سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پيغام

مخدوم امين فهيم

صفحو :13

مهاڳ

 

سوانح حيات

مٺي مهراڻ جي پاڻيءَ اسلام آباد جي روحاني آبياري سان سرزمين سنڌ تي اهي عظيم الشان ذهن ۽ عالي مرتبت شخصيتون پيدا ٿيون.جن دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. علم و فضل جي هاڪ ۽ روحانيت جي ڌاڪ باعث دنيا جي عالمن، سياحن، محققن، بزرگن، درويشن، قلندر ۽ فقيرن سنڌ ڏانهن منهن ڪيو ”اهي سنڌ ۾ آيا، سنڌي ٿي ويا ۽ وري واپس نه وريا.“ سندن هزارين مزارون ۽ مقبرا سنڌ جي سيني تي يادگار آهن.

سنڌ درويشن جو ديس ۽ الله وارن جو گهر آهي. سنڌ باشريعت بزرگن، غيور غازين، دلير دودن، تحريڪن جي اڳواڻن، علم و ادب جي سرواڻن، شهره آفاق شاعر، مڻيادار مجاهدن ۽ سام جهليندڙ سورهين جي سرزمين آهي. سنڌ سدائين روحاني، اقتصادي ۽ معاشي لحاظ کان سائي ستابي رهي آهي. هر دور ۾ عالمن ۽ فاضلن روحاني رهبرن ۽ بزرگن جي آستانن سان سنڌو دريا جا ٻئي ڪنارا آباد رهيا آهن.

انهن مشهور عالم بزرگ هستين مان ، سنڌو دريا جي مشرقي ڪناري تي سنڌ جي دل ”هالا“ شهر ۾ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحمـﺔ الله علـﺔ جي درگاهه آهي. هي اهو باشريعت بزرگ آهي. جنهن پنهنجي سموري زندگي قرآن ۽ سنت مطابق مڪمل پابندي سان گذاري. سندن روحاني شمع جي شعاعن سان سنڌ جو ذرو ذرو منور ٿي ويو. حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور اهو بزرگ آهي، جنهن سڀ کان پهرين قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير فارسي زبان ۾ زيبِ قلم ڪيو. سندس شجرو مٺي مرسل حضور اڪرم ﷺ جي خليفئه اول سيدنا حضرت ابوبڪر صديق ﷦ سان ملي ٿو. حضرت مخدوم نوح سرور اويسي طريقي جو عاشقِ رسول ﷺ بزرگ هو. وڏي پابندي سان راههِ رسول ﷺ تي قدم بقدم عمل پيرا رهڻ سبب سندس لقب ”سرور“ مشهور ٿي ويو ۽ ”سرور نوح فقير“ جي بامقصد نالي سان سنڌ هنڌ جي لکين صالح ۽ صادق الله بندن جي سيني جو سُرُور بنيو. سندس ئي دور ۾ سروري جماعت جي فقراءَ جو تعداد نو لک ٿي ويو هو، جنهن ڪري هن گاديءَ کي ”نو لکي گودڙي“ سڏيو ويو. سندس وفات جو سال ”فيض_حق“ مان (998هه) ملي ٿو.

مخدوم امين محمّد اوّل

حضرت مخدوم نوح عليــﺔ رحمـﺔ جو پهريون سجاده نشين به ”مخدوم امين محمّد“ هو. جو پنهنجي بزرگ والد وانگر شريعت جو پابند هو. ”حلال ۽ صدق مقال“ جو پاڻ به عامل هو ۽ ٻين کي به تاڪيد ڪندو هو. سندس ولادت 5 ربيع الاول 952 هجري ۾ (جڏهن حضرت مخدوم نوح رحه جي عمر 41 سال هئي) ٿي.

998 هجري ۾ حضرت مخدوم نوح رحه جي وفات بعد سجاد نشين ٿيو، سندس عمر انهيءَ وقت 42 سال هئي. 7 شعبان المعظم 1015هجري ۾ 63 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. سندس سال وفات ”شرف الابرار“ مان ملي ٿو.

مخدوم امين محمّد ثالث رحه

”مخدوم امين محمّد ثالث هن صديقي قريشي خاندان جو اهو بزرگ آهي جنهن جي شخصيت ۾، فقرو درويشي سان گڏ شعر ۽ شاعري به به درجه ڪمال موجود آهي. سندس سارو ڪلام سوز ساز، نياز  ۽ گداز جو شارح آهي. سندس ڪلام تصوف جي دقائق ۽ حقائق جو شاهڪار آهي. ان سان گڏ حقيقت ۽ مجاز جو آئينه دار آهي. سندس فيوضِ باطنيه مان جتي ڪيئي اهل نظر ۽ اهل بصيرت پيدا ٿيا. اتي ڪيئي سندس صحبت يافته شاعر ۽ سخن سنج بدايع گو ۽ بديع الڪلام  پڻ اسريا، جن ”سروري جماعت“ ۾ فقر ۽ محبت جي اها جوت جلائي آهي جنهنجي چنگاري اڄ به سرور جماعت جي دلين ۾ درد جو دود دکايو ٿي اچي.“

(”ڪليات امين“ پروفيسر محبوب علي چنه)

”هو وڏو سخي ۽ دريا دل مرد هو، سنڌي شاعري ۾ تمام ڪمال هوس، سندس شاعري جي سڀني اصنافن ۾ سندس شعر موجود آهي.“ ڏوهيڙا، ڪافيون ۽ غزل وغيره پنهنجا يادگار ڇڏيا اٿس.“

(”تذڪرِه مشاهير سنڌ جلد ٻيو مولانا دين محمّد وفائي)

”امين محمد“ سائين عرف ”پکن ڌڻي“ الاهي اسرارن جو عارف_الستي ڪتب جو بحر مواج فيوضات يزدانيه جو شارح ۽ ترجمان آهي.

(سُرها گل_ علامه دائود پوٽو)

مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“ جي ولادت 7 شعبان 1254 هجري مطابق 26 آڪٽوبر 1838ع تي ٿي ۽ سندس وفات 27 رمضان 1303 هجري مطابق 29 جون 1886ع ۾ ٿي سندس وفات تي ڪيترن همعصر بزرگن ۽ شاعرن قطع تاريخ لکيا جن مان چند هي آهن.

(1) مخدوم ابراهيم نقشبندي :- بَخُلداست جائي محمّد امين

                                                 1303 هجري

(2) عبداللطيف ٺٽوي:-               محمّد امين گشــﺔ و اصل برب

                                          1303 هجري

(3) مفتي سعد الله هالائي:-     شهنشاه جنّت محمّد امين

انهيءَ بزرگ سرور نوح فقير رحه جو سورهون (16) سجاده نشين اعليٰ حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب موليٰ سائين جن آهن. جن جي تفصيلي سوانح حيات، ڪتاب يار خاطر، جنب گذاريم جن سين، مهراڻ جا موتي، ڇپر ۾ ڇڙيون، ڪچڪول، سماهي مهراڻ جو شاعر نمبر ۽ سوانح حيات نمبر، ديوانِ طالب الموليٰ سروري خاندان جو علمي ادبي خدمتون وغيره ڪتابن ۾ قارئين پڙهي سگهن ٿا. هتي سندن سوانح حيات جو مختصر خاڪو پيش ڪجي ٿو.

حضرت  طالب الموليٰ سائين اها مشهور زمانه ۽ تاريخ ساز شخصيت آهي. جنهن جي سرزمين سنڌ سان سڪ ۽ سچائي، تحريڪ پاڪستان ۽ قيام پاڪستان لاءِ قربانيون، سنڌي ادب ۽ ثقافت لاءِ سندن ڪاوشون ۽ ڪوششون، علمي ادبي تحريڪون، تنظيمون، بزمون، تقريرون، تحريرون، ايتريون انيڪ ۽ اهم آهن جن جو پنهنجن خواه پراون سڀني کي اعتراف آهي.

سنڌ جو بزرگ سياستدان سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته ”مخدوم صاحب جي سنڌي ادب ۽ ثقافت کي زنده رکڻ جي ڪوشش اهم درجو رکي ٿي. سنڌي ڪلچر، اتحاد انساني، امنِ عالم جو پيغامبر آهي. سنڌ جا درويش ۽ بزرگ انهيءَ پيغام جا حامل هئا، خدا کيس عمرِ دراز بخشي ۽ کانئس سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت ڪرائيندو رهي.“

(جنب گذاريم جن سين جلد ٻيو صفحه 247)

اها محبوب ۽ جامع صفات شخصيت جنهن جا مريد ۽ معتقد، دوست ۽ احباب پوري هند و پاڪ ۾ پکڙيل آهن، جنهن کي دين ۽ دنيا جون سڀئي نعمتون ميسر آهن، تنهن هوندي به سندن طبيعت ۾ ڪنهن به قسم جي، ڪنهن به وقت وڏائي نظر نه ايندي! پاڻ فرمائي ٿو:

بـــــــاوجـــود ان جــي خاڪـســار آهـــيان،

ســـــر تي دســــتـــــار ســــروري آهــــــــي.

                       

مان ته ڪجهه ئي نه آهيان اي دوست!

مون سان ڪنهن جي نه همسري آهي.

پاڻ نهايت حليم طبع، رحمدل، عفو درگذر ڪندڙ، صابر، شاڪر قانع، سخي ساده لباس، خوش خلق، خوش مزاج، سدا بهار طبيعت، نيڪ نيت، پاڪ طينت، مساوات جا مجسمه ۽ دشمن نواز شخص آهن. ”هٿان حبيبن ڪڏهن ڪو نه ڏکوئيو!“

پاڻ ڪنهن به وقت ڪنهن به دشمن لاءِ انتقامي ڪارراوئي جو نه سوچيندا آهن. انتقام جي برعڪس احسان ۽ عنايت خير خواهي ۽ خير سگالي جي جذبي سان مخالفن کي مانوس ۽ مطيع ڪندا آهن.

حضرت طالب الموليٰ سائين هر ڪنهن لاءِ حفظِ مراتب جو خيال رکندا آهن ۽ دشمنن کي به سهڻن نالن سان ياد ڪندا آهن. غصي جي عالم ۾ به غلط زبان استعمال نه ڪندا آهن. عوام لاءِ سندن بي انداز ۽ بلا امتياز علمي ادبي ثقافتي سماجي فلاحي ۽ معاشي خد مات ڪنهن کان ڳجهيون آهن؟ بهرحال هي قصو ڊگهو آهي.

المختصر حضرت طالب الموليٰ سائين، سلجهيل ۽ محب وطن سياستدان، باوقار، بااُصول، سنجيده ۽ شرافت واري سياست جا قائل، سنڌ جا مايه ناز اديب ۽ شاعر آهن. منجهن هڪ باشريعت بزرگ جي سجاده نشين هئڻ وارا اهي سڀئي گڻ موجود آهن، جيڪي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ مومنين ۽ صالحين جون صفتون هونديون آهن. پاڻ پيري ۽ مخدومي واري ٺٺ ٺانگر عالم ۽ زاهدن جي ظاهري بناوٽ ۽ سجاوٽ، من مستي، هٺ تڪبر، مڪروريا جي بلڪل برخلاف آهن. توحيد جي رنگ ۾ رتل، حب مرسل ﷺ سان سرشار ۽ سائينءَ جي سڪ جا سائل سٻاجهڙا ماڻهو طالب الموليٰ کي پسند آهن، جن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هوندو آهي. ڪلاباز سياستدان رياڪار ۽ مڪار ملا، حاجي، قاضي، شيخ و واعظ، زاهد عابد، پير مخدوم ۽ سجاده نشين جيڪي خرقه و سجاد عبا و قبا، جبه و دستارو عصا جي فريب ۾ ڦاٿل آهن تن کي طالب الموليٰ نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي ”گداگرن جو ٽولو“ چوي ٿو.

