سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ترورا

صفحو :10

ائين نسل درنسل ارتقا ٿيندي رهي، وري به هي جديد فرينچ شاعر جو حوالو ڏيندس، اُهو آهي جوليس سپرويل. هو چوي ٿو ته:

Tout senle est la Terre

Et Pourtant et pourtant

In faut bien que chaeum la frorte

Sur le dos

Et meme quand it dort encore ce far deau

Que Le fait soupirer au fond de sa sommeil,

Sous une charge saus pareille!

Plus lourde que jamais La Terre

En temps de gnerre

Nous I, entendons ge, mirsur

Nos e’paules Lass es

Poursau el, horrible eris

Qui de,vorent l,espase

Mais il faut La porter to jouss

Un peu plus Loin

Pour La fair passer d,ojourdhui

a, demain.

ڌرتي ڏاڍي ڳوري آهي.

هر ماڻهوءَ کي پنهنجو بار پنهنجي پٺيءَ تي آهي.

     ڌرتي ڏاڍي اڪيلي آهي- پر تڏهن به- پر تڏهن به-

۽ اسان مان هر هڪ کي اها پٺن تي کڻڻي آهي

۽ ننڊ ڪندي به اهو بار اسان کي پيڙي ٿو

جنگ جي وقت، هيءَ ڌرتي هميشه کان به

وڌيڪ ڳوري آهي.

اسان پنهنجي ٿڪل ڪنهن جو ڪنجهڻ ٻڌون ٿا،

۽ انهن جون درد ناڪ رڙيون پڻ.

جيڪي خلا ۾ گونجن ٿيون.

پر تڏهن به، اسان کي هميشه اهو بار کڻي

اڳتي وڌڻو آهي.

جيئن ڌرتيءَ کي اڄ کان اڳتي وڌائي،

’سڀاڻي‘ تائين پهچايون.

ته اسان جو فرض آهي، ته اسان پنهنجي سماج کي

سڀاڻي ڏانهن وٺي هلون.

جنهن لاءِ لطيف چيو آهي:

’سج سڀاڻي جا ڪري، سائي ساميءَ روءِ.‘

هاڻي اچو ته ڏسو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون.

تازو آمريڪي دانشور ايلون ٽوفر جو هڪ مضمون ڇپيو آهي، ان مضمون جو عنوان آهي ٽيئن لهر (Third wave). هن جي خيال موجب، انسان ذات جي تاريخ ۾، پهرين لهر اٽڪل ڏهه هزار سال اڳ آئي، جڏهن زراعت ايجاد ٿي.

ٻي لهر صنعتي انقلاب هئي، جڏهن سماج ۾ اجتماعيت (Massification) جو رجحان پيدا ٿيو، جمهوريت آزادي ۽ ٻيا قدر نروار ٿيا. هن جي خيال ۾ ٽئين لهر ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪس ٿوري مواصلات جي تڪڙي ترقيءَ جي ڪري شروع ٿي آهي. هاڻي ڏسون ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟

اسان وٽ اڃا زرعي سماج آهي، صنعتي انقلاب جي ٻي لهر اڃا شروع ئي مس ٿي آهي. اسان وٽ اڃا سماج جي اجتماعجڻ جو عمل شرع ئي نه ٿيو آهي. انفرادي سوچ آهي، پر اجتماعي قدر نه آهن. جمهوري، سيڪيولر توڙي حقيقت پسنداڻي سوچ ۽ عمل اڃا اجتمائي شڪل اختيار نه ڪري سگهيا آهن. اسان اڃا صديون پوئتي آهيون.

جيئن وڻ، ڪوڏ ۽ هڏا پنڊپهڻ ٿيندا آهن، Fossilize ٿيندا آهن، تيئن ثقافتون، قومون، ۽ زبانون جيڪي تاريخ کان پوئتي رهجي وينديون آهن اهي به فاسلائيز ٿي وينديون آهن. ڇا عبراني، لاطيني توڙي سنسڪرت زبانون فاسلائيز نه ٿي ويون آهن؟ ڇا قديم مصري، قديم يوناني توڙي موهن جي دڙي جون ثقافتون فاسلائيز نه ٿيون آهن؟ مغل تهذيب جنهنجو اڊمبر ۽ شان ننڍي کنڊ تي صديون هليو اها فاسلائيز نه ٿي وئي آهي ڇا؟

ته پوءِ سوال آهي ته سنڌ جي ثقافت ۽ ٻولي به فاسل ٿي، ميوزم جي زينت بڻجي ويندي ڇا؟

ان جو جواب اسان کي ڏيڻو آهي- اسان جيڪي سڄاڻ، ڏاها ۽ ليکڪ سڏايون ٿا.

