سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ترورا

صفحو :3

بهرحال آزاد نظم جي هن اڀياس جي نتيجي طور، آزاد نظم جي صنف کي جيترو سولو سمجهيو ٿو وڃي، اوترو سولو نه آهي، هن ۾ رائج بحر وزن کان هٽي ذاتي ۽ انوکا ردم تخليق ڪرڻا ٿا پون، قافيي جو روايتي استعمال ڇڏي، اندروني قافيي ۽ assonance جي استعمال جي ڄاڻ لازمي آهي. موسيقيءَ جي فن سان ويجهو لاڳاپو ضروري آهي.

Bibliography

بشير مورياڻي- ٽماهي مهراڻ.

راز عبدالرزاق- جديد نظم ۽ نئون نظام: نئين زندگي ڪراچي. اپريل 1968ع صه 36

شمشيرالحيدري- آزاد نظم جو تاريخي پس منظر: نئين زندگي ڪراچي، مارچ 1968ع صه 74

Ezra Pouud: Literary Essays-London. Geoffrey Brereton:

Introduction to French Posts. London. 1960.

Martva Symour-Simith: Guide to Modern Word Literature

Vol. II, London 1975.

P. Mansfield Jones: Back Ground of Modern French

Poetry, Combridge, 1968.

Sanders: Discovery of Poetry, Illionos, 1967.

Shiplay, Jeseph. T: Dictionary of World Literary Terms

T. S. Eliot: O Poetry and Poets, London, 1969.

Wallace Fowley: Mid century French Poets, New york 1955.

 

جپاني هائيڪو

(هر سٺو شعر چنڊ ڏي اشارو ڪندڙ آڱر آهي. پر آڱر آهي، چنڊ ناهي)

سنڌي شاعريءَ ۾ اڄڪلهه هائيڪو جي صنف ڏاڍي مقبول ۽ عام ٿي وئي آهي. ٽيڙو، ٽه سٽا، هائيڪو ۽ هائيڪا- انهن نالن سان ڪيترائي نوان ۽ پراڻا شاعر هن جپاني فارم ۾ شعر لکندا ٿا رهن. ان ڪري هن وقت ضروري آهي ان صنف جي فني توڙي فڪري تاڃي پيتي جو جائزو وٺجي، ۽ ان جي باري ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪجي.

عام جپاني، بنا ڪنهن ڪوشش جي هائيڪو چيو وٺن. هنن وٽ صدين کان اها صنف مقبول عام آهي. عام طرح جپاني لڄارا ٿيندا آهن پر جي هنن کي هائيڪو ٻڌائڻ لاءِ چئبو ته بنا ڪنهن هٻڪ جي، بي ڌڙڪ ٻڌائڻ شروع ڪندا. شهر شهر ۾ هائيڪو ڪلبون آهن، جن ۾ دڪاندار، شاگرد ٽڪيٽ چيڪر ۽ هر قسم جا ماڻهو حصو وٺندا آهن، ۽ انهن ڪلبن طرفان هائيڪو مخزنون نڪرنديون آهن، جن ۾ هو هائيڪو لکندا آهن. جپان ۾ هيءَ صنف ائين مقبول آهي جيئن اسان جي ٻهراڙين ۾ بيت. Miniature poem

هائيڪو يا ’هوڪو‘ هڪ مختصر نظر (miniature poem) آهي. اها صنف جپاني ڊگهي نظم ٽنڪا (tanka) مان نڪتي آهي. ٽنڪا ۾ پنج، ست ست ماترائون هڪ بند ۾ هونديون آهن، ۽ هڪ نظم ۾ ڪيترائي اهڙا بند هوندا آهن. هلندي ٽنڪا جو هڪ بند الڳ صنف ٿي پيو ۽ ان کي رينگا (renga) سڏيو ويو. رينگا جو گهاڙيٽو ساڳيو ٽنڪا جي هڪ بند وارو (پنج ست پنج ست ست ماترائون) وڃي بيٺو. هيءُ بلڪل انهيءَ طرح ٿيو جيئن قصدي مان غزل نڪتو. اڃا به اڳتي هلي رينگا جو شروعاتي حصو هڪ ڌار گهاڙيٽو ٿي پيو ۽ ان کي سڏايائون هائيڪو.

