سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڳ نامو

باب --

صفحو :2

 

سُر ڏهر

 

صدا

هوتَ موٽي اچو، ٻاروچا ڀنڀور ۾

1- ساريو سپيريَن کي رت ورنو روء

2- ساريو سپيرين کي، توکي آب اکينئون پوء

3- ڇپر تان مَ وڃو، هوت وندر تان مَ وڃو

4- وڃي ڏورانهون ٿيو، سڄڻ سانگ سندوء

5- مون تان ڪين چيو، ڪو پاڻهين پَهه پيو.

 

بيت

(1)

سُمهه سُک مَ جِندڙا، لاهه مَ پچارانِ

ڪر جهوري ڪيڻانِ، ڪالهوڻيان اڄ گهڻي.

(2)

ننڊ نه ڪجي ايتري، سُتا اُٿي جاڳ

جو تو ساڻيهه ڀانئيو، سو مانجهاندي جو ماڳ

سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.

(3)

پَتَرّ پيرَ ڊگها ڪري جڏهين ستيون جي

تڏهين تِنِي کي، ساٿَ سُتي ئِي ڇڏيو.

(4)

راتڙيون جاڳن جي، آءٌ سيئِي ڪندي سيڻ

تَنهين سندا نيڻ، اوجاڳي اُجاريا.

(5)

اوڏِ آگــــَّلِي آهيان، لاکا لَڄَ سندياءِ

پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اَڏياءِ

(6)

اوڏِ اَگــَلــّــِي آهيان، کٿو مٿو جُون

جن جو تُرهو تُون، لاکا جِمَ لڄائيين.

(7)

اوڏِ اَگَلـّـِي آهيان، لِينگڙيارِي لِينئن

جهڙي تهڙي حال سِين، سُران توهي سينئن

ڏکون بکون ڏينهن، پيئي پاڙي گهاريان.

(8)

ڍِنگهر ڍِلو مَ ٿئي، آڏيو جو اوڏن

جنهن ڀَرِ ويهِي ڪن، ڳالهيون لاکي ڄام جون.

(9)

ڇِنا ڇَڄَّ هٿن ۾، ڪُلهنِ ڪوڏارا

پورهيي خاطر پيٽ جي اُٿِيَن سَوارا

اوڏ به ويچارا، لاکا وڃن لَڏيو.

(10)

تون لاکو لکن جو ڌڻي، آءٌ اَگـَلّـِي اوڏِ

لاکا تنهنجي ڪوڏِ، پيئي پاڙي گهاريان.

(11)

ڦُلاڻي ڦير ٻيو، لاکا لَکَ هئا

اَجا اوڏا ٿيا، پلئي لڳي اُن جي.

(12)

هن پُراڻي پَڊَ ۾ لاکو چئي اَڏِ!

مَڇُڻ چُونَئِي لَڏِ لِتي کُتي مَنَهين.

(13)

لاکا تي لوڙيون ڪري، کِميو جي کنگهار

جڏهن تڏهن ڄار، ويندي وير اُلَهــي.

(14)

لاکي جي ڏار ۾ ڳالهاڻو ڳيرو

ڦُلاڻِي ڦيرو، ڀؤنر ڀُڻڪِي نه ڪيو.

(15)

ڀڄي ڀورا نه ٿئين، ڏار تون ڏَرِي

ويو مٽ مرِي، لاکي جهڙو پَهيَڙو.

(16)

چئي: آءٌ پهڻ سندو پٿرو، ڏاڍو تان ڏران

ڳالهيون ڪن گهڻان، مون لاکو مَنَ ۾.

(17)

لاکو لوڙائن ۾، ڏينهن جو ڏٺائون

چارِي جو چيو ڪري وَڳُ نه واريائون

تڏهن ساريائون، جڏهن هاڃي جو هُلُ ٿيو.

18

نه راجا رتولن ۾، نڪا ٿئي چَڙهِي

هئا ساعت، گهَڙِي، لاکا ڪهڙي ڪنڌيين.

19

ڪي ڏينهن ڪاڇي ڪنڌيين، هئي ريلن منجهه رِهاڻ

سي نه ڏسجن هاڻ، پسيو، ماڳ مري هِنيون.

20

ڏيرا نه ڏياٽيون، نه لاکو ڪُهرِي ڪوٽ

هينئڙا اِيئان موٽ، ڳالهيون ڪندين ڪن سين.