حضرت طالب الموليٰ سائين حقيقت ۽ عمل جا خواهان آهن. پاڻ حجرن ۽ خانقاهن جا اندروني راز ظاهر ڪن ٿا، ڪليسا ۽ مندر ۾ جهاتيون پائي انهن جون مڪاريون، عياريون ۽ فريب منظر عام تي آڻين ٿا.

حضرت طالب الموليٰ سائين مسجد جي ماحول لاءِ به هيءَ ڳالهه پسند نٿا ڪن جنهن ۾_

”سر رکيل سجده ريائي ۾ ۽ دل دنيا سان گڏ“ نظر اچي.

حضرت طالب الموليٰ مذڪوره بالا ڳالهين کي پنهنجي شاعري ۾ انتهائي محتاط، شائسته، مهذب، مخصوص، دل آويز ۽ عام فهم انداز سان ندي ٿو. اهي سڀئي ڳالهيون ”ديوانِ طالب الموليٰ“ ۾ جرڪنديون نظر اچن ٿيون. حضرت طالب الموليٰ سائين مردِ فقير آهن.

مگر دنيا جي ٻنڌڻن ۽ ملڪي قومي ضرورتن کين سياست سان ملحق رکيو آهي.

”پيغام“ جو شاعر امين فهيم انهيءَ بزرگ هستي جو پڻيٺي جو فرزند ارجمند ۽ ولي عهد آهي، جيڪو پنهنجي والد بزرگوار جي رنگ ۾ رتل آهي.

حضرت طالب الموليٰ سائين کي جيتري پدري شفقت ۽ محبت پنهنجي فرزند امين فهيم سان آهي، اوتروئي ادب ۽ احترام امين فهيم کي پنهنجي والد بزرگوار لاءِ آهي، هو پنهنجي عالي مرتبت والد صاحب جو انتهائي فرمانبردار، سعادتمند ۽ صالح فرزند آهي. پاڻ ۾ پيءَ ۽ پٽ جو لازوال ۽ بي ڪنار پيار الفاظ جي پيماني سان توري ۽ تڪي نٿو سگهجي.

سال 1946ع ۾ قبله طالب الموليٰ سائين جون رباعيات ڪتابچه جي شڪل ۾ ”رباعيات طالب“ جي نالي سان شايع ٿيون. پاڻ”رباعيات طالب“ کي پنهنجي پياري فرزند امين فهيم سان منسوب ڪيائون. انهيءَ انتساب سان دعائيه نظم به ڪتابچه جي شروعات ۾ ڏنائون. جنهن ۾ پدري شفقت ۽ محبت موجزن آهي:_

منسوب هي اشعار آءُ توساڻ ڪريان ٿو،
تون تن تي ”محمد امين“ شل هونديون ڪمربند..

 

الله عطا توکي ڪري عــلم و ولايت،
پيغامِ عمل ساڻ وڃي تنهنجو ٿي پيوند.

 

هر چيز ۾ تون حسنِ ازل جو ڏسين جلوه،
هر تلخي دوران ۾ اچي توکي نظر قند.

 

تون پنهنجي خيالات تي هر دم رهين قادر،
۽ عشق حقيقي جو هميشه هجين پابند.

 

تنهنجي نه نظر ارض و سما  جي رهي محتاج
اسباب جهان توڙي اچن تو اڳيان هر چند.

 

دل تنهنجي هجي دائما سر چشمئه الفت،
تسليم و رضا تي تون هميشه هجين خورسند.

جو طالبِ الموليٰ کي آهي علم عطا ٿيو.
الله ڪري تنهن جي به سيني ۾ اهو بند.

 

امين فهيم هڪ خوشنصيب ۽ صالح فرزند

امين فهيم کان اڳ سندس همنام سروري خاندان ۾ ٽي سجاده نشين ٿي گذريا آهن. انهن ٽنهي بزرگن جو پنهنجي پنهنجي دور ۾ اعليٰ مقام هو. حضور سائين ﷺ جو ارشاد آهي ته پنهنجي اولاد تي نيڪ ماڻهن جا مبارڪ نالا رکو. ”محمد امين“ جي نالي کي حضور سائين ﷺ جي نالي نسبت آهي، جو نيڪن کان نيڪ ۽ سيد الابرار آهي. ازانسواءِ پنهنجي خاندان جي اهم بزرگن سان به نالي جي نسبت هئڻ سبب امين فهيم هڪ خوش نصيب انسان آهي. سوني تي سهاڳو اهو به آهي ته هو هن دور جي بزرگ هستي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو نورچشم ۽ ولي عهد آهي.

سندس آواز گفتار، رفتار، قد وقامت، برتاءُ نشست و برخواست، حسن خلق، انداز تخاطب پنهنجي والد بزرگوار جي هوبهو آهي. منجهس انڪساري ۽ رواداري جا ڳڻ حضرت طالب الموليٰ سائين جهڙا  آهن. الله پاڪ کيس، سندس باشريعت بزرگانِ دين جي نقش قدم تي ثابت قدم رکي.

ولادت باسعادت

امين فهيم 4 آگسٽ 1939ع مطابق 17 جمادي الثاني 1357هه بروز جمعـﺔ المبارڪ جهانِ رنگ و بو ۾ اکيون کوليون. مرحوم مولانا مخدوم غلام حيدر سائين جن اذان ڏئي سندس اسمِ مبارڪ ”محمّد امين“ رکيو. مرحوم ”مخدوم امين محمّد ثالث“ دستار 13 جي نالي نسبت سان کيس ”ڏاڏا سائين“ به چيو وڃي ٿو.

سندس ولادت باسعات جي موقعي تي ڪيترن ئي شاعرن قطعاتِ تاريخ ولادت لکيا، انهيءَ دور جي مشهور گلوڪار ۽ شاعر مرحوم استاد سينڌي خان صيد جو هڪ شعر هت پيش ڪجي ٿو.

گلِ خوش رنگ نمودار شد بگلشنِ نوح،
هزار بار مبارڪ زصيد شام و صبوح.

 

شادي

امين فهيم جي شادي 21 جون 1957ع ۾ 19 ورهين جي عمر ۾ ٿي. انهيءَ موقعي تي سَهرن جو عظيم الشان مشاعرو منعقد ٿيو. سماهي شاعر رسالي جي هڪ خاص نمبر ”رفيقِ حيات“ ۾ انهيءَ موقعي جو تفصيلي ذڪر آيل آهي. ڪيترن ئي شاعرن شادي جي سال مبارڪ تي قطعه تاريخ لکيا جن مان چند هي آهن:-

(1)

سندن خوش قسمتي جو ڇا بيان ڪوئي ڪري سگهندو،
ٻڌا اڄ جنهن جي آهن سِر تي هـي ”ســــائين وڏن“ سَهرا.

 

چڱـــــيءَ تاريخ ويهين جون ۽ ذوالقعد ايڪيهين،
مبارڪ منهن تي خاص آيو ٻڌي محبوبِ من سَهرا.

 

1957عيسوي

(محبرب سروري)

 

 

(2)

تقريبِ شادي است ”اديبا“ چوبهرِ عشق،
تاريخ گير هم توز ”عيشي و عشر تي.“

 

1376

(مولانا دين محمّد اديب فيروز شاهي)

(3)

نورِ صبحِ عظيم هجري سال،
شــــاد بـــــاشم که نو بهار آمد،
هاتفم گفت نورِ خـــضر امين.

 

1957ع

عيسوي سـال باوقار آمد.

(مولوي محمّد ٻنوي خادم)

ڀائر

امين فهيم جا ڀائر هي آهن:_

مخدوم خليق الزمان خليق، مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان، مخدوم شفيق الزمان، مخدوم سعيد الزمان عاطف سروري ۽ مخدوم نويد الزمان.

سندس ڀائرن ۾ مخدوم خليق الزمان ۽ مخدوم سعيد الزمان شاعر آهن.

مخدوم خليق الزمان هڪ بهترين غزل گو شاعر آهي، پر هن وقت سياسي مصروفيتن هن کي شاعري کان ڪجهه الڳ رکيو آهي.

مخدوم سعيد الزمان به هڪ پخته گو شاعر آهي، سندس مجموعهِ ڪلام ”پاڻ مراديون ڳالهڙيون“ منظرِ عام تي اچي چڪو آهي.

فرزند

امين فهيم کي الله پاڪ - ست فرزند عطا ڪيا آهن:-

1- مخدوم جميل الزمان جميل

2- مخدوم شڪيل الزمان

3- مخدوم عقيل الزمان

4- مخدوم نجيب الزمان

5- مخدوم خليل الزمان

6- مخدوم جليل الزمان

7- مخدوم ابو محمد سنڌيار

سڀني فرزندن ۾ امين فهيم جو وڏو فرزند مخدوم جميل الزمان جميل شعر و ادب جي ميدان جو شهسوار آهي. موجوده دور ۾ حضرت قبله طالب الموليٰ سائين کان پوءِ مخدوم جميل الزمان جميل جو ڪلام ئي سروري خاندان جي موجوده شعرا ڪرام کان گهڻو آهي.

جميل سائين پنهنجي ڏاڏي حضر قبله طالب الموليٰ سائين وانگر 30 ورهين جي عمر ۾ علم و ادب جي آسمان تي درخشان نظر اچي ٿو. هو هن عمر ۾ ئي ”صاحب ديوان“ شاعر آهي، سندس ڪلام جا 3 مجموعا منظرِ عام تي اچي چڪا آهن:-

(1)     ملاقات

(2)    اتر لڳا آءُ پرين

(3)    محبت پائي من ۾ [ديوانِ جميل]

مخدوم جميل الزمان هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر، مرڪزي بزمِ طالب الموليٰ جو وائيس چيئرمين ۽ ”ڏات پبليڪيشن“ جو روح روان آهي. جنهن جي طرفان 7 ڪتاب منظر عام تي اچي چڪا آهن:_

1- صبوحي :          منتخب جديد شعرا جو ڪلام

2- اتر لڳا آءُ پرين :   شاعري

3- دلربا دلربا:         انتخاب ديوان طالب الموليٰ

4- سج وڙاءُ:           انتخاب شاهه جو رسالو

5- محبت پائي من ۾:        ديوانِ جميل

6- پاڻ مراديون ڳالهڙيون: شاعري مخدوم سعيد الزمان عاطف

7- انت محبوبي:      سنڌي شاعرن جو نعتيه ڪلام

سياست:

        امين فهيم هڪ سنجيده، بااصول، باوقار، محب وطن وفاق پاڪستان جو حامي، هر دلعزيز سياستدان آهي. پاڪستان جي سياست ۾ هن وقت سندس شمار صفِ اول جي سياستدانن ۾ ٿئي ٿو، سندس خلوص، نيڪ نيتي، پارٽي  سا وفاداري، راوداري، فهم و فراست، معامله فهمي، اولا لعزمي باعث هر دور جي حزب اقتدار خواه حزب اختلاف جي ايوان ۾ عزت ڀريو مقام ماڻي چڪو آهي. پاڪستان جي چئني صوبن ۾ سندس شخصيت کي مقبوليت حاصل آهي.

