سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پيغام

مخدوم امين فهيم

صفحو :7

وعدو ڪجي ته اهڙو ڪجي جنهن کي پارجي،
سو قول ڪهڙو جيڪو ڪري پو وسارجي.

 

دنيا ۾ اعتبار وڏي ڳالهه آهي دوست،
ڪنهن جو اجايو پاڻ ڏي شڪ ڇو اٿارجي.

 

ڏاڍو ثواب ٿيندو محبّت جي راهه ۾،
هڪ تشنه لب کي جامِ محبّت پيارجي.

 

الفت کڻي هجي نه هجي من ثواب لءِ،
ڪنهن بيقرار جي دلِ غمگين ڌتارجي.

 

هن جو اي يار پورو ٿئي مقصِد حيات،
پنهنجي شهيدِ ناز ڏي هيڪر نهارجي.

 

دنيا ته فاني آهي، مٿس ڪهڙو ڀروسو،
ڏاڍو چڱو ٿئي جي گهڙي گڏ گذارجي.

 

پنهنجي ”فهيم“ عاشقِ مهجور کي پرين،
جي دل ۾ جاءِ ناهي ته ڀر ۾ وهارجي.
18، اپريل 1959ع 11.59 شام – هالا

 

 

هڪ سنگدل سان پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم،
دل مفت ۾ نثار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

 

دل، رشڪِ لاله زار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم،
هڪ راز آشڪار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

 

جو منهنجو ڪنهن طرح به نٿي ٿي سگهيو اي دوست،
ان سان وڃي جو پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

 

هاڻي ته صرف مرڪي نهارڻ به هن ڇڏيو،
ڇو عرض بار بار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

 

ڪئن اشڪِ غم کي روڪيان، مٽي ۾ ملڻ کان اڄ،
دامن به تار تار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

 

قاصد وري به موڪلي ويٺس جنون ۾،
مجروح دل تي بار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

 

اشڪِ فراق صبر جي دامن تي پيو ڪري،
ان کي به داغدار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

 

جو نيٺ ڪو نه آيو انهي جو ئي همنشين،
هر وقت انتظار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

 

دنيائ دل به هاڻ صفا ٿي ٻڏيو وڃي،
اکين کي اشڪبار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

 

جنهن نيٺ راز فاش ڪيو پنهنجو اي ”فهيم“
ان تي ئي اعتبار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.
11، فيبروري 1959ع هالا

 

 

هوا اهڙي لڳي جنهن ڪونه ڇڏيو گل زماني ۾،
رهيا باقي وڃي اڄ خار منهنجي آشياني ۾.

 

رڳو تنهنجي ضرورت آهي دل کي هونئن ته اي دلبر،
ڏکن دردن جي دولت ڪافي آ دل جي خزاني ۾.

 

سڄڻ سائين مان هر ڪنهن حال ۾ خوش آهيان هر دم،
ٻي آزادي کان هن تنهنجي پياري قيد خاني ۾.

 

ڀڄي، نوڪِ قلم افسوس مان پٽ تي ڪري يارو،
اڃا ٻاٽي اکر لکڻا هئم پنهنجي فساني ۾.

 

فقط هڪڙو ”فهيم“ آهي اوهان جي پيار جو حامي،
اوهان جهڙو نه ٻيو جنهن کي نظر آيو زماني ۾.
24، نومبر 1956ع هالا

 

 

يا خدا، مون لاءِ هن کي ڪجهه سچائي ڏين ته ها،
سنگدل کي اي ڌڻي دل ۾ صفائي ڏين ته ها.

 

ٽوه سهڻو آ گهڻو ئي، پر ڪسارو ۽ ڪڙو،
حسن وارن کي به ڪا منهن ۾ مٺائي ڏين ته ها.

 

سڀ ڇڏي ساٿي ويا، ڪنهن کي ٻڌايان حالِ دل،
مون کي هڪڙو هن جهان ۾ حال ڀائي ڏين ته ها.

