سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا

آثم ناٿن شاه

صفحو :9

چئجي سچ صفا،
سورَ نه لاٿا سيمَ
(1) جا-
تو- مون يارَ وفا
(2) !

 

*

ٻـُـڌندو وڃ بيداد(3) !
ڪـُـٻڙي جهـُـورُ فقير جي-
درد ڀري فرياد!
*

سياسي چوسر بازَ! (4)
ٻـُـڌ: هن جهـُـور فقير جون-
آهون ۽ ايلازَ
(5) !!
*

گـُـوندرُ، گـُـهٽَ، گـِـهڏڪيون،
اُڊڪن تي سـُـڏڪا وتم،
هورَن
(6) تي هـِـڏڪيون!
*

سهڻا- سـُـرها گل! (7)
چاهيندو هان مان سدا-
جهوليءَ تـُـنهنجي جـُـهل
(8) .

 

*

مون تي تـُـنهنجو مـَـنڊُ،
تون تارن جي وچ ۾-
(1)
اهڙو: جهڙو چنڊُ!

 

*

مـُـرڪڻ تـُـنهنجو منڊُ،
تون سرتين جي وِچ ۾-
تارن ۾ جئن چنڊُ!
*

سنڌوءَ جا ٻئي ڪـَـپَ(2) ،
دوهو شيخ اياز جو-
يا، ڪنهن سـُـندريءَ چـَـپَ!
*

ڪاڳر تي لـِـيڪون:
سوچي ڏِسُ ته هـِـي سٽون،
ويڇـَـن تي وِيڪون
(3).
*

ڪاڳرَ تي جملا:
ڀانءِ ته هڪ هڪ حرف آ-
هٻڇين
(4) تي حملا.

 

*

ڪاڳرَ تي ٽـُـڀڪا:
هٺ- ڀـَـرين جي هانوَ ۾-
چاقن جا چـُـڀڪا!

 

*

ڪاڳرَ تي ڪـَـوِتا:
ڏاڍن کي ڏَڪڻي وٺي-
پاڻي ٿين پـِـتا!
*

ڪاڳرَ تي لـِـکڻي:
اُجري، اَبهم ٻارَ جي-
منهن تي، منهن - رکڻي(1).
*

اُکڙي ويو آهيان،
شايد پنهنجي ڏات کان-
وِڇڙي ويو آهيان!
*

ڦـَـٿڪان يا ڦـَـٿڙان،
پراڻي پهـَـراڻ جئن:
پو به نه ٿو اُڊڙان!
*

وڙهندو پيو ويندس،
وقت! ائين ڪو سولڙو-
پرزا مان ٿيندس!

 

*

چـِـڻنگائي تـِـيليون:
ٻارن اُڇليون اُڀ ڏي-
ڪـِـوليون چمـِـڪيليون!
*

چڻنگائي تـِـيليون:
ٻارن ٻـُـرڪيون رات تي-
ڪـِـرڻن جون ڪـِـيليون(1) !
*

نيليون ۽ پيليون:
ٻارن، ٻاريون عيد تي-
چڻنگائي تـِـيليون!
*

اچ، او ٽانڊاڻا!
پاڻَ به ڪاريءَ ٻاٽَ ۾-
ڪي چـِـٽيون چانڊاڻا.
*

ويجهو ڪوبه نه گـُـلُ:
روزُ اچي هـُـن ٻير تي-
روئي ٿي بلبل!

 

*

تو ريءَ آءٌ ائين:
ڀـُـوري چـِـٽائين گـُـهگـَـهي-
پاڻيءَ رَيءَ جيئن!
*

تو ريءَ مان اهڙو:
پن- ڇڻ رُت ۾، ڪنهن ڇـَـڻيل-
پيلي پـَـن جهڙو!
*

چوندو آيو هانءِ:
”مون کي چور نه او ميان!
چيري وجهندو مانءِ.“
*

بيشڪ سـُـک نه ڏي،
وقت! چـِـڙي ٿو اڄ چوانءِ:
”اُڇلي ڏُک نه ڏي!“
*

ڏرڻيءَ(1) ۾ ڏَرجان-
تڏهين ئي، پر مون طرف:
واهوندا! وَر جان.

