سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪليات حمل

باب --

صفحو :6

مدحون، معجزا ۽ مناقب

ڀاڱو پهريون

ڪلام: زبان سنڌي

داستان پهريون

مدحون، معجزا ۽ مناقب

”مدح مُبارڪ حضرت نبي ڪريم عليہ الصلواة والسلام جي، بزبان سنڌي، تصنيف حمل فقير لغاري، لکيل حمل فقير لغاريءَ جي- تاريخ 5 شعبان، سنه 1293هه“.

1. سيد سچا سردار تون، عالم سندا آڌار تون،

ڪل مرسلن مهندار تون، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

2. بيشڪ رسول الله تون، بيشڪ نبي الله تون،

بيشڪ حبيب الله تون، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

3. توکي قرب ”قَوسَين“ جو، صاحب آهين ”ثقلَين“ جو،

تون قُرَّة العَينين جو، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

4. توتي رحم رب پاڪ جو، توکي لقب ”لولاڪ“ جو،

غم ميٽ مون غمناڪ جو، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

5. تو لئه زمين آسمان ٿيا، جن و ملَڪَ انسان ٿيا،

توسان وڏا احسان ٿيا، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

6. بيشڪ شفيع شافي آهين، مَديُون ڪندڙ معافي آهين،

واهر ولهن وافي آهين، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

7. مرسل! توکي معراج ٿيو، تنهنجو ڪُلي ڪم ڪاج ٿيو،

آسان ڪل احتياج ٿيو، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

8. زينت نبين جو زيب تون، عاصين ڍڪيندڙ عيب تون،

لاشڪ شفيع لاريب تون، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

9. آهين اکين جو ٺار تون، موليٰ سندو مُختار تون،

کڻندڙ کُهيَن جا بار تون، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

10. جِن و پَريون، مَردم مَلَڪ، ڇا عرش ڇا فرش و فَلڪَ،

هر جا تنهنجو جلوو جهلڪ،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

11. تنهنجوطبل ’تُوران‘ تي، ’عرب‘ و ’عجم‘، ’ايران‘ تي،

’مڪه‘، ’مصر‘، ’ملتان‘ تي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

12. جلوو تنهنجو ’جيلان‘ ۾، پِيو غلغلو ’گيلان ۾،

اُمت تنهنجي ايمان ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

13. رُخ ’روم‘ تي رايو سندءِ، ’سرجد‘ اُتي سايو سندءِ،

پيغمبري پايو سندءِ، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

14. ’شَروان‘ ۽ ’شيراز‘ ۾، ۽ ’اصطخر‘، ’اَهواز‘ ۾،

ڪل نيازمند تو نياز ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

15. منجهه ’قسطنطنيه‘ ۽ ’قيروان‘، بر پيروي تو پيروان،

تون پيشوا پيغمبران، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

16. بادل وسين ’بُلغار‘ تي، ’غزني‘، ’گنجي‘، ’گرنار‘ تي،

’مسقط‘، ’مُبَئي‘ ’مَلبار‘ تي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

17. تنهنجون حديثون منجهه ’حلب‘، ’طوسي‘ رکن تنهنجي طلب،

تو صاف ڪيا ڪل جا قلب، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

18. تو ڪيو کٿوري ڪل ’ختن‘، ’فارس‘، فلسطين‘ ۽ ’فَتن‘،

حاضر آهين منجهه هر وطن، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

19. ’تِرمِذ‘، ’تِبَت‘، ’تاتار‘ ۾، ’آفرنج‘، ’فرنگ‘، ’فرخار‘ ۾،

گويا تنهنجي گفتار ۾، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

20. ’بابل‘، ’بخارا‘، منجهه ’بَلخ‘، ’خاور‘، ’خراسا‘ ۽ ’خلخ‘،

توکي مڃن مور و ملخ، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

21. ’مازندران‘، منجهه ’ماوَرا‘، امت تنهنجي ڪُل، انورا!