 

مرڳو انگريزي پڙهائي تو ڪيو ٿس ترش روُ،
هن کي اي استاد ڪجهه درسِ وفا، ئي ڏين ته ها.

 

آخري دم پڻ نه ڇڏيئي، حيف توکي دردِ دل،
اُنجي هڪ نالي وٺڻ جي واندڪائي ڏين ته ها.

 

هن کي جذباتِ محبّت جو ٿئي احساس ڪيئنءَ،
دلربا کي ڪجهه نه ڪجهه دردِ جدائي ڏين ته ها.

 

منهنجي هن تاريڪ دنيا کي خدا ڪارڻ ”امين“!
اڄ جمالِ حسن سان ڪجهه روشنائي ڏين ته ها.
15، آگسٽ 1954ع هالا

 


يا مونکي علمبردار نه ڪر، يا منهنجو ڪو خالي وار نه ڪر،
هي عرض آ توکي منهنجا خدا ڪنهن غير اڳيان لاچار نه ڪر.

 

محبوب مٺا سر پنهنجو تريءَ تي پاڻ وڍي ٿو پيش ڪيان،
تون مون کي ڪهڻ جي ڪوشش ۾ تڪليف نه وٺ ۽ وار نه ڪر.

 

مان تنهنجو آهيان ۽ تنهنجو ٿي هي ڏينهن حياتيءَ جا ڪٽبا،
تون مفت عدو جي چورڻ تي بيزار نٿي، تڪرار نه ڪر.

 

مي، عشقَ پياري اهڙي جو مدهوش رهان ٿو مان هر دم،
مدهوشيءَ ئي مونکي لطف ڏنو اي واعظ ڇڏ بيدار نه ڪر.

 

تنهنجي راه ۾ نيڻ وڇايان ۽ سر ساهه ڏيان مان نذرانو،
”اچ منهنجي اڱڻ تي پير ڀري اي يار سڄڻ! انڪار نه ڪر.“

 

سڀ سور ۽ صدما اي سهڻا! مون سر تي تو لءِ خوب سٺا،
تون خوش ٿي ره اي ماه لقا، ڪو پنهنجي دل تي بار نه ڪر.

 

تون پاڻ نڀائيندو اچجان هو پنهنجي رضا جو مالڪ آه،
تون هار ۽ جيت جو ان سان ڪڏهن وهنوار نه ڪر واپار نه ڪر.

 

هت ڇا جو ”فهيم“ اڄ فڪر ڪبو لاڳاپا ڇڏي تون ڪاهي پؤ،
هن عشق جي دريا منجهه گهڙي ڪو عار نه ڪر انڪار نه ڪر.
21 ڊسمبر 1957ع 8 بجه رات ڳوٺ قاسم ٻگهيو

 

 

قطعات

اڄ وڃا ٿو مان سوئ غيرتِ ماه،
جنهن طرف لءِ سڪي ٿو منهنجو ساه.
من وڃي اوچتو ملي اي ”فهيم“،
هن جي مون سان ۽ منهنجي هن سان نگاه. لءِ سڪي ٿو منهنجو ساه.ا

11 مارچ 1960 4.45 شب هالا

 

 

الاجي ڪهڙي سبب دلربا هئو آههَ به لب،
الاجي ڇا کان زماني کي بيقرار ڏٺم.
الاجي ڪهڙو نياپو نسيم پهچايو،
ڀري بهار ۾ هر گل کي اشڪبار ڏٺم.
1960ع

 

 

اي يار وفادار هجئي عيد مبارڪ،
منٺار مٺا يار هجئي عيد مبارڪ.
هڪ ٻي کان کڻي دور بظاهر ٿا گذاريون،
پر ڪانهي وٿي وار هجئي عيد مبارڪ.
2، مئي 1957ع هالا

 

 

بيوفا سان جفا ڪڏهن نه ڪجو،
دوستو هيءَ خطا ڪڏهن نه ڪجو.
سور سيني کي نيٺ صفا ڪندا،
دردِ دل جي دوا ڪڏهن نه ڪجو.
18 آڪٽوبر 1959ع

