سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اوجاڳن جو انت

وفا ناٿن شاهي

صفحو :13

 

ó

اڀياس ڦِرِي ويو آ،
احساس ڦِري ويو آ.

 

گل گل جي مَٽيل خوشبو،
هَر واس ڦِري ويو آ.

 

جهرڪيءَ کان هَرڻ تائين،
هر ماس ڦِري ويو آ.

 

اڄ ملڪ تي ماڪڙ جان،
افلاس ڦِري ويو آ.

 

ماڻهو نه وفا! ڇيڻو،
راڪاس ڦري ويو آ.
ó

 

ó

ڏيو اختيار مون کي،
سمجهو نه ٻار مون کي.

 

پن ڇڻ ۾ پوريل هان،
گهُرجي بهار مون کي.

 

ڪنهن کان به ڪونه مليو،
چين ۽ قرار مون کي.

 

تُنهنجو ڪري ڇڏيو آ،
پروردگار مون کي.

 

هڪ اجنبي لڳي ٿو،
صدين جو يار مون کي.

 

لفظن سان ڪر نه راضي،
ڏي دل جو پيار مون کي.

 

صدمن ڪري ڇڏيو آ،
نغمه نگار مون کي.

 

آهي وفا! تعجب،
تاري ٿو تار مون کي.
ó

 

ó

دريا رهي ٿو تارِ، غمِ روزگار جو،
ٻيڙو ٻڏي وڃي نه محبت ۽ پيار جو.

 

گل گل جو احترام ڪيو گلعذار جو،
گلشن سميت ڪنڌ جهڪي ويو بهار جو.

 

هٿ پيٽ مان ڪڍان يا محبت تان هٿ کڻان،
دلبر جو غم ڪجي يا ڪجي روزگار جو.

 

بي چين، بي قرار ڪيون ٿو وتي مون کي،
دارومدار جنهن تي آ چين ۽ قرار جو.

 

جيئرا پيئن پيا زهر ۽ مُردن تي پَڙَ پون،
مُرده پرست ذهن، مجاور مزار جو.

 

ٿوري گهڻي تي لُڙڪ لَڙي ٿا پون وفا!
ساڳيو سڀاءُ هوندو آ عاشق ۽ ٻار جو.
ó

 

ó

سڀ پيار ڪرڻ وارا،
بي موت مرڻ وارا.

 

سي رَتَ ئي ڄمي ويا هِن،
دانگيءَ تي ورڻ وارا.

 

سوچن کي توازن ڏي،
ڳڻتين ۾ ڳرڻ وارا!

 

اوندهه ۾ پيا آهن،
ڏيئن جان ٻرڻ وارا.

 

واهن ۾ وتن ٻڏندا،
درياهه ترڻ وارا!

 

پيٽن جا مريد آهن،
هر گاهه چرڻ وارا.

 

مشڪل سان وفا! تپندا،
مشڪل سان ٺرڻ وارا.
ó

 

ó

احسان ڪري ڇڏ اڄ،
ڪُجهه دان ڪري ڇڏ اڄ.

 

چاهت جي سُتي پياري،
انسان ڪري ڇڏ اڄ.

 

مان تنهنجو ۽ تون منهنجو،
اعلان ڪري ڇڏ اڄ.

 

هر عهد ڪندين پورو،
پيمان ڪري ڇڏ اڄ.

 

اکين جي پيالن سان،
مستان ڪري ڇڏ اڄ.

 

دل ڏيئي وفا! دل جو،
درمان ڪري ڇڏ اڄ.
ó

 

ó

هوءَ جڏهن روبرو وري ٿي وئي،
هيءَ اِنهيءَ دئونس ۾ چري ٿي وئي.

 

مون کان تعريف ايتري ٿي وئي،
هوءَ ڀاڪر منجهان ڀري ٿي وئي.

 

عشق ڏياريو جو حُسن جو احساس،
ڇوڪري حور ۽ پري ٿي وئي.

 

ڪنهن گهٽيءَ ۾ به چهچٽو ڪونهي،
بند در در، دري دري ٿي وئي!

 

جام جي روپ ۾ اچڻ وارا!
اُڃَ منهنجي اگر ٿري ٿي وئي.

 

دل ٿي اُڏِري، ڪِري چڪور جيان،
چَنڊ جي چاهه ۾ چرِي ٿي وئي!

 

موت ڀي ڪو نه ٿو کڻيس وفا!
زندگي ايتري ڳري ٿي وئي.
ó

 

 

ó

تڏي تان اٿاري،
رُوئي پيو روئاري.

 

ڪو جياري مُئن کي،
ڪو جيئرن کي ماري.

 

عجب آهه ناکئو،
نه ٻوڙي نه تاري.

 

نشا ڀي ٿِڙن ٿا،
جڏهن ٿو نهاري.

 

رهي هِڪَ جهڙو،
اونهاري، سياري.

 

متان وات ساڙين.
ادا! کاءُ ٺاري.

 

وفا! دل کڻي ويو،
اکين ۾ نهاري.
ó

 

ó

بدن مهراڻ وانگر، دل ڦليلي،
اڃا سنڌي نه آهيان، سوچ ٻيلي!

 

جدا مون کان ۽ دنيا ساڻ شامل،
خدا کي مڃ نه ڪر رسوا سهيلي!

 

پرندن جي پٺيان، پيرين اگهاڙي،
هنئي ڏهه سال مون آهي گليلي.

 

ايئن قابو هان دولت جي هٿن ۾،
هجي جيئن شينهن جي چنبي ۾ ڇيلي.

 

هُجي فُٽ بال جيئن رانديگرن ۾،
ايئن مَردن ۾ عورت آ اڪيلي.

 

تڏهن انسان متوازن نه آهي،
دماغ آهي سياڻو، دل ڳهيلي.

 

وفا! مقتل لڳي ٿي عصمتن جو،
اميرن ۽ وڏيرن جي حويلي!
ó

 

ó

روئي ڏس تنهائيءَ ۾،
ڇاهي لطف جدائيءَ ۾.

 

عزت جو ارمان رهيو،
گذري وئي رسوائيءَ ۾.

 

شاعر، شاعر رهندو آ،
گيت، غزل ۽ وائيءَ ۾.

 

رات، ٻه- ٽنگو ڦاٽو، پر،
نڪري ويو جلدائيءَ ۾.

 

ڪُجهه نه مليو هرجائيءَ مان،
ڪجهه نه هيو هرجائيءَ ۾.

 

باهه نه ڄاڻي فرق ادا!
ڪاٺي سُڪي سائيءَ ۾.

 

وِڇڙڻ جا اوسار ’وفا‘!
شاديءَ جي شهنائيءَ ۾.
ó

 

ó

جيئن لوهه تپايو ويو،
تِئن سچُ جلايو ويو!

 

هر ڏوهه خدا آڏو،
پر جڳ کان لڪايو ويو.

 

پوءِ ڀي نه وئي اوندهه،
هر ديپ جلايو ويو.

 

نس نس ۾ ويو رچندو،
جئن جئن هو ڀُلايو ويو.

 

ڪلهه سُست هيون نبضون،
اڄ ساهه به آيو، ويو!

 

سنگيت هيو، شايد،
ڳايو ۽ وڄايو ويو.

 

گُلڙن جو ’وفا‘! بستر،
ڪَنڊن تي وڇايو ويو.
ó

 

ó

رُخ ڏيڻ کان پو، بي رخي ڇاجي!
ٻن رخن واري زندگي ڇاجي!

 

پيار ۽ پيٽ کان جدا جيڪا،
آهه اهڙي غمي، خوشي ڇاجي!

 

حق ۽ فرض جنهن ادا نه ڪيا،
آهه تِنهنجي به زندگي ڇاجي!

 

صرف سوچن جو آهه ردِ عمل،
حوصلو ڇاجو، بيوسي ڇاجي!

 

تنهنجي زُلفن، ڳلن جا روپ آهن،
تيرگي ڇاجي، روشني ڇاجي!

 

ڪو به نالو نه ٿو ڏئي سگهجي،
مسئلو آهه ڇوڪري ڇاجي!

 

ڇو ٿا رشتن کي شرمسار ڪيو،
پيار آهي ته پو ادي ڇاجي!

 

جنهن سان ڪو واسطو نه آ، ان سان،
دوستي ڇاجي، دشمني ڇاجي!

 

عشق وحدت وجود جو نعرو،
پوءِ هِن هُن سان دوستي ڇاجي!

 

هڪڙو آ دينُ، هيترا فرقا:
هي عبادت ۽ بندگي ڇاجي!؟

 

سچ ۽ سُونهن جي ’وفا‘! قاتل،
هر صدي آهي، هي صدي ڇاجي!
ó

 

 

 

ó

چَپ خشڪ، نيڻ آلا –
لبريز ڪر پيالا!

 

گدلا نه سڀ انڌيرا،
سهڻا نه سڀ اجالا.

 

شاديءَ ۾ سڀ سهيليون،
سڀني گهرن کي تالا!

 

منهنجا عجيب جذبا،
تنهنجا عجيب چالا!
(1)

 

تنهنجي تلاش ۾ ٿيا،
پيرن ۾ سرخ ڇالا.(2)

 

سيني جا داغ آهن،
تنهنجي ڪنن جا والا.

 

ٿا ڏينهن، رات سوريون،
تنهنجي ’وفا‘ جي مالا.
ó

 

ó

هر نظر تي نه اعتبار ڪجان،
دل جي وحدانيت سان پيار ڪجان!

 

پوءِ توتي ميار ڪانهي ڪا،
حشر تائين ته انتظار ڪجان!

 

قيد ۾ مان کڻي مري به وڃان،
وقت مون لئه نه سوڳوار ڪجان!

 

خار چُڀندو ۽ گل سُڪي ويندو،
همسفر گل ڪجان، نه خار ڪجان!

 

مان ته آهيان بهشت مان لوڌِيل،
مُون کي سوچي گناهگار ڪجان.
ó

 

ó

توڏي اوندهه ۾ نهاري نه سگهيس،
چاهه جو چنڊ اُڀاري نه سگهيس.

 

تَنهن سان تا عمر رهڻ جو هو خيال،
جنهن سان هڪ شب به گذاري نه سگهيس.

 

صرف گگدام بچائڻ خاطر،
ڪنهن به انسان کي تاري نه سگهيس.

 

هُو سڄو کير ٿي آيو هو مگر،
مان منجهس کنڊ به ڳاري نه سگهيس.

 

مون گهڻا کير ڦِٽايا هوندا،
ٿڃ پر ماءُ جي کاري نه سگهيس.

 

تنهنجو پڇيائون تعارف پر مان –
تنهنجو نالو به اُچاري نه سگهيس.

 

ڍورَ پنهنجا به هئا ڪو نه ’وفا‘!
شهر جو مال به چاري نه سگهيس.
ó

 

ó

ڀورن تي ڀال ٿي ويا،
ڏاها سوال ٿي ويا.

 

شاعر ڪمال ٿي ويا،
ماڻهو غزال ٿي ويا.

 

سَٽ – ڪُٽ جو آ زمانو،
ديرا پلال ٿي ويا.

 

ڄڻ ذات، ڏات ناهي،
حبشي، بِلال ٿي ويا.

 

سِر هو تَريءَ تي، ليڪن -
حق ئي بحال ٿي ويا.

 

دل جي معاملي ۾،
سڀ هم خيال ٿي ويا.

 

پل جو ’وفا‘! سفر هو،
پنجاهه سال ٿي ويا.
ó


 

(1)  چالا: روشون، هٿن جا اشارا. (2) ڇالا: لڦون

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org