سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سَمُنڊ سمايو بُوند ۾

صفحو :6


 

 

پنجڪڙا

 

ڪري ٿو تون تون پيو هي ڪير؟

اهوئي مان ئي مان آهيان،

نه چاهين ”مان“ کي مان چاهيان،

فقط آ تنهنجو ”مان“ سان وير،

ڪري ٿو تون تون پيو هي ڪير؟

 

ملائي آءٌ ڇڏيان تو ۾،

ڪڍي ڪو مون مان ”مان“ جو غير،

رهي جئن ڪوبه نه فرق نه ڦير،

سري ڪجهه تون به ته اچ مون ۾،

ملائي آءٌ ڇڏيان تون ۾.

 

نه ايڏو منهنجي ويجهو ويهه،

ڪري مان ڪين سگهان ديدار،

اجايو مون کي ملي ميار،

ڏکي توکي به ڏسي پيو ڏيهه،

نه ايڏو منهنجي ويجهو ويهه.

 

هياسون هڪ ٻئي کان نه جُدا،

ااصل کان مان تنهنجوئي روپ،

ٻنهي جو ساڳيو آهه سروپ،

خودي مان تون ٿي پئين خدا،

هياَسون هڪ ٻئي کان نه جُدا.

 

هتي جي ڪانه هجي ها رات،

جلائي شمع ڇوها جان،

پتنگ نه جان ڪري قربان،

نه ڪائي جاڳي ها جذبات،

هتي جي ڪانه هجي ها رات.

 

لڳي ٿي دنيا قبرستان ۾،

گهمن ڌرتيءَ تي زندهه لاش،

رهي ڪنهن ۾ به نه آهه شناس،

ٿئي ٿي انسانيت حيران،

لڳي ٿي دنيا قبرستان.

 

چون ٿا اڀ دونهين جو دود،

اهو ڪجهه آهي يا ناهي،

جي ڪجهه ڪوڙ ته سچ ڇاهي،

ملي ويو ڪين کي ڪيئن وجود،

چون ٿا اڀ دونهين جو دودو.

 

ملي ويو ڪين کي ڪيئن وجود،

رکي ڪو ڪين ۾ ڪيئن ويساهه،

ڪري سچ ڪوڙ جيان گمراهه،

نه اهڙي سچ جو ڪهڙو سود،

ملي ويو ڪين کي ڪيئن وجود.

 

 

ڪين کي ناهي ڪيئن نه وجود،

ڪين دنيا ۾ ڪيئن آئي،

جڳت تي عرش جيان ڇائي،

اچي ويو حد ۾ لامحدود،

ڪين کي ناهي ڪيئن نه وجود.

 

ڪين جو ڪوئي روپ نه رنگ،

سڄڻ جي اهڙوئي آهي،

رکيوسون ٺاهه منجهان ٺاهي،

اسان کي آيو ڪيئن امنگ،

ڪين جو ڪوئي روپ نه رنگ.

 

ڪين مان نڪري ايندو  ڪين،

ڪين کي ڪهڙي آ هستي،

ڪين جي ڇا تي آ مستي،

اچي ڪو ڪنهن کي ڪيئن يقين،

ڪين مان نڪري ايندو ڪين.

 

اها چئه ڪهڙي آهه حيات،

جئن ڪو چاهي جي نه سگهي،

مرڻ خود وس ۾ ٿي نه سگهي،

سزا ٿي سواسن جي سوغات،

اها ڀي ڪهڙي آهه حيات.

 

 

 

 

 

هوا ان پاڻي جيت ئي جيت،

اسان جي ڀڀ ۾ لڱ لڱ لاش،

جئڻ لئه وس ۾ آهه وناش،

اسان جي آهه موت تي جيت،

هوا ان پاڻي جيت ئي جيت.

 

ڪٿي آ پاپ ڪٿي آ پڃ،

لکن جيتن جي ماري جان،

جيئي ٿو پاپ ڪري انسان،

رڳو آزار رڳو آ اڃ،

ڪٿي آ پاپ ڪٿي آ پڃ.