21

لُئِي لڳي، راڄ ڳيا، پيا پڊ پسجن

جُنين پيتو وَٽ ۾، ڄمارون ڄامن

اُتِ اوتارا مِرُئنِ، جسيڌڻ جي واهڻي.

22

لئي لڳي، راڄ ڳيا، ڪُل ڌرتِي ڪُوڪَ

ڪوهه ڄاڻان ڪيڏانهن ويا محبتِي ملُوڪَ

هَئي وَهي ٿِي هُوڪَ، جسيڌڻ جي تڪيي.

23

جَن رهي رهاڻيون ڪيون، پُٽيَلَ، تو ۾ پاڻ

سي نه ڏسجن هاڻ، کَڻِي ڪنهن کُوڻِ ٿيا.

24

اڳي هو ڪو آبُ جو، پُٽيَل، تو ۾ پُور

سُڪين ڪهڙي سُور، وارِي ڪَيُئِي وچَ ۾.

25

پَٽيَل چئي پرينءَ کي، ساري آءٌ سُڪو

دوست دلاسو منهنجي ڪڏهن ڪونه مُڪو

آيم الاڪو، جسوڌڻ چِتَّ پَئي.

26

جڏهن جسوڌڻ هليو، مٿان ڍورَ ڍرِي

تڏهن وئِين نه مَرِي، ڦوڙائيندي سڄڻين.

 

27

گهڻو اچڻ ڇڏيو، جسوڌڻ يار

پّهيو کڻٻي پار، آيل اوراتو ٿيو

28

گهڻو اچڻ ڇڏيو، جسوڌڻ يارن

رُنو اکڙين، ڦوڙائيندي پاڻ ۾.

29

ڪَنڌيءَ ڪُوَڻَ ڪڪوريا، سانگن سُڪو گاهه

جَسيڌَڻ مُلاء، روئِي راڄ هليا

30

جڏهن ڀريو ڍور وَهي،تڏهن ڪنڊا تون ڪيڏو

جسيڌڻ جيڏو،ڪو ڏٺئي پَهيڙَو.

31

ڪنڊا ڍور ڌڻين جون ڪر ڪي ڳالهڙيون

ڪنهن پر ڏينهن گذارئين، ڪنهن پر راتڙيون

تو    ۾   مالهڙيون،    ٻڌيون   آتڻ      وارئين

32

ڪنڊا ڍور ڌڻيء جو، جي تو هُئڙو سُور

ته مٿي لامن ٻُور، هوند نه ڪيئي ايترو.

33

اُڀو آهيين پَٽَ ۾، ڪنڊا ڪهڙي پُور

لڏي ويا ڏُور، تو سَنگِي مون سپرين.

34

اُڀو آهيين پَٽَ ۾، ڪنڊا ڪڄاڙياء

 پاراڻو پاڻِي وَهي، مڃر ڪيو مٿاء

پرين پڄاڻاءِ، سُڪِي ڀانگهر نه ٿئين.

35

سُڪِي ڀانگهر جنهن لاءِ، تنهن ٻاٻِيهه لاءِ مُياس

ڪِي تو چورياس، ڪِي مون سڄڻ ساريا.

36

بڊاماڻي ڀُونءِ ۾، چيتاري چَريج

نيڻين ننڊَ ۾ ڏيج، ڇيڙون چَپَر آئيون.

37

ڏِنگي ٻَڌُمَ پاڳڙِي، بَڊاماڻِن پاڙي

رائرَ رئاڙي، اُنِين پاند اُڇليا.

38

ڪاڇي ۾ ڪُوڪَ ٿِي، ڀِريا تان نه بَدامَ

ڪا پروڙي مامَ، پاتارائِي پَري ويا.

39

ڪاڇي ۾ ڪُوڪ ٿِي، ڀِرُ مَ بَڊاما

ادا آن وٽا، لاکو ٿو لوڙيين ڪري!

40

ڏاڍو ڏهکو ماڻئو، ڪاچو بڊامن

راتيان ننڊ نه ڪن، ڏينهان وڙهن ويرئين.

41

آيَلَ سنگهارن جِي، سُرهي سانجاڻ

پهرين پيئن پاڻ، پوءِ پيارين پَهيَڙا.