جي اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو، ته سنڌ تاريخ جي وهڪري سان اڳتي وڌندي رهندي ۽ جي نه، ته پوءِ يقيناً سنڌ فاسلائيز ٿي ويندي.

ادب بدلجندڙ سماج جو پئر ميٽر آهي. اهو درست آهي ته اسان وٽ اڃا ٻي لهر شروع ئي مس ٿي آهي، ته اسان جو ادب هينئر انهن روشن رستن کي ڪيئن سڃاڻي سگهندو جن تي يورپ ۽ آمريڪا هلي رهيا آهن.

ادب سماج کي به بدلائيندو آهي، قدرن کي موڙيندو آهي، رهبري ڪندو آهي. اهو سڀ اسان کي ڪرڻو آهي. اسان کي سچ، سونهن بي تعصبي، حقيقت پسنديء ۽ جمهوري قدر، انهن سڀني ڳالهين ڏانهن عوام کي لاڙڻو آهي پر اسان اڪيلي ائين ڪيو ته ڳالهه هوا ۾ رهجي ويندي، ان سان گڏجي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت اڳتي نه وڌي ته اهو سماج پيدا نه ٿيندو جيڪو اسان جي تاريخ کي اڳتي وٺي هلي. اسان کي ان لاءِ به پاڻ پتوڙڻو پوندو ڇو ته سائنسي ۽ صنعتي ماحول کانسواءِ وهمن، وسوسن ۽ بي بنياد مفروضن (Dosmas) جي ماحول ۾ سچ سونهن، حقيقت پسندي ۽ سيڪيولرزم رڳو عڪس هوندا، اصل تصوير نه هوندا.

ته اسان جو اهوئي فرض آهي جيڪو جوليس سپروائيل جي نظم ۾ ’اڄ کان اڳتي هلي سڀاڻي تائين پهچڻ‘ بيان ڪيو ويو آهي.

اسان ان کان وڌيڪ ڪابه چڱي ڳالهه ڪري نه ٿا سگهون جو اسان جو نئون نسل، اسان کان بهتر زندگي گذاري سگهي. هي سڀ ڳالهيون ان ڪري چيم جو مون کي خبر هئي ته منهنجي آڏو نوان نوجوان هوندا ڇو ته جنهن جي مجموعي جي مهورت جو شرف مون کي بخشيو ويو آهي، اهو پڻ نوجوان آهي.

هاڻي اچو ذوالفقار سيال تي.

هن پياري شاعر، وڻندڙ مهانڊن ۽ دلفريب طبيعت واري نوجوان ۾ سٺي شاعر ٿيڻ جا سڀ جيوڙا موجود آهن. سندس هي مجموعو جنهن تي اڄ بحث ٿي رهيو آهي، اهو مون کي ٽي ڏينهن اڳ مليو آهي. ٽي ڏينهن، ڪنهن شاعر کي پڙهڻ، سمجهڻ، ماڻڻ ۽ ان جي فن تي راءِ ڏيڻ لاءِ تمام ٿورو عرصو آهي. ان ڪري منهنجي راءِ ۾ ڪا گهٽ وڌ ڳالهه هجي ته اها ذوالفقار سيال جي ڳچيءَ ۾ آهي. پر ايترو ضرور آهي جو جنهن ’تخليق‘ جو مون اڳي ذڪر ڪيو آهي، اها سندس شاعريءَ ۾ موجود آهي ۽ کيس ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي رڳو ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. سولن لفظن ۾ ’تخليق‘ معنيٰ اها شاعراڻي ڪوشش جيڪا اڳي ڪنهن نه ڪئي هجي، پوءِ اهو استعارو هجي، تشبيهه هجي، انداز بيان هجي يا گهاڙيٽو.

ذوالفقار جا هي شعر سندس تخيلقي اصليت (Creative Originality) جا شاهد آهن:

ڏسڪي ساري ڏات پئي آ ڪاراٽيو جيون

               سڀڪو آهي صليب تي

اتي جيون جي ڪاراٽجڻ جي ترڪيب نئين نڪور آهي.

جنهن ويلي تنهنجو عڪس ٽٽو،

                              مون ميڙي شيشو جوڙيو هو.