شاعري:

مشهور صحافي عالم اديب ۽ شاعر مولانا غلام محمد گرامي جي راءِ مطابق ”امين سائين جن جي فن ۾ ذوقِ جماليات جي ڀرپور ترجماني آهي. ڪلام ۾ سوز گداز محبت ۽ رقت جا اهي سڀ معيار موجود آهن، جي هڪ پرگو پخته ۽ قادرالڪلام شاعر ۾ ٿين ٿا. سندس تغزل، فني خيال کان رمزيت، معنويت، اشاريت، ايمائيت تي مشتمل آهي ۽ سندس پيرايه بيان رنگين ۽ دلڪش آهي. ڪافيون درد انگيز ۽ رقت خيز آهن، قومي شاعري ۾ به بهترين ڪلام چيو اٿس.“

گرامي صاحب اڳتي رقم طراز آهي ته ”امين سائين جي فن جي تنقيدي جائزي کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هڪ روشن ضمير انسان جڏهن پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي بيان ڪرڻ تي اچي ٿو، تڏهن اُن ۾ ڪيڏي نه اصليت ۽ روح آفرين ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي، جا تڪلف ۽ تصنع سان پيدا ڪرڻ مشڪل ۽ ناممڪن آهي. شاعري جذبات جي فراواني مان پيدا ٿئي ٿي ۽ جذبات جي حدّت ۽ حرارت لاءِ لازم آهي ته دل جي ساز تارون تپن ۽ وڄڻ شروع ڪن. اهڙي ڪلام ۾ سوز ۽ ساز حرارت ۽ گداز جو پيدا ٿيڻ لازمي امر آهي.

فهيم سائين جو سارو ڪلام هڪ شڪسته ساز جو آواز آهي. اُن ۾ نيازمندانه جذبات موجود آهن.

فهيم سائين جي ٻولي پختي، رسيلي، سريلي، مٺي ۽ من موهڻي آهي،  جا شاعري جي زبان ۾ اچي وڌيڪ رنگين ۽ دلڪش بنجي پئي آهي، هن عمر ۾ سندس ”فن“ جا ترقي ڪئي آهي، اُن کي ڏسي بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڳتي هلي سندس ڪلام جو مقام ۽ معيار، ڪهنه مشق ۽ عمر رسيده، استادن جي مقام تي پهچندو، ”اها اميد آهي.“ مرحوم گرامي صاحب 1969ع ۾ سماهي مهراڻ جي شاعر نمبر ۾ صفحه 396 تي امين فهيم جي فن و فڪر متعلق مذڪوره بالا راءِ ڏني آهي، جڏهن امين فهيم جي عمر 30 سال هئي، انهيءَ وقت به امين فهيم جي ڪلام مان گرامي صاحب ڪيڏو نه پُراميد هو. گرامي صاحب قبله حضرت طالب الموليٰ سائين جي پيارن ۽ ڪچهري وارن ماڻهن مان خاص نياز مند هو. قبله سائين کيس مرتبي مطابق عزت ڏيندا هئا. سندس ڏک سک جا مونس ۽ مددگار هوندا هئا.

راقم الحروف سان به انهي سلسلي سان گرامي صاحب جو ڪافي وقت گڏ گذريو. گرامي صاحب امين فهيم سائين لاءِ مٿي بيان ڪيل راءِ 21 سال اڳ لکي هئي. جيڪا اڄ به تازا به تازا، نـﺆ به نـﺆ آهي. مرحوم گرامي صاحب بقيد حيات هجي ها ته سندس اها پر خلوص اميد اکين سان ڏسي ها، جڏهن پنهنجي ”امين سائين“ جو ڪلام، ”پيغام“، سنڌي ادبي بورڊ طرفان وڏي اهتمام سان شايع ٿي چڪو آهي.

گرامي صاحب امين فهيم سائين لاءِ جيڪا بي ريا راءِ قائم ڪئي آهي، سا ڄڻ راقم الحروف جي دل جي راءِ آهي.

امين فهيم پنهنجي شاعري جي شروعات 1953ع کان ڪئي. پهرين تخلص ”امين“ اختيار ڪيائين، پوءِ سندس والد صاحب قبله مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ سائين طرفان، سندس ذهانت، فهم و فراست جي لحاظ کان ”فهيم“ تخلص به عطا ٿيس.

امين فهيم انهيءَ دور ۾ شاعري شروع ڪئي جڏهن هالا نوان جو شهر سنڌي علم و ادب جي آسمان تي چوڏهين جي چنڊ وانگر پوري آب و تاب سان چمڪي رهيو هو، قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين 33 ورهين جي ڦوهه جواني ۾ سنڌي علم و ادب جو روح روان هو. سڄي سنڌ جي شاعرن، اديبن، عالمن، محققن جو رخ هالا ڏانهن هو.

هالا شهر جي گهٽي گهٽي ۾ شاعرن جون بزمون ۽ انجمنون قائم هيون. زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ادب ۽ شاعري جي ميدان ۾ ڀرپور حصو وٺندا هئا. اهو دور امن و سڪون لاءِ خوشحالي جو دور هو. روزانه علمي ادبي محفلون ڪچهريون قائم رهنديون هيون. هالا جي علمي ادبي حلقن طرفان ماهانه ادبي سرگرمين ۽ مشاعرن جي ڌوم متل هئي.

جن ۾ سڄي سنڌ جا شاعر حصو وٺندا هئا. انهن مان اختر هالائي، انجم هالائي، انور هالائي، منصور ويراڳي، غلام هارون هالائي، منصور ويراڳي، سليم هالائي، غلام محمّد گرامي، احسن الهاشمي، حيدر شاهه حيدر، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سرشار عقيلي، شاهنواز شاهه عارف ڊٺڙائي، جمع خان غريب، ڊاڪٽر اسد الله شاهه بيخود، راز بلڙائي، شبير هاتف وغيره قابل ذڪر آهن. عالمن اديبن ۽ محققن مان، مولائي شيدائي، مخدوم امير احمد، عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آءِ. آءِ قاضي، ڊاڪٽر دائود پوٽه، سيد مٺن شاهه، مولانا فضل احمد غزنوي، عبدالعزيز قنڌاري، پروفيسر محبوب علي چنه، سيد ميران محمد شاهه، قاضي غلام محمد، آخوند حافظ ربڏنو وغيره باقاعدگي سان وابسته رهيا.

موسيقارن مان استاد سينڌو خان ”صيد“ استاد منظور علي خان، مصري فقير، حسين بخش خادم، امام علي فقير ۽ دين محمد شيخ قابل ذڪر آهن.

ماهنامه ”فردوس“ هالا سنڌ جي سڀني رسالن کان عروج تي هو، ماهنامه ”طالب الموليٰ“ دادو مان، ماهنامه ”روح ادب“ ۽ سماهي ”شاعر“ حيدرآباد مان شايع ٿيندا  هئا. هفتيوار ”پاسبان“، هفتيوار ”الزمان“ ۽ هفتيوار ”ڪوثر“ هالا مان شايع ٿينديون هيون. سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان سروري  ميگزين“ باقاعدگي سان هر سال منظر عام تي ايندي هئي.

”انجمنِ علم و ادب هالا“ طرفان هالا ۾ يادگار ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون. جن ۾ هر سال مايئه ناز اديب، شاعر، عالم، ۽ محقق شريڪ ٿيندا هئا. معياري مذڪرا، مباحثا، مقالا، طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ڪانفرنسن جي جان هوندا هئا. سروري اسلاميه ڪاليج هالا طرفان ”بزم سروري“ جي زير اهتمام باقاعدگي سان ماهانه طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيندا هئا جن ۾ هالا جي رهواسين کان علاوه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل شاعر به مشاعرن جي زينت وڌائيندا هئا.

هالا ۾ ٻين بزمن کان علاوه ”بزم فردوس“ ۽ ”بزم رفيق (رفيق ڪمپني) به سرگرم عمل هونديون هيون. مشاعرن جا انتخاب اخبار ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا. سنڌي ادبي بورڊ طرفان سماهي مهراڻ به نڪرندو هو. اديبن ۽ شاعرن جي منظم رجسٽرڊ ۽ نمائنده جماعت ”جميعت الشعرا سنڌ“ طرفان وڏي پيماني تي سنڌ جي مختلف اضلاع ۾ علمي ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون هيون جن ۾ سنڌ جي گوشي گوشي مان عالم اديب شاعر محقق، ماهرانِ تعليم، مفڪر ۽ دانشور حصو وٺندا هئا. اهي ڪانفرنسون ٽن ڏينهن تائين به هلنديون هيون، انهن ۾ هر روز ڪيتريون نشستون هونديون هيون. شاعر ۽ اديبن جا متعصب گروهه نه هوندا هئا. سڀئي هڪ ئي پليٽ فارم تان سنڌي ثقافت،زبان، علم ۽ ادب جي خدمت ڪندا هئا.

1955ع ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ قائم ٿي جنهن جون سڄي سنڌ ۾ شاخون کوليون ويون. بزم طالب الموليٰ جي مرڪز ۽ شاخن سنڌ ۾ علم و ادب جي هٻڪار پکيڙي ڇڏي، اڪثر رسالا، اخبارون بزمون ۽ انجمنون حضرت قبله طالب الموليٰ سائين جي زير سرپرستي هلنديون هيون.

هي هو، اُهو علمي ادبي دور ۽ ماحول جيڪو اسان جي شاعر امين فهيم کي ميسر ٿيو. انهي ڪري سندس شاعري کي ننڍپڻ جي دور کان ئي پختگي ۽ معيار حاصل ٿيو. امين فهيم انهن روزمره جي ادبي ڪچهرين، محفلن، مشاعرن ۽ ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو ۽ عملي طرح حصو به وٺندو رهيو.

ازانسواءِ سندس استاد، مرشد ۽ والد بزرگوار حضرت قبلا طالب الموليٰ سائين جي تربيت ۽ رهنمائي ۾ علمي ادبي افق تي چمڪڻ لڳو.

”پيغام“ ۾ سندس ڪاوشن تي تاريخون لڳل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ڪي اشارا ۽ وضاحتون به آهن. جن مان قارئين کي سندس ڪلام جي ابتدائي ۽ ارتقائي منزل جو بخوبي اندازو ٿي سگهندو.

امين فهيم جي جوانيءَ جي دور ۾، سندس شاعري ۾ وقتاً فوقتاً ڪجهه وقفو به نظر اچي ٿو. انهيءَ جو سبب سندس سياسي، سماجي فلاحي خدمتون، قومي ۽ خانداني مصروفيتون ذميواريون ۽ مشغوليون ٿي سگهن ٿيون. اهڙا دور ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪجهه نه ڪجهه، ڪن ٻين شاعرن تي به اچن ٿا. جن ۾ سندن شعر و ادب جي خدمت ۾ وقفو نظر ايندو آهي، اهو هڪ فطري عمل آهي. ڪثرت مشاغل سبب امين فهيم کي ايتري به فرصت ملڻ مشڪل هئي، جنهن ۾ هو پنهنجي شاعري کي سهيڙي سميٽي يڪجاءِ قلم بند ڪري، اها ڳالهه سجهندي ئي سندس سڄاڻ ملازم مهر علي ”تابع سروري“ محسوس ڪري ورتي ۽ هن از خود پنهنجي طور تي اهو ڪم لازم ڪري ڇڏيو ته امين فهيم سائين جو سڄو ڪلام محفوظ ڪري، هن مختلف رسالن، اخبارن، ڪتابن، ڪاغذن نوٽبڪن تان امين فهيم جو ڪلام هڪ هنڌ گڏ ڪري محفوظ ڪيو.