9.10 شب حيدرآباد

 

 

بي وفا سان وفا ڪندس آئون،
دل جون ڳالهيون صفا ڪندس آئون.
دشمنِ دِل تي اي ”امين“ هر دم،
رسمِ رحمت روا ڪندس آئون.
9، جولاءِ 1954ع زيارت

 

 

بي قدر انسان کان پاسو ڪرڻ آهي چڱو،
قرب وارن جي اڳيان سِرڙو سَٽڻ آهي چڱو.
دل ڏيڻ توڙي وٺڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي ”امين“
هن جهان فاني جو لاڳاپو ڇنڻ آهي چڱو.
12، آگسٽ 1956ع شب 12.30 هالا

 

 

تنهنجي قدمن جي خاڪ جو عاشق
آسمانن تي برتري ٿو رکي
تنهنجي آڏو ڀلي هو ڪجهه نه هجي
پر فرشتن سان همسري ٿو رکي
1981ع ڪراچي سنڌ

 

 

توسان اڄ همڪلام ٿيڻو هو،
دردِ فرقت تمام ٿيڻو هو.
اوچتو وئين ملي اي ماههِ لقا،
مون تي هي لطف عام ٿيڻو هو.
11، مارچ 1960ع 3.50 شب هالا

 

 

جان هڪڙي جي ناهي ڪا پرواهه،
سَوَ هجن ته به ڪري ڇڏيان قربان.
منهنجا محبوب تنهنجون سڀ ڳالهيون،
منهن جي ڪارڻ حديث ۽ قرآن.
3، جنوري 1981ع

 

 

چڱو جو مونکي مليو درد پنهنجي دلبر جو،
جو ان سبب ئي گهٽيو انتظار محشر جو.
کڻي ڪٿي به هجان مون سان هو ملي نه ملي،
تڏهن به وردِ زبان هوندو نام سرور جو.
22، آگسٽ 1956ع هالا

 

 

خزان کي ڪنهنجي خوشين سان ڇا؟ ۽ غمن سان ڇا؟

فغانِ بلبل بي پَر سان ڇا؟ گلن سان ڇا؟
هي هڪڙي موسم آهي جا ايندي رهندي آ،
انهي کي حسن يا ويرانيءَ چمن سان ڇا؟
1، اپريل 1960ع 1.55 شب

ليٽن روڊ ڪوئٽه

 

 

خزان ۾ خوش ٿي بهارن جو انتظار ڪبو،
نه فرطِ کان گريبان کي تار تار ڪبو.
ٻه ڏينهن گذري ويا ۽ ٻه گذري ويندا ”فهيم“،
ڪڏهن نه صبر جي دامن کي داغدار ڪبو.
1، اپريل 1960ع 1.40 شب

ليٽن روڊ ڪوئٽه

 

 

دردِ فرقت ڪيو بيحال خدا خير ڪري،
هي به سِڪندي ويو لنگهي سال خدا خير ڪري.
يادگيري نه ڪئي يار، ”امين“ ڪهڙي سبب،
اڄ به آيو نه ڪو احوال خدا خير ڪري.
3، جنوري 1955ع ڪراچي

 

 

سنڌ جي خاڪ جو جواب نه آ،
هن جي خوبن جو ڪو حساب نه آ.
ذرو ذرو سندس گران قيمت،
جنهن جو مٽ ماه و آَفتاب نه آ.
3، جون 1973ع

11.45 شب

حامي صاحب جو ڳوٺ خيرپور

 

 

صنم پهلو ۾ آهي تڏهن به اي همدم،
الاجي ڇا جي ڪري اڄ به اشڪبار آهيان.
نه اکيون نم ۽ نه آه و بُڪا نه جوش جنون،
جهان ڇا سمجهي ته اڄ پڻ مان بيقرار آهيان.
28، جون 1959 قاضي احمد

 

 