42

آيل سنگهارن جي، جهڄان پسيو جهوڪَ

جن ٿي پَهِيهَ پياريان، منجهان مَٽنِ موڪَ

لڏي منجهان لوڪ، اُٺي وِيَڙا اُسِرِي.

 

43

ڌڻ ڌارڻ، ڌار رهڻ، اِيء سنگهارِن سِٽَ

ڪاهي ايندا ڪڏهين، مٿي وانڍَ وَهِٽَ

سَڳا هونئِي مِٽَ، ته به اُڊو لاهه مَ اُن جو.

44

آيل سنگهارن جيِ کٿي جيئن چِيڙي جهڄن پاندَ

هل جان هل مَ ڪانڌَ ڪاڇي اُٺا مينهڙا.

45

وڳَ نه پسجن وٽَ ۾، جهوڪون نه جهُڻڪن

آيل سنگهارن، چيٽاڻون چِتِّ ڪيو.

46

جهوِڪَنِ سونهنِ پُهيَڙِا، اُٺي راڄَ رهن

اِيَ پَرَ سنگهارن، جيئن جُوءِ جيارين ان جي.

47

سَرَ ساريو سُور چَري، وَڳر اُڪيري

جهُرِي جهڄندي ڏي، سنيها کي سڄڻين.

48

وڏي وَڳّرَ هيرئن، چُڻي نه ٻين گڏ

ڪونجَ ڪرِيندي سَڏ ويئي وِهاڻِي راتڙي.

49

ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي، وَڳر ويا وَهِي

ڪندئين ڪوهه رَهِي، سَرَ ۾ سپيرين ري.

50

ڪونجڙين ڪالهه، سڄڻ پاتم چِت

آءٌ انهيءَ رِيءَ هِت، ٿِي گنگهر گهاريان.

51

مَ لُئُن ڪونجل، ماٺ ڪر، مَ ڪِي چورمَ سَل

اندرِ ٿيا اَجهل، مون پريان جا ڏکڙا.

52

هلڻ هاريُون سنڌ کي، روههَ راماڻا ڪَنِ

ڪرڳلُ ڪونجڙين، رائي ۾ راتِ ڪيو.

53

رائي ۾ رات ڪيو، ڪرڳل ڪونجڙين

وِرِهه ويچارين، راتو ڏينهان نه لهي.

54

ڍَٻُ نه پسين ڍڪيو، ڪونج نه پسين ڪانـﮧ َ

مارِي سندِي دانـﮧ َ ، ڪِ تو ڪنين نه سُئِي!

55

ڍٻ نه پسين ڍڪيو، ڪونج نه پسين ڪَکَ

مارِي مارِي لک، وڳرَ سڀ وِلها ڪيا.

56

ڍٻ ڀڄنئِي ڍٻيون، مارِي مرين شال

جيئن تو اَچي ڪال، وڌو ڦٽ فراق جو.

57

سڄي ڪر ساچي، ڪونجَ ٿيو ئي ڪوهه

اڳ اُڏاڻئين جن سين، ڇو پئين تن کان پوءِ

سڳر مٿان سِنجري، وڳر وَهِي ويوء

ڪاڍو ڪونه ٿيوءِ، ڪِين سيڻن جو سرير ۾.

58

رِڻ چَرج روجهڙِي، ويڙ مَ چرج وَن

ته تهين جي تن، جيءَ جو کوئيِ نه ٿئي.

59

ويراي ڀيراي وَسَ، راتيان چَرئين روجهڙي

ڏينهاڻي تنهنجا ڏيههَ ۾، ماري ڏوري ڏَسَ

ڇَڏ گهمڻ ۽ گَسَّ، متان پوين پنجوڙن ۾.

60

تون جو درياء پيٽ ۾، ڀَلو ڀَلو پاهڻ

توتان وَهِي واهڙَ، ڪئين ويا ڪيترا.

61

جڏهن تڏهن سنڌڙي، ڄارهو ڦيرينداءِ

ڪابُول ڪاهينداءِ، ڪُوڪَ وجهندا ڪڇڙي.

62

جِمَ ورچي ڇڏيو، جهيڙو جهونجهارا

سائُو سَوارا، لوڙيون هڻِي لنگهيا.

63

لوڙيون هڻي لنگهيا، لڙي مٿان لَڪَ

رَنڊا ڏٺم رَڪَ، ڳهڻ تنهنجي ڳَڃڙي.