 

*

ڪـَـڙهائيءَ ڪڙهان:
پوءِ به پنهنجي ڀونءِ جو-
ڪلمو آءٌ پڙهان!
*

ڪـَـرٽن ۾ ڪـَـٽجان:
عمر سڄي اَنياءَ سان-
وِڙهندي، مان ڦـَـٽجان!
*

وَڍجان يا ڇـِـلجان،
اچجان، پياري! پوءِ ڀي-
مهل(1) مٿي مـِـلجان!
*

آءٌ بلاول هان،
سچي سـِـنڌياڻيءَ جي-
پيٽان ڄاول هان!
*

سـُـلجهيل سـُـٽ نه آ،
راتِ لڙي آ، پو به گهر-
آيو پـُـٽَ نه آ!

 

*

اَويلي - ويلا: (2)
هڪڙي پـُـٽ جا ماءُ پيءُ،
گهرَ ۾ اَڪيلا!
*

مـَـنُ مري ويو آ،
هڪڙو پـُـٽ سڪيلڌو-
سو به، کـَـرِي ويو آ!
*

ساهـُـه پيو ويندو:
تيسين چانئٺ ۾ اکيون،
جيسين پـُـٽُ ايندو!
*

اَنڌاري ڪوٺي،
مان ۽ منهنجي زال ٻـَـئـِـي-
اُٺ بنان اوٺي!
*

فيوز اُڏامي ويو،
ڪمرو، ڪـُـڪڙن جي کـُـڏي-
بلب وِسامي ويو!

 

*

ڳالهه ڳري ٿي پئي،
اوندهه، گرمي ۽ مـَـڇـَـر:
بجلي بند ٿي وئي!
*

تنهنجو منهنجو ميلُ(1) :
دنيا جي اسٽيج تي-
جيون- ڀـَـر جو کيلُ.
*

تـُـنهنجو- منهنجو سنگُ(2) ،
ڪوري(3) لٽي جي مٿان-
جهڙو اَڻ- ڦـِـٽُ رَنگُ!
*

تـُـنهنجو- منهنجو پيارُ:
پينگهي ۾ جئن پيو لـُـڏي-
ڪوئي اَبهم ٻارُ!

 

*

وِکَ وِکَ خطرو- خوفُ:
ڪمپيوٽر جي دَور ۾-
عامُ ڪلاشنڪوف!!

 

*

ماڻهو تاٿي مالُ:
’هيروئن(1)‘ جو حڪم ٿئي-
جا ٿي استعمالُ!
*

پوپـَـٽُ کولي پـَـرَ،
جئن اُڏري و، تـِـئن هڪ ڪـَـٻر-
پهتس بڻجي ڄـَـرَ!
*

آڳ مٿان اُلريو،
قوُتُ(2) بڻيو هڪ ڪانوَ جو-
پوپٽ جئن اُڏريو!
*

سـِـج لهي ٿو پيو،
آڏو ڪـَـڪريون ڄڻ ڪـُـٺلَ-
رَت وهي ٿو پيو!
*

سـِـجُ ٻـُـڏي ٿو پيو،
ساگر ۾ سونو ٿنڀو-
ڄڻ ته لڏي ٿو پيو!

 

*

ڏاڙهونءَ جهليا گـُـلَ،
ڇورا هڻن ڇاپڙون-
هيٺان کائي بـُـلَ!
*

هتان لنگهيو ’هـُـو‘-
يا، آيو هـُـن باغ مان:
واءُ کڻي خوشبو!؟
*

ڪويل ڪـُـوڪي ٿي:
نانگڻ ياد پرينءَ جي-
مون تي شوڪي ٿي!
*

هـِـي، ’گـُـل- گينڊا‘ ٻيا،
۽ آفريقا جا جانوَر-
سي، ڪـُـل- گينڊا ٻيا.
*

سوچ ڪـُـڌي(1) تنهنجي،
بـُـت تي ٽـِـنڊڻيون ٿيون چڙهن-
ڳالهه ٻڌي تـُـنهنجي!