 

جڳت جو ڪهڙو آهي روپ،

ڏسون جو اکين سان سڀ ڪوڙ،

رڳو آ ڌوڙ ڌڌڙ جي دوڙ،

ڪٿي سچ ٿي ويو آهه الوپ،

جڳت جو ڪهڙو آهي روپ.

 

هتي آياسون ڇاجي لاءِ،

سرڳ جا سک ماڻڻ شايد،

نرڳ جا دک ڀوڳڻ شايد،

هليا وينداسون ڪهڙي جاءِ،

هتي آياسون ڇاجي لاءِ.

 

 

 

ڇڻي پيا پاڻهي پيلا پن،

اسان کي رهڻ کپي ان ريت،

ڇڏيون ٿا ڇونه جڳت جي پريت،

عمر ڀر وڻ جي لوڇ لگن،

ڇڻي پيا پاڻهي پيلا پن.

 

جئڻ ۾ ڪهڙي آهه ڪشش،

مرون ٿا مرض مصيبت ۾،

رهون ٿا تنگ طبيعت ۾،

نه جاڳي روح اندر رنجش،

جيئڻ ۾ ڪهڙي آ ڪشش.

 

لڳي ٿو باغ نه گل پنهنجو،

بڻايو ڪٿ مون آکيرو،

بهاريءَ بند ڪيو ڀيرو،

چمن ۾ ڪونهي هل ڪنهنجو،

لڳي ٿو باغ نه گل پنهنجو.

 

روئي مان پاند پسايو رات،

اسر جو ڳوڙها ڳنڍ ٻڌم،

صبح جو موتي منجهه لڌم،

سڀاڳي سڪ جي آ سوغات،

روئي مان پاند پسايو رات.

 

 

پڙهيا مون گيتا ويد پراڻ،

ويس گنگا ۽ گرو جي دئار،

کڙي پيئي اوندهه انڌوڪار،

اڳي کان اڳرو ٿيس اڻڄاڻ،

پڙهيا مون گيتا ويد پراڻ.

 

نظم

ديس جي خاطر دل مان ڏيندس،

دل جنهن ۾ايمان به هوندو.

 

سر ڏئي مان سرهو ٿيندس،

سر جنهن ۾ اڀمان به هوندو.

 

محب وطن کان منهن نه مٽيندس،

منهن جنهن مان لڄ لال بکي ٿي.

 

درد مان ڪنهن سان ڪين ونڊيندس،

درد جو خود درمان به هوندو.

 

ديس جي ڌرتي سرڳ بڻائي،

اوج اڳئين جا ورق ورائي.

 

جنهن ۾ مستقبل جوڙيندس،

ماضي حال زمان به هوندو.

 

جنني جا سڀني جننين جي،

جسم به ان جو جان به ان جي.

 

”فاني“ فرض جو قرض سڃاڻان،

فرض سان گڏ احساس به هوندو.

 

 

 

محل جي پاڇي پٺيان ڪنهن جي آ جهرندڙ جهوپڙي،

جنهن منجهان دونهو ڪڍي چنتا جي ٻرندڙ چوچڙي.

 

ڏينهن سارو جنهن کي پورهئي جي پريشاني لڳي،

رات ساري غم گذر جي جنهن کي حيراني لڳي،

ڪيئن کڻي مفلس مهانگائيءَ جو سر تي پهاڙ،

هوريان هوريان ٿا وڃن آباد گهر ٿيندا اجاڙ.

 

جوِڙ ساڳي جوڙي سو ڪيئن بخت جوڙيندو جدا،

هيءَ بندو ٿو ڏئي بندو ٿي بندن کي سزا،

درد مندن جو نه ڪو دنيا اندر همدرد آهه،

گرم دل غمخوار جو سينو پيو ٿي سرد آهه.

 

مفلسن جي روز آهُن سان ٿو ڀرجي آسمان،

ڀرجي ڀرجي نيٺڪرندو فرش تي طوفان جيان،

ڪيئن خدا خود عرض دنيادار کان وسري ويو،

ڀروسو ڀڳوان جو دل مان سندس نڪري ويو.