64

مانجهئين موٽي ڪيو جهيڙي ۾ جهيڙو

مُئان پوءِ ميڙو، ويريين واهروئين پاڻ ۾

65

ويري واهرو پاڻ ۾، وڙهيا وير پئي

ساريان ڪونه سهي، بڊاماڻي ڀِٽ جو.

66

گهَرُ ويريَن ڇانئيو، نيرائون گهري

وڌج وِک ڀري، ڀالي ڏيئي هٿڙا.

67

وَڳَ م ڇڏجا ويسلا، جاٽولا پارا

وِڙهندا ٻه پارا، لاکي لوڙائو ڪڏهين.

 

68

تنگ تاڻيجا تازئين، مَر پلاڻيا هُونِ

چارِي اُڀا چُونِ، لاکي لوڙائو اُٿيا. *

69

سنگهارا سِيم تي، ويسلا مَ ويهو

اُتِ ڪني نه ڪيو، پاسي قرار ڪڏهين.

70

لوڪان لڏي هليا، سمورا سنگهار

انهن جي تنوار، هاڻي نه ڪاڇي ڪنڌيين.

71

نه واڪو ولهارن ۾، هاري نه ڏاند

بِجَ ڀري پاند، ڪوهه ڄاڻان ڪيڏانهن ويا.

72

اندر چمڙا لَوُنَ، ٻاهر قُمريء هُلَّ

لاکو ناهي ڦُلّ، حال ڳرهيان ڪن سين.

73

لَکَ سئي لاکي جي، هو چڪر چوري ڍار

گهوڙا، گهوٽَ، سُوار، ڪوهه ڄاڻان ڪيڏانهن ويا.

74

چوري چنجوُرن سان، کوٽي کنيائون کوهه

لالِي لاکي ڄامَ جي، رهِي اندر روح

پِرهَ ٿي پاٻوهه، مَنُ مشاهدي گڏيو.

 

75

ڀلِي ڪري آئيو ٺاٺارو ٿرا

ڀڳي ڪُٽِ سڄي ٿِي، لَٿِي جاڪ گهرا

عاشقن مٿا، مَچُ سدائين نه لهي

76

ڪونجڙين ڪُڻڪيو، وڳر نيا پوءِ

پاڻ ڪنان پوءِ، سُڻڪو اِنهيءَ سَر ۾

77

ڪونجڙين ڪا وَهي، ٻچا نِينِ نه ساٿ

اُڏاڻيون عرشَ تي، وائِي ڪري وات

جتي ڏينهن نه رات، سوئي سَرُ سوجهينديون.

78

ڪُڻڪَ تنهنجِي ڪونجڙِي، مونکي ٿي ماري

آءُ وڳر واري، نه ته ونئن اُڏامي اوڏهين.

79

ڪُڻڪَ تنهنجي ڪونجهڙِي، پڌر وَجههُ مَ هاڻ

هڪ دُکي دل ۾، ٻيو نه سڄڻ ساڻ

تون ئِي پرين آڻ، نه ته وانءُ اُڏامي اوڏهين.

80

ڪُڻڪ تنهنجي ڪونجڙي، هنئين منهنجي هير

سَرَ سڀڪنهين وير، ساء تنهنجي سوجهيا.

81

ڪُڻڪ تنهنجي ڪونجهڙي، مر منجهيئِي هوءِ

ٻاهر واڪو ووءِ، ڪوهه لايو، صديق چئي

 

82

هينئڙو مون ڪَونر ٿيو، اڄ جهمڪي ماء

جهوپي ۾ نه سماء، صحيح گڏبو سڄڻين.

83

هينئڙو مون ڪَونر ٿيو، جيءُ جيئن جهمڪي ماء

جهوپڙي، نه مَياء، صحيح ملندو سڄڻين.

 

صدا

سڄڻ سارڙيو مون الله! ويندي پِريان لوءِ

1-     ويندي پريان لوءِ، منهنجي وِک وڌندي هوءَ

2- ويندي ويندي لوءِ، مون کي آڏڙي آڻ مَ پوءِ

    سڄڻ ساريو مون الله! ويندي پريان لوءِ.

 

صدا

      روههَ نه ويئينء رات، ڪونجڙي ڪوهه ڪڻُڪين

1-     اُڀي پُڇي پَهّيِڙا پرين جا پرڀات

2- وڳرُ سڀ وَهِي ويا، نه اُو تو جهڙي ذات.