قصّـئـه غم کي آشڪار ڪبو،
آسمانن کي اشڪبار ڪبو.
جنهن سان منزل جو واسطو نه هجي،
رستو اهڙو ئي اختيار ڪبو.
20، آۡڪٽوبر 1974ع 11.10 رات خانگاهه، هالا

 

 

ڪير ڪنهن جو نه ڪير ڪنهن جو آه،
فڪر هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو آه،
ٻي جي مشڪل کي حل ڪرڻ گهرجي،
سور پنهنجو سلڻ ته سهنجو آه.
21، آڪٽوبر 1974ع 12.10 شب خانگاه، هالا

 

 

مديني ڏي جيڪر وڃان مان اُڏامي،
محمد ؐ جي دَرَ جي چڱي آ غلامي.
ٿيان هوند نوڪر سندس دَرَ جو دربانُ،
شب و روز انجي ڀريان مان سلامي.
ٿيو انجي هڪ ئي نظر ساڻ سارو،
مدينو ”امين“ آهي نامي گرامي.
12، اپريل 1956ع هالا

 

 

مون کان لڪائي ستارن کي، ابر روئي ڏنو،
جدا جدا ڪندي پيارن کي، ابر روئي ڏنو.
نه هنکي پنهنجي ستم جي خبر رهي ليڪن،
ڏسي نه رنگين نظارن کي ابرو روئي ڏنو.
8، جولاءِ 1956ع هالا

 

 

مونکي تنهنجو غلام ٿيڻو هو،
منهنجو اعليٰ مقام ٿيڻو هو.
نيٺ تنهنجي نگاه ٿي حاصل،
ڪنهنجو پورو ڪلام ٿيڻو هو.
11، مارچ 1960 3.55 شب هالا

 

 

ناز پرور آهي بيشڪ ”ناز باغ“
رشڪ فِردوس برين، دشمن لءِ داغ،
دل ڏسڻ سان ٿيو وڃي ٿي باغ باغ،
ٿي جڏهن آمد ٿِئي در ”ناز باغ“
هت به روشن آهي الفت جو چراغ،
بزم رندان آهي گويا ”ناز باغ“
28، جون 1959ع قاضي احمد

 

 

نظر اداس ادا بيقرار بي چيني،
خوشي کي پردهء غم جو نقاب خوب رهيو.
لبن تي مُهر خموشي ۽ دل ۾ ڪيئي خيال،
اکين ۾ اشڪ محبّت جو آب خوب رهيو.
10، سيپٽيمبر 1959 1.30 شب مٽياري

 

 

نظر پهتي نظر تائين ته پيمانا به وسري ويا،
اڙائي يار اک اک سان ته ميخانا به وسري ويا.
پيڻ منهنجو، زمين تي آسمان جو هوا اچڻ گويا،
پيڻ جي مون ڪئي، ساقي کان پيمانا به وسري ويا.
11، ڊسمبر 1958ع هالا

 

 

نيٺ دلبر ڪو نه آئين،
بيڪسن وٽ ڇو نه آئين،
توکي اچڻو ڪونه هو،
دلربا سو ڪونه آئين.
21، آڪٽوبر 1959ع 8.45 رات هالا

 

 

هن جو مون ساڻ پيار ٿي نه سگهيو،
منهنجو ٻيو ڪوبه يار ٿي نه سگهيو.
پنهنجو پنهنجو نصيب آهي ”فهيم“،
منهنجو ڪو غمگسار ٿي نه سگهيو.
19، نومبر 1959ع

4 بجه رات هالا

 

 

 نظم

 

اي وطن

اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان
توتان صدقي مال دولت توتان قربان جسم و جان.