 

محل وارا بجلين سان ڀل تون روشن گهر بناءِ،

پر نه ڏيئو ٽڪمندڙ مفلس جو ڦوڪن سان وساءِ،

آ غريبيءَ جي غمن جي رات ڪاريءَ جي پٺيان،

سج لڪل ”فاني“ اميدن جو انڌاريءَ جي پٺيان.

 

 

نئون دور

هي دور حسرتن جو، هر دم نه  هلندو رهندو،

صدما نه ڪو سدائين سختيون ۽ سور سهندو.

 

1- مورت تون پنهنجي من مان، ماضيءَ جي ڇڏ مٽائي،

ڪجهه حال لاءِ حيلا، همت سان ڏس هلائي،

ڳجهه ڳوهه ۾ ڳري ڪو ڳڻتين ۾ ڪيئن ڳهندو.

 

2- زردار جي ذهن تي، سو ارٿ سوار آهي،

مفلس جي مقدر جو جنهن تي مدار آهي،

ڌن جو خمار ان جي، نيڻن تان نيٺ لهندو.

 

3- روئندين عمر گذارين، لهه خواب ڪنهن خوشيءَ جو،

وٺ خار مان خفي ٿي رستو نه خودڪشيءَ جو،

بگڙيو جي بخت تنهنجو ٺاهڻ سان نيٺ ٺهندو.

 

4-  مغرور جي اڳيان ڇو مجبور ٿي گذرين،

قاتل جي ڪات ڏي ڇو، تون رحم. لئه نهارين،

چشمن مان تنهنجو چشمو وئرٿ وڃي ٿو وهندو.

 

5- چاهين جي تون جهڪائڻ  دنيا جهڪي پوي ٿي.

تنهنجي پڄي پڄڻ لئه، منزل رڪي پوي ٿي،

روڪي جو راهه تنهنجي بربت پٿون ٿي ڊهندو.

 

تون ۽ مان

(اتحادي آلاپ)

اچ برادر! ”تون ۽ مان“ ۾ اصل کان آهي وفا،

اڇ ته سڀني مان ڪڍي ڪينو ڪريون سينو صفا.

 

فڪر ناهي جيڪڏهن جهڳڙڻ رسڻ جي ريت آهه،

نيٺ پنهنجي ڀائپي جي پريت تي پرتيت آهه.

 

پر سڄڻ پر جي اڳيان گهر کي ڪنو ڪمتر ڪرين!

ڇو برادر، کير مادر جو نرادر ٿيو ڪرين!

 

غير جي چائنٺ تي بي غيرت جي پيشاني گسي،

پر غلامي ٿي ڇڏي احساس انساني کي.

 

سادگي اهڙي تي ڇا ڌڪار ۾ ڦٽڪار ناهه؟

ٿا لڙون ليڪن هٿن ۾ تير ۽ تلوار ناهه.

 

پنهنجي پابندي تي روئڻ جي بجا وڙهندا رهون،

ساري دنيا جي تڏهن لعنت ملامت ٿا سهون.

 

فرض پهريون آ غلامن جو غلامي سان لڙڻ،

ظلم کي پاڙون پٽڻ ذلت ايامي سان لڙڻ.

 

هڪ ٿيون هڪوار جي هندو مسلماني ڇڏي،

خودبخود ”فاني“ شرارت شور شيطاني ڇڏي.

 

 

تون ۽ مان

تون به اهوئي مان به اهوئي،

تو ۾ مون ۾  فرق نه ڪوئي.

تنهنجي منهنجي ساڳي صورت،

تون صورت مان تنهنجي مورت.

تنهنجي گهر مان ڌڪجي آيس،

هت ڇالئه مان ڇڪجي آيس.

تو آندو هت تنهنجي مرضي،

تو وٽ آءٌ نه آيس عرضي.

مون کي ڪري گداگر چاڪر،

سڏجي پاڻ سخي سوداگر.

مان جي توسان ڪريان بغاوت،

ڪيڏانهن ويندءِ سخي سخاوت.

توئي فرق وڌو تون مون ۾،

اصلي مون مليل هو تون ۾.

سمنڊ مان وير ڇو اڀري اٿي ٿي.

سڏيندا سڪ منجهان هوندس ستارا.