هن ننڍڙي مڪمل نظم جون ڪجهه فني ضرورتون پڻ آهن: هڪ ته آهي گهاڙيٽو. هائيڪو پنجن ماترائن تي مشتمل هوندو آهي، ۽ ان جي پهرين ۽ آخري سٽ جو قافيو ساڳيو ملندو آهي. جيڪا هائيڪو لاءِ ضروري آهي، اها آهي فطرت سان لاڳاپو. هائيڪو ۾ فطرت جو ذڪر هجڻ ضروري آهي. هائيڪو جي ٽئين لازمي ڳالهه آهي ڪنهن واقعي ڏي اشارو هجي. چوٿين لازمي ڳالهه آهي ان واقعي جي ڪنهن مسلسل عمل کي ’کڻي رهيو هجڻ‘ جي حالت ۾ قلمبند ڪيو وڃي- زمان استمراري هجي.

گهڻن مبصرن هائيڪو کي جپاني چترڪاريءَ کان متاثر ٿيل ڄاڻايو آهي. جپان جي روايتي چترڪاري به اختصار تي ٻڌل آهي. ٻه ٽي ليڪون ڪڍن ته مڪمل نظاري جو احساس پيدا ٿي پوي. ٿورا رنگ گهڻو مقصد بيان ڪن، جپاني مصوري اهڃاڻي توڙي اشاراتي آهي. هنن وٽ وڻ جي هڪ ٽاري سڄيءَ فطرت جي نمائندگي ٿي ڪري. ساڳيون ڳالهيون هائيڪو شاعريءَ ۾ پڻ آهن. مختصر لفظ، مختصر واقعا، سڄيءَ ڪائنات جي باري ۾ ڳوڙها ۽ اونها احساس ٿا ڏيارين.

جپاني هائيڪو تي ٻڌمت جو اثر پڻ آهي. چون ٿا ته جيئن گوتم ٻڌ اوچتو نرواڻ مليو، تيئن هائيڪو ۾ اوچتي من اڇل يا اوچتي عرفان جو احساس ملڻ ضروري آهي. هڪ روايت آهي ته باشو (جنهن هائيڪو شاعري کي چوٽ تي پهچايو) کان هڪ دفعي سندس ٻوڌي استاد پڇيو ته، توکي مهاتما ٻڌ جو عرفان ڪيئن ٿيو. ان وقت هو تلاءَ جي ڀرسان ويٺا هئا. باشو جواب ڏنو:

سيواريل تلاءَ

ڏيڏر ٽپ ڏنو

پاڻيءَ جو ڇپڪو.

هن هائيڪو ۾ مسلسل واقعو آهي، ’ڪجهه ٿي رهيو هجڻ’ جو تاثر آهي. اوچتائپ (suddenness) آهي- سينواريل تلاءَ معنيٰ عرصي کان بيٺل سانتيڪو- ماٺوڪي- ڏيڏر جو ٽپ- اوچتو آواز- سانت ۽ پاڻي جي ساڪت هجڻ ۾ اوچتي تبديلي. ٻه مختلف ۽ مخالف ڳالهيون، سانت ۽ آواز- به مختلف خيال: سينور (عرصي جو اهڃاڻ) ۽ ڇپڪو (گهڙيءَ جو احساس).

اهي آهن هائيڪو شاعريءَ جون فني باريڪون.