حامي آهين، هردوسرا! ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

22. ’ڪنعان‘، ’ڪوفو‘، ’ڪربلا‘، جت ها ڪُٺا ڪُوفِن ڀَلا،

تن خارجن جي سِرَ کَلا، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

23. ’بيت المقدس‘ ۾ مَشر، هر جا تنهنجو نالو نَشر،

حامي حمايت منجهه حشر، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

24. حيرت تنهنجي ’هيرات‘ ۾، غلبو تنهنجو ’گجرات‘ ۾،

تولي سڪن سقلات ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

25. ’مُڪلا‘، ’مدائن‘، ’مروندي‘، ’طمَغاچ‘ تابع تو سندي،

ڪُل جي ڪَڄِين ميري مدي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

26. ’تاجِيڪ‘ ۽ ’تَبريز‘ ۾، ’اِيلاق‘ ۽ ’انگريز‘ ۾،

فائق ڪيا تو فيض ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

27. ’اِرمَن‘، ’عدن‘، ’عرفات‘ ۾، ’ڪاڇي‘، ’ڪَڇي‘، ’قلات‘ ۾،

صلواة وائي وات ۾، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

28. ’نخشب‘ نديءَ ۾ نام تو، منجهه ’اصفهان‘ اسلام تو،

هندي، سنڌي سڀ سام تو، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

29. ’دهلي‘، ’دکن‘، ’دهمان‘ ۾، ’ڪشمير‘ ۽ ’ڪاشان‘ ۾،

تو دين تي ’دمغان‘ ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

30. ’بصرو‘، ’بنگالو‘ ’بندري‘، تو اَمر ۾ ’آمَر سري‘،

خواهان خلق خشڪ و تري، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

31. ’چوچڪ‘، ’چِگل‘ ۽ ’چِين‘ ۾، ’مشهد‘ مُخِي‘ ’ماچين‘ ۾،

نِت ياد تون ”ياسين“ ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

32. ’ڪڇ‘، ’ڪلڪته‘، ’قنڌار‘ ۾، ’قلزم‘، ڪُلي ڪوهسار ۾،

هُلچو هَڪل ’هالار‘ ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

33. تنهنجي خبر ’خرقان‘ ۾، ڇا ’يمن‘، ڇا ’يُونان‘ ۾،

حمدن پڙهن ’همدان‘ ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

34. ’لکنو‘، لقا ’لبنان‘ ۾، ’بغداد‘ ۽ ’بستان‘ ۾،

قائل تنهنجا ’ڪرمان‘ ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

35. ’سِيوي‘، ’سيوستان‘، ’سمرقند‘، خَزران‘، ’خبير‘ ۽ ‘خُجَند‘،

عاصي آهن اميد مند، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

36. ’ٺٽي ننگر‘، ’ناگور‘ ۾، ’لمغان‘ ۽ ’لاهور‘ ۾،

ڪلما پڙهن ’ڪشمور‘ ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

37. پُوني، ’پشن‘، منجهه ’پارڪر‘، ڇا ’ڀاڳناڙي‘، ’ڀاڳسر‘،

بانگون پڙهن منجهه ’باختر‘، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

38. ٿي ماڙ تنهنجي ’ماڙ‘ تي، ڪِيُئي ڪرم ’ڪاٺياواڙ‘ تي،

لک لطف ڪيا تو ’لاڙ‘ تي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

39. ’لواري‘ لطف سان لعل ڪِيُئي، تنهن تي ڀلا لک ڀال ڪِيُئي،

اعليٰ سندس اقبال ڪِيُئي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

40. ’لُواري‘ نسورو نور آ، پُر نور سو ڪوهه طور آ،

ملڪ و ملڪ مشهور آ، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

41. مرشد منهنجو مسرور هوءِ، غم درد تنهن کون دور هوءِ،

مَدحي تنهنجو منظور هوءِ، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

42. ’اُچ‘، ’آگرو‘، ’عدن‘، ’اٽڪ‘، ’لکپَت‘، ’لڪي‘ تنهنجي لٽڪ،

ڪُل ’ڪابُلي‘ تنهنجو ڪٽڪ،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

43. تنهنجو شغل آ ’شام‘ ۾، برڪت تنهنجي ’بسطام‘ ۾،