تراسائيءَ مان ڪاوڙ جي ڪري ٿي،

سهن ٿا قهر بي ڏوهي ڪنارا.

افق تي شام ڇو ڳاڙهي ٿئي ٿي،

ڇڏي ٿي ڏينهن جا پيارا نظارا.

سندس غم ۾ غصو ويتر وڌي ٿو،

اچن ڪارنهن مان ڪڏندا ڀوت ڪارا.

 

تنهنجي منزل آهه منزل کان پري،

دور ڏس ويجهي ڪڏهن منزل نه ڏس.

سرد سانجهي لاءِ ڪٺنائي نه ڪا،

حل ملي مشڪل جو پر مشڪل نه ڏس.

زندگيءَ جو نانءُ ٻيو آ ڪشمڪش،

راڳ رنگت جي رڳو محفل نه ڏس.

پنهنجي محنت سان مقدرکي بناءِ،

پاڻ کي قسمت جو تون قائل نه ڏس.

 

بوند

بوند تون آهين بحر جي، يا ڪنهن آسمان جي،

تون پيدائش پيار جي، يا ڪنهن جي ارمان جي.

 

1- بحر ڇو بي پايان ڇڏجي، عرش ڪشادي مان لڏجي،

توکي تنگ وڻي ويئي، زحمت هت زندان جي.

 

2- مکڙي گل بڻجي پوي، گل ٿي ڇن ڇڻجي پوي،

تو وٽ ڪا تفريق ناهه، خار يا گل خندان جي.

 

3- شيشي جئن تون صاف صفا، تو وٽ ناهه وفا جفا،

تو مان صورت ٿي بکي، نيڪ يا بد انسان جي.

 

4- تنهنجو کن پل جو گذر، ڪال قضا کان بيخبر،

تون ڇا پريت سچي سڏين، جوٺي هن جهان جي.

 

5- ”فاني“ پاڻ فنا ڪرين، تون لک بوندن ۾ ڀرين،

ايڪي ۽ اتفاق جي، خوشبو گڏ گذران جي.

 

 

حقيقت

 

ڪهڙي دل آهه جا زحمت کي به رحمت ٿي چوي،

رنج راحت چوي فرقت کي به فرحت ٿي چوي،

مان حقيقت ۾ حقيقت نه لڪائي ٿو سگهان.

 

تنهنجو غم منهنجي لئه چئه ڪيئن خوشي ٿي ٿو سگهي،

دل دکي وارو نه صورت ۾ سکي ٿي ٿو سگهي،

نير نيڻن جو نه ڇپرن ۾ ڇپائي ٿو سگهان.

 

هو نه موتي نه جواهر، رڳو تارا آهن،

پر ڪويءَ جي رڳو ديدن جا دلارا آهن،

اهڙي دولت اسان مان غربت نه مٽائي ٿو سگهان.

 

منهنجي اک ڪين فريبن کان ڪو کائي ٿي فريب،

تنهنجي سچ سامهون ماکي ٿيا سوري ۽ صليب،

مان نه اڳوان کي ڀڳوان بڻائي ٿو سگهان.

 

بيوفا سان مان وفا ڪين ڪرڻ ٿو چاهيان،

دل ڏيڻ کان به اول دل مان وٺڻ ٿو چاهيان،

نينهن جو ناتو نه نالي ۾ نڀائي ٿو سگهان.

 

مان ٿو جذبات جي دنيا کان دور دور رهان،

مان ٿو حالات جي مجبوري کان مجبور رهان،

مان ستل ڀاڳ جفا سان نه جڳائي ٿو سگهان.

 

 

ڇا نه بادل ڇا نه بجلي ڇا نه بوندن جي بهار،

مان مفلسي تي مصيبت ٿو ڏسان ميگهه ملهار،

مان ان جي آگ جلائي نه ٻجهائي ٿو سگهان.

 

مون کي اوچو نه اڏامڻ جي لاءِ عرش کپي،

مون کي فرحت ڀريو ”فاني“ ٿو فقط فرش کپي،

مان امنگن جي عمارت نه اڏائي ٿو سگهان،

مان حقيقت ۾ حقيقت نه لڪائي ٿو سگهان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org