هائيڪو شاعريءَ ۾ ’ڀريل عڪس‘ (charged image) جي موجودگي ان ۾ وڌيڪ تاثر ٿي ڀري. ڀريل عڪس، اهو عڪس آهي جيڪو ڪنهن سادي ۽ خارجي عڪس ذريعي جذبي جو شديد تاثر ٿو ڏئي. عڪس رڳو عڪس نه هجي، پر اهو تاثر سان ڀريل هجي. جيئن:

جڏهن اگهاڙي ٽاريءَ تي

ڪانءُ اچي وهي

سمجهو سچ پچ رات اچي وئي.

(باشو)

اگهاڙي ٽاري (جنهن جا سڀ وڻ ڇڻيل هجن) مايوسيءَ جو تاثر ٿي ڏئي- سانجهيءَ جو وقت ۽ اهڙي ٽاريءَ تي ڪانءَ جو واهيرو ڪرڻ ان احساس کي وڌيڪ زورائتو ٿا ڪن. جيڪڏهن ٻه مختلف عڪس جن جو ظاهري طور پاڻ ۾ لاڳاپو نه هجي، ۽ هڪ ٻئي جي ڀرسان رکجن، ته انهن مان هڪ بلڪل ئي الڳ حقيقت جو عرفان ملي ٿو اها حقيقت نه پهرين عڪس ۾ هوندي آهي نه ٻئي ۾.

وڄ جو چمڪو

ڪوئل جو آواز ويو

اوندهه ۾ ترندو.

(باشو)

وڄ جو چمڪو، ۽ ڪوئل جو آواز- اوندهه ۾ روشني، سانت ۾ ڪوڪ. ٻنهي ۾ ڪو ظاهري لاڳاپو ڪونهي، پر ٻنهي ۾ يڪسانيت آهي. هيءُ هائيڪو به ان قسم جو آهي:

ڪرندڙ پنکڙيون

۽ انهن جي وچ ۾

مڇر جي ڀون ڀون

(بوسن)

هائيڪوءَ جي هڪ ٻي ٽيڪنيڪ به آهي. اها آهي ’موٽڻ جي ٽيڪنيڪ‘ (phenomena of reversal) ٽيڪنيڪ موجب واقعي کي اُبتو بيان ڪيو ويندو آهي. ان طرح سان آخري سٽ تائين شعر جو مفهوم ظاهر نه ٿو ٿئي ۽ آخري سٽ تي اوچتو سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچيو وڃي. اهڙن هائيڪن ۾ آخري سٽ ذهن تي ڌڪ هڻندي آهي. مثال طور:

ڏيڏر جو آواز

پنن جي چرپر

برسات!

هئڻ گهرجي: برسات، پنن جي چرپر، ڏيڏر جي آواز، ڇو ته ٻيون سڀ ڳالهيون مينهن پوڻ جي اثر طور ظاهر ٿيون، پر هتي واقعي کي اُبتي ڪرڻ سان هيڪو ۾ وڌيڪ تاثر پيدا ڪرڻ ٿي ويو آهي.

هائيڪو جي شروعات چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ ٿي. روايتي طور هن صنف جا بنياد وجهندڙ مارتيڪ ۽ سوڪن هئا، هنن جي شعر ۾ اڪثر طنز هوندي هئي. ان کانپوءِ ٽيٽو ڪو هن صنف کي رينگا ڏي موٽائڻ چاهيو ۽ فني باريڪين ۾ وجهي ڏاڍا ڏکيا قانون گهڙيا، تان جو شاعري يڪسانيت جو شڪار ٿي وئي، ڊئنرن اسڪول، جنهن جو پايو سوئن (82-1605ع) وڌو، انهن لاڙن جي خلاف ڪم ڪيو، پر هي به گهڻا انتها پسند ٿي ويا، آخر باشو (94-1644ع) هن صنف کي سوڌي، سنواري جرڪائي ڇڏيو، ۽ هائيڪو کي آخري شڪل ڏيئي چوٽ تي پهچائي ڇڏيو. باشو پهريائين ڪن اميرن جي نوڪريءَ ۾ هو، هن استاد ڪِگِن کان هائيڪوءَ جي تعليم ورتي. جڏهن سندس مالڪ فوت ٿيو ته هن پنهنجي سڄي حياتي شاعريءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي، هائيڪو جي تعليم ڏيندو رهيو. سندس شاگردن مان ڪيترائي سٺا هائيڪو چوندڙ شاعر ٿيا.