امين فهيم سائين جي وڏي فرزند مخدوم جميل الزمان پنهنجي والد صاحب جو ڪلام نهايت شوق جذبي ۽ جاکوڙ سان از سر نو ترتيب ڏنو. ”پيغام“ جي پريس ڪاپي ٺاهڻ لاءِ جميل سائينءَ، پير مختيار اڇائي، ماستر خادم حسين همدم، علي احمد شاهه ساقي ۽ راقم الحروف (محبوب سروري) کي خاص طور ڪراچي ۾ گهرايو ۽ رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجي نگراني ۽ هدايات تحت مسودي کي نئين سر لکائي ترتيب ڏئي، پريس ڪاپي تيار ڪرايائين.

ڪتاب جو نالو ”پيغام“ حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن تجويز فرمايو. اهڙي طرح مختلف مرحلا طئي ڪري ”پيغام“ قارئين جي هٿن جي زينت بنيو. آهي.

مٿي ذڪر ڪيل، 1953ع کان شروع ٿيل علمي ادبي دور جي مايه ناز عالمن اديبن ۽ شاعرن جي ماحول ۾ امين فهيم سائين جي ڪلام ۾ از خود صنايع بدايع جون شاعرانه صنعتون ۽ خوبيون سمائجي ويون.

هڪ معياري شاعر جڏهن قوتِ مشاهده ۽ پرواز تخيل جي ڪمال تي پهچي ٿو، تڏهن سندس ڪلام ۾ بي ساخته ”علم بديع و البيان“ جون خوبيون ۽ صنعتون شامل ٿينديون وڃن ٿيون، جن سان شاعر بذات خود حيران ٿي وڃي ٿو ۽ هن کي دلي خوشي حاصل ٿئي ٿي. پنهنجي ڪلام کي بار بار پڙهي لطف ۽ حظ حاصل ڪري ٿو. ڇو ته هڪ ”وهبي“ شاعر پنهنجي ڪلام چوڻ وقت ايترو هرگز نه سوچيندو آهي ته ڪهڙي صنعت ڪم آڻيان. انهيءَ کي زبان تي قدرت حاصل ٿيڻ سان اهو خوبيون پاڻهي پيشقدمي ڪري سندس ڪلام ۾ شامل ٿين ٿيون؛ صنعتون پاڻ مرادو ساٿ ڏين ٿيون. اها ڳالهه ”ڪسبي“ شاعر جي وس ۽ امڪان کان ٻاهرآهي، جيڪو طبيعت ۽ ذهن تي زور ڏئي، خاص صنعتون نظر ۾ رکي پوءِ ڪاغذ قلم کڻي ڊاهه ڊوهه ڪري، پگهر ۾ شل ٿي، ڪا شيءِ لکي ته وڃي ٿو، مگر ايتري گِهلَ گينداڙ جي باوجود به سندس ڪلام ۾ اها رنگيني، رعنائي، دلڪشي رواني ۾ چاشني پيدا نٿي ٿئي.

سنڌي زبان ۾ جيڪي به شاعرن جي ڪلام جا مجموعا ۽ ديوان ڇپيا آهن، تن ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته ڪلام تي تبصره ڪرڻ وقت تبصره نگارن شاعرن جي فن جو تنقيدي جائزي وٺڻ جو حق ادا نه ڪيو آهي. سواءِ انهيءَ جي ته، يا ته بلا جواز بلا ثبوت زبردستي مدح سرائي ڪئي وئي هجي يا ته ڪلام جو سرسري جائزو وٺي، نور نچوئڻ کانسواءِ مٿي تان بار لاهڻ لاءِ صرف عام انداز ۾ گهڙيل ۽ رٽيل لفظ لکڻ جي مهرباني ڪئي وئي هجي ته ”صاحب موصوف شاعر جي ڪلام ۾ منظر نگاري، رواني سلاست، سادگي جدت جوش فصاحت ۽ بلاغت جون خوبيون آهن استعاره ڪنايه، تشبيهون ۽ تجنيس حرفي جي لحاظ کان ڪلام ڀرپور آهي.“ ۽ بس!! ۽ اها تقليد هر تبصره نگار ڪندو اچي ٿو.

حلقئهِ شوق مين وه جرائت رندانه کهان؟
آه! محکومي و تقليد! زوالِ تحقيق!!

 

رٽيل ۽ روايتي لفظن جي تبصره مان شاعر ۽ پڙهندڙ ٻئي مطمئن نه هوندا آهن. بيباڪ بي ريا ۽ باقاعده فني تبصره جوهر شاعر ۽ پڙهندڙ خواهان ٿئي ٿو.

ڪنهن به شاعر جي ڪلام جو علم بديع و البيان جي روشني ۾ بي ريا فني تجزيو ڪري فيصلو پڙهندڙ تي ڇڏجي؛ اها ئي شاعر ۽ شعر جي صحيح سڃاڻپ، ترجماني ۽ قدرداني آهي.

مخدوم محمّد امين فهيم جي شاعري جو فنّي جائزو

تشبيهه

        هر باڪمال شاعر کي صنعت ”تشبيهه“ تي ڪمال حاصل هوندو آهي. شاهه لطيف کي به صنعت تشبيهه تي عبور حاصل ڏسجي ٿو:-

جهڙا پانن پن تهڙيون سالون مٿن سايون!

”شاهه“

من موهيندڙ تشبيهن سان شاعر، ٻڌندڙ جي دل تي دام وجهي ٿو. امين فهيم جي ڪلام ۾ خوبصورت تشبيهون ڪافي ملنديون چند تشبيهن جا مثال هت پيش ڪجن ٿا:_

قيمتي شئي فقط محبّت آ،
ٻي ته هر چيز ڄڻڪ رَئي آهي.

 

شاعر جي نظر ۾ ”محبت“ ئي وجھ تخليقِ ڪائنات آهي. انهيءَ ڪري محبت ئي عظيم ۽ قيمتي شئي آهي. شاعر جي مصرع اوليٰ ۾ وڏو مقصد سمايل آهي. سندس انهي فلسفيانه تخيل جي اونهائين تي نظر وجهڻ بدران مصرع_ ثاني تي ئي اصل تبصره ڪرڻو آهي جنهن ۾ تشبيهه ڪم آيل آهي. تاهم مصرع_ اوليٰ کي تشنه ڇڏڻ بدران هڪ ڳالهه تي اڪتفا ڪجي ته امين فهيم هڪ باشريعت ۽ عاشق رسول ﷺ بزرگ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جي خاندان جو چشم و چراغ آهي. سندس من محمد عربي ﷺ جي محبت سان سرشار آهي، محمد ﷺ محبوب _ خدا آهي. نورِ محمد ﷺ وجھِ تخليق ڪائنات آهي. اسان جي شاعر جو اشارو به ”لَوُلاڪَ لِماَ خلقتَ الا فُلاَڪ“ ڏانهن ڏسجي پيو.

مصرعِ ثاني ۾ دنيا جي ٻي ڪا به شئي شاعر جي نظر ۾ ڪابه حيثيت ڪانه ٿي رکي ۽ ڪنهن به اهميت جي حامل نه آهي.

محبت کانسواءِ ٻي هر ڪا شيءِ ”رئي“ يعني دَز يا مٽي جي اڻ لکي غبار وانگر آهي! انهي تشبيهه ڏيڻ سان شاعر محبت جو اعلى ۽ ارفع مقام واضح ڪيو آهي.

عام فهم انداز ۾ ايڏو عظيم مقصد بيان ڪرڻ بظاهر ته آسان پيو لڳي پر شعر جي دنيا ۾ مشڪل آهي.

اهڙو شعر جيڪو ڪنهن شاعر کي ڏسڻ ۾ وڻندڙ ۽ آسان لڳي پر اُن جهڙو لکڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان ، لکڻ ڏکيو لڳي ته انهيءَ کي ”سهل ممتنع“ شعر چئبو آهي.

اهڙي طرح ”پيغام“ ۾ ڪم آيل سڀئي تشبيهون بيان ڪري انهن جي مختصر تشريح لکڻ سان مضمون طويل ٿي ويندو. لهٰذا نموني طور ٻه شعر پيش ڪجن ٿا انهن تي سوچڻ لاءِ قارئين جي ذوقِ سليم کي دعوت ڏجي ٿي:

 

ســــاهه ٿــــڌا هــــا بــــــــــادِ صــــــــــبا جئن،

اشــــــڪِ هــــــــجر ڪئين ڪنول سجايا.

 

تــــــون تــــــــه دنيــــا ۾ مثلِ خار آهين،

گــل ڇڏي، پنهنجو خار ڪير ڪندو؟

استعاره

تشبيهه وانگر استعاره به شعر جي مقبوليت جو ضامن هوندو آهي. امين فهيم به ڪيترين جڳهن تي استعاره جي صنعت سان ڪلام کي چمڪايو آهي. چند شعر ملاحظه فرمايو:

(1) پچو ڇا ٿا اي يارو پنهنجي گل جو خار آهيان مان،

انهي سان منهن جو ڇا؟ جيڪر ٻين تي بار آهيان مان.

هن شعر ۾ استعاره سان گڏ ”صنعت تضاد“ به ڪم آيل آهي. جنهن شعر ۾ ٻه صنعتون ڪم اچن انهيءَ کي ”ذوالنوعين“ شعر چئبو آهي.

 

(1)     دل صــراحـــي ڪـئــي اٿــم،

 

خـــــون ٿـــيــو آهــــــــي شـــــراب.

 

(3)    عجب آهه! افسوس ڇو ڪونه ٿيندو

 

جو ڪار ڪڪر آ قمر کي لڪايو.

 

ڪنايه

بعض اوقات شاعر ڪا تفصيلي ۽ سڌي ڳالهه ڪرڻ بدران مختصر لفظن ۾ اشاري ۾ رمز سان ڳالهه ڪري ويندو آهي. جيڪا وڌيڪ خوبصورت ۽ موثر ثابت ٿيندي آهي. امين فهيم ڪنايه مان ڪافي ڪم ورتو آهي. چند شعرن مان محظوظ ٿيو:

ماٺ جي ميدان ۾ اهڙو ڪو هنگامو ڪجي
برهه جي باهين اڳيان پر جوش پروانا هجن.

 

شاعر ۽ عاشق لاءِ سڪوت ۽ سُڪون، ماٺ ۽ سناٽو ”چيڙ“ آهي. هن جي محبت ۾ وسعت _ صحرا، هن جي پور ۽ خيال ۾ ريگستاني هرڻ جهڙا ڇال ۽ ڇرڪ، ٽاهه ۽ ٽپا ٿين ٿا.

نَـــو نيــئــــر ڏهــــه ڏاوَڻ، پنـــدرهـــن پــينـــد پــــياس،

بغل ۾ بگــــهڙيون لِـــڱيـــن لــــــوههَ لــــڳـــــيـــــاس،

جڏهن سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنايس هيڪڙي.

”شاهه“

شاعر زندگي جو عڪاس آهي اُها زندگي جنهن ۾ جوش ۽ ولولو آواز ۽ غلغلو هجي، خاموشي زندگي جي سفر ۾ عذاب آهي.

