سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪليات حمل

باب --

صفحو :11

بيان لطيفي عقلي ۽ [لطيفي] نفسي جو

هاڻ ”عقلي“ ”نفسي“ ڄاڻ

ٻئي لطيفا سمجهه سڃاڻ

(بيان لطيفي ”عقلي“ جو)

جاءِ ”عقلي“ جي منجهه مغز   بيرنگ نور تنهن جو نغز

نور نبي جو تنهن کي ڄاڻ    شان تنهن جو جمله جهان

بيان لطيفي ”نفسي“ جو

آهه لطيفو ”نفسي“ ٻيو

رنگ تنهن جو زرد چيو

بعضي چون آهي بيرنگ

نه اٿس رنگ، رکي هر رنگ

فتويٰ نقشبندن جي سڻ

چڱي ڄاڻ اُها تون چُڻ

رنگ تنهن جو بعد صفائي

مائل ساڻ سُفيد سياهي

منجهه بيان خطرن دل جي

دل ۾ آهن خطرا چار

تن جا نام ٻڌج نروار

ٻه خطرا تن مان ڄاڻ مٿاهان

خطرا ٻيا ٻه آهن هيٺاهان

مٿيان ”نفسي“ ۽ ”شيطاني“

هيٺيان ”مَلڪي“ ۽ ”روحاني“

نفس جي چئن قسمن جي بيان ۾

چار قسم تون نفس سڃاڻ

سڻ تون طالب تن کي ڄاڻ

نفس ”اماره“ ۽ ”لوامہ“

”مُلهِمہ“ ۽ ”مُطئنہ“

”نفس اَماره“ ناري آهي

اندر ٻاهر جاري آهي

آتش آه عُلُو جي طالب

تڪبر، تيز، تفاخر غالب

تنهنجا سڀ اوصاف ذميمہ

آهي اهو ڪوڙ ڪمينہ

ميل انهي جو سڀ ۾ ڄاڻ

لذتون سڌون سڀ سڃاڻ

نفس ضلال ڪفار سندو

گندي رنگ ڪميڻو انڌو.

۽ ٻيو ”نفس لوامہ“ ڪامل

نور قلب سان آهي شامل

نور قلب کان آهي بيدار

غفلت کان سواءِ بيزار

طرف جسم جي اچي جڏهن

ٿيس طبع ظلماني تڏهن

نُورُ جَمالي ساڻ سو مري

ترت تهين سان توبہ ڪري

”نفس لوامہ“ بادي غالب

سرڪش آه عُلو جو طالب

”اماره“ کي قوت ڏئي

واچ وڌائي جئن آتش کي

”نفس لوامہ“ جنهن جو نام

تن جو جيڪي مومن عام(1)

”مهلمہ“ آبي صفت سڃاڻ

سُفلي، عاجز، مسڪين ڄاڻ(2)

اصطفائي جي دائري منجهه

فيض ڌڻي جو تنهن تي سمجهه

تنهنجي ساڻ صفائي ٻاهر

معنيٰ ڪل حرف جي ظاهر

باطل حق کان ڪري جدا

اوهو صافي نور خدا

توڙي سالڪ عربي هجي

توڙي عجمي غَربي هجي

علم ظاهر جو نا محتاج

ساري خلق سندو سرتاج

وحي تنزل تنهنجو نام(1)

علم ڪُلي ڪيو تنهن تمام

”مهلمہ“ آهي وَلِينِ جو

آهي سو آتقينِ جو(2)

”مطمئنہ“ جي خصلت خاڪ

خُلق، تواضع، طبعة پاڪ

نور قلب سان ٿيو ڪمال

قُرب قُدس آه بحال

”مطمئنہ“ کي روشن ڄاڻ

پاڪ پاڪيزو سمجهه سڃاڻ

اُن تي آهي فيض الاهي

فضل الاهي نا مُتناهي(3)

نفس آهي اوهو نَبِين جو

اعليٰ غوث ۽ فُطبن جو

اوهو آهي خُلق نَبيءَ جو

اوهو علم عليَّ وَليَّ جو

نفس حقيقة ڪو هڪ سمجهي

لوڪ سڀو سڀ تنهن ۾ منجهي

مَن عَرِفَ نَفسَہ

فَقَد عَرِف رَبَّہ(4)