ڪافر آندئي اسلام ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

44. ’تنبول‘ ۽ ’طَلقان‘ تي، ’مستُونگ‘ ۽ ’مڪران‘ تي،

رحمت تنهنجي رخشان تي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

45. پيو جذب ’جيسلمير‘ تي، امداد ٿيو ’اجمير‘ تي،

پئي گاج تو ’گجمير‘ تي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

46. ’پورب‘، ’پَڇَم‘، ’پنجاب‘ ۾، ’سورت‘، ’سِري‘، ’سقلاب‘،

سارهه تنهنجي ’سِنجاب‘ ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

47. ’روهڙي‘ رتي تو رنگ ۾، زنگي ذڪر ڪن ’زنگ‘ ۾،

تنهنجو ذڪر جهرجهنگ ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

48. هر ملڪ، هر اطراف تي، عالم ڪُلي اڪناف تي،

تنهنجو قدم ’ڪُهقاف‘ تي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

49. منجهه هر ولايت، هر شهر، ڪل دين تنهنجو منجهه دَهر،

تنهنجي امر ۾ بحر و بر، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

50. مَلَڪ ۽ فَلڪ فرمان ۾، شمس و قمر شُڪران ۾،

تنهنجو قرب قرآن ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

51. رحمت گهرن رضوان ٿا، حورون همہ غلِمان ٿا،

جند جان ڪن قربان ٿا، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

52. مرشد! مديني ۾ وَسِين، هر حال هر ڪنهن جو پَسين،

هرهڪ کي هر جا ٿو رَسين، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

53. عاصِين اَجهو ۽ اوٽ تون، قائم امت جو ڪوٽ تون،

منهنجا سڻي سڏ موٽ تون، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

54. مون ڪِيُون مَدايون ايتريون، ناهن سي ليکڻ جيتريون،

واريءَ ڪڻن کون ويتريون، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

55. بيحد ٻُجهي ڀُلڪار ٿي، ڏاڍي سُجھي سرڪار ٿي،

مون تي بَديُن جا بار ٿي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

56. ڄاڻي ڏسي ٿي ڏوهه ڪيم، ٿي ڏوهه ڪيم ۽ ڊوهه ڪيم،

پوءِ هٿ هڻي اندوهه ڪيم، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

57. هَي هَي حرص ۾ هٿ هنيم، ڪرڻا نه ها، سي ڪم ڪيم،

هاڻي آسرو تنهنجو اٿم، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

58. هيءُ نفس ٿو مون سان کَسِي، ڏوهن سندا ٿو گس ڏَسي،

تنهنجي رحم جو هٿ رَسي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

59. تون بيڪسن جو ڀروسو، خطرن ٻڌو آ خرخسو،

راحم! اچي تن کي رسو، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

60. نفس و شيطان ٻَئي لَڳا، تن چئي لڳي مون حق ڀڳا،

تُنهنجي اٿم تاري تڳا، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

61. سڻ سوال تون سيد سَچا! ڪَوڙين ڪيا مون ڪم ڪَچا،

بدڪار جو ڪر ڪو بچا، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

62. بلڪل نه ڪيم ڪا بندگي، ضايع ڪيم سڀ زندگي،

شرمندگي! شرمندگي! ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

63. عاصي امت تو آسري، ٻيءَ پاسَ نا تو پاسَ ري،

پازي مَ ڇڏ پنهنجا پَري، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

64. سِياندو سُجهي سڪرات جو، ڪاري قبر جي رات جو،

سڏ سوال سڻ پرڀات جو، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

65. جنهن دم جدا هيءَ جان ٿئي، توکؤن عطا ايمان ٿئي،

دُز دور شر شيطان ٿئي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

66. آڏي قبر ڪاري ٻُجهي، منزل بڙي باري سُجهي،