راھ    خاموش،    راھبر      خاموش،
کیسے گذرے گا یہ سفر خاموش۔

 

﴿نامعلوم

خاموشي سنگين آهي تڙپ ۾ ئي تسڪين آهي. ”اضطراب“ ۽ ”تحرڪ“ زندگي جي علامت آهي. علامه اقبال جي لفــظن ۾،

خدا  تجھے  کسی  طوفان  سے  آشنا کردے،
کہ تیری بحر کی موجوں میں اضطراب نہیں۔

 

امين فهيم مذڪوره بالا شعر جي استعاره ۾ ڄڻڪ پنهنجي استاد ۽ والد بزرگوار حضرت طالب الموليٰ جي هن شعر جي شرح ڪئي آهي.

بي تحرڪ زندگي بيڪار آ،

بي عمل انسان ڄڻ بيمـار آ،

ڪنايه جا چند مزيد شعر ملاحظه فرمايو.

هڪ ڏينهن ڪيم دانهن امين جوشِ جنون مان
سا مــــنهنجي صدا تير ٿي سهڻن ۾ هلي وئي.

 

ظلم ۽ زوري جا هٿ ڪاٽي ڇڏڻ لاءِ دوستو!
ڪونڪو اڳتي هلي ايندو اسان مان عنقريب.


 

 

ليليِ - شب جوش مان کولي ڇڏي شايد فهيم.
مــاٺ جــي ماحــول ۾ ذلفِ پريشان عنقريب.

 

مجاز مرسل

شاعر پنهجي شعر ۾ جان پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي مقصد ۾ حسن آڻڻ لاءِ ڪو نئون رستو، نوان لفظ ۽ نيون معنائون اختيار ڪندو آهي. لفظن جي اصلي معنيٰ کي ڇڏي ان کي نئين معنيٰ سان پيش ڪندو آهي. شاعري جي اهڙي صنعت کي مجاز مرسل چئجي ٿو.

ملاحظه فرمايو:

بـيوفـــا دنــيــا سان ناتــو نيــٺ مشــڪــل ٿي ويو،

جنهن کي مون آسان ڄاتو نيٺ مشڪل ٿي ويو.

هن شعر ۾ ”دنيا“ جي اصل معنيٰ دنيا جا ”ماڻهو“ آهن. ماڻهن جي جاءِ تي دنيا جو لفظ آڻڻ سان شعر ۾ وڌيڪ بلندي پيدا ٿي آهي.

رٺين تون ۽ رٺي قسمت رٺو ”سارو جهان دلبر“،
رهي هڪ زندگي سا پڻ ”خفا“ ٿئي ها ته بهتر هو.

 

پرين جي رسڻ سان ڄڻ قسمت رسي وڃي ٿي ۽ ”سارو جهان“ (ساري جهان وارا) رسي وڃن ٿا. جڏهن دنيا و مافيها کائڻ اچي ته اهڙي زندگي کان شاعر مرڻ کي ترجيح ڏي ٿو مگر اهڙا منحوس ۽ اُگرا لفظ ڪم آڻڻ بدران انهن کي نئين معنيٰ ۾ پيش ڪري شعر کي وڌيڪ خوبصورت بنائي ٿو:_

رهي هڪ زندگي سا پڻ ”خفا“ ٿئي ها ته بهتر هو.

مجاز مرسل کان علاوه هن شعر ۾ صفت حسن تعليل ۽ صفت مراعات النظير جي جهلڪ پڻ ڏسجي ٿي تنهنڪري هن شعر کي ”ذوالنوعين“ شعر چئي سگهجي ٿو.

تجنيس تامه

هر قادر الڪلام شاعر کي پنهنجي زبان جي الفاظ تي قدرت حاصل هوندي آهي. هو پنهنجي شعر ۾ اهڙا به لفظ ڪم آڻيندو آهي جيڪي شڪل ۽ صورتخطي ۾ هڪجهڙا هوندا آهن مگر انهن جون معنائون جدا جدا هونديون آهن. اهڙي صفت کي تجنيس تامه چئبو اهي.

هن جهان ۾ فهيم ٿي نه فهيم،

فــهـم اڄڪلهه وڏو ضرور آهي.

هن شعر ۾ شاعر پنهنجو تخلص فهيم ڪم آندو آهي ساڳيو لفظ ٻئي هنڌ فهيم معنيٰ فهم وارو يا سمجهدار جي معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي.

امين فهيم جو هي شعر شاهه لطيف جي هن بيت سان هم آهنگ آهي.

”الا! ڏاهي مَ ٿيان - ڏاهيون ڏک ڏسن“

(2)

يار گلرخ توکي مونـســـان گــــڏ ڏسي،
خارِ کائن ٿا سدائين مون تي خارِ.

 

مصرع ثاني ۾ خار جو مطلب ڪنڊا آهي ۽ ٻي هنڌ خار کائڻ جو مقصد ڪاوڙ ڪرڻ آهي.

تجنيس تامه کي اڃا به دلچسپ بنائڻ لاءِ شاهه کي ملاحظه فرمايو.

”ور ۾ ڪونهي ور، ڏيرن ور وڏو ڪيو.“ وغيره.

تجنيس لاحق

ڪڏهن شعر ۾ ٻن هم آواز لفظن جو تڪرار جن جو پهريون حرف بدليل ٿئي ٿو ڪلام ۾ حسن پيدا ڪري ٿو. هيٺ ڏنل شعر مان محظوظ ٿيو.

مونکي پر مار جي خدمت ۾ پهچڻ لاءِ هڪواري،

پــــرائــــي ڄــــارِ ۾ ڦـــــاســــي پـــرايو مارِ ٿيڻو پيو.

هن شعر ۾ ڄار ۽ مار جا لفظ اهڙي پنهنجي نوعيت سان شعر جي زينت جا باعث بنيا آهن.

تجنيس حرفي

شاعر پنهنجي اشعار ۾ اهڙا لفظ لڳاتار ڪم آڻي ٿو جن جا پهريان اکر(حرف) ساڳيا هوندا آهن، يعني هم جنس هوندا آهن.

حرفن جي اها هڪجهڙائي ڪلام ۾ حسن، رواني ۽ فصاحت جون خوبيون پيدا ڪري ٿي.

امين فهيم تجنيس حرفي جو به پنهنجي ڪلام ۾ وافر انداز ۾ استعمال ڪيو آهي نموني طور ملاحظه فرمايو:_

اڃـــا اُن جـــي اڳـــيـــان اي يـــار لــيـلائڻ نٿو ڄاڻين،

رٺل کي رمز سان ريبي تون ريجهائڻ نٿو ڄاڻين.

هن شعر جي مصرع اوليٰ ۾ ”الف“ جو حرف چئن لفظن جي اڳيان ڪم آيو آهي. مصرع ثاني ۾ ”ر“ جو حرف به چار ڀيرا ساڳي مصرع ۾ لفظن جي مهاڙي ۾ ڪم آيو آهي. اهڙي ترتيب سان شعر دلپسند ٿي پيو آهي.

درد جو ڪهڙو ڪريان دارو دوا، آڻيان ڪٿان؟

دل دکـــي جــــي لاءِ آهـــــي دلـــــربــــا ديـــدار بس.

هن شعر ۾ حرف ”د“ مصرع اوليٰ ۾ ٽي ڀيرا ۽ مصرع _ ثاني ۾ چار ڀيرا ڪم آيو آهي جنهن سبب شعر ۾ خوبصورتي ۽ رواني پيدا ٿي آهي.

منهنجو تون ساقي ۽ تنهنجو آءٌ هڪ ميخوار بس،

پُـــر ڪـــري پـــيــــالن  تـــي پــيالا پيو پيارا پيار بس.

هن شهر ” پ“ جو حرف مصرع ثاني ۾ ڇهه دفعا ڪم آيو آهي، ازانسواءِ هن شعر ۾ تجنيس حرفي سان گڏ تجنيس مزيل به سمايل آهي. تنهنڪري هن شعر ”ذوالنوعين“ آهي.

قطارالبعرين

صنعت ”قطار البعرين“ جي معنيٰ آهي ”ٻن اُٺن جي قطار“، انهيءَ قطار ۾ هڪڙي اٺ جي مهار ٻئي جي پڇ ۾ ٻڌندا آهن.

هڪ شعر ۾ ٻه مصرع ٿينديون آهن.

اهڙو شعر جنهن جي پهرين مصرع جو آخر لفظ ٻيءَ مصرع جي منڍ ۾ به هجي ته اهڙ: شعر جي مصراعن جي سلسلي کي عربِن ”قطار البعرين“ جو نالو ڏنو.

ملاحظه فرمايو:_

دار کي منصور بخشي آبرو.

آبــرو منصور بخشي دار کي.

شاهه لطيف جو مثال به نموني طور پيش ڪجي ٿو.

ڪــشــي ڪــان ڪـــمان مــان|مـــيـــان مــارمَ مون،

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

ازانسواءِ امين فهيم مذڪوره بالا شعر ۾ ”منصور ۽ دار“ جي مشهورِ زمانه قصي کي شعر ۾ آڻي صنعت ”تلميح“ جو استعمال ڪيو آهي تنهنڪري هن شعر ۾ صنت ”قطارالبعرين“ ۽ صنعت تلميح جون ٻه صنعتون هئڻ سبب هن شعر کي ”ذوالنوعين شعر“ چئي سگهجي ٿو. اڃا به هن شعر جو وڌيڪ تجزيه ڪبو ته هن ۾ ”صنعت طردو عڪس به نظر ايندي.

سياقت الاعداد

ڳاڻيٽي جي عددن کي اهڙي طرح تلسل سان جڙيو وڃي جو شعر جي نزاڪت ۾ اضافو ٿئي ته اهڙي صفت کي ”سياقت الاعداد“ چئجي ٿو.

امين فهيم” سياقت الاعداد“ جو به سهڻو استعمال ڪيو آهي.

ڀڄي نوڪِ قلم افسوس مان پَٽَ تي ڪِري پيئي،

اڃا ”ٻاٽي“ اکر لکڻا هئم پـنهـــنــــجي فـــســانـي ۾.

عام طور روزمره جي زبان ۾ ”ٻاٽي“ ( ٻه يا ٽي) لفظ عالم فاضل پڙهيل ڪڙهيل به استعمال ڪندا آهن.

امين فهيم بي تڪلفي سان بنا هٻڪ بي ڌڙڪ ”ٻاٽي“ جو لفظ ”غزل جي زبان“ ۾ استعمال ڪري ”سانگي“ جون سِڪون لاٿيون آهن. جن شاعرن غزل کي ايراني انداز ۾ سموهيو آهي سي به پنهنجي طور تي ڪامياب ۽ لائق تحسين آهن، پر جن شاعرن غزل جي ڍانچي ۾ سنڌي محاوره، مقامي مروج الفاظ زيبِ تن ڪيا آهن سي به قابلِ تعريف آهن، امين فهيم به اهڙن شاعر مان هڪ آهي. امين  فهيم هن شعر ۾ صفت ”سياقت الاعداد“ جو استعمال  اهڙي پياري انداز سان ۽ اهڙو سهڻو ڪيو آهي جئن مُنڊي تي ٽِڪ!

هن شعر جي مصرع اوليٰ ۾ صفت مبالغو جي به چمڪ ڌمڪ آهي. مبالغو شاعر جو شاعرانه حق آهي. انهيءَ کي ”ڪوڙ“ سان شمار ڪرڻ ناسمجهه ۽ بي ذوق ماڻهن جو ڪم آهي. شاعر پنهنجي مقصد ۽ مفهوم کي مبالغي جي آميزش سان دلڪش ۽ دلپذير بنائي ٿو ته اهو هن جو شاعرانه اختيار ۽ تخيل جو پرواز آهي.

