻي،
ٿي سندس ساهيڙين ۾ گُهر گهڻي،
ڪونج ڌاران ڪيئن نچن ٽپڙو هڻي،
ننهن بنا تن جي نه ساعت ٿي سري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

 

(10)

هاءِ ڪيئن مکڙي ويئي هتڙان هلي،
ڪين جا ڦلواڙ ۾ ڦولي ڦلي،
ڪيئن وئي ڪومائجي ڪومل ڪلي،
اڄ نه ڦوڙائي کان ڦلواڙي ڦري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.



 

 

(11)

ڪونج وئي ڪانگن جي دنيا کي ڇڏي،
هنس _ مک هنسن ڏي وئي لاشڪ لڏي،
گهر امر- پور ۾ وڃي ويٺي اڏي،
دور هن دنيا جي پيڙا کان پري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

 

(12)

منهنجي وس ۾ هاءِ جي ڪو وس اچي،
ڏيهه ڏورانهين مان ڪوئي ڏس اچي،
۽ روئڻ سان ڪونج جي واپس اچي،
مان ڇڏيان دنيا کي ڳوڙهن سان ڀري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

 

 

(13)

گرچه جسماني طرح آهي جدا،
ته به ملي موجود آهي جابجا،
منهنجي تن تنبور مان نڪري صدا،
پاڻ ٿي جوڳڻ جڏهن هٿڙا ڌري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

 

(14)

زندگي ڇاهي ڪتابن کان پڇيم،
موت ڇاهي فيلسوفن کان پڇيم،
عالمن، ساڌن، ۽ سنتن کان پڇيم،
ڪير پهچي پر سمندر جي تري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

 

(15)

ناهه هت ڪنهن جي به هستي لازوال،
پيش رک پيرن فقيرن جو مثال،
موت کان ناحق نه ڪر جيوت وبال،
جو ڄميو آهي اوس ”فاني“ مري،
ڪونج اڏري من وئي ماندو ڪري.

 

آيو، ويو هليو

1- آڪاس تان آيو هو ستارنجو ستارو،

 

سورج جو ترورو بڻيو ڌرتي جو دلاور،
هو چنڊ جي ريکا جو نظاري ۾ نظارو،
جنهن زندگي جو هرش سان هرهڪ ٿي پل پليو،
سو روح  هن جهان ۾ آيو، ويو هليو!

 

2- شبن تي لٿي ابر جي باريڪ تنهن مان

 

فردوس جي، گل چونڊجي، آيو هو چمن مان،
موتي هو صرف جي هليو آيو هو دهن مان،
پنهنجي خوشي نه آيو نه پنهنجي خوشي چليو.
سو روح  هن جهان ۾ آيو، ويو هليو!

 

3- تنهن غنچه کي گلزار ۾ هر گل سان وفا هئي،

 

پر هاءِ فنا کي ڪا وفا سان به جفا هئي!
مکڙيءَ جي قضا هئي يا هي مالهي کي سزا هئي،

هن واءَء سان پوتي ڇو اجايو هو روح رليو،
سو روح  هن جهان ۾ آيو، ويو هليو!

 

4- خود راز لڪل آهه اچڻ ۾ ئي وڇڻ جو،

 

خطرو رهي ڀانڊي کي گهڙڻ ۾ئي ڀڄڻ جو،
امڪان آ سورج ۾ ئي اڀرڻ ۽ لهڻ جو،
”آيو ۽ ويو“ ڪمين ڪي دنيا جي جهل جهليو،

سو روح  هن جهان ۾ آيو، ويو هليو!

 

5- اي زندگي جا سوز ڀريل ساز سراپا!

 

هستي ٿي ڪري هر گهڙي توکان هي تقاضا،
هيءَ آهه فنا ڇا ۽ فنا، گهر ۾ بقا ڇا؟
”فاني“ جي اندر ۾ اڃا ڌيرج نه ڌر جهليو،
سو روح  هن جهان ۾ آيو، ويو هليو!