تُنهنجي تِتي تاري سُجهي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

67. ڪانڌي ڏريندا منجهه قبر، لوڙهي لَٽي زير و زبر،

خاطيءَ سندي ڪج ڪا خبر، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

68. راحم! اچي مون کي رسج، عربي! اتي مون وٽ اچج،

ڪلمون ڏوهاريءَ کي ڏسج، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

69. ٻيا ڪُن ڪپر ڪڙڪا سجهن، دوزخ سندا دڙڪا سُجهن،

ٿا باهه جا ڀڙڪا سُجهن، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

70. آزيون عرض سڻ آهه کون، بلڪل بچائج باهه کون،

عربي! انهيءَ آڙاهه کؤن، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

71. محشر سندي ميدان ۾، سج تاءُ جي تابان ۾،

شافع! شفا تو شان ۾،  ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

72. تنهن جاءِ نه مون کي تون ڇڏج، گڏ پاڻ سان مون کي گڏج،

هٿ ٻاجهه جا مون تي اَڏج، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

73. نا ڪو ڪيَمُ نيڪو مل، نا ڪو کَنِيمُ ساري سمل،

تون هوءِ حمايت سان ”حمل“، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

74. هي لڙهه ”لغاري“ لام تو، سيد سچا پيو سام تو،

دل ٺار نيڻين نام تو، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

75. شب روز پنهنجو شوق ڏي، ذاتي ذِڪر جو ذوق ڏي،

محبت پنهنجي مافوق ڏي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

76. دل نور کون پُر نور ڪر، غم درد دل کون دور ڪر،

مدحي پنهنجو مسرور ڪر، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

77. تنهنجي رعايت ٿو گهران، تنهنجي عنايت ٿو گهران،

تنهنجي شفاعت ٿو گهران، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

78. فرياد جو ڪو داد ٿئي، دل درد کون آزاد ٿئي،

افضل سندم اولاد ٿئي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

79. مون تي قريشي! ڪرم ڪر، شان و شرم جو ڀرم ڪر،

دشمن نمائي نرم ڪر، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

80. تاريخ ٿو چوندڙ چوي، تيرهين صديءَ جي ٽيانوي،

ايمان ۾ رکجو آوي، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

81. تحقيق تون آهين امين، تون رحمة العالمين،

ڪلمو پڙهيو مون باليقين، ڪر مهر مون تي مصطفيٰ!

”لاالٰہ الاالله محمد رسول الله“

معجزو حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم

1. ساراهيان سبحان کي، جو پاڪ آ پروردگار،

رازق و رحمان، رب العالمين صاحب ستار،

آهي مالڪ ملڪ جو ۽ ڪل تي قادر ڪردگار،

ڇا لِکي ڇا ليکيان، بيحد بزرگي بيشمار!

جنهن خوشيءَ مون خلقيو مرسل محمد نامور.

2. سو نبي الله هلو سير تي ڪنهن سير سان،

تنهن ڏينهن اُٿي تنها هليا شامل نه هو ڪو شير سان،

راوَت رَسي ڪنهن روهه ۾ جان دم گذاريو دير سان،

تان اُتي هرڻي ڏٺائون، آ ٻڌي ڦَندَ ڦير مان،

دانهون ڪيو دردئون چوي: تون پهچ مون کي پيغمبر.

3. جان، حضرت هلي هرڻي ڏٺي، سا دُرس آهي دام ۾،

هَي هَي ڪيو هر هر چوي: سرور! آهيان تو سام ۾،

هيءُ منهنجو ماري ڏسو آهي ستو آرام ۾،

جنهن ويلي جاڳيو ڪُهي تِڪا ڪندو نيئي طعام ۾،

تون ڇَڏاءِ تنهن کان ڇُٽان، تنهنجي ٿِئي مُرسل! مهر.

4. تڏ مصطفيٰ مهرون تنهين کي دُرست ڏني دلبري،

پوءِ پيغمبر کي چيو تنهن ستم ديده سرسري:

هيڪر هٿن سان جي ڪريو هيءَ ڊوهه جي ڦاهي ڍري،

تان ٻچن کي کير ڏيئي، وَهندو اڃان وَرنہ وري،

تاسين ٿيو ضامن اوهين، جاسين پوي ڪو پَل پَهر.