جيڪڏهن پنهنجو فسانو لکڻ وقت اوچتو هٿ مان قلم صاحبِ تحرير کان ڪري پيو ته شاعر صاحبِ تحرير جو قصور نه سمجهندو  پر اهو ئي تصور ڪندو ته منهنجي پُردرد حالِ دل لکڻ وقت قلم افسوس کان بيهوش ٿي پٽ تي ڪري پيو ۽ سندس نوڪ ڀڄي پئي.

سياقت الاعداد جي ٻين نمونن جو به لطف وٺو.

سنڀالي راز دل ڪر مونسان اي ساقي! تون محفل ۾،

جــو ديــوانــن ســان گــڏ هت چــار پــنج دانــا لــڀي پــونـدا.

 

ڪجـي آدم شماري چار سُـو جـي دورِ حاضر ۾،
تـــه ســﺆ مـيـخوار ۽ ٽـــي چـار مولانا لڀي پوندا.

 

 

تنهنجي هڪ ياد چار اشڪِ غم،
بـــي ثـــمـــر جـــو اهـــو ثمر آهي.

 

صنعت موقوف

شعر ۾ ٻه مصرع ٿين ٿا. مصرع اوليٰ جو مفهوم تيسيتائين واضح نه ٿئي جيسين مصرع ثاني پڙهي پوري ڪجي پهرين مصرع جو ٻيءَ مصرع تي ڌارومدار هجي. اهڙ: صنعت کي صنعت موقوف چئجي ٿو.

ســڄــڻ تنــهنجي اهائي مهرباني آهه ڪافي؛ جو،

تون خود ما ري سگهين ٿو ڪنهن کان مارائڻ نٿو ڄاڻين!

هن شعر ۾ صفت ”حُسن التعليل“ به سمايل آهي، جنهنڪري هي ”ذوالنوعين شعر “ آهي.

صفت موقوف جا ٻيا مثال ڏجن ٿا:-

ڀلي جو جئن به چاهي پيو چوي، طعنه هڻي ليڪن،

درِ دلــــدار تـــان ڀـــيـــرو ڀـــڃـــڻ ڏاڍو ڏکـــيــــو آهـــــــي.

 

وٺيو پيو جاده منزل وڃان اميد تي ليڪن،
پتو ناهي ته هن جو پ
ورو پيچ و خم ڪڏهن ٿيندو.

 

 

متان دلگير ٿين هرگز جدائي ۾ فهيم! آخر،
ڪرم فرمائي رشڪِ مهوشان همدم ڪڏهن ٿيندو.

 

گهڻو وساريم مگر نه وسري سا رنگين محفل، فهيم جنهن ۾،
ڪمندِ ذلف دوتايُ دلبر وڪوڙي ورتو هو پنهنجي ور ۾.


 

صنعت توشيح

شاعر پنهنجي شعر جي مصرع جي لفظن مان ڪن جا منڍ وارا لفظ ملائي يا هر مصرع جي منڍ وارن اکرن کي ملائڻ سان ڪو نالو ڪري ٺاهي ٿو ته اهڙ: صنعت کي ”صنعت توشيح“ چئجي ٿو_ مثلاً

الف

ميم

يي

نون

ملائڻ سان ”امين“ نالو ٺهي ٿو.

ا

م

ي

ن

 

هن شعر ۾ شاعر ڪوشش ڪري پنهنجو نالو ڳجهو رکيو آهي. پنهنجي تخلص کي معمه بنايو آهي. انهي لحاظ کان هن شعر ۾ ”صنعت معمه“ به جهاتيون پائي رهي آهي. ٻن صنعتن جو هڪ ئي وقت هڪ شعر ۾ هئڻ سبب هي پڻ ”ذوالنوعين شعر آهي.

صنعت ايهام

ايهام جو مطلب آهي وهم ۾ وجهڻ

هر معياري شاعر پنهنجي ٻولي جي لغت جي حجت يا سند ۽ لفظن جو مالڪ ۽ بادشاهه هوندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن شعر ۾ اهڙا لفظ ڪم آڻيندو آهي جو ذهن تي فوري طور ڪو هڪ مفهوم ايندو آهي، مگر ٿوري وڌيڪ غور ڪرڻ سان ٻيو مفهوم به نظر ايندو آهي، انهيءَ ڪري پڙهندڙ يا ٻڌندڙ وهم ۾ پئجي ويندو آهي ته شآعر جو پنهنجي اصل مفهوم ۾ مقصد ڇا آهي. شاعري جي اهڙي صنعت کي ”صنعت ايهام“ چئبو آهي. اچو ته امين فهم جي انهيءَ صنعت جي استعمال مان محظوظ ٿيون.

(1)     هـــو مڙنــي کان مٿاهون آسندءِ رهبر، امين،
خود خدا جنهن جو ٿيو آهي ثنا خوان، غم نه ڪر.

 

هن شعر ۾ قريب الذهن“ اها ئي معنيٰ اُڀري اچي ٿي ته ”اي امين! تنهنجو رهبر مڙني کان مٿاهون آهي جنهن جو خود خدا ثنا خوان آهي تنهنڪري تون پنهنجي رهبر ڪامل جي رهبري تي مطمئن رهه ۽ فڪر نه ڪر.

هن شعر ۾ ”بعيد الذهن“ معنيٰ اها آهي ته تنهنجو رهبر امين صه (”امين“ حضور صه جو لقب آهي) مڙني کان مٿاهون آهي. مصرع اوليٰ ۾ ”امين“ لفظ اچڻ سان صفت ايهام جو استعمال ٿيو آهي. جيڪو شاعر جو نالو ۽ تخلص به رهيو آهي. حضور صه سائين جو لقب به امين آهي.

تون امين آهين فــهــيــم،

فيـــصـــلو ڪـــج لاجواب.

هن شعر ۾ ”يقرب الذهن“ مفهوم آهي ته شاعر پاڻ کي چوي ٿو ته ”اي فهيم تون مهنجي قرب جي ڪهاڻي جو امين آهين، تون ئي فيصلو ڪري ٻڌاءِ، جنهن جي ٻڌڻ سان هر ڪو واهواه ڪري ساڳئي شعر ۾ ”بعيد الذهن“ مفهوم آهي  ته ”اي امين صه تون ئي امانتدار ۽ سمجهدار آهين، تون ئي منهنجي سڪ ۽ صداقت جو لاجواب فيصلو ڪر. انهي مفهوم سان هي شعر نعتيه نظر اچي ٿو. تاهم شعر ٻڌندڙ کي اها پڪ ئي نه هوندي ته شاعر اهو شعر ڪهڙي مفهوم سان چيو آهي:

”صفت ايهام“ جا ٻيا به ٻه شعر پيش ڪجن ٿا:-

(1)     ”محمّد امين“ کي نه اڄ پر ڪـڏهن کان،

 

زبـــان تـــي رڳـــو تــنــهنجو ئي نام آيو.

 

(2)    دائــــمــــا اي ”امـــيـــن مــــحـــــمّـــــد“ جــــــو،

عــــشــــق جـــهــــولــــي ۾ پـــائــي جهلڻو آ.

صفت تضاد

شاعر پنهنجي شعر ۾ ڪنهن ڳالهه تي زور ڀرڻ لاءِ ڪڏهن پنهنجي شعر ۾ اهڙا لفظ ڪم آڻي ٿوجيڪي هڪٻئي جا ”ضد“ (هڪٻئي جي ابتڙ) هوندا آهن.

شاعر جي انهيءَ صفت کي صنعت تضاد“ چئجي ٿو:-

(1)     وساري تون به ويـٺن دلربـا! دنيا ته مٽجي وئي.
”جفا“ سڀ ڪنهن ڪئي ڪنهن کان ”وفا“ ٿئي ها ته بهتر هو.

هن شعر ۾ هڪ ئي مصرع ۾ ”جفا“ ۽ ”وفا“ جا ٻه لفظ هڪٻئي جا ضد آهن، انهي صنعت کي صفت تضاد چئجي ٿو.

ساڳئي شعر ۾ صنعت ”حسن طلب“ به ڪم آيل آهي. تنهنڪري هن شعر کي ”ذوالنوعين شعر“ چئبو. ازانسواءِ هن شعر ۾ ”صفت تجنيس نام ناقص“ به لياڪا پائي رهي آهي.

نيت قسمت وانگي اڄ پڻ تون وئين هلندي ڇڏي!،

 

”باوفا“ اڄ تون به ٿي وئين ”بيوفا!“ شابس اٿئي!.

 

هن شعر ۾ صنعت تضاد سان گڏ ”ڏوراپو“ به ڏنو ويو آهي تنهنڪري هي شعر به ”ذوالنوعين شعر“ آهي.

(3)    عجب قانون الفت جا ڏسي مون کي لڳي حيرت!،

 

نه آهي ڪا به ”آساني“ وري ”مشڪل“ به ڪجهه ناهي.

 

هن شعر ۾ به صنعت تضاد سان گڏ صنعت تعجب“ استعمال ٿيل آهي انهي لحاظ کان هي شعر ٻه ”ذوالنوعين شعر“ آهي.

”صنعت تضاد“ جا ٻيا چند شعر:-

(4)    فڪر ڪهـڙو حال جـــي ڪنهن جا ”فقيرانا“ هـجن.

 

دل هجي زنده انهيءَ سـان شوق ”شاهانه“ هجن.

 

(5)     تون پــاڻ نڀائيندو اچجان، هو پنهنجي رضا جو مالڪ آ.

 

تو”هار“۽”جيت“ جوان سان ڪڏهن وهنوار نه ڪر واپار نه ڪر.

(6)                سڄڻ سائين مان هر ڪنهن خال ۾ خوش آهـيان هـر دم،

 

ٻي ”آزادي“ کان هن تـنهنجي پـياري ”قيدخاني ۾.

 

(7)    مـڪيـن مـون وٽ به جـيـڪر دلربا ٿـئي هـا تـه بهتر هو،

 

        هـي ”بـخــت نـــارســا،“ بـخت رسا ٿــئــي هـا ته بهتر هو.

 

مراعات النظير

شاعر پنهنجي شعر ۾ ڪڏهن هڪ لفظ بيان ڪري پوءِ انهيءَ سان واسطيدار ٻيا لفظ به لڳاتار استعمال ڪري نفس مضمون کي مؤثر ۽ زوردار بنائيندو آهي اهڙي صنعت کي ”صنعت مراعات النظير“ چئجي ٿو. اسان جي شاعر امين فهيم مراعات النظير جي صنعت جو به گهڻو استعمال ڪيو آهي، نموني طور چند شعر هيٺ ڏجن ٿا:_

(1)     امين جو ”سائين“ تون، ”رهبر“ به تون ۽ ”آسرو“ پڻ تون

 

قدم  پنهنجا  ڪڏهن اُن وٽ گهمائج يا رسول الله صه!

 

هي هڪ نعتيه شعر آهي انهيءَ ۾ ”رسول الله ﷺ“ جو لفظ آڻي انهي سان پنهنجي تعلق کي موثر بنائڻ لاءِ واسطيدار لفظ لڳاتار استعمال ڪيا اٿس:_ سائين، رهبر، آسرو.

(2) هي حڪومت، بادشاهي، مال و دولت ڪجهه نه آهي،
عاشقن    جي    لاءِ    آهي    وصل     جو    واپار بس.