 

*

چـَـرچـَـر ۽ چـِـينگهٽ:
چـُـپ نه ٿا ڪن ڪا گهڙي-
رَڪشن جا رِينگٽ!
*

گاڏين جي ’گـَـرِگـَـرِ‘،
ڏينهن سمورو روڊ تي-
اسڪوٽر: ’ٽـَـرِٽـَـرِ!‘
*

مـُـنهـَـن تان وارَ هٽاءِ،
ڪارن ڪڪرن جي پٺيان،
سورج کي نه لـِـڪاءِ!
*

ٿي ويا سالَ اَٿئي،
ڪونه پڇيئه مون کان ڪڏهن:
”ڪهڙا حالَ اٿئي؟“
*

ٽيڙو جئن اُڀَ تي:
منهنجون ڪاغذ تي لکيل-
تهڙيون سـِـٽون ٽي.

 

*

مسواڙي گهرَ ۾:
ڇـَـت نه روڪي مينهن کي،
ماڻهو ڄڻ بـَـرَ ۾!
*

اُڃا هيڪاندا،
کـَـليءَ(1) ۾ پاڻي: رڳو-
پويان پاڇاندا!
*

اَکرُ ڪونه ڪـُـڇن،
ٽـُـنگر- مـَـٽڪين کي ڏِسي:
پياسا لـِـڱَ لـُـڇن!
*

رَڳَ رَڳَ ريٽو رَتُ،
اسان ماڻهو سنڌُ جا-
ڳچيءَ لايون وَتُ!

 

*

مـُـنڊيءَ تي جئن ٽـِـڪَ،
اسان ماڻهو سنڌ جا-
ڳالهه ڪندا هون هـِـڪَ.
*

سانوڻ رُتِ جا مينهن،
اسان ماڻهو سنڌ جا-
ٻيلي- مـَـڇريا شينهن!
*

شهزادا، شهزوَر،
اسان ماڻهو سنڌ جا-
ڪچهرين جا مور
*

پـَـڌرا پـَـڳـُـن- پيچَ،
اسان ماڻهو سنڌ جا-
سورهـِـه ۽ سرويچَ!

 

*

ڊوهـَـه! اسان کان ڊِڄُ:
اسان ماڻهو سنڌ جا-
ڪاوڙ- ويلي وِڄُ!

 

*

ڪيڏو پنڌُ ڪري-
آيو جنهن وٽ، تـِـنهن چيس:
”مون کان ٿيءُ پري!“
*

هـَـٺَ- وڏائيءَ ڇيهـُـه،
آيو جنهن سان هو مـِـلڻ-
تنهن نه چيس: ”آ- ويهـُـه!“
*

پهرين رات پـَـرکَ:
ٿورا ٿڌا ساهه، ۽-
ٻه- ٽي ٻـِـٽا ٻـَـکَ!
*

ڪوهه ڪهين ٿو ڪانگَ!
ڇا، ڪو اچڻو آ وري؟
ڇا، ڪا ڇـِـڄندي تانگَ(1) ؟

 

*

ڇا ٿو ٻولين ڪانوَ!
ڇا، ڪو ايندِم ڇاپري
(2) ؟
ڇا، ڪا ڇـَـڻندي ڇانـَـوَ؟

 

*

اوشل ديسُ وَسي!
موٽي پنهنجي عمر جا-
پـِـهريان ڏينهن پـَـسي.
*

مـُـرڪـَـن ماٺيڻيون،
پينگهون لامـُـن ۾ ٻـَـڌي-
لـُـڏن لاکـِـيڻيون!
*

وَڳرَ ساڻُ وڃن،
ڪـَـنڌُ مروڙي ماٺِ جو-
ڪـُـونجون ڪـَـرڪـَـا ڪن!
*

کـُـٽن خاموشيون،
ڍَڪيءَ
(1)، ڍِڪن ڏوڀ(2) لئه-
ڪـُـنڍيون ۽ گوشيون!
(3)

 

*

ڌرتيءَ اُکڙيا هـَـڏَ،
سيما- سيما
(4) مورچا-
کيتر-کيتر
(5) کـَـڏَ!