5- ڇوڙي ڇڏي هرڻي هٿن سان مهر مون تڏ مصطفيٰ،

”ونءُ ٻچن وٽ پانهنجن، ڪي سيگهه ۾ تن جو سماءُ،

تون تنين کي کير پيارج، دل جو لاهي ڊرپ ڊراءِ،

آن تنهنجو ضامن آهيان هرگز نه چُرندس هن هنڌا:

تاسين اتي ويٺو آهيان، جان تون اچين موٽي مگر.“

6- تڏ هَي هَي ڪندي هرڻي هلي سا رت روئي پئي زار زار،

ٻاجهه مون ٻچڙن پڇيو: اي مادر ما غمگسار!

ڪوه ڪِيهون ٿي ڪرين ۽ ڪه آهين بيقرار؟

درد پنهنجي دل سندو سو چئو اسان کي آشڪار،

هر حقيقت حال جي ويڌن سُڻاءِ سڀ سر بسر.

7. چَئي: چَٽي چُوپي بُبا، مون کان سگهو موڪلائيو،

معاملو ماريءَ سندو، تنهن سڀ ويهي سمجهائيو:

دانهون ڪيون مون دام ۾ ٻاڪون ڪري ٻاڏائيون،

آهُون سڻي عربي اتي مرسل محمد آئيو،

ضامن ڏيئي آيس اوهان ڏي خاتم و خيرالبشر.

8. پوءِ چيائين: پي وَٺو ائين کير، مان موٽي وڃان،

هو جي ڪيم واعدا ورڻ جا، سي ڀلي سان نا ڀَڃان،

سو لکين ٿورا مٿي تي مير مرسل جا مڃان،

ٻيون اميدون آس عربي ڄام ۾ آهن اڃان،

سو ڇڏائيندو ڇين کون، ڇانوَ جو ڇورن ڇپر.

9. تنهن دم چيو ٻچڙن ٻنهي تان: کير تنهنجو ڪيئن پيون!

تو ڏنو ضامن جنهين ڏي نيڪ نيت ٿا نيُون،

دم نه ڪر تون دير ڪا، تان هل هلي حاضر ٿِيُون،

هي سِسيون سير پانهنجا سرور اڳيون سُرها ڏيون،

من ٻاجهارو ٻاجهه مون نِرتئون ڪري نافع نظر.

10. تڏ قوت کون بيقوت ٿي، مضبوط سي محڪم هليا،

لب نه لاتائون لبن کي، پيٽ تن پنهنجا پليا،

کائڻ خوسي وسري وين، سڏ موت جي سورن سليا،

هڪ ٻن کون تيز تر ويا، چُست چابڪ سي چَليا،

تان اڳيئي جوان جاڳيو، خواب ۾ هو بيخبر.

11. تنهن پريديئي پڇا ڪئي شاهه کؤن ته شڪار جي:

”ڪير آن ڪاڏي وڃيين؟“ هر ڪم همہ هر ڪار جي،

”آهه توکي ڪم ڪهڙو دام وٽ درڪارجي؟

هي هتي هرڻي هوئي سا ڏس مون کي ڏيکارجي؟

جا ڦسائي مون فڪر سان هئي ڪري حيلا هنر“.

12.  مهندان ڏنو مرسل تهين جو جوان کي هن پر جواب،

”مون ڪڍي هرڻي هٿن سان، دام ۾ هئي دل خراب،

وئي ٻچن کي کير پيارڻ سا ايندي موٽي شتاب،

مون سان اٿس وعدو سچو ائين اُتو عالي جناب،

”ان تنهن جو ضامن آهيان، تيسين نه ڪر تون شور شر.“

13. جوش کئون پُر جوش ٿي بي هوش ڪئي ڪاوڙ تڏين:

”مون ڦسائي جا ميان! سا ري پڇي ڪيئن ٿو ڇڏين؟

۽ ٿو چوين موٽي ايندي اهڙا عجائب ٿو اَڏين!

دام جو چَٽڪو چکي ويا سي مِرون موٽن ڪڏين!