فيلسوفن نا سمجهي حد

تڏهن فيلسوفي ٿيا ملحد

بيان چئن قسمن جي قلب جو

چار قلب سڀ آدم منجهه

جدا جدا تون تنهن کي سمجهه

”نِيلوفَري“ ٻيو ”صنوبر“

”عِبرت“ کان پوءِ ڄاڻج ”مدوَّر“

”نيلوفري“ صحيح سڃاڻي

صفتون تنهن جون سڀ حيواني

آه ”صنوبر“ سو نفساني

صفتون نفس ۽ جسماني

دل آه ”عبرت“ عجب لطافت

تنهن ۾ آهي مَلڪي عادت

”عبرت“ تنهنجو آهي نام

ٻن ٻرن ۾ جاءِ مقام

آهي ”عبرت، نور نبي

شان تنهنجو شان علي

”وحدت، ”عبرت“ هڪڙي ڄاڻ

علي ولي جو مقام ڄاڻ

”قوسين“ علي جي آهي جاءِ

معراج نبي جو ”آو اَدنيٰ“

(منجهه بيان شغل ”قلب مُدور“ جي)

چوٿون رتبو قلب مدور

وٺي تعين ٿيو مُصور

ٿيو ”مدَور“ تنهنجو نام

تنهن جو اُم دماغ مقام

”حقيقت جامع“ تنهنجو نام

اصل الاصل آه ”قلب“ تمام

دل مدور ۾ يا هوءِ

ڪلهي جي تنهن رخ روءِ(1)

ڪُلي شانن جو سو مخزن

اسم صِفاتُنِ جو آه خازن

ڪل جو اول، ڪل جو آخر

ڪل جو باطن، ڪل جو ظاهر

نام تنهنجو ”وحدت“ ڄاڻج

تنهن کي ”وحدت صرف“ سڃاڻج

مُنهن انهينءَ جو ٻن طرفن

تنهن کي سالڪ ڪي سمجهن

طرف ظهوري روحانيت

طرف بطوني رحمانيت(2)

يعني اهو مالڪ شاهد

هڪ حقيقت ۾ آهي واحد،

ست صفاتون جنهن جو نام

اوهو وحدت صرف مقام:

اوهو حَي، مُريد، عَلِيم

سميع، بصير، قدير، ڪَلِيم

منجهه فرق سي ڌار سُڃاڻ

جمع ۾ هڪ حقيقت ڄاڻ

جمع حقيقت ڪلي عالم

ڌارو ڌار فرق ۾ آدم(3)

”اِنَّ اللهَ خَلَقَ آدَم“ فرمايو

”عليٰ صُورتہ“ آدم ٿيو

”فتجليٰ فِيہ“ آدم جو شان(4)

سمجهه حقيقت سِر سڃاڻ

سمجهه ”تجليٰ“ تون تشبيهي

آهن تجليون ٻيون تنزيهي

سمجهه ثبوتي تجلِيُون پائج

سي تشبيهي دل سان لائج

ٻيو سڀ عَدمِي نا اثبات

ڄاڻ ثبوتي کي اثبات

مقام مشاهد غيب شهادت

غير مَشهودي ناڪج عادت

منجهه بيان ”موتوا قبل ان تموتوا“ جي

ڪر تسليم رضا جي حاصل

تان تون ٿئين حق سان واصل

تڏهن درد نه رهندو ڪوئي

جيڪي هوندو ٿيندو سوئي

چار ماڻ تان صحي سڃاڻ

پاڻ مٿي تون لازم ڄاڻ

”اسود“ موت ٻيو آه ”احمر“

”ابيض“ موت ٻيو آه ”اخضر“(1)

سمجهه صحي تون چار عناصر

جسم جُڙي ٿيو جن سان ظاهر

چار عناصر سي سڻ تون چار

”خاڪي“، ”آبي“ ”بادي“، ”نار“

بادي سان تون باد گڏاءِ

پاڻي پاڻي سان رَلاءِ

ناري ناري ساڻ ملي

خاڪ وڃي سان خاڪ رَلي

جڏهن چارئي ٿيا فنا

هرهڪ پنهنجي ورتي جا

بعد فنا جي باقي ڇا

امر الاهي پاڪ خدا

”ڪُل شَئي بَرجعُ ڄاڻ

”الاه اَصلِہ“ سِر سڃاڻ(2)

”موتواقبل ان تموتوا“ سڻ

هيءُ فاني، هو تون باقي ڌُڻ

فاني في الله، باقي بالله

آهي ائين و اللهي بالله (3)

ڪيميا گر ٽامي کي ”چاندي“ ڪري ۽ يا ”طِلا“

فقير اڪسير اعظم آه، خاڪ نظر سان ڪري خدا(4)

منجهه بيان شغل توحيد جي

هاڻي شغل هڪ سڻ تون هي

سڻ تون طالِب عارف ٿي

آئيني کي تون هٿ ڪر

تنهن ۾ ڪر تون نيڪ نظر

تنهن ۾ ڏس تون صورت آهي

صورت تُنهنجي مورت آهي

سمجهه، ڏسڻ ۾ آهن ڏون

تون اُهو، يا اُهو تون

اهو ۽ تون ٻئي آهيو هِڪ

ناهي وچ ۾ ٻي ڪا لِڪ

صورت حق جي آه انسان

”وهو اَلان ڪَمَا ڪَان“(1)