هن شعر ۾ نفس مضمون اهو آهي ته عاشق پنهنجي محبوب جي وصل کي هر چيز کان وڌيڪ اهميت ڏي ٿو. عاشق جي نظر ۾ ظاهري رعب تاب، جاه و جلال ڪجهه نه آهي. انهي سان تعلقدار يا واسطيدار شيون بيان ڪري مضمون کي پُراثر ۽ جاندار بنايو اٿس: - حڪومت، بادشاهي، مال، دولت،

مراعات النظير جا ٻيا چند شعر:_

(3)    صراحي، ساغرو مـيـنا، ڏٺم ميخوار ويـڳاڻ،
سوا تنهن جي اي ساقي رونق، محفل به ڪجهه ناهي.

 

(4)    جـــدائـــي، درد والـــهه مــنهــن جــي حصــي ۾ آهــــن،
ڇــڏي ڏي حـال تـي مـون کــي، قــمــر اداس نـه ٿــي.

 

(5)     هر شجر ۾، صبا ۾ ۽ گل ۾،

        جســتـجو جابجا ڪري ڏسبي.

حسن التّعليل

شاعر پنهنجي ڪلام ۾ ڪابه بي تُڪي ۽ بي سبب ڳالهه نه ڪندو آهي. ڪنهن به ڳالهه بيان ڪرڻ سان انهي جي وضاحت لاءِ ڪو نه ڪو ”سبب“ يا ”دليل“ بيان ڪندو آهي.

مثال:-

(1)     مورک مورنه بجهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڪن.
”ڪٽر“ جنين اکين ۾ سي ڪيئن پرين پسن. شاهه ڪريم

هن بيت ۾ پرين کي نه ڏسي سگهڻ جو سبب بيان ڪيو ويو آهي ته جن جي اکين ۾ ”ڪٽر“ (ٻيائي يا غير) آهي سي پنهنجي دوست جو ديدار ڪيئن ڪري سگهندا؟.

(2)  دلِ بینا بھی کر خدا سے طلب،

   آنکهـ  کا  نور،   دل کا نور نہیں۔

                                        اقبال

ھن شعر ۾ خدا کان ”دل_ بينا“ گهرڻ سبب بيان ڪيو ويو آهي ڇو ته ظاهري اکين جي روشني، روشن ضمير جو دليل نه آهي.

”پيغام“ جي شاعر امين فهيم ”حسن التعليل“ کي به گهڻو ڪم آندو آهي:-

جت خرد جو ٿيو ڪمال ات عشق ۾ رکيم قدم،

ٿــي جــڏهــن هــڪ انــتـها، ٻي ابتدا حاصل ڪيم.

جت خرد جي حڪومت جون حدون ختم ٿين ٿيون. اُتان عشق جي ملڪ جي شروعات ٿئي ٿي. اهڙي طرح هڪڙي شي جي انتها ٿيڻ سان ئي ٻيءَ شي جي ابتدا حاصل ٿي.

هن شعر جي ٻنهي مصرعن ۾ ”صنعت تضاد“ به غالب آهي. لهٰذا هي شعر ”ذوالنوعين شعر“ آهي، ازانسواءِ هي ”سهل ممتنع“ شعر آهي، هن شعر ۾ ”صنعت متلائم“ ”صنعت سليس“ ۽ ”صنعت لف و نشر“  جون آ جهلڪيون نمايان آهن.

(2) اهائي خـــوش ادا ساقي جي برڪت جي نشاني آ،

جو هِرِ کي نيٺ مولانا کي پڻ ميخوار ٿيڻو پيو.

هڪ پارسا مولانا ميخوار ٿي پيو؟! امين فهيم ڪنهن قادر الڪلام شاعر وانگر بي سبب ۽ غير ذميدارانه ڳالهه ڪو نه ٿو ڪري. هو انهي واقعي جو معقول سبب ٻڌائي ٿو ته ؛ خوش ادا ساقي جي هوش ربا حسن ۽ دلربا ادا جي اها برڪت سمجهڻ گهرجي جو خشڪ زاهد پارسا به سندس هٿ موٽائي نه سگهيو ۽ پرت جو پيالو پي سرشار ٿي ۽ ميخوارن جي صف ۾ شمار ٿيو!

صنعت حسن التّعليل جا ٻيا چند شعر :-

(3)    ساري دنيا کان گذاريــان ٿو جدا، پرمست و خوش!
هـي سبب آهي جـو دل درد آشـنـا حاصل ڪيم.

 

(4)      مون کان نه ڪڏهن ڪو ڏوهه ٿيو پر مست نظر مجبور ڪيو،
صهبا کان ڪڏهن ڪو ڪيف نه ٿيو، ساقي جي نظر مخمور ڪــــيو.

 

(5)   هوا اهڙي لڳي جنهن ڪو نه ڇڏيـو گل زمانـي ۾،

       رهـيا باقــي وڃــي اڄ خار منــهن جي آشياني ۾.

 

(6)   گلن سان گڏ رهڻ جي لاءِ مون کي خار ٿيڻو پـيو.

 

تڏهن انجو ٿيس جڏهين ٻين تي بار ٿيڻو پــيو.

 

(7)   فلڪ کي رشڪ ٿيو اهڙو زمين جي باريـابي تي،

 

       جو آخر ڪار ان کي خاڪ پـايءِ يار ٿيڻو پيو.

 

(8)   هوا اهڙي ته گلشن کي لڳي ناساز گار آهي،

 

       جو خوشبو کي به گلڙن کان جــدا لاچــار ٿيڻو پيو.

 

(9)   پهرين  ساقي  پيار واعظ  کي،
ســرتــــان آفت کي ٽارڻو آهــي.

 

صنعت سوال جو جواب

شاعر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي طور تي ڪنهن سان نه ڪنهن سان همڪلام ٿيندو آهي. اهي مڪالمه شعر ۾ بيان ڪندو آهي. پنهنجي سوال سان انهي جو مليل جواب گڏوگڏ پاڻ ٻڌائيندو آهي. انهي صفت کي ”صنعت سوال و جواب“ چئجي ٿو.

(1)   اچي ٿيو تنگ منهن جي ”شاعرانه عرض“ کان سـهڻو؛

      چيائين:_ ”وڃ هتان فوراً“ ! چيم ”دلـــبر خدا حــافظ“!.

(2)   پڇيم ”تنــهن جي چــمڻ لءِ ڇــو هزارين منتظـــر آهن؟“

      چيئين ”ان لاءِ جو پــيــارن ســنـــدو پــيزا آهــيــان مان.“

(3)   جڏهـــن مـون روئــي ڪــئي پنهــن جي يار کي پارت!

      چيئن:_ ”مون بس ڪئي تون سان جفا وري نه ڪبي.“

مبالغه

صنعت مبالغه شاعري لاءِ مباح آهي. مبالغو (وڌاءُ) بظاهر ته هڪ ڪوڙ يا ٻٽاڪ نظر ايندي پر انهي جي معرفت ئي صحيح طريقي سان بيان جي موقف يا مقصد جي اهميت جي خبر پوي ٿي.

چوڏهين چنڊ نڪرين سهســين ڪـــري سينگار،

پلڪ پريان جهڙو نه ٿين جي حيلا ڪرين هزار،

جـــهـــڙو تــون ســڀ ڄــمار تــهڙو دم دوست جو.

شاهه رحه      

شاهه صاحب به مبالغه کان گهڻو ڪم ورتو آهي. ڪيترن ئي بيتن ۾ مبالغه آرائي آهي. مبالغه شاعر جو شاعرانه حق آهي. عام ماڻهو سندس تخيل جي پرواز کي پهچي ۽ سمجهي نه سگهندا جسين هو مبالغه سان انهن کي نه سمجهائي. مندرجه بالا بيت ۾ جيڪڏهن صرف ايترو بيان ٿيل هجي ها ته منهنجو محبوب بيحد سهڻو آهي ته عام ماڻهو سونهن جي ڪمال سمجهڻ کان قاصر رهجي وڃي ها، تنهنڪري ئي شاهه صاحب فرمايو ته چوڏهين جو چنڊ جيڪڏهن سراپا سينگار جي ظاهر ٿئي ته به يار جي برابر ٿي نٿو سگهي. چوڏهين جي چنڊ جي سموري حياتي جو حسن يڪجا ڪجي ته به منهن جي محبوب جي هڪ جهلڪ برابر به پهچي نه سگهندو.

امين فهيم به پنهنجي شاعري ۾ مبالغه آرائي ڪافي ڪئي آهي. چند شعر نموني طور پيش ڪجن ٿا.

(1)     گـــردشِ ايّـــام کــي روڪــي ڇــڏيــــو اي دوســتــو،

        فڪر فردا۾ جڏهن مصروف مــســتـــانـــا هـــــجــن.

(2)    وفـــا پئي واٽ تان ويئي جهلي دامن وٺي آيــس،

جو اُن کي واٽ ويندي ئي وفادارن ڏســـي ورتـو.

(3)    ســال ســيــنــگارينـــدي گذري ويا درو ديوار کــي،
ڪنهن چيو هو آءٌ ٿيندس تنهن جو مهمان عنقريـب.

(4)    سڄڻ منهن جي لاءِ هڪڙو نئون جهان دل ۾ نبايو ٿم.
جتي شاخ و شجر ناهي، جتي شام و سحر ناهي.

(5)     جي حياتي وفا ڪئي ته فهيم!

عــشــق ۾ انــتها ڪري ڏســـي.

صنعت تعجّب!

راهه محبت ۾ شاعر کي ڪڏهين اهڙيون عجيب واردات، محسوسات ۽ ڪيفيات معلوم ٿينديون آهن جو پاڻ به حيران ٿي ويندو آهي ۽ تعجّب جو اظهار پنهنجي شعر ۾ ڪندو آهي. اهڙي صنعت کي ”صنعت تعجّب“ چئجي ٿو:_

(1) ”فهيم“ آهي تــعــجّــب هن جو مونکي!

    اهو ٿي ويو نه هو جيڪـــي گمان ۾!!

(2) ڏس امين! سيني ۾ ڪيئن سانڍيو هلين ٿو درد و غم،

    ڪــنــهن نـــه پـــر توکــي ســڃــاتـو! نيٺ مشڪل ٿي ويو.

(3)    ڪو نه موٽيئن سڄڻ! وڃڻ کان وئين!
        تـــو بــــه وهــــجا وفــــا ڪــــئي آهـــــــي!!
(4)    ڪـــيـــم جـــنــهن سان به اظهارِ محبّت؛

 

خـــدا جــو شـــان! ســـو مــغـــرور ٿـــي ويو.


 

تجاهل عارفانه

ڪڏهن ڪڏهن شاعر پنهنجي شعر ۾ اهڙي صنعت استعمال ڪندو آهي جو  سڀ ڪجهه سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي باوجود پاڻ کي نهايت معصوميت سان ناسمجهه يا اڻ ڄاڻ ظاهر ڪندو آهي. ڄاڻي ٻُجهي به اڻ ڄاڻائي جي اظهار ڪرڻ کي ”صنعت تجاهل عارفانه“ چئجي ٿو.

تُنهنجي هوندي به دل جي ڦٿڪڻ کي،

بـــيــقـــراري، قــرار؟ ڇـــا چـــئـــــــجـــــي.

اوچتو من پسند محبوب اڱڻ تي پير ڀري ته بي پناهه خوشي ۽ بي انتها پيار باعث دل جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي؛ شاعر اهڙي ڪيفيت کان باخبر هوندي به پاڻ کي بلڪل بي خبر محسوس ڪرايو آهي. امين فهيم مذڪوره بالا شعر ۾ ”تجاهل_ عارفانه“ کان ڪم ورتو آهي.