ڪنہ سان ڳالهائن ڪين ڪي هُو جهنگ جا جي جانور.“

14. جان دم گهڙي گفتو ٿيو، آئي اوها هرڻي وري،

سان ٻچن ٻن پانهنجن، بيشڪ آئي سا بَربَري،

سِر نائي سيد اڳيون صلوات سرور تي پڙهي،

مُنهن ڏسي ماري سندو، وَئي ڏيل ۾ ڏهڪي ڏري:

هن بَدوءِ کئون تون بچائج يا نبي نورالبصر!

15. تڏ مڙس ماري ڀي اٿيو سو ڪهڻ لئي ڪاتي کڻي،

هَول هيبت کئون پئي هرڻي جي ڦڦڙن ۾ ڦڻي،

تنهن ڳڻي دل ۾ چيو: جيڪس رضا رب کي وڻي،

يا نبي نورالهديٰ! هن کئون ڇڏاءِ تون لڳ ڌڻي،

ٿي حمايت هاشمي تون شافع روز حشر!

16. موٽي چيو مرسل تنهين کي خاص ختم الا انبياءَ:

”هي ويچاري جا وئي، آئي وٺي هي ٻئي ٻچا،

ڪر ڦٽي هرڻي وڃي ثابت سلامت سا بجا،

ڏيندو خالق خير جي توکي جزا روز جزا،

آگو ڪندو احسان توسان هٿ جنهين خود خير تشر.“

17. موٽي چيا ماري اڳيون هي حرف ظاهر سان زبان:

”آهي عجب مون کي اهو، بلڪل تنهين جو ڪر بيان،

ڪنهن سبب، سَل ايترو، تون مِرُنِ تي آن مهربان؟

۽ اچن واعدي اُتي تنهنجي جناور اي جوان!

يا نبي، يا اوليا، يا ملَڪ اهين معتبر؟“

18. ورندا چيا ورَنہ تنهين کي لفظ لائق سان لسان:

”آن ريٻارو رب جو ۽ آن نبي آخر زمان،

آن ولهن جو واهرو ۽ آن ضعيفن جو زمان،

بيڪسن جو ڀَرجهَلو جن مون اُتي آندو ايمان،

ڇَنِ ڇڏيندس ڪينڪي توڙي هوندو بُڇڙو بَتر.“

19. ”جي ڦِٽي هرڻي ڪرين ۽ پڻ ٿئي تون مسلمان،

۽ مڃين رب پانهنجو جو لامثل ۽ لامڪان،

آن تنهنجو ضامن آهيان ڏينہ قيام بيشڪ بي گمان،

دفع توتئون ٿيندو دوزخ جاءِ تنهنجي منجهه جِنان،

ڪونه ڏسندين ڪو اڳيئون جو سخت سُڻجي ٿو سقر.“

20. ڇوڙي ڦٽي هرڻي ڪئي سا دم تنهين ۾ دامدار،

پوءِ ڪري قدمن اُتي پيو شرم کئون ٿي شرمسار:

”مون مدايون ڪيون مڙيئي سَيدا ساري ڄمار،

هاڻ مون کي ڪر هدايت يا شفيع روز- شمار!

هِن ڀُليي سان ڪر ڀلائي گُمرهن جا راهبر!“

31. (تڏ) بيعت سندو بيڪس اُتي عربي ڪنان ارشاد ٿيو،

تهدل تنهين ڪلمون پڙهيو، سو آز ڪفر آزاد ٿيو،

دين ۽ ايمان جو اُمت اُتي اِمداد ٿيو،

شاد ٿيو اي مومنو! جو ڪل ڪفر برباد ٿيو،

آ معظم معجزو، پر مون چيو آ مختصر.

22. ڪيڏا ڪرم قادر ڪيا، ڪامل قريشي سان ڪَثِير،

ڪَئين جياريائين مُؤا، نابين ڪيائين ڪئين بَصِير،

هرڻي ڇڏايائين همت سان، دام مَئون آهُو اَسِير،

ڪفر کئون ڪافر ڇُٽو بيحد ڀَلو ٿيو بينظير،

مصطفيٰ جا معجزا مشهور ملڪن ۾ مَشَر.