 

خاڪ تنهنجي کي چمڻ لءِ آسمان جهڪندو رهي
شمس پڻ هر روز سڪ ۾ بي گمان جهڪندو رهي
مهربان جهڪندو رهي نا مهربان جهڪندورهي
تنهنجي هستيءَ جي اڳيان سارو جهان جهڪندو رهي
اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان
توتان صدقي مال دولت توتان قربان جسم و جان

 

توتان قربان ٿيون ٿين دنيا جون ساريون طاقتون
تنهنجي آڏو سر بسجده دشمنن جون قامتون
توسان گستاخي ڪري سي ڪيئن هلائن حجّتون
تنهنجي خدمت ۾ زماني جون رهن ٿيون قسمتون
اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان
توتان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان

 

شمس تنهنجي ئي ڪري ٿيو آسمان تي جلوه گر
چنڊ ۽ تارا به آهن تنهنجا محتاجِ نِظر
تنهنجي هر ڪا شام رنگين تنهنجي روشن هر سحر
تنهنجا باشندا گذارين ٿا سدائين بيخطر،
اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان
توتان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان.

 

ڪير آهي جو ڪري ڀلجي به توسان همسري
توتي هردم ٿي رهي لطف و عطائي سروري
تون اسان جو ديس توکي ڪيئن ڇڏيندا سون وري
جيئري پڻ توسان آهيون توسان رهنداسون مري.
اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان
توتان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان.

 

تنهنجي خدمت ۾ رهن ٿيون عظمتون ئي عظمتون
تنهنجي ديوانن ۾ آهن جرئتون ئي جرئتون
طاقتون ۽ هّمتون ئي هّمتون
آزمائي ڪو ڀلي پنهنجون انهن سان قسمتون
اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان
توتان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان.

 

سر بلند آهن سدائين تنهنجا جملي ڪوهسار
ٿا رهن حبِ وطن کان هڪٻئي سان همڪنار
پنهنجو سينو چيري توکي پيش ڪن چشما هزار
تنهنجي خاطر زور تي روڪيو اچن ابرِ بهار
اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان
توتان صدقي مال و دولت تان قربان جسم و جان

 

زنده باد اي منهنجا پاڪستان پيارا زنده باد
اي عظيم المرتبت اي شان وارا زنده باد
بي ڪسن جا، بي سهارن جا سهارا زنده باد
آسمانِ وقت جا روشن ستارا زنده باد.
اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان
توتان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان.
1965ع

 

 

جام ڀر ساقيا!

جام ڀر ساقيا! جام ڀر ساقيا!!
ساقيا! جام ڀر جام ڀر ساقيا!!

 

زيبور خوش نظر نا زور ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا!

 

کول زلفِ دوتا شام ڪر ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا!

 

ياد رکندين مونکي عمر ڀر ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا!

 

جام تي جام ڀر موج ڪر ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا!

 

زندگاني اٿئي تنگ تر ساقيا!!

 

جام ڀر ساقيا!

 

مون مونکان به ڪر بي خبر ساقيا،

 

جام ڀر ساقيا!

 

اچ ته پيئندا رهون تا سحر ساقيا

 

جام ڀر ساقيا!

 

پوئتي ڇو ڇڏيون ڪا ڪسر ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا!

 

ڀانئين جي گڏ رهون عصر ڀر ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا!

 

مون سان مون وانگي هل ضد نه ڪر

 

جام ڀر ساقيا! 

 

هڪڙي هيڏي به ڪر ڪا نظر ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا!

 

آهيون ويٺا ويٺو تنهنجو در ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا!

 

رنج غم کي ڪريون در بدر ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا!

 

مولوي ٿو پئي غم نه ڪر ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا!

 

ڪفر ٿو اڄ ٽٽي شڪر ڪر ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا!

 

پي چيم شام کان تا سحر ساقيا! 

 

جام ڀر ساقيا!

 

هڪڙو رستي جي لئي پُر اثر ساقيا!

 

جام ڀر ساقيا
1، اپريل 1984ع

 

 

محبت جي محفل

محبت جي محفل ملهايون پو وڃ،
هي رئندڙ اکيون پڻ کلايون پو وڃ،
مٺا خوش ٿي ڳايون وڄايون پو وڃ،
ملي بلبل گل سِڪايون پو وڃ.
پرين ترس نئون نينهن لايون پو وڃ،
نه وڃ جلد پر پيچ پايون پو وڃ.