”اِن خلق آدم“ چيو

”عَليٰ صُورتہ“ ٿي آدم ٿيو

پاڻهين ناظر ۽ منظور

ظاهر باطن آه پُر نُور

هي جو مومِن نان هو مومِن(2)

”المومن مِراة المومِن“(3)

عالَم- شهادت سمجهه آئينو

حق الاهي ۾ دانا بينو

حق آئينو اوڏو ڌري

ظاهر پنهنجو باطن ڌري

وري آئينو ڦيري جڏهن

مظهر صورت جو ٿئي تڏهن

پاڻهين فِعل ۽ پاڻ صفات

پاڻ اسم ۽ پاڻهين ذات

چو تون آهي ڪير ٻيو

باطن ظاهر پاڻ ٿيو.

بيان ”حيرت“ جو

آئينو ”مَلڪوت“ مُقابل جڏهن

ٿئي حيران سالڪ تڏهن

عين عڪس جي ڏسي سوئي

عڪس غير جو ويو سڀوئي

مقام حيرت جو ڪري حيران

صُمَّ بُڪم عُمي ڄاڻ (4)

بيان ”تجلي برقي“ جو

”فنا فِي الصفات“ ٿيو جو سالڪ

سڀ صفتن جو ٿيو سو مالڪ

ثمره ”نختفوابا خلاق الله“

بي شڪ هٿ ۾ آيو بالله(1)

در بيان مناجات ختم الڪتاب

حمل! چو تون حمد هزار

سندا رب غفور غفار

ٿيو تمام صحيفو سارو

شوقئون ڪر تون شڪر گذارو

شوقئون ڪر تون شڪر سدا

شڪر اهو: ٿيو امر بجا

هيءُ جو شعر شِڪَستو خام

پوندو شال قبول ڪلام

مُرشد مون تي مهر ڪندو

مهرئون مون تي نظر ڪندو

شالا ڏيندم پنهنجو شوق

ڏيندا دل کي ذاتي ذوق

مون تي ڪندا نيڪ نگاه

ويندا گوندر سڀ گناه

مون ۾ آهن عيب اَپر

ڪونا ڪِيو مون ڪم سکر

تان ڀي آهيان اُن جو نيٺ

نيٺ ڍَڪِيندا دامن هيٺ

پنهنجي دامن هيٺ ڍڪيندم

مون کي ۽ اولاد سندم

ساڻ جماعت پنهنجي ساري

ڪندو توتي لطف، لغاري!

هاڻي اڳتي آه ادب

ادب اُتي آ راضي رب

بَرڪت ڪلمي ساڻ ڪلام

ٿيو صحيفو تَم تمام.

لاالہ الاالله محمد رسول الله.


(1)  ”نفس لوامہ“- الخ= يعني ”نفس لوامہ“ انهن کي مليل آهي جي سنوان سڌا مومن آهن.

(2) سفلي= هيٺاهون.

(1)  اص عبارت: ”وهي تنزل تنهن جو نام“.

(2) اَتقِين= هيءُ ”اَتقيٰ“ جو سنڌي جمع بنايل آهي.

(3) نامتناهي= بيحد- بي انداز.

(4) جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو.

(1)  يا هوءِ ڪلهي جي تنهن رخ روءِ= يعني يا وري ان جو مُنهن ۽ مهاڙ ڪلهي جي طرف آهي.

(2) طرف ظهوري- الخ= يعني ان جي ظاهر وري طرف ”روحانيت“ آهي ۽ ان جي باطن واري طرف ”رحمانيت“ آهي.

(3) اصل عبارت: ”ڌارو ڌار فرق ۾ دم“.

(4) ”الله تعاليٰ“ آدم کي پنهنجي صورت تي خلقي، پوءِ انهيءَ ۾ جلوو ڪيو (فتجليٰ فيہ)

(1)  اسود= ڪارو. احمر= ڳاڙهو. ابيض= اڇو. اخضر= سائو.

(2) ”هر شيءِ پنهنجي اصليت طرف موٽي ٿي.“

(3) خدا جو قسم ته فاني في الله ۽ باقي باالله ائين آهي.

(4) اصل عبارت: ”فقير اڪبر اعظم آه“.

(1)  ”اهو هينئر به ائين آهي جئن اڳي هو.“

(2) اصل عبارت: ”هي جو مومن تان هو من.“

(3) مؤمن، مؤمن جو آئينو آهي.

(4) صم= ٻوڙا. بڪم= گونگا، عمي= انڌا: يعني حيرت واري مقام ۾ سالڪ ظاهري حواس وڃائي ويهن ٿا.

(1)  ”پاڻ ۾ خدائي اخلاق پيدا ڪريو“ وارو ڦل ڄڻ بلاشبہ هٿ ۾ آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23  24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org