نهنڊ ڏئي ڪنهن ڇوڏو اکيليو ڦٽ ڪري پيو آهي

                    الا! هي جيءُ جهڙي پيو آهي.

ڌرتتي آ ۽ واري چوڌاري،

ڇا ڪندو شيشي جو اهو سايو.

ذوالفقار جو انهيءَ شعر ۾ عڪسيت، اهڃاڻي شاعريءَ توڙي بيان جو ڪمال آهي.

’شيشي جي پاڇي‘ جو تصور ڪرڻ ۽ ان جو ان ريت اظهار ڪرڻ ڪنهن معمولي شاعر جو ڪم ناهي، اهو شعر اهڙو شعر آهي جنهن تي هوند مان به فخر ڪيان.

ذوالفقار جي سرسري اڀياس مان مون کي ائين لڳو ته هيءُ شاعر بنيادي طرح غزل جو شاعر آهي. هونءَ ته هن وايون، گيت ۽ آزاد نظم پڻ لکيا آهن پر هن غزل گيتن جي حصي ۾ شامل ڪيا آهن.

جيئن:

ياد تنهنجي تري آئي من تي وري.

ٽاريءَ ٽاريءَ گل ٽڙن ٿا، ڪونجون ڪڻڪي گيت چون.

پر ذوالفقار سيال شاعريءَ جي غزل جي صنف تي قبضو ڪيو آهي جنهن شيءِ کي ’تغزل‘ چوندا آهن، اها سندس شاعريءَ ۾ عام جام آهي. منهنجي خيال ۾ هتي ويٺل دوستن کي تغزل جي معنيٰ سمجهائڻ جي ضرورت ناهي پر تڏهن به اهو ڪافي ٿيندو ته ’تغزل‘ معنيٰ آهي اشاري ۾ وڏي ڳالهه چئي وڃڻ، بوند جو ذڪر ڪري سمنڊ جو تصور ڏيڻ.

ذوالفقار سيال جو تغزل ڏسو:

هر ڪو چهرو تو جهڙو آ

ڀلجي اڪثر آءٌ پوان ٿو.

 

تو بن تنها هيڪل وياڪل

ڏينهن نه پڇ ڪيئن گهاريو مون.

 

اسان ته اڳيئي گنهگار آهيون

فرشتا به مرڪي تون ٿيڙي ويو آن.

 

ڪو تعلق نه آ گفتگو نه سهي

نيڻ مرڪي کڻي بس بهاري ڇڏيو.

مٿين ٻنهي شعرن ۾ ته ۽ نه جو ڇڪجڻ سٺو نه ٿو لڳي. ڪي ٻيا تغزل جا شعر:

ڪوئي ايندو اڱڻ تنهنجي شايد تڏهن

وار پنهنجا ڦٽل تون سنوارين پيو.

 

لوڪ توکي سڃاڻي ٿو ليڪن

توسان منهنجو جڏهن حوالو آ.

 

شيخ زاهد پارسا ۽ دل سڙيا

مئڪدي ۾ رات سڀڪوئي گڏيو.

 

هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ پٿر

آيو ڪو ديوانو هوندو.

 

پنهنجي ٽٽي جي دل ته ڪائي ڳالهه ناهي پر

ان ۾ هو تنهنجو عڪس ٿيو چور دوستو.

 

تو جي سامهون اچي دلربائي ڪئي

مون نئين درد جي رونمائي ڪئي.

ذوالفقار جا اهي شعر ڌيان سان پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته تغزل ڇا هي.

ذوالفقار وٽ سهڻا عڪس به آهن پر اهڙا عڪس جن ۾ اصليت آهي، جيڪي سندس ذاتي مشاهدي جي سبب تخليق ٿيا آهن:

چيڙهالن اڻڀن وار ۾ ڳتي آئي ڳاڙها گل

سپنا روح ۾ رهنڊ وجهن ٿا

چانڊوڪيءَ مان وهنجي آئي باکن جهڙا ڳاڙها ڳل

سپنا روح ۾ رهنڊا وجهن ٿا.

هنن سٽن ۾ ’چيڙهالا اڻڀا وار‘ ۽ انهن ۾ ڳتيل ’ڳاڙها ڳاڙها گل‘ ۽ ’روح ۾ رهنڊ‘ عڪس ته آهن پر ذوالفقار جا انفرادي عڪس آهن. ان کانسواءِ ’ڳتي‘ ’ڳاڙها‘ ۽ ’ڳل‘ جي تجنيس حرفي ان شعر کي ڪيڏي نه موسيقي بخشي آهي.