 

 

 

گل ۽ ڪنڊو

(1)

هڪ دفعي جيئن ٿيو گذر گلزار مان،
قدرتي سينگار جي سنسار مان،
درد دل ۾ ويو لنگهي ديدار مان،
مون ڏٺو ڌرتيءَ تي گل کي ڦٿڪندو،
۽ ڏٺم بي درد ڪنڊو مشڪندو.
(2)

هڪ ئي ٻوٽي تي ٿيو تن جو گذر،

آهه سورج جي مٿان ساڳي نظر،

ٿو وسي بي رياءُ رحمت جو ڪڪر،

چاندني ساڳي ٻنهي تي شعاءُ ڪيو،

سرڳ کان ورتاءُ ساڳيو واءُ ڪيو.

(3)

هاءِ پر، ڇا ڀيد ڀاري ٿي پيو!

گل نٻل، ڪنڊو ڪٽاري ٿي پيو،

دشت هڪ، پر ٻيو پڄاري ٿي پيو،

آهه گل ڪنڊي جو ساڳيو آستان،

پر ٿيو ڪنڊو ڇو اهڙو بد زبان؟

 

 

 

 

(4)

ڪنهن جي آڱر کي ڦٽي ڦاڙي ڇڏي،

ڪنهن جي سيني کي چڀي ساڙي ڇڏي،

پر پٽي بلبل جي رت ڳاڙي ڇڏي،

ڀاونا مان ٿو ڀنور ڀڻڪو ڪري،

پر ڏسي ٿو ڏنگ کي ڏوران ڏري.

(5)

قرب کي ڪنڊو ٿو ٺُڪرائي ڇڏي،

نيچ ٿي نيڪي کي اڇلائي ڇڏي،

۽ بديءَجو طوق لٽڪائي ڇڏي،

گُل نه بلبل کي نچائي گود ۾،

رس ڏيئي آڻي ڀنور کي بود ۾.

(6)

باغ مان ڇو خار خواري ٿو کڻي؟

پنهنجي پيارن کي ڇو هاڃي ٿو هڻي؟

پاڻ کي جيئرن ۾ جاهل ڇو ڳڻي؟

ڇو ڏمرجي ڏاڍ ڏاڍائي سکي؟

ڇو نه ٿو گل کان نماڻائي سکي.؟

(7)

رنگ جت آهي چڱائي جو چڙهيل،
جو سبق  آهي صداقت جو پڙهيل،
تنهن جو جامو آهه موتين سان مڙهيل،

ماڪ ئي گل تي اچي اوتي شراب،

شوم دل ڪنڊو سڙي ٿئي ٿو ڪباب.

(8)

هاءِ نيڻين ۾ ندورا ٿا چڀن،

هر جڳ بدڪار بڇڙا ٿا بچن،

جن کي جيئڻو آهه سي وهلور وڃن،

ٽارين ۾ ناهه ڪنڊن جي ڪمي،

پر بچن مشڪل ٿا گُل تن تي ڄمي.

(9)

هاءِ سورج باهه ڌرتيءَ جي ڌري،

۽ سيارو برف جون جهوليون ڀري

پڻ سرءُ هر جنس کي ڪاهل ڪري،

پر نه ڪو ڪنڊي کي لوڏو لهر آهه،

هاءِ هي معصوم گُل تي قهر آهه.

(10)

هو ته ڏس، گل ٿو خوشي سان ڳاٽ ڏئي!

ڪيئن مٿان بيوس ڀنور ولراٽ ڏئي،

هنيانءَ بلبل جو ڦٽيو ٿو ڦاٽ ڏئي،

هونءَ ته ڪنڊو ٿا چون گل جو بچاءُ،

پر هتي صياد سان ٿئي هم صلاح!

(11)

هاءِ وئي جولان ۾ مکڙي جلي،

جا نه ڦلواڙي اندر ڦولي ڦلي،

اڄ اچي اڄ ٿي وڃي هيڻي هلي،

هاءِ ڪنڊن لئه سڄو سامان آهه!