باشو جي خيالن مطابق شاعريءَ ۾ عڪسي ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ گهرجي. هن هائيڪو شاعريءَ کي روزمره جي زندگيءَ جي ويجهو آندو، هن چيو آهي ته : ”شاعر کي عام سان رلمل ٿي وڃڻ کپي، پر تنهن هوندي به من جي عظمت کي قائم رکڻ گهرجي.“

هن ’سادگيءَ ۾ سونهن‘ واري ٻوليءَ تي زور ڏنو آهي. هن جي چوڻ موجب شاعري فطرت جو اظهار هئڻ گهرجي. پر فطرت جو اهڙو اظهار هجي جيڪو سڄي ڪائنات جي مانڊاڻ کي سمجهائي. هن جي شاعري سادو ۽ سڌو اظهار آهي، گهڙيءَ پل جو ذڪر آهي. پر ان جو اثر وقتي ۽ عارضي ناهي، ان جو احساس ۽ تاثر، ازلي ۽ آفاقي آهي، ۽ سندس معنيٰ ۽ مطلب دل کي ڪنهن ازلي سچ ۽ عظيم روح سان هم آهنگ ڪن ٿا. هن شاعر تي ٻڌ مت جو اونهو اثر آهي.

باشو کانپوءِ بوسن (83-1715ع) هائيڪو جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. هو نه رڳو سٺو شاعر هو، پر ان سان گڏ هڪ مشهور چترڪار پڻ، هن جي چترڪار هجڻ جي خاصيت سندس شعري عڪس مان ظاهر آهي. هن وٽ نقاش جي نظر هئي، ان ڪري ئي سندس شاعري معروضي ۽ نج آهي. هن کي فراريت پسند چيو ويو آهي، هن باشو جي سانت کان وڌ لفظن جي شان ۽ حسياتي شاعريءَ تي ڌيان ڏنو آهي. باشو تڪلف سان ڀريل روايتي هو، ته بوسن بي تڪلف ۽ عوامي.

ايسا (1826-1763ع) بوسن کان پوءِ آيو ۽ هو به هائيڪو جي وڏن شاعرن مان هو. ايسا هائيڪو شاعريءَ کي عام ماڻهوءَ جي سطح تي آندو. هن جي ٻولي توڙي اسلوب عام ماڻهوءَ جا آهن، سندس شاعريءَ ۾ طنز ۽ مزاح جو رنگ آهي، توڙي هن جي ذاتي زندگي مايوسين سان ڀريل هئي، پر تڏهن به هن جي شاعراڻي روح شڪست نه کاڌي، هو خوشي ۽ تعجب پيدا ڪندڙ شعر خلقيندو رهيو. جپاني هائيڪو شاعرن ۾ ايسا سڀني کان وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو.

هائيڪو شاعريءَ جو جديد دور (1868ع) کان ليکيو وڃي ٿو، پر ان دور جي لاڙن ماحول تي ڇانئجڻ 1880ع کان 1890ع ڌاري شروع ڪيو.

هن دور جي شروعات شيڪي (1902ع-1867ع) ڪئي. شڪي جو مقصد هو فطرت کي محفوظ ڪرڻ. هو چوندو هو: ”فطري ٿيو“ ”حقيقي نظارن کي اهميت ڏيو.“ اهو ئي ’حقيقي نظارن کي اهميت ڏيو‘ جو متو هائيڪو مخزن ’ڪوئل‘ جو بنيادي اصول هو. اها مخزن شڪي ۽ ڪيوشي ’1899ع ۾ شروع ڪئي. شڪي نه فقط سٺو هائيڪو شاعر هو، پر هو هائيڪو شاعريءَ جو وڏو نقاد پڻ هو. هن باشو کان وڌيڪ بوسن کي اهميت ڏني. عمر جي آخري وقت ۾ هن باشو کان وڌيڪ بوسن کي اهميت ڏني. عمر جي آخري وقت ۾ هن تمام ڊگهي بيماري ڏٺي. ان بيماريءَ هن جي شاعريءَ ۾ اذيت جو احساس پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