شاعري پنهنجي دور جي حالتن جو عڪس هوندي آهي. اسان ڪهڙي دور ۾ رهون ٿا، اهو به ذوالفقار پنهنجي شاعراڻي لهجي ۾ رڪارڊ ڪيو آهي. هر شاعر کي پنهنجي آڏو گذرندڙ حالتن جو اظهار شاعراڻي انداز سان ڪرڻ گهرجي. سياستدانن جو پنهنجو طريقو آهي ۽ شاعرن جو پنهنجو. ذوالفقار جو شاعراڻو طريقو ڏسو:

ڪين ٿيو آ درد جو درمان تنهنجي شهر ۾

اهو سڄو غزل توڙي روايتي آهي پر هن دور جي سڄي تصوير اکين اڳيان آڻي ٿو، يا هي شعر پڙهو:

وقت جي وير ۾ حالتن جي هٿان

روز ويٺا ٺهون روز ويٺا ڊهون.

 

رستي هجوم آهي، ڪنهن کي ٽنگيو ويو آ

پنهنجن هٿان وري ڪو شايد ڏنگيو ويو آ.

اهو شعر اسان سنڌين جي نفسيات جي پوري ترجماني ڪري ٿو.

سندس هڪ غزل سڄو ئي حال جو قال آهي:

ساٿ سلامت سارو آهي

ڪات اُڀو ٿيو يارو آهي

ڏاهپ جو انعام انوکو

پٿرن جو وسڪارو آهي

چنڊ کڻي اچ گڏجي ڳولهيون

رات جو وحشي ڪارو آهي.

ان شعر ۾ ٻيا بند ته سٺا آهن پر چنڊ کڻي، ڪاري وحشيءَ کي ڳولڻ جو عڪس ڪنهن معمولي شاعر جو ڪم ناهي.

ذوالفقار نئين ٽهيءَ جو شاعر آهي Angry young man آهي پر سندس انقلابي اظهار جذباتي، سطحي ۽ نعري بازيءَ وارو نه، پر شاعراڻو آهي:

انصاف نه خيراتي آهي

زنجير ڪڏهن کڙڪاياسين.

 

شيشي جي ديوارن آڏو

پٿر ڪوئي ماري ڇڏجان.

 

زلف قلم جو چاقو پڪڙي

تاريخن کي جهير ڏيان ٿو.

ذوالفقار جا آزاد نظم چڱا آهن. سقراط جو پويون سڏ تاريخي آهي. ’ارتقا‘ حقيقت پسندي آهي. ’ڇتاڪتا‘ اهڃاڻي شاعريءَ جو سٺو مثال آهي ۽ ’اشرف المخلوقات‘ سڄو ورجائڻ جهڙو آهي:

دنيا جي سارن دردن

انسان کي ايترو

نقصان نه ڏنو آهي

جيڏو هن ڌرتيءَ تي

ماڻهوءَ ماڻهوءَ کي

ڪنهن نه ڪنهن بهاني

ڏنو آهي

ذوالفقار ڪٿي ڪٿي روايتي به ٿي وڃي ٿو. اهي ئي ڳالهيون، اهي ئي اسلوب، اهي ئي تشبيهون ورجائي ٿو جيڪي هن دور جا گٺل رڪارڊ آهن. ان کان پاسو ڪرڻ گهرجيس، جيئن:

ڦولن ۾ رت منهنجو آهي

در در تي لاشا آهن

بهارون صليب ٺاهي آيون

۽ ٻيا اهڙا ڪيئي اصطلاح، محاورا، تشبيهون ۽ استعارا. ذوالفقار ۾ سٺي شاعر بڻجڻ جون سڀئي صلاحيتون آهن. مان چاهيان ٿو ته هو اڳتي، گهڻو اڳتي ۽ اڃا به اڳتي وڌي وڃي.