هر ڪَلي اشڪ_ غم سان سينگاريم،

مالهـــي ســمـــجهيو ته ماڪ پئي آهي.

هن شعر ۾ شاعر جو بظاهر مقصد آهي ته چمن جي هر مکڙي کي اشڪ_ غم سان مون سينگاريو آهي. حالانڪه هن کي اهو بخوبي معلوم آهي ته مکڙين تي ماڪ جا ڦڙا آهن تنهن هوندي به اڻ ڄاڻ بنجي چوي ٿو ته منهنجي وڇوڙيل اکين جا لڙڪ آهن. ”صنعت تجاهل_ عارفانه“ سان گڏ هن شعر ۾ شاعر ” صنعت مبالغه“ کان به ڪم ورتو آهي ڇاڪاڻ ته چمن ۾ هر ڪلي کي اشڪ غم سان سينگارڻ مشڪل ڪم آهي. ٻن صفتن جي ڪم آڻڻ ڪري هي ”ذوالنوعين“ شعر آهي. ازانسواءِ هن شعر ۾ تشبية“ به آيل آهي. اشڪ_ غم کي ماڪ جي ڦڙن سان تشبية ڏني وئي آهي. هن جاءِ تي به اسان جي شاعر تجاهل عارفانه جي صنعت کان ڪم ورتو آهي. حالانڪه انهي کي بخوبي علم آهي ته اهي ماڪ جا ڦڙا آهن نه ڪي غم جا لڙڪ! پر اتي اڻ ڄاڻ هئڻ جي ذميواري وڏي هوشياري سان مالهي تي اڇلي ٿو!

هن شعر ۾ امين فهيم پنهنجي باشريعت بزرگ حضرت مخدوم نوح سرور رحه جي بيت جي چڱي طرح چٽي ترجماني ڪئي آهي:_

پـــيـــئــي جا پرڀات     سا ماڪ مَ ڀانئيو، ماڻهوئا!

روئي چڙهي رات        ڏســــي ڏکـــــــــويــــن کــــــــي

(حضرت مخدوم نوح رح)

تجاهل عارفانا جا چند مثال :_

(1)     توکي ماڻهن جي روبرو جاني!

 

        دوست، محبوب، يار؟ ڇا چئجي.

 

(2)    بــيـــوفــائي وفــا جـــي بدلي ۾،

 

        شــرم، ڪـــاوڙ يا آر ڇا چئجي.

 

اي فهــيم تـــون مـــون کـــي  ٻڌاءِ  کڻــي تـــه حقيقت ڪيئن آغاز ۾ هئي،

مون کنيو يا نٿي کينو پنهنجو قدم، ڪجهه يار اٿم ڪجهه وسري ويو.

واسوخت

        محبّت، خلوص، وفا، قرباني، صبر و تحمّل وغيره جي باوجود راهه محبت ۾ جڏهن مسلسل سور سختيون، تفرتون، ظلمتون، بيوفايون، ارڏايون، ذهني زخم، عزّت نفس ۽ خلوص نيت تي شبهات ۽ شڪ حملا ۽ ڌڪ نصيب ٿين ٿا ته عاشق صادق اندر جو اندر ۾ پيو ڪڙهندو آهي. لبڪشائي نه ڪندو آهي مگر پنهنجي بيزاري، ناراضگي، مذمت ۽ بوريت جي احساس جو اظهار زيب_ نظم ڪندو آهي. اهڙي ڪلام کي ”واسوخت“ چئبو آهي.

امين فهيم تي به اهي اوقات آيا جن کيس جهنجهوڙي ڇڏيو. واردات قلبي جو اظهار پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح ڪري ٿو.

(1)         حسن وارن کي محبّت جو صفا احساس ناهه،

 

کوٽ ۾ هي آهي کاتو، نيٺل مشڪل ٿي ويو.

 

 (2) محبوب بنا هي روشن راتيون چنڊ ۽ تارا ڪين کپن،

 

جي پيار ڏئي پو ڌار ڪنداسي سهڻا سهارا ڪين کپن.

 

  (3)      مان پنهنجي ۾ ئي پورو آهيان ڇو ڇيڙين ٿي تون بادِ صبا،

 

ڇو ساهه سڌارڻ ٿي چاهين تنهن جا ته سڌارا ڪين کـپن.

 

(4)       سحر هڪڙي طرح گذري، بدلجي شـــام آئـــي آ،

 

جهان جي هن دورنگي دور کان بيزار آهيان مان.

 

(5)     انــــتقـــامـــاً ڇــڏيــم محــبــت کـــــي،

 

        پيـــار کـــي درد ســر ڪري ورتـــم.

 

(6)      فهيم آه وفغان مان ته ڪجهه به ڪونه وريو.

حــضــورِ يــار ۾ هــاڻي صدا وري نه ڪبي.

 

(7)    پنهنجي ماه لقا کان دور ٿبو،

 

        زيست درد آشنا ڪري ڏسبي.

 

(8)    رکو گلشن جي هر ڪا شئي سنڀالي،

 

اسان جو ڇا اوهان جي گلستان ۾!؟

 

(9)    هٿن سان قرب جي ڪشتيءَ کي ٻوڙيم،


 

پــوڻ چـاهيم نـٿي ڪـنهـن امـتحان ۾.

 

شهر آشوب

شاعر پنهنجي وقت ۽ حالات جو بهترين عڪاس هوندو آهي، محبت جي لوازمات ۾ مگن رهڻ جي باوجود هو گردونواح جي حالات کان بي خبر هرگز نه هوندو آهي.

پنهنجي شهر جي تباهي، زوال، ابتر حالت، ويراني يا گردش دوران، زماني جي بي ثباتي بي اعتدالي، مصائب و مشڪلات جي روائداد پنهنجي ڪلام ۾ هوبهو آڻيندو آهي، اهڙي نظم کي شهر آشوب چئبو آهي.

1955ع ۾ هالا پراڻا کان مست مهراڻ پائڻ شروع ڪيو. ڪيترا ڳوٺ غرقاب ٿي ويا. هالا پراڻا هالا نوان جا ٻئي شهر مڪمل طور خالي ٿي ويا، بلڪل نظر آهي ٿي ته هالا نوان به مڪمل طور غرقاب ٿيندو. دريا جو زور کنڊ وٽ زبردست هو. اتان ڪلياڻ جو بچاءُ بند ڀڄي پيو ۽ مهراڻ، مست گهوڙي وانگر کيبر کنڊو سيکاٽ مٽياري هٽڙي ۽ حيدرآباد جي مشرق طرف تيزي سان ڊوڙڻ لڳو. هالا نوان وٽان پاڻي جو رخ بدلجي ويو. قومي شاهراهه ڪيترا مهينا بند رهي پاڪستان جي ”پورالي ندي“ (سنڌو ندي) جو اهو پُر خوف ”پور“ هو ڪيترن شاعرن انهيءَ واقعي تي ”شهر آشوب“ نظم لکيا.

امين فهيم جي انهي وقت عمر تقريبن 18 سال هئي، پر حساس شاعر پنهنجي ابتدائي دور ۾ به انهيءَ واقعي کي هيئن بيان ڪيو آهي.

اسان جي شهر هالا کي بچائج يا رسول الله،
سڀئي مشڪل غريبن تان هٽائج يار رسول الله.

 

ريختي:

ايراني شاعري جو اثر سنڌي شاعري تي نمايان آهي. عروضي شاعري جو ڪم وبيش سڀني صنفن ۾ ”مرداني زبان“ استعمال ڪئي ويندي آهي.

سنڌي شاعري جي مزاج ۽ انڪساري، عاجزي  ۽ هيڻائي جو اظهار ڪيو ويندو آهي. جيڪو ”ريختي“ (زالاڻي زبان) ۾ استعمال ٿيندو آهي.

”هيڻي ڏسي ذات جيڪس جت ڇڏي ويا.“

سنڌي شاعري جو اڪثر و بيشتر صنفون ”عورت جي زبان“ ۾ چيون وڃن ٿيون.

بيت، وائي، ڪافي، سي حرفي  وغيره صنفن ۾ ”زالاڻي ٻولي“ استعمال ڪئي ويندي آهي. ڄڻڪ ڪا عورت ڳالهائي رهي آهي.

شاهه جي شاعري به ريختي جو اعليٰ ۽ معياري نمونو آهي، امين فهيم جي ڪافين ۾ به ريختي استعمال ڪيل آهي. اهڙي طرح مضمون جي طوالت جي خوف کان پيغام جي شاعر امين فهيم سائين جي ڪلام جي ”فني جائزي“ جو انهن چند صنعتن جي نشاندهي تي اڪتفا ڪرڻي پوي ٿي. شاعري جو فن بحرِ عميق آهي. انهي جي پاتار مان چند سپون(صنعتون) سوجهي ڪڍي انهن جي موتين جو نمونو پيش ڪيو ويو آهي.

انهن صنعتن کان علاوه امين فهيم جي ڪلام ۾، صنعت ڪلام جامع صنعت موقوف، صنعت تصاد، صنعت لف و نشر، ايجاز، اطناب، ڏوراپو وغيره جون جهلڪيون به واضح نظر اچن ٿيون.

پنهنجي ناقص علم مطابق جن به صنعتن جو جائزو ورتو ويو آهي انهن جو عام فهم انداز ۾ تعارف پڻ ڪرايو ويو آهي. جنهن مان مبتدي شعرا گرام کي معلومات ۾ اضافو ٿيندو. هن جائزي ۾ صرف غزل جي زمين جو جائزو ورتو ويو آهي. اسان جي شاعر امين فهيم شاعري جي ٻين صنعتن جهڙوڪ قطعات، مثنوي بيت، ڪافي، وائي، مدح، مناجات، سلام ۽ سهرو وغيره جي صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي.

قارئين ڪرام کي دست بسته گذارش آهي ته هن جائزي ۾ صرف شاعرانه فني خوبين جو ذڪر ٿيل آهي. امين فهيم جي هر ڪاوش تي تاريخون لڳل آهن، انهن کي ڏسي علم، عصر ۽ شآعرانه مشق کي مدنظر رکي قارئين ڪرام فني اوڻايون پاڻ ڏسن، امين ۽ منصف بنجن. هي انساني ڪلام  آهي ڪنهن به انسان جو ڪلام اوڻاين کان آجو ٿي نٿو سگهي ڇو ته ڪامل مطلق صرف الله جي ذات آهي ۽ اوڻاين کان آجو صرف الله جو ڪلام آهي.

امين فهيم سائين مهنجي محبوب محسن ۽ استاد قبله طالب الموليٰ سائين جو وڏو فرزند آهي. ننڍپڻ جي زندگي جو ۽ شاعري جو ابتدائي ۽ ارتقائي دور اسان ٻنهي جو گڏ گذريو. اڃا ائين به انهي سان اهو ئي دلي لڳاءُ ، اها ئي وابستگي ۽ اهائي روحاني حب ۽ اُڪير آهي. تاهم ڪنهن به ذره برابر رعايت کان سواءِ مون بي ريائي ۽ بيباڪي سان سندس شاعرانه فن جو تنقيدي جائزو ورتو آهي. سندس دلي جذبات، ڪيفيات، تخيلات ۽ احساسات جو تجزيو ڪيو آهي. مختصر مدت ۾ مون پنهنجي فرض ادائي ڪيتري قدر پوري ڪئي آهي سو فيصلو قارئين ڪرام تي ڇڏيل آهي.

محبوب سروري

30 ڊسمبر 1990ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org