 

تون آيو اهين هاڻ عاشق اڳيان
وڇوڙي جو احوال اهڙو ڪيان،
رئاڙيان مان توکي ۽ خود پڻ رُئان.
ٻه ڳوڙها ڳلن تان وهايون پو وڃ،
نه وڃ جلد پر پيچ پايون پو وڃ.

 

اڱڻ آيو اهين اي دلدار مَسَ،
لبن تي ڏسي گل، سڙيا خار مس،
دکايل جي دل تان ويا آزار مس،
گلي تون لڳين اي مٺا يار مس.
رقيبن کي جاني جلايون پو وڃ،
نه وڃ جلد پر پيچ پايون پو وڃ.

 

ڪتيون، ٽيڙو، تارا، ستارا به کلندا،
هي سج، چنڊ ۽ ٻيا نظارا به کلندا،
جي ويندين ته حالي هچارا به کلندا،
اکين مان وهي نيٺ نارا به کلندا،
خوشيءَ مان سڀن کي کلايون پو وڃ،
نه وڃ جلد پر پيچ پايون پو وڃ.

 

گنگهار آهيان، خطادار آهيان،
فقط پيار جو آئون پينار آهيان،
نشي نينهن واري کان سرشار آهيان،
محبت جي مي جوئي ميخوار آهيان،
ڀري جام هڪ ٻئي کي پياريون پو وڃ،
نه وڃ جلد پر پيچ پايون پو وڃ.

 

ڀلارا ڀلايون ڪري نيٺ آئين،
اڪيلي ڀلا ڪيئن سري! نيٺ آئين،
قدم قرب وارا ڀري نيٺ آئين،
ڏٺئي عاشقن جي اري نيٺ آئين،
مٺا هاڻ نئون نينهن لايون پو وڃ،
نه وڃ جلد پر پيچ پايون پو وڃ.

 

ڀلي آئين دلدار منهنجا ”امين“،
هجين شاد آباد شل مهه جبين،
جدا مونکان هڪڙي گهڙي تون نه ٿين،
ڪرم جي نه تو وٽ ڪمي آ پرين،
سڄڻ ڪجهه ٿين روشنايون پو وڃ،
نه وڃ جلد پر پيچ پايون پو وڃ.
26، آڪٽوبر 1955ع
هالا

 

 

نئون سال

نوان ڏينهن راتيون، نيون روشنايون،
نوان شعر ڪافيون، نوان بيت وايون،
نوان باغ بنگلا هي بستيون ۽ جايون،
نئين سال ۾ سڀ نيون بنجي آيون.
پرين، هو پراڻيون ڇڏي ڏي جدايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

نوان گل چمن ۾ نئون رنگ و بو آ،
صنوبر، سمن، موتيو سرخ رو آ،
نئين سال جي اڄ خوشي سوبسو آ،
مگر مون کي تنهنجي اڃا آرزو آ.
وري پاڻ گڏ جي خوشي ڪا ملهايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

خوشيءَ مان وڻن سبز پوشاڪ پاتي،
گلن ساڻ بلبل ملائي ٿي ڇاتي،
مان پايان ٿو تولاءِ جهاتيءَ تي جهاتي،
نه معلوم تو آهي ڇو دير لاتي.
سگهو آ ته بلبل ۽ گل کي سِڪايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

اسين ڪشورِ دل جا سلطان آهيون،
نه ٻي مال و دولت جا خواهان آهيون،
چون ٿا جهان وارا نادان آهيون،
محبت ڪريون ٿا جو انسان آهيون.
غريبي، اميري جا ويڇا وڃايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

هجون پاڻ گڏ زندگي جي سفر ۾،
فضا ۾، بيابان ۾ ۽ بحر و بر ۾،
اگر آهيون بيڪار ڪنهنجي نظر ۾،
ٿئي ڪونه ڪو عيب ٿو هر بشر ۾.
سڀن ۾ ٿين ٿيون برايون ڀلايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