گل فقط هت چار دم مهمان آهه.

(12)

آهه گلشن ۾ نه گل جو آستان

مفت هي نالو بنايو باغبان،

آهه هت گل جو به ڪو نالو نشان؟

عمر ڀر ڪنڊن جو هت وهنوار آهه،

جن جو گلشن مان وڃڻ دشوار آهه.

(13)

هاءِ ”فاني“ گل ويا ڪنڊا ڇڏي،

بلبلين جي برهه سان گوندر گڏي،

اڄ  به ارماڻيو ڀنور سڪ مان سڏي،

۽ اساٽيل پنکڙيون پٽ تي ڏسي،

رهگذر جون ٿيون پون پنڙيون پسي.

 

 

مسدس

او شاهه!

کڻي نيڻ مونن مان مون ڏي نهاري،

هڻي تير طعنن جا ڇڏ ڏيل ڏاري،

وطن کان سگهيا جي سگهو ساهه واري،

جڏو جيءَ جياري آيا ملڪ ماري.

پچارن ۾ بس شاهه! هـئا مڙس ماهر،

ٿي طالب ۽ سڌڙيا پيا صاف ظاهر.

گواهي تواريخ ڏيندي اسان جي،

پشيمان اولاد ٿيندي اسان جي،

جڏهن شاهه! هيءَ ياد ايندي اسان جي،

لڄا سيسراٽيون ڀريندي اسان جي.

جڏهن ريت- گهر  ٻار ڊاهڻ نه ڏيندا،

تڏهن شرم کان نيڻ نالا نه ٿيندا.

تون هڪ مارئيءَ کي امر آ بڻايو،

لکين ماريُن هت وطن ڪيئن وڃايو.

چنيسر کي ليلان جي لالچ رنجايو،

مٿس طوق لعنت ملامت جو آيو.

پنهونءَ کي ويهاري جي سسئي ڀڄي ها،

قلم تنهنجو ڪامل! تڏهن ڪيئن کڄي ها.

قلم کڻ وري شاهه ڪو عالماڻو،

روئي هتي هاڻ مومل لئي راڻو،

جهڳو جئن پوي ڪو اجهن لئي اباڻو،

لڳي شال ڪوڙو ٿي ڪرهي کي لاڻو.

وطن منهنجو ميهار سهڻي وري مان،

اچان سير مان تار تهڙي تري مان.

ذري پنهنجي حب الوطن مان عطا ڪر،

اسان جي زماني ۾ ظاهر خطا ڪر،

مگر منهنجي مجبورين کان پڇا ڪر،

سزا وار آهيان نه قائم سزا ڪر،

ڇڏيم تنهنجو درُ پر، نه دامن ڇڏيو مان،

لڏي تنهنجو گهر پاڻ سن هت اڏيون مان.

اسان سان سڄڻ تون سدا ساڻ آهين،

اسان لئي سو موتين جو مهراآ آهين،

اسان جي سڀيتا جو اهڃاڻ آهين،

ڪلامن ۽ ڪافين جو تون ماڻ آهين.

ڇڏي رلإ درازن کي بيشڪ برو ٿيس،

مگر تنهنجي پيغام جو گهڻگهرو ٿيس.

جدائيءَ ۾ جاني جدا ڪين گهاريان،

سنڀاريندي توکي وطن کي ٿو ساريان،

رسالي مان رس ٿو پيئان ۽ پياريان،

سنڀاري صبح شام کي ٿو رئاريان.

اڃا ٺار آيو نه ”فاني”  ڦٽن ۾،

سکر ساهه ٿي شاهه! پنهنجي پکن ۾.

 

 

او منهنجا وطن

 

1- او منهنجا وطن دلدار وطن!

ڪيا ڪيڏا ڀُلائڻ جا مون جتن،

لڳي لنءَ لنءَ ۾ آهي اهڙي لگن،

ڀُل کان نه ڀُلن اهي ڀاڻ ڀون،

ڪوشش مون ڪئي ويرٿ سا وئي،

ڳاريندي رهي ڪرمن جي ڪئي..

