سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڪلياتِ دلگير

سنڌي حصو

صفحو : 10

شيخ غلام محمد عليپور واري جي فرزند جي ولادت تي:

وٺي فلڪ تان بشارت سروشِ غيب آيو

ته اڄ جهان ۾ خوشي جو پيام پهچايو

سڪايلن جي لٿي سر تان انتظار جي رات

هزار شڪر وڌو صبح وصل جو سايو

اسان جي دوست جي سانڍيل اميد ٿي پوري

نسيمِ لطف سندس دل جو باغ برسايو

ٿيس مبارڪ فرزند نيڪ فال نصيب

جنهن جي سڪل ڏسي شمس پاڻ شرمايو

ڪرم سان قادر ڪي بخش بيشمار مٿس

عطا محمد سان ان جي منهن کي مرڪايو

خدا ڪري ته ٿئي ان کي عمر خضر نصيب

مليس علم و فضيلت ۾ معنوي مايو

وجود ان جو ٿئي سعد سڀ عزيزن تي

بلند رتبه هما کان سندس ٿئي سايو

خوشي سان خير مبارڪ سندس عزيزن کي

علي الخصوص رهي جنهن جو دل ۾ ٿو رايو

جنابِ دوست غلامِ محمدِ عربي

رکي ٿو خُلق ۽ خصلت ۾ برترين مايو

سنِ ولادت ”دلگير“ نور چشم جي لک

عطا محمدِ فرزنده روئ اڄ آيو.

١٣٤٩


 

صاحبزاده محمد اسحاق جان بن اسماعيل جان جي فرزند جي ولادت تي:

 

باغ ۾ بلبل ٿي ڳائي اڄ ترانو عيد جو

گل کليا، گلشن ٽڙيا، آيو زمانو عيد جو

نو بهار آيو، چمن ٿيو آستانو عيد جو

وات ۾ هر هڪ کي آهي داستانو عيد جو

عيد هيءَ ڪهڙي ڏني جنهن ڪامگاري جي نويد

غنچهء دل کي ملي اڄ نو بهاري جي نويد.

باغبان حيرت ۾ پيو هن ساز و سامان کي ڏسي

تختِ گل مهندان وري بلبل غزلخوان کي ڏسي

سرو ۽ شمشاد تي قمري خوش الحان کي ڏسي

سبزهء نورس تي ابرِ گوهر افشان کي ڏسي

ڪاڪل مشڪين ڪڍي سنبل سنواريو پاڻ کي

نسترن پڻ قابل نظاره ڪاريو پاڻ کي

ڏئي مرحبا شوق مان سوسن زبان آرا ٿيو

مرحبا اهل زمين، اهڙي طرح گويا ٿيو

اخترِ برجِ هدايت اڄ اهو پيدا ٿيو

نور جنهن جو ديده دل ۾ سرور افزا ٿيو

شاد مان هن جي ولادت ۾ ٿيا سڀ اقربا

نقشبندي خاندان جو آيو مرشد رهنما

گلشنِ ايجاد جي هن نو گلِ تر ڪيو ظهور

چرخِ رفعت جي مگر ماه، منور ڪيو ظهور

جان جنهن تان گهور، تنهن رخشنده گوهر ڪيو ظهور

نيڪ نام و نيڪ بخت ونيڪ منظر ڪيو ظهور

منتظر هو جنهن جي آمد لاءِ گهر حضرات جو

اڄ قدم تنهن ۾ پيو فرزند عالي ذات جو

بختِ پيرن ۾ پيو هي طالعِ ميمون ڏسي

ماهه تابان منفعل ٿيو حسنِ روز افزون ڏسي

شاد ٿيا سڀ اقربا هي سنعتِ بيچون ڏسي

حسنِ صورت کي ۽ سيرت پاڻ ۾ مقرون ڏسي

رخ سندس اقبال ايندڙ جو ٿيو آئينه دار

ٿيا سعادت جا نشان ننڍپڻ ۾ ان جي آشڪار

ڏي مبارڪباد اول پير عاليجاه کي

حضرتِ اسحاق جان مرشد منورِ ماه کي

پوءِ ادب سان ڏي سندس ڏاڏي ولي الله کي

فيض بخش و خير خواه و خاص خلق الله کي

مخزنِ گنجِ ولايت، زينتِ ڪون ومڪان،

حاجي الحرمين حضرت پير اسماعيل جان

ذات تنهنجي ڪئي شها! عزت مٿي اسلام جي

اڄ مسلمانن ۾ ٿي توقير تنهنجي نام جي

تو سان وابسته حياتي آهه خاص و عام جي

تون سچي تصوير آهين آيتِ انعام جي

بي گمان هن وقت ۾ تون آهين رهبر قوم جو،

پيشوا ۽ رهنما ۽ يار ياور قوم جو.

مرتبي تنهنجي کي پهچي ڪير اي عالي جناب

توکي ڪيو هر هڪ شرف ۾ آهه قادر ڪامياب

تنهنجي پابوسي کي ڄاڻن فخر ٿا سڀ شيخ و شاب

تنهنجي قدمن تي ڪريا اهلِ زمان، عزت مآب!

آهه شاهد تنهنجي عظمت تي سندءِ اعليٰ نسب

ڪيو هدايت فيض جي ظاهر سندءِ والا نسب

زيب ڏيندڙ آهين مسند سيادت جو ڌڻي

ملڪ ۾ ممتاز ٿين تون عز و عظمت جو ڌڻي

ابر بخشش آهين صاحب سخاوت جو ڌڻي

قبلهء حاجات بيشڪ آهين برڪت جو ڌڻي

عام جاري ٿو رهي عالم مٿي احسان سندئي،

بي گمان اڄ آهه بحرِ بذل بي پايان سندئي.

ڪشتيء ملت جو شاها! آهين ڪشتيبان تون

قوم جي هر درد جو هن وقت ۾ درمان تون

باليقين اڄ مؤمنن لئي سايهء سبحان تون

تون معلي مرتبت، فرخندهء دوران تون

ڪين ٿئي ”دلگير“ کان تنهنجي ثنا خواني ادا،

خرچ پنهنجي جي ڪري نقدِ سخن داني سدا

صد مبارڪباد شاها توکي آه هن فرزند جي

عمر خضري شل ٿئي تنهن دادلي دلبند جي

سايه داري هوءِ سدا هن نيڪ طالع مند جي

ٿئي بقا بي انتها ان پٽ جگر پيوند جي

ڪاميابي هوءِ حاضر باش چاڪر جي مثال

فتح فيروزي رهي اڳيانس نوڪر جي مثال

فڪر جنهن دم دل کي ٿيو تاريخ ان جي لئي ادا

آه مختار علي ٿيو اسم تاريخي بجا

١٣٥١   

هو سدائين ٿي رهي خورشيدِ ارباب سخا

شل هجي ان تي حمايت پاڪ رب جي دائما

تا قيامت دائما هي خورم دلشاد هوءِ

آسمان جي آفتن کان دمبدم آباد هوءِ

گهر دعا آمين پڙهي ”دلگير“ تان ٿئي مستجاب

ڪاميابي سان رهي هي حضرتِ والا خطاب

آل ۽ اولاد ۾ پئي ان جي برڪت بي حساب

۽ سندس دشمن سڙي ٿين حسرتن ۾ شل ڪباب

گوهرِ مقصود مان پُر هوءِ سدا دامان سندس

حافظ وناصر هجي شل خالقِ انسان سندس

جهل ڪميت ڪلڪ کي بس ٿين گهڻو گوهر فشان

ڇا ڪري سگهندين تون هت تعريف تن جي جو بيان

ٿيندا بيشڪ تنهنجي هن تاريخ جا ٻئي قدر دان

سي صلا ملندئي ڪه جنهن جو ڪونه هو توکي گمان

شعر گوئي ۾ تو اڄ جادو فني ڪي اختيار

جنهن کي ڪا دعويٰ هجي، هي گوءِ هي ميدان تيار.

 

سخنور نڪته دان شيرين زبان رنگين بيان ’بچل‘

نه ٿيو ڪو نعت گوئيءَ ۾ ڪٿي ان جو ڪڏهن همسر

لکيائين نعت حضرت جي ۾ اهڙو بي مثل ديوان

جو جنهن جو قدردان آهي محمد آڵۏٔ الاطهر

ڪيم ٿي فڪر ان جي سال ڇپجڻ جو جڏهن ”دلگير“

چيو هاتف ته لک تون پاڪ جو مداحِ پيغمبر

١٣٣٩

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org