وئي مون کان اڄ اوچتو آه نڪري،
مان ڀايان ٿو توکي ويو آهيان وسري،
گهڙي ڌار تو کان گذارڻ نه سُڙي،
سڄڻ هي به سڪندي ئي ويو سال گذري،
حياتي جون گهڙيون وڃن ٿيون اجايون
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

نهاريو مون شام و سحر تون نه آئين،
قمر آيو، رشڪ قِمر تون نه آئين،
اڃا تائين مون کي نظر تون نه آئين،
ٻيا سڀ اچي ويا، مگر تون نه آئين،
مٺا آءُ موٽي ڪري لک ڀلايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

ستارن ۽ شمس و قمر کان لڪي آ،
فلڪ کان ۽ شام و سحر کان لڪي،
لڪي آءُ جن و بشر کان لڪي آ،
سڄڻ تون سڀن جي نظر کان لڪي آ،
نه ڪنهن کي ٻڌايون نه ڪنهن کي سڻايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

نئين آئي موسم نوان ٿيا نظارا،
نئون چنڊ نڪتو نوان ڏئي اشارا،
جدائيءَ ۾ مون تان کلن ٿا ستارا،
خدارا وري آءُ پرديس وارا،
ڪري درگذر اڄ ڪچايون ڦِڪايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نيهن لايون.

 

ڀلا ڇو سڄڻ ويٺين وعدا وساري ،
هي عاشق اڃا ويٺو راهون نهاري،
”فهيم“ آهي تنهنجي ئي سهڻل سهاري،
پرين جيڪڏهن تون اچين قول پاري،
ته لوڪان لڪي پاڻ محفل مچايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
5، جنوري 1955ع
ٿاڻو بولاخان

 

 

شانِ وطن

وطن پرست آهيون وطن اسان جو شان آه
وطن اسان جي زندگي وطن اسان جي جان آه
وطن جو ذرو ذرو ڄڻ اسان لئي آسمان آه
وطن تان سر ڪريون فدا، اهو اسان لئي مان آه

 

اسين مٿس ٿيون فدا اسانکي ٿو وطن وڻي
مجال ڪنهن کي آهي جو انهي ڏي بد نظر کڻي
عدوءَ جو سر وڍي وجهون، اسان سان جي ڪلهو هڻي
اسان کان جو کٽي هلي، نه ڪنهن ڄڻيو نه ڪا ڄڻي

 

وطن جي پاڪ سر زمين، وطن جي هر ڪا شيءِ حسين
مجاهدانِ صف شڪن نظر اچن ٿا مهه جبين
خوسين ۾ خوش رهن ۽ غمن ۾ ڪين ٿا ٿين حَزين
خدا خدا ڪندا رهن جتي به ٿا ٿين مڪين

 

سڀئي ”عزيز“ آهيون سڀني جا سر مٿس فدا
سڀني جو عزم پخته ۽ سڀن ۾ ولوله جدا
سڀيئي شينهن جو جگر رکن ٿا هت ننڍا وڏا
اسان کي همتون شروع کان ئي بخشيون خدا

 

جڏهن به عزم سان اسان شروع ڪيون ٿا ڪو سفر
وڌو وڌو مجاهدو کليو کليو چوي سحر
نديون نياز مان چون اچي اسان کي پارڪر
پهاڙ پيار سان ڏين ٿا پنهنجي سيني ۾ گذر

 

مجال ڪنهن کي آهي جو اسان جي عزم کي پَلي
اسان سان صبح و شام اسان سان چرخ ٿو هلي
اسان لئي وقت منتظر قدم کڻي جهلي جهلي
سدائين لوح ۽ قلم اسان سان راز ٿو سلي

هوا جو رخ مٽيو ڇڏيون، فضا بنايون سازگار
اسان ڏي رخ اگر ڪري، خزان به ٿي پوي بهار
اسان ڏي جي نظر کڻن گُلن جو ٿئي جگر فڪار
1 آگسٽ 1967
هالا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org