 

صدا

ويا وڄائي وِيرَ لُکين لاکا ڪيترا

1- ڪيڏانهن ويا ڪوٽن ڌڻي، جي هئا بادشاهه ۽ پِيرَ

2- پٿر تون نه پَٽئين، ڦِرن تان نه فقير

3- ويا ويچارا نڪري ڏيئي دَڙو ڌيِر

4- سي ملاح ئِي مري ويا نه اُو سائر سِير

5- کُلّ شيءِ هالک اِلاّ وجَهـَـﮧ، باقي آهه بصير

6- سهسهين ساعتون سنڀري ٿو،صادق منجهه سرير.

 

صدا

      ٿِئين ويري وجهين ويرُ هنيو ڀالا لڪائين پيرُ

1- ڪُهين ٿو قرب سان اِنَ اُبتي ڀير

2- جو تون اهڙو سپرين تو چوندو ڪير

3- اندر ڪوٺئين ٻاهر ڏوٺئين، اهڙا ڦيرين ڦير

4- اِن پروڙين پَههَ کي، ڪي دانَههّ وڏا دلير

5- صادق سُکَ به سنبري، ڏک به ڍيرئون ڍير.

 

·

 

 

سر وهاڳڙو

صدا

مڱڻان وان ڏک لهندا، مڱڻا وان ڏک لهندا

تنهنجِي صاحِبُ ڪِئي سنڀال، مڱڻان وان ڏک لهندا

بيت

[1]

اُٿِي ورَ وهاڳ ڏي، اُڀريو تارو

سَٻَڙُ ريسارو، ٿو چِتَ پرکي چارڻين.

[2]

سُتين ٻانهن سر ڏيئي، ٿو چائين مڱڻهار

ڪهڙا تن قرار، جن چوٽاڻي چِتُ ۾.

[3]

چارڻ چوٽاڻِي مَڻي، وانءُ سُمنگ سِري

ساز تنهنجو سڦڙو، مٿان هڻندل نِي هِري

ڪَنجهِي پوءِ نه ڪِري، ان جاجڪاڻي ذات جي.

[4]

چارڻ چوٽاڻِي مَڻي، وانء سُمنگ سَٽي

ساز ڌارج سڦڙو، مڱڻهار مَٽي

ننگا وڃي نڪري، ويل جا وَٽئي

ڪَنجهِي ڪِليء ڪٽيئي، وانءُ اُجاري اوڏهين.

 

[5]

سڄيون راتيون سمهين، ڪنجهِي ڪٽيئِي ڪوه

وڄائڻ رِيء وِهاڳَ ۾، سازن سُر وڌوءِ

مُورهان وِڌُءِ مڱڻان، تنبيريان نه ڪوءِ

وڃي سٻڙ لوءِ، ته اَچِي ان اُجاريو.

[6]

سڄيون راتيون سُمهين، تو چارڻ ناه چِندا

رونجهي سندي راڄ ۾، ڪيرت پَس ڪندا

جيلان آيئِي سمهڻ ساء، تي وِڃايئي وهاڳ کي.

[7]

ڪَنجهِي هٿ رت ڪري، ڪِينرَ ڇني ڪنڌ

ڇِن ته ڇڄي پنڌ، تندون طمع سنديون.

[8]

جِمَّ وڄائين مڱڻا، طمع جون تالُون

سڄن ٿيون سٻڙ کي، تنهنجي هنئين جون حوالون

لاکيڻيون لعلون، ملن ماٺيئڙن کي.

[9]

دانهن ڪيو دان گهرين، ڳُجهو نه ڳايين

ٻوڙا ٻوڙو پاڻ جيئن، ٿو ڏاتر کي ڀانيين

سَڏَ ڪيو سڻايين، هُت سَتُر معلوم سڀڪا.

[10]

ڪِينرَ ڪيريء ٽنگيو، اي نه ڀانن ڀير

سونهاري صبوح سين، وجهي ويٺين وير

توکي چوندو ڪير، رِيءَ ڪيرت مڱڻو.

 

[11]

ڪلهي پائي ڪينرو، پڙدي وِجُهه مَ پاڻ

سهجان سٻڙ ڄام جي، ريجهي پَسُ رهاڻ

تن لٿي هِنياري هاڻ، جي رونجهاڻي رسيا.