 

نوان پلٽيل سڪا

(اياز گل جي شاعريءَ تي مهاڳ)

ٿيو ڊور روسين، مشهور فنڪار ’زان‘ جي تعارفي مضمون ۾ لکيو آهي ته ’هر دور جي ماڻهن کي ڪن شين جون عادتون پئجي وينديون آهن. ۽ انهن شين کي هو پنهنجي چوڌاري ڏسڻ چاهيندا آهن.‘ اها ڳالهه شاعريءَ لاءِ به صحيح آهي. هر دور ۾، شاعريءَ جي پڙهندڙن کي ڪي ’خاص عادتون‘ پئجي وينديون آهن، هو هر شاعر، ۽ هر شعر ۾ ان عادت جي پورائي لاءِ اهڙيون ئي شيون ڳوليندا آهن، جيڪي سندن عادت کي تسڪين ڏين.

مثال طور اڄڪلهه شاعريءَ جو هر عام پڙهندڙ، شاعريءَ ۾ سولي سپڪ ٻولي، مترنم بحر ۽ لفظ، ڳوٺاڻو ماحول، سماجي مسئلا، طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ قوميت يا قوم پرستيءَ جو ڳولائو آهي. اسان جي پڙهندڙن جي عادت جي تسڪين لاءِ ’رڃ، اڃ، هٻڪار، ڊيل، ڪونج وغيره جهڙا لفظ ڪافي آهن.

ڪنهن ڏاهي نقاد جو قول آهي ته ’لفظ به سڪن وانگر هلندي هلندي گسي ويندا آهن ۽ سندن اکر ڊهي ويندا آهن.‘ جيڪو فقظ گهڻن شاعرن گهڻا دفعا استعمال ڪيو، ته ان جي معنويت جو مزو ختم ٿيو، اهو پراڻي فلمي رڪارڊ وانگي احساس ۽ جذبي کي اوچتو اڌمو نٿو ڏئي، جيئن ڪا نئين ڌن يا ڪو نئون رڪارڊ.

اياز گل نئين ٽهيءَ جو اڳرو شاعر آهي. هنجي شاعري، ان موڙ تي پهتي آهي، جتان اڏام شروع ٿي ٿئي. ائين به آهي ته اياز گل اُڏام جي شروعات ڪري چڪو آهي.

سندس هيءُ شعر پڙهو:

”وارو ڙي وارو!“

ڪوڪون ڪچي وارن جون،

بند ۾ پيو گهارو.

هن شعر ۾، ٽيڙوءَ جون فني ضرورتون ته پوريون آهن، پر اڃا به اڳتي، هن شعر ۾ گٺل ڊٺل اکرن وارا سڪا نه ٿا ملن.

ائين ٿو لڳي ته اياز گل، نئين ضرب خاني جي شروعات ڪري، نوان سڪا پلٽيا آهن. هن ٽيڙوءَ ۾ اهڙا لفظ آهن، جيڪي اڄڪلهه عام شاعر استعمال نه ٿو ڪري، ۽ هي شعر ان واقعي ڏي ڌيان ٿو ڇڪائي، جيڪو شاعريءَ ۾ نئون نئون آيل آهي. ڪنهن نئين رڪارڊ جان ڪا نئين ڌن آهي.

اهڙا ٻيا شعر:

ٽرئفڪ جو درياهه،

وڏي شهر ۾ ڳوٺاڻي جو

مٺ ۾ آهي ساهه.

 

پنجون مهينو پيٽ

لڪي لڪي لوڪ کان

ڇوري کائي ميٽ.

 

راهن تان راڪاس گهمي ويو،

هيسيل چهرا، ٻوٽيل در.

گذريل گهڙيون ياد ڏياري،

البم ۾ تنهنجي تصوير.

مٿين شعرن ۾ نئين ڍاليل سڪي وارو جرڪو آهي. انهن ۾ سماجي شعور به آهي، پر اها روايتي پينو نينگر ناهي، جنهن جي مرڪ تي ڪشتي ۾ رپيا پياپون.

ازراپائونڊ لکيو آهي ته ”هر فنڪار پنهنجي شروعاتي دور ۾، ڪنهن نه ڪنهن وڏي فنڪار کان متاثر ٿيندو آهي.“ اياز گل ان دور ۾ به سٺا مٺا، پڪا ۽ پختا شعر ڏنا آهن. انهن شعرن ۾ جيتوڻيڪ ’عام پسند وارين عادتن‘ کي تسڪين ڏيڻ واري شاعري آهي. پر تڏهن به فني پختگي ۽ نواڻ سان ڀريل آهن ۽ اهڙي قسم عام پسند وارن گهڻن شاعرن کان اڳڀرو نڪري ويو آهي، توڻي جو سندس عمر کانئن گهڻي ننڍي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org