هن جي تنقيد ڪيترن هنڌن تي انتها پسنديءَ واري آهي، پر تنهن هوندي به هن کي باشو، بوسن ۽ ايسا سان گڏ هائيڪو جي چئن وڏن شاعرن مان ليکيو ٿو وڃي. هن خالص معروضي هائيڪو لکيا آهن ۽ اهڙن هائيڪن لکڻ لاءِ ئي پرچار ڪندو رهيو.

شڪي جا اوائلي شاگرد هئا هيگي ڪوتو ۽ ميس ايستو. ڪجهه وقت کان پوءِ هيگي ڪوتو هنن کان ڌار ٿي ويو ۽ ڪلاسيڪيت ۽ روايت خلاف هائيڪو شروع ڪيائين. هيگي ڪوتو اهڙا هائيڪو لکيا جيڪي ’آزاد هائيڪو‘ آهن، ۽ انهن ۾ ماترائن جي ڳاڻيٽي جو به لحاظ نه آهي، اڳتي هلي ڪافي نون شاعرن آزاد هائيڪو لکڻ شروع ڪيا. اهڙن شاعرن جي اڳواڻي ڪيوشي ڪئي. جنهن سان ڪيترائي جديد شاعر جهڙوڪ سئي ها، ڊڪوتسو ۽ سيڪتي شامل ٿي ويا.

26-1912ع ڌاتي باشوءَ ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي ۽ باشو هڪ دفعو وري مقبول ٿيڻ لڳو، اهو ان ڪري ٿيو جو جپاني شاعري جديد يورپ جي اهڃاڻي شاعريءَ جو اثر قبول ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ باشو جي هائيڪن ۾ اهڙا عنصر اڳ ۾ ئي موجود هئا. ڪيترن ئي نون شاعرن جهڙوڪ شئوشي، باشو ڪشادئو، تڪاشي، هڪير ۽ شوشن، ڪيوشيءَ سان شامل ٿي، ’نئين اسلوب واري هائيڪو‘ جو پرچار ڪيو ۽ انهن جديد لاڙن جي اثر هيٺ پراڻو، ڪلاسيڪي ۽ روايتي هائيڪو، نئين زماني جي نئين رنگ ۾ رنگجڻ لڳو.

مددي ڪتاب

1. Coben. William: To Walk in Seasons, Tokyo, 1972.

2. Gesffrey Browns and Anthony Thwaite: The Pengum Book of japnese, Middle Sex 1964.

3. Shipley, Joseph. T: Dictionary of World Literary Terms, London 1970.

ڪجهه وڌيڪ اڀياس

(مهراڻ نمبر 1-2 سنه 1977ع ۾ منهنجو مضمون ’جپاني هائيڪو‘ ڇپيو هو. ان کان پوءِ به مون جپاني شاعريءَ جي هن صنف تي اڀياس جاري رکيو. پروفيسر ڪينٿ يسودا جو ڪتاب، The Japanese Haiku ان صنف تي جامع ڪتاب آهي، جيڪو هن 1955ع ۾، ٽوڪيو يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ لاءِ پيش ڪيو. ڪينٿ يسودا هائيڪو تي ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن ۽ هو هائيڪو جو هڪ سٺو شاعر آهي، جپاني نسل جو آمريڪي آهي ۽ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ تحقيق ڪئي اٿائين. هيٺ ڏنل سڄو مضمون سندس ڪتاب ’جپاني هائيڪو‘ تان ورتل اقتباس تي مشتمل آهي، ۽ نوٽس (notes) جي صورت ۾ آهي).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org