 

*

ڌرتيءَ ڪهڙو ڏوهه؟
وِکَ وِکَ کوٽيل خندقون-
پـَـڳِ پـَـڳِ
(1) چمڪي لوهه!
*

ڳڻتيون وينديون ڪيئن،
هيلَ به تو بن او پرين!
عيدون ٿينديون ڪيئن؟
*

نه ٿو سورَ! ڇڏين،
پيو ٿو نـَـئين- سـِـر نوان:
منَ ۾ مـَـڏَ
(2) اَڏين!

 

*

نه ٿي سـِـڪ مـُـڙين،
ڊَهندي ڊَهندي ٿي وري-
موٽيو جـِـجَ
(3) جـُـڙين!
*

نه ٿي آسَ ٽـُـٽين،
دَٻجي دَٻجي ٿي وري-
کائي ڦاٽ ڦـُـٽين!
*


 

(1) سيمَ = ڌرتي، اُها جوءِ جتي مال چرندو آهي.

(2) يارَ وفا = وفاناٿن شاهي.

(3) بيداد = بي انصاف.

(4) سياسي چوسر باز = ٺـَـڳَ.

(5) ايلازَ = منٿون.

(6) هورَن = اوسيئڙو، ڳڻتيون.

(7) سـهڻا سـُـرها گل = 7- سيپٽمبر 1988ع مقصود گل ڏي لکيل خط جو سـِـرو.

(8) جهـُـل = جهـُـلي پوڻ.

(1) تون تارن جي وچ ۾ = 12- ڊسمبر 1989ع مقصود گل ڏي لکيل خط جو سـِـرو.

(2) ڪـَـپَ = ڪـَـپـَـر.

(3) وِيڪون = ٽوڪون، چـَـٿرون.

(4) هٻڇين = لالچي، هـَـٻڇَ وارا.

(1) مـُـنهن- رکڻي = ڪاٺيءَ جي ٽن ڄنگهن واري گهوڙي، ننڍڙي ٻار جي مٿان رکي ڪپڙو وجهبو آهي، جيئن ٻار جي منهن کان ڪپڙو پري رهي ۽ کيس مڇر يا مکيون به تنگ نه ڪن.

(1) ڪـِـيليون= ڪـِـوليون (ڪـِـيليون به چوندا آهن).

(1) ڏرڻي = جانڊهه، چڪي.

(1) مهل = ساڳي مهل تي.

(2) اَويلي- ويلا= اَويلي مهل.

(1) ميلُ = ميلاپ.

(2) سنگ = ساٿُ.

(3) ڪوري = نئون.

(1) هيروئن = نشي واري.

(2) قوت = کاڄُ، کاڌو.

(1) ڪـُـڌي = بـُـڇڙي.

(1) کـَـليءَ = ٻڪريءَ يا هرڻ جي کـَـل مان ٺاهيل پاڻيءَ ڀرڻ واري مـِـشـَـڪ.

(1) تانگهه = سـِـڪَ، ڇـِـڪَ.

(2) ڇاپري = ڇـَـن، ڪکائون گهر.

(1) ڍَڪيءَ = سج اُڀرڻ کان اڳ.

(2) ڍِڪن ڏوڀ = ڏُڀڻ لئه ڍِڪون ڪن.

(3) ڪـُـنڍيون ۽ گوشيون = مـِـينهنِ جا قسم.

(4) سيما- سيما= جڳهه جڳهه.

(5) کيتر-کيتر= پرڳڻي پرڳڻي، (علائقي علائقي).

(1) پـَـڳِ پـَـڳِ = قدم قدم تي.

(2) مـَـڏُ= ٿاڪَ (لـِـڪڻ جون جايون).

(3) جـِـج= مـَـڇڏوُ (بلاڙي).

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org