[12]

ڪلهي پائي ڪينرو، ڏور مَ ڏيههُ ٻيو

ڪونه لهندين مڱڻا، سٻڙ ڄام جِهو

خالي ڪونه ٿيو، جو رونجهاڻيءَ رسيو.

[13]

مڱڻا متان ڪرين، ڪا سٻڙ سان ساڃاهه

ماڻڪ ڏنائين مُٺِ ۾، ڪيرت نه ايندي ڪاءِ

اڳي اُڀو ڳاءِ، ڪلهي پائي ڪينرو.

[14]

ٽُنڊا مَنڊا مڱڻا، سَٻڙ آهن چِت،

ڪوٺي سي قُربَ سِين، جِنهِين ڀَرُ نه ڀِتَ

سي وهائي هِتِ، ڏاتر کڻِي ڏِکَ ڪيا.

[15]

ٽنڊا منڊا مڱڻا، آهونٽا اَڪاج

لنگهن به لوڌي ڇڏيا، معذور ۽ محتاج

تن سونهارا ساج، سٻڙ ڏنا سون جا.

[16]

ٽنڊا منڊا مڱڻا، لنگها لوڌائي

اِيء پر سٻڙ ڄام جي، ڀانَ نه ڀيڙائي

اهڙو ئي آهي، سندو رونجهن راڄيو.

 

[17]

آءٌ منڊو محتاج گهڻو، پاٺ نه نينم پاڻ

هٿين پيرين پانگرو، رِڙهان رُونٽين ساڻ

حال منهنجو هاڻ، روشن توکي راڄيا.

[18]

مَڱَڻ وڃن مڱڻا، ته مان نه ڪوٺيِن

ڏمريا ڏوٺين، ته تون رُونٽا راڳ نه سکيو.

[19]

مڱڻ وڃن مڱڻا، ته مان نه ڪن سڏ

تون چي وِڄا ڏَڏ، ٿو تندون ڇنين ڪينري!

[20]

جان مون پيهي پاٺ پروڙيا، ته ڀانُ ڀُنگين ۾ ناهه

وَهِيا ڪنهن وينهانء، ڪلهي پائي ڪينرو.

[21]

جان مون پاٺ پروڙيا ته اڄ نه ڀُنگين ڀانَ

تنبا، تارون، تانَ، وڄائي واٽ ٿيا.

[22]

صدا سوالين جي ٻيلي منجهه ٻُري

لاٿِي چِنتا چارڻين، مُلا گهوٽ گهرِي

تازي ۽ تُرِي، ڏانَ لهِي ڏڏ آئيا.

[23]

صدا سوالين جي، ٻُرِي منجهه ٻيلي

لاٿِي چنتا چارڻين، رونجهاڻِي ريلي

هو جي ولاڙيا ويلي، سي ڏان لهي ڏڏ آئيا.

 

[24]

صدا سوالين جي، سُئِي رونجهاڻيء رات

مَڱي سو ماڻڪ لهي، جُنگ نه پڇي ذات

پُوريو جن پرڀات، سي طاماعو تار ٿيا.

[25]

صدا سوالين جي اُڀو اونائي

جيڪِي مَڱن مڱڻا، پلئه سو پائي

ولها وڄائي، اُتان ڏانَ لَهِي ڏڏ آئيا.

[33]

دانهون دنبورن جون، اُٿي وَرَ ورناء

وِرد گهرجي ولها، سُتين ڪهڙي ساءِ

جوڙ تندون، ڪر جاءِ، متان سٻڙ جو سڏ ٿئي.

[34]

اِن در سندي مڱڻين، اڳي اِيءَ نه هير

جيئن ڊگها ڪري پير، سڄيون راتيون سمهين.

[35]

سڄيون راتيون سُمهين، ايءَ حيوانن ريت

پڪي جن پريت، سي سُکّ نه سُتا ڪڏهين.

[36]

ڀانَ ڀورائي هٿ ڪر، وِجههُ ڄيري ۾ ڄاڻ

هِن در سيئي اگهيا، جن نه ڏٺو پاڻ

رونجهاڻي راڄاڻ، آهي اٻوجهن جو.

[37]

هِن در سيئي اگهيا، جي ٻُجهِي ٿيا اَٻوجهه

سائينء در سٻوجