سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڳ نامو

باب --

صفحو :7

 

سرڌناسري

 

صدا

آءُ جا لڳي پير پريان، آءُ جا لڳڙي پير پريان

1- سونهارا مون سپرين، جي اَجهو آهين مان

2- مٿي مونن هٿڙا، آءُ سڳر تنهن سُران

3- ڪوڙيين ڀيرا ڪعبي مٿان، صدقو ساه ڏيان.

 

بيت

[1]

آءُ ميرايائي گهوري، اڇا پِيرَ سندام

واهر سچِي ٿيندام، اڳ وسوڙي  آهيان.

[2]

ميري پَسِي نه مٽيو، مون کي مون پيرن

هڪڙا ڳڻ ڳچيء ۾، پيا پويو هار ٻڌن

آءُ ڪيئن سندي تن، ڪلهي ڪيرت لاهيان.

[3]

جِمَّ وِرِچِي ڇڏيين، پَلئو پيراڻو

تهڙو نه ٻاٻاڻو، جهڙو اجهو پِيَر جو.

[4]

آءُ ميريائِي آهيان، پاڻِهَاري پاڻ

هَٿَ گهڙو، سِرَ سينهِين تَنَ ۾ تَاڻو تاڻ

گولِيَ جا گُماڻَ، موليٰ تون معافي ڪرين.

[5]

مون پيراڻِي ڳَڃڙي، چوئا چندن چَڪۡ

جَت آهنگ کَٿُوري اُڀري، پاڪَ نِرمَل پڪَّ

اُنهَان ڏيو تڪَّ، اچن شاههَ سَمگِيا.

[6]

مون پيراڻي ڳڃڙي، سدا چَندن چِڪَّ

جَنِي سندي سِڪَّ، هلِي هنيون هنڌ ٿيو.

[7]

هليس پيرَ چِتّ ڪري، ٻيون ڏيئِي ٻَن

آسائتيون ”احمد“ چئي، وييس ڪامل ڪن

تنهن هيڪائي هيڪ چيو، ٻي مَدي ناهِس من

مون کي مون پرين، نظر ساڻ نوازيو.

[8]

جي تون هينئڙا اُڃِيو، ته وَنءُ پير نئون پِيُّ

ٻُڪِي ڏيندَئي ٻاجههَ جي، جياريندَئي جيءُ

جَنِي سندو وِيُّ، مڱر مور نه ڀيليو.

[9]

پانڌيئڙا پيرن جي، پيو پاڙي گهار

توکي نيندا پار، لنگهائي لطف سين.

[10]

پانڌيئڙا پيرن جي، پيو پاسي اَورَ

توکي نيندا توڙ، لنگهائي لطف سين.

[11]

توڙان طالب تنهنجو آءُ پن اُهوئي

تون صاحب سوئِي، جنهن ٿي ٻول ٻَهُون ڪيا.

[12]

پانڌي وڃي پِيرَ وٽ، ڪوڙيين ڪرنشنون ڪَرِ

چئو آءُ آسائتو آهيان، دوست تنهنجي دَرَ

تون آڳَههُ اڙين جو، ولِهن ڪرين

مون ڏانهن مهر ڌر، آگا ”اسماعيل“ چئي.

[13]

آگا  ”اسماعيل“ چئي مون ڏانهن مهر ڌَرِيج

سائين صبر ڏيج، موليٰ ميران پور ۾.

[14]

ميران پور جو مڱڻا، ڏسين جي ڏاتار

توڙان طالبن جو، صُلحَ جو سينگار

منجهان نور نبّار، پَکِرجِي پيدا ٿيو.

[15]

ميران پور جا مڱڻا، ڏسين جي ڏيو

سگهوئي سون ڪري، سينگاري سِيهو

جانسين تا جِيّو، تان رڙهندا انهي راه تي.

[16]

پکرجي پيدا ٿيو، هادي سندو حَقَّ

لاٿائين لطف سان، سندا شوءمَن شڪّ

جي رِڙا هئا رڪَّ، تن وِلهَن سان وٽون ٿيون.

[17]

پکرجِي پيدا ٿيون، نُورِي منجهان نُور

ظاهر تون باطن، تون هادِي منجهه حضُور

پرين تنهنجو پور، واسنگيو وِکَ کڻان.

[18]

نِمّ نورانِي پِيرَ جا کِڙَن ۽ کُلَن

خوشبوءِ کٿوري ڪَر مشڪي مينهن وسن

ميران پور ميرن، ڪوسو واءُ نه وارئين.

[19]

نِمّ  نورانِي پير جا، نِمُن وسي نُور

قلندر شاه ڪرم سين، ڏي ڀريو ڀرپور

تِهان پِرايو پور، وَڻَ به اچن واسِيا.

[20]

صبحاڻي شاه ڀيٽيون، پوَيهُون ميران پور رات

اُٿنديئي  اکين سين، پَسون پير پرڀات

موچاري محبّت سين، ڏياريندو ڏات

جُگُ سونهاري ذات، ٿو پياري پلوٽَ سين.

[21]

پياريين  پالوٽ سين، ميران پور جا مِيرَ

لاٿئي اُڃَ اکين سين، پوڄ پياري پِيرَ

گهَرَ اُنَ جي کِيرَ، جي آسائتو ٿي آئيا.

[22]

جي آسائنو ٿي آئيا، پَسُ تنين جا پار

جن کي ڀت ڀَروسو ناههِ ڪو، تَڪيو توهان ڌار

سائينء لڳ ستار، ڪج مهر مشتاق تي.

[23]

ڪجو مهر مشتاق تي، داتا دستگير

گهر ان جي کِير، اڳي جن اوڙکيو.

[24]

اڳي جن اوڙکيو، هاڻي پَسو سي

ساريو سوالين کي، اُڀو سَڏَ ڪري

وڃو ڪين پري، ماڻڪ نيۡهو مڱڻا.

[25]

ماڻِڪ نيهو مڱڻا، جهجها ميڙي جال

نوازي نيڻن سين، لاٿائين خام خيال

سائينء ڪري سنڀال، نالائق نوازيا.

 

[26]

ونءُ طالِبَ طلب پئي، ڪامل پاس ڪَهِي

جو هدايَت هٿ ڪري، پياري پَهِي

ڏيکاري راهه سَهِي، جو پيغمبر پيدا نه ڪئي.

[27]

ونءُ طالب طلب پئي، پکن ڏيئِي پاهه

گوهَرُ غريبن جو، ”صادق“ آهي شاهه

ڏيکاري سا راهه، جا پيغمبر پيدا ڪئي.

[28]

پيِرُ ولايت وتَرو، ڀانڌي  پيرُ پَس

ڏيکاري راههَ رحمٰن جي، گوهر آڇي گَس

لَڌو جاجُڪ جسُ، لٿي چنتا چارڻين.

[29]

پيرُ ولايت وترو، پانڌي پير سڃاڻ

لاهي جو لُطفَ سين، غيرن جو گُمان

سو ڏياري ڏاڻ، جو طمع کي ترڪ ڪري.

[30]

پيرُ منهنجو پاتشاهه، ٻيا وَلِيّ سڀ وَزِير

هَلن حضرت شيخ ڏي، فوجون ڪيو فقير

ڪن عرض ”اسماعيل“ چئي، هنئين منجهه اُڪير

داتا دولهه پير، تون نالائق نوازئين.

[31]

پِيرُ منهنجو پاتشاه، جو نَوَ  کنڊ نمائي

فريادون فقير جون پيو عرض اونائي

آسرو مون آهي، هادي حضرت شيخ جو.

[32]

سي سڀئِي شيخَ ٿيا، جي پٺِيءَ لَکَ لڳاءِ

تن مريدن مٿو ناههِ ڪو، جي وڏا شيخَ سنداءِ

تون هادِي هِدايت جو، ڪر منهنجي ڪاء

سي مون پَلئه پاءِ، جي صبح ڪيم سَڏڙا.

[33]

صُبُحَ ڪيم سڏڙا، سڻ هادي سندا حَقّ

آڏا جي اندر کي، سي شيخَ لاهيين شَڪَّ

ڪوڙيين آن تان لَکَّ، نالائق نوازيا.

[34]

ڪي ڪَنِي جا ڪارڻِي، ڪي پڻ ڪَنِي سندا

اسين صوفي شاه جا، باللہ لڳ بندا

ميرا جي مندا، پِيرُ پَراهي پانهنجا.

[35]

ڪي ڪَنهِين جا ڪارڻي، ڪي پڻ ڪنهِين ڀَر

اسان کي صوفي شاه جو، آهي وسيلو واهر

ٿَڪن کي ٿاهر، جهلو جهوڪ ڌڻين جو.

[36]

صُورت ڀانءِ مَ شيخَ کي، آهي معنيٰ مڙوئي

حقَّ حقيقت جنهن کان، ٿئي ثابت سڀوئي

اکيون اهوئِي، پسندي پاڪ ٿيون.

[37]

صورت ناهي سپرين، اي تان اورانهين

پيهي پرانهين، ڏسڻ ڪَنان ڏسُ تون.

 

[38]

صورت ڀانء مَ شيخ کي، جنهن جي مثل نه مُقابر

آڇي راه اللہ جي پيغمبراڻي پَر

ونۡءُ دوستاڻي در، ”صادق“ گهڻي صدق سان.

[39]

جي ڏسين مُنهن مرشِدَ جو، آڻي منجهه اکين

ته ٻولي منجهان ٻين، سڻين سڏ صاحب جو.

[40]

جي پيهِي وڃن پاڻ ۾، منجهان منجهه مرشيد

ته اکيون پسنئي عيد، اوسَرُ ڇڏي اورهون.

[41]

سُڻي سڏ شيخ جو، مٿو مَ موٽاءِ

اُتيِئي اگهاءِ، ته مانَ آهِينَئي مڱڻا.

[42]

سڻي سخن شَيۡخَ جو، وِسَهِي تون ويههُ

ته ڏاتار سندو ڏيہ، اندر تو اثبات ٿئي.

[43]

جي هينئڙا تون اُڃيو، ته ڀلو اٿيئي ڀَرُ

ويندي واٽڙين تي، ٿڌو ڀائنج ٿَرُ

قلندر شاه ڪرم سان، ڪندو نيڪ نظر

داتا سندو دَرُ، اٺئي پهر اکين ۾.

[4]

دِلِيَئون دَستگِيرَ کي، جيڪو ڪري آهه

تنهين سندي ٻانۡہ، ٿو ڇڏائي ڇِيهن کان.

 

[45]

دِلِيَنئون دَستگِير کي، جيڪو ڪري سَڏَ

تنهين سندا هَڏَ، ٿو اُڪاري اَوکِيء مان.

[46]

ڳڻن کُهيو جندڙو، اوڳڻ آهي ڪونه

جي تون ڪَرِيين اونَ، ته ٿوري پڙين نه اُن جي.

[47]

نالو سندو سڄڻين، مَٿي محبوبن

نبّي نور سَڀن، آدَمَ ڪنا اڳي هو.

 

صدا

هي جي آيا پانڌيئڙا پيرَ مُلا،

تن جون مَنَ مرادون پنيون، اچي پيٺا پاڪَ درا

1- پَسِي پڙ پيرن جا، منهنجا ننهن سين نيڻ ٺريا

2- پَسِي تن پيرن کي، مون تان سهجان سڏ ڪيا

3- ساري تن پيرن کي هي تان سرها سڀ ٿيا.

 

صدا

پيراڻِي پچار، منهنجو جيءَ جياريو

1- ٺونٺيين، منڊين، مڱڻين لهي سڀني سار.

 

صدا

ڪنديس آءُ قربان، مٿان پرينء جندڙو

1- توڻي ڪوٺي نه سپرين، جي مان ڏئي نه مان

2- گولِي آهيان اُنَ جي، ڪهڙو ڪريان شان

3- سڀئي ساز سَر ڪري، تالن هڻان تان

4- ”صادق“ ڏسن سپرين، مُنهن ورائي مان.

 

صدا

جي مان پورهيت ڪن، پورهيت ٿي پاڻي ڀريان

1- سِرَ ڪريان سينَهِين، ٻيون ڏيئي ٻَنَ

2- ساهُ ڪريان صدقو، هوند گهوري مٿان تَن

3- ٿوري پڙان نه ان جي، مون کي جياريو جَن

4- اهڙي حال هلن جي، ”صادق“ سي سڏجن.

 

·


 

 

سرموکي

 

صدا

تون نه پرندڙِي مٽ، او آيل! تون نه پرندڙي مَٽَ،

اي هو پيالي پرينءَ جي

1- جي سِرَ ڏني سپُجي، توءِ سهانگڙي سِٽ سَٽ.

بيت

[1]

ڪين سڻيان ڪِٿين، جان پڇيم پاسارِي

مون کي سُلي سڄڻين، وِرِههَ جي وائِي

اهڙا عطائي، کڻي ڪنهن کوُڻ ٿيا.

[2]

موکِيء سندي مَٽ تي، اُڀِيَڻ اِيءُ نه آهه

جو جَتن آهي جان جو، سو سانگ سِسيء جو لاهه

اچج اگهُورين جيئن، مڇڻ اچيئي ساء

سارو چوء شراب جو، اگهه اهوئي آهه

پيئڻ ڪارڻ پاءِ، تون ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾.

[3]

جَني وڌو ڪرٽ ڪپار ۾، تن سانگو ڪيو نه ساه

سندي شوق شراب جي، رَمِي ڏٺائون راه

پيئندي ئِي پُرِ ٿيا، ٻِي ڇڏيائون آهه

ساقي جيئن صلاح، ٿي سِرَ ڏنائون سَٽَ ۾.

[4]

پيارين پرت سين، تن مَٽن ماٺ نه هوءِ

وڏو ڪوڏ ڪلاڙ جو، تن ڪاتن ڪُش نه ڪوءِ

تَڪيَنِ ۾ طلب جي، هُوڪ ڏهاڻِي هوءِ

واڪو وهي ووءِ، موکيء جي مڪان ۾.

[5]

موکي مُئي مَٽَ جهُريا، وهائوُ ويا

لٿو ڪوڏ ڪلاڙ جو، ڪاتن ڪُشِّ ڪيا

تڪيا ”تماچِي“ چَئي، پَسو پَٽَ پيا

سامهان سُورَ ٿيا، موکي متارن جا.

[6]

موکِي متارن جا، ويٺِي ڳُڻ ڪري

هي جو مَنڌُ مُٽن ۾، سڀو پيو سڙي

ڪوڏيا جي ڪَڙي، سي ”کٽِي“ چوءِ کڻي ويا.

[7]

موکي متارن جا، سُهمَ ساريو ٿي روءِ

جي تکي جا طالبُو، تِيانۡ هاڻي هِت نه ڪوءِ

پياڪن ئون پوءِ، ڪڍي آءُ ڪن کي ڏيان.

[8]

موکِي متارن جا، ويٺِي سُهَم ساري

چئي: وجهنديَس واٽن تي، هِتَهُون آءُ هاري

”پيرو“ چوءِ پاري، ويا ويچارا ڳالهڙِي.

[9]

موکِي پئِي مامري، متارا ماري

ڪالهه اوريائين جن سِين، سي اڄ نه اوتاري

سانڀيئڙا ساري، ٻڙڪيو ٻاهر نڪري.

 

[10]

جڏهن ڏٺوءِ سپ شراب ۾، تڏهن ڪُو ڪيو تان ڪلار

ڀڃي مٽ ڀوراڪري، هٿ هڻي هوند هار

ته تو اڱڻ ٻيهار، اگهُورِي ٿِي آئيا.

[11]

موکِي مَٺو نه گهريو، وِهَ نه وِهاٽيا

سُرڪِيء ”سليمان“ چئي، اتهين ٿِي اَٽيا

جي ڳالهِيُن ڳڱاٽيا، تن جون بَٺِيءَ ڌاري بُٺِيون.

[12]

ڳالهِيُن جي ڳڱاٽيا، پَسُ تنهين جا پار

حاضر ڪري هَٿَ ۾، ڪاٽيائون ڪپارَ

ويندي ڪيائون نه وار، ڪو مُنهن متارن آئيو.

[13]

متارا مَنڌَ ري، پيا سِڪَّ سڙن

جي وڍينس وَڍَ ڪري، ته ڪِينۡ پڪّ پڙن

پيا پسِين، ”پيرو“ چئي، مٿي ڌڙ ڌڙن

پِئَوءن ري نه پَڙن، ڪانهي ڪلاڙن جي.

[14]

ڪلاڙن ڪا وهِي، اڄ نِسري سِيرَ

موکِيء مٽ اُپَٽيو، ڪئي عاشقن اُڪيِر

هئا وڏائِي وِيرَ، ڪو مُنهن متارن آئيو.

[15]

ڪلاڙَن ڪا وهي، اڄ نه سري سِٽّ

شيشن مٿي سون جا، هئا چڱيرا چِٽّ

موکِي تنهنجا مِٽّ، هيڪندا ئِي هِلي ويا.

[16]

واسينگ ڪڍي وير جا، آندائون اتور

سي ڪاڙها ڪُٽي چاڙهيا، ڏيئي ڪنگوءَ ڪور

مُٿي چوئي چور، پسو پياڪن جِي.

[17]

واسينگ ڪڍيو وير جا، آيو وير وَهِي

بَٺِي هيٺ باهه ڪري، پياريائين پَهِي

چوکي ڳالهه چَئي، ماريائون متارن کي.

[18]

واسينگ ڪڍي ويرَ جا، جوڳي آندا جِت

ڪاڙها  ڪُٽي چاڙهيا، پڪي ساڻ پرت

لَڌِي نينهن نرت، ٿي موکِي متارن جي.

[19]

واسينگ ڪڍِي وير جا، جوڳي آندا جال

ڪاڙها ڪُٽي چاڙهيا، مَٿي ڏيئِي مال

موکِيء سندي ڀال، ٿي ماريو متارن کي.

[20]

متارا مري ويا، موکِي تون نه مرين

ڪهڙي پَرِ پَرين، ٿِي ڏکي ڏاتارن ريءَ.

[21]

بَٺِيء هيٺ باهه ڪيو، ٻَهون ٿي ٻاري

سرو سنباهيائين سيگههَ ۾، دانَہَ ديناري

پِڪَن نه پاري، ٿي مٿا متارن جا.

[22]

بٺيء هيٺ باه ڪري، ماڳ ٻاريائِين مَچُّ

موکي متارن کي، ڳاڙيو ڏئي ڳچُّ

سرڪ تان سچ، ڪٽر ٿو ڪوڙ لَهي.

[23]

پِڪّ نه ڏين پَٽَ ۾، آيا جان ڪلار

سندي سِرَ پچار آڻيو وجهن وچ ۾.

[24]

نڪا باهه بَٺِيءَ جي، نَڪو مِٽيء ملُههُ

مٿا اُتِ، ”محمود“ چي، توريائين نه تُلُ

اُئان ڪِي آمُلُ، ڀِرِي پيار ڀلا پرين.

[25]

سائين نه سَري تنهنجي، ڪوڙيين ٻيا ڪلار

ساقِي اِنَ شراب ۾، توحيد جِي تنوار

گَڏيا گهوٽ هزار، جي اِنَ پيالي پُر ڪيا.

[26]

وڏو دَور دُڪان جو، هي موکي، هُو مَٽَ

پِڪَن ۽ پوشيدن جون ٿيون پلٽون مَٿي پَٽَ

سري جيءَ سهٽ، اچن ڪئونۡر ڪڪوريا.

[27]

اگهُوري الماس جي، سترو چڪايو شاه

عاشق آيا اُسِري، جي بٺي جاءِ پيا

سا وٽ نه ڦِري وَٽِيين، نڪو چيني چاء

ڪاسو ڪپارا، ڪوريو جهلين قطرو.

 

[28]

ڪو جو ڏنئين قطرو، تنهن قيمت پڄي نه ڪوء

معرفت ”محمود“ چئي، هٿ تنهين جي هوء

سَرو سهانگو توءِ، مٿي ڏني جي مِلي.

[29]

ناهه نُرخ نفعي جو، بَٺِيء ڪانهي باهه

قرب قطرو قيمتي، سَرو برابر ساهه

سِران پوء صلاح، ٿي موکِي ڏنو مَنڌُ جو.

[30]

جي اٿئي سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَڃُ وِٽيارن وَٽِ

سَرو پئيج سڀ پَرين، ڪري سِرَ جي سَٽ

موکِي سُور مَ مٽ، ته ويجهو ٿئين وصال کي.

[31]

جي اٿئي سِڪَ سُرڪَ جي، ته ڪلان ڏي ڪَههُ

سامهان سُور، ”صديق“ چئي، سَري سندا سَههُ

لوچي سي لَههُ، سر جن جا سٽ ۾.

[32]

جي اٿئي سِڪ سرڪ جي، ته وڃ ڪلارن ڪهي

وٽي رَکِي وات تي پِرتان پئيج پهي

رهج سور سَهِي، ته سچو ٿئين، ”صديق“ چئي.

[33]

پِڪَ پيئندي پرزا ٿيو، مَٿو نه ماٽي وَٽِ

ساقيء سر نه قبوليو، چي: اي سهانگي سٽ

پاڻ هنيائين پٽ، ڪڻهي وٽ ڪلار جي.

[34]

موکِي چوکي نه ٿئي، ايءَ پڻ اوڇي ذات

وٽيون ڏيئي وات، ٿي ماري متارن کي.

[35]

موکِي مَٽُ اُپَٽِيو، ڪي ڪلارن ڪُوڪَ

ماريائين متارن کي، جي محبّتي ملوڪ

پاڻ ڏنائون پِڪ ۾، هئي هئي وهي ٿي هُوڪ

”صادق“ ان سلوڪ، ڪوڙيين ڪٺا ڪيترا.

[36]

موکِي منجهئين مٽ مان، ڪو جو ڪيَف ڪڍيو

توري ترازوءِ سين، صورت منجهه سڃيو

مَٽِيء جو مثل نه جڙي، هُو قطرو ڪوثر جو

مئي جو مُلهُه نه ڪو، سِرُتان ڪاني ڪاڻ ۾.

 

صدا

مون کي آيل آمڙ پوءِ ماريندا  ويڻ، پاڙيچيون پرين جا

1- ڏيرن ڏمر من ۾، نڪو ڀائي ڀيڻ

2- سمهان سک نه جندري، سُتي ويئڙم سيڻ

3- هَڏ مڙيئي حل ٿيا، مري جهڙا ميڻ.

 

صدا

اي ووءِ ووءِ جيڏين ڏنا ميهڻا، آءُ موٽان ڪيئن ڪري

اي پهه پئڙم اي آيل وڃان ڪيچ مڻي، توڻي توڻي توڻي پنڌ پري

1- هو اڳ نه سوٽيئڙو، اُٿ اي ٻر ٻاٻري

2- پنڌ نه پنڌن جيترو، ويٺي گهاٽ گهڙي

3- جانڪِي ٻڏا مون ڪيا، تان ووءِ ڏمر ڏير ڪري

4- ڏيان ڏولاوءن ڏونگرين سو مان هوت وري

5- ڇلان مٿي ڇپرين پهڻن پير ڌري

6- ڪيا اوتارا اوٺيين، لنگهي پٻ پَري.

 

صدا

آرسيون آسور جو، اي هو تن اکين ڪين ڪيو

1- سورن بنان سڀ ۾ ڏسن ڪين ٻيو

2- سي مَر مَرن مامري، جن سُتي ساٿ ويو

3- رتو روئين پرينء کي، وڻ وڻ هيٺ وهو

4- غافل ٿي غفلت ۾، ٿيون ڏکيءَ ڏوه ڏيو

5- ”صادق“ رهيون سڪنديون، تن اهڙو پَههُ پيو.

 

·

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org