23. حمد حمل! چئو هزارين سَهس صلواتون سلام،

پاڪ پيغمبر اُتي جو آه عالَم جو اِمام،

سڀ ڇڏائيندو اُمَت ڏينہ قِيام جي ڪُل خاص و عام،

جن پڙهيو ڪلمون نبيءَ تي، تن مٿي دوزخ حرام،

جاءِ جنت ۾ سدا خوشنود هوندا خوب تر.

”تمام شد

الراقم حمل فقير لغاري

سنه 1281“


3. قوسين= ٻه ڪمانون: قرآن شريف جي معرا واري آيت ”فکان قاب قَوسِين او ادنيٰ“ ڏانهن اشارو، يعني ته معراج وقت نبي صلعم، بارگاهه الاهي ۾ ٻن ڪمانن يا اڃا به ويجهڙي مفاصلي تي هو. ثقلين= ٻي جهان. قرة العينين= ٻن اکين جو ٺار، آسرو، اميد، ڀرجهلو.

4. ”لولاڪ“= ”جيڪڏهن تون نه هجين ها.“: صوفين وٽ هڪ عام مروج ۽ مقبول روايت، ”لولاک لَما خُلقت الافلاک“ (اي پيغمبر! جيڪڏهن تون نه هجين ها، ته جيڪر هيءَ جملي ڪائنات پيدا نه ڪريان ها). ڏانهن اشارو.

17. حلب= شام جو شهر.

19. ترمذ= ايران جو مشهور شهر. تِبت= ٿٻيٽ. تاتار= ترڪن جو ملڪ. افرنج= نوشيروان بادشاهه جو ٻڌايل قديم شهر. فرنگ= انگريز يا نصارا. فَرخار= سُهڻن ۽ حسين ماڻهن جو هڪ شهر؛ هڪ بختاني جو نالو؛ ٻين ڪيترن ئي شهرن جو نالو.

23. مَشر= مشهور. نشر= پڌرو، نروار.

24. هيرات= هِرات، جو هن وقت افغانستان جو مشهور شهر آهي. سُقلات: هن نالي سان ڪو شهر مؤلف کي ڪونه ٿو سجهي؛ البت ’سقلات‘ معنيٰ ”سقرلات“ يعني (Scarlet) اوني ڪپڙو، جو (اڳين لغت جي لحاظ سان) انگلستان ۽ روم ۾ اڄندو هو.

25. مڪلا= صحيح اچار ’مُڪَه‘، جو عربستان جي ڏاکڻي ڪناري جو بندر آهي. مَدالن= قديم ايران جو مشهور شهر. مروَندي= مروَند شهر جا رهاڪو. طَمغاچ= ترڪستان جو هڪ علائقو؛ اصل عبارت: ”طغماچ.“

30. بندري= بندر جا رهاڪو. امرسري= امر تسر شهر جا رهاڪو. ”خواهان خلق خشڪ وتري“= بر توڙي بحر جي مخلوق تنهنجي چاهيندڙ آهي؛ اصل پڙهڻي ”خواهن“.

34. لبنان= شام لڳ هڪ آزاد ملڪ. بُستان= ’بُست‘ جو مرڪب لفظ. شايد شهر ”بُست“ کي قافيي جي لحاظ سان ”بستان“ ڪري آندل، ۽ پڻ معنيٰ باغ. ڪرمان= ايران جو هڪ علائقو ۽ شهر.

36. لمغان يا لامغان، جو موجوده افغانستان جو هڪ قديم شهر آهي.

38. ماڙ= مارواڙ. ٿي ماڙ تنهنجي....الخ، يعني تنهنجي مهرباني مارواڙ تي ٿي. ڪاٺيواڙ= ڪاٺياواڙ.

48. اَڪناف= ڪُنڊون. ڪُهقاف ڪوهه قاف- جبل ۽ ملڪ جو نالو، جو هن وقت روس جي سرحد ۾ آهي.

9. نيڪ نيت ٿا نيون= نيڪ نيت نيت ٿا رکون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23  24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org