 

2- هت ڏاڍو ڏکايو آهي ڏکن،.

سُک ياد ڪري اڌما ٿا اٿن،

ڳڻ ياد ڪري ڳالهيون نه کٽن،

پل پل ٿا دلاسا دل کان پڇن،

گهر ۾ ڇو رهي ڌاريو ٿي گهمين،

خوش رهه ڇو غمن  ۾ ماريو ٿي گهمين؟

 

3- مشڪل ٿي پيو واپس آ ورڻ،

مشڪل ٿي پيو ڳڻتين ۾ ڳرڻ،

چاهي ٿو هرڻ واريءَ ڏي ورڻ،

سمجهي ٿو سٺو اڃ رڃ ۾ مرڻ،

سنسار جو تنگ خيال سڏي،

دل قرب جو تنهن کي ڪمال سڏي.

 

 

 

 

4- اها جهانگين جي جهونگار ڪٿي،

اهي چنگ گهڙا يڪتار ڪٿي،

اهي کوهه ڪٿي اهي نار ڪٿي،

اها باغن جي آ بهار ڪٿي؟

اهي کير ونگا گدرن جون وليون،

اهي واڙ ڀلا ڇانهن جون ڇليون.

 

5- سمجهان ٿو مگر موٽڻ آ محال،

موٽان به اڳيون ڪيئن ايندو ڪمال،

ظاهر ٿو ڏسان هت پنهنجو زوال،

ڀل خلق سڏي اهي خام خيال،

توڙي ننگي- پير جي نڪري پوان،

هوندا اونڌا ڀاڳ، ٿي پوندا سنوان.

 

6- بيوس ٿي ڇڏيم توکي يار وطن،

ڇڏي سونهن ڪئيه سينگار وطن،

ياريءَ جا ڏٺا مون نه پار وطن،

گلزار مان ٿي پئين خار وطن

ڀلا خار ٿي پئين مون کي ڇو جهليئه،

ڇوٿي پلئه جهلي پڪڙي نه پلئيه؟

 

7- هت جان جدائيءَ ۾ ٿو ڏيان،

هڪ آس تي مان جيڪر ٿو جيان،

شل توڏي اچي ٿانئيڪو ٿيان،

هر شخص ڇڏيا هت هاري هيان،

لاهي هانءُ جدائي ۾ جانيون جهري،

پيون ڀونءِ سان ڀاڪر پائي ڀري.

 

8- هت پنهنجي پلين جا خال ته ڏس،

اهي سيٺ سگها ڪنگال ته ڏس،

گوندر ۾ گتل هت لال ته ڏس

ظالم هي زماني جي چال ته ڏس،

هت هوند وارا حيران ٿيا،

ڌنوان ولها  ويران ٿيا.

 

9- ڀڄي جن آ ڀڄايو مون کي وطن!

ڇڏي جن آ ڇڏايو مون کي وطن!

لڏي جن آ لڏايو مون کي وطن!

جن روهه رلايو مون کي وطن،

”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دکي،

سالن ۾ ٿين ساعت نه سکي.

 

 

 

 

 

قوم جي هيڻي حالت

(1)

اٿ قوم نماڻي ٿي سندءِ واٽ نهاري،

چوٽيءَ تي چڙهي تنهنجي شڪايت تي پڪاري،

غفلت کان سندءِ رنج  ۽ حسرت ۾ گذاري،

خود رنج کي ٿو رنج سندس خون رئاري،

مدت کان ٻڌي آهي تو ڪشٽن جي ڪهاڻي،

پر قوم سندو فرض سگهين ڪين سڃاڻي.

(2)

اکين سان زماني جي تون رفتار ڏسين ٿو،

هر ملڪ جي هر قوم کي بيدار ڏسين ٿو،

ڇا پنهنجي تباهي جا نه آثار ڏسين ٿو؟

گلزار بجاءِ باغ  خزان خار ڏسين ٿو،

محبوب وطن جي اها رونق نه رهي آهه،

خورشيد بلندي تان ويو مغرب ڏي لهي آهه.

(3)

جانباز جوانمرد جوانن جي نشاني،

توکي ٿي سڏي سوز سان سنڌوءَ جي رواني،

صدين کان ٻڌءِ پاڪ پرانن جي زباني،

آئي نه مگر تنهنجي ڇو جنبش ۾ جواني،

ناپاڪ رڳن ۾ سا حرارت نه رهي آهه،

ذلت کان بزرگن جي ڪا عظمت نه رهي آهه.

 

 

(4)

گهر ۾ ئي اگر آگ حسد جي نه ٻري ها،

هيئن پنهنجي هٿان قوم جي قسمت نه کري ها،

هرگز نه ڳهي ڳاهجي ڳڻيتن ۾ ڳري ها،

آڪاس منجهان برق ڪو ڪڙڪو نه ڪري ها،

ڌارين جي اشارن تي تو پنهنجن سان وڇوڙو،

تو کي آ نفاقن ئي نپوڙيون ۽ نهڙيو.

(5)

گرداب مان ڪشتيءَ کي لنگهائڻ جو سمو آهه،

تلوار تلي سر نه جهڪائڻ جو سمو آهه،

تدبيرن سان بگڙي کي بڻائڻ جو سمو آهه،

هيءَ آگ ايامن جي اجهائڻ جو سمو آهه،

سمجهاءِ سندءِ صبر جي دنيا کي پرولي،

دنيا ٿي ڪري تنهنجي قناعت تي ٺٺولي .

(6)

پر ڪنهن انهي افسوس ۽ رودن مان وٽيو آهه،

آهن ۽ پڪارن مان ڪو گوندر نه گهٽيو آهه،

”هيءِ هيءِ“ مان سندءِ ڌنڌ وطن تان نه هٽيو آهه،

تو پاڻ بدنصيبي جو بنياد پٽيو آهه،

مالڪ ٿي تون محتاج هٿن ڏي ٿو نهارين!

ليڪن تون غلامي کان غمن ۾ ٿو گذارين.

 

 

(7)

چوندو ٿو رهين منهنجي وڏن جي آ وڏائي،

تو وٽ به رهي ڪا عملن جي صفائي؟

ڪهڙي تو ڪريل حال تي حڪمت آ هلائي؟

هنريت بزرگن جي ٿي ويتر ٿي ڪچائي،

ماضيءَ کي مصيبت ۾ فقط ياد ڪرين ٿو،

ڪا حال اڳيان حال جي فرياد ڪرين ٿو.

(8)

جنهن قوم تي غالب آ جهالت جي انڌاري،

تنهن پنهنجي سڄي زندگي ذلت ۾ گذاري،

لٽڪي جا مٿان ظلم جي گردن تي ڪٽاري،

تنهن کان نه ڪڏهن قلب آ قالب ۾ قراري،

مشڪل سا مگر قوم کي مجبور ڪري ٿي،

جا پاڻ ستم پاڻ تي منظور ڪري ٿي.

(9)

هڪڙي نه هتي آهه غلامن جي غلامي،

ٻنڌن کان ٿي پنهنجن ۽ پراون جي غلامي،

پنگت جي ٿي رسمن ۽ رواجن جي غلامي،

گذران جي چنتا ۽ گذارن جي غلامي،

افسوس غلامن کان غلامي ٿي پشيمان،

قيديءَ کان وڌيڪ ٿي پيو زندان پريشان.

 

 

 

(10)

چئو درد ڀريو تنهنجو غلاميءَ جو گذر ناهه؟

ڇا قوم جي قسمت تي قيامت جو قهر ناهه؟

يا تنهنجو وطن ناهه يا آهن ۾ اثر ناهه،

پٿر جو جگر آهه هي انسان جو جگر ناهه،

”فاني“ نه سگهين پنهنجو جڏو جيءُ  جياري،

تان سمجهه وطن مان وئين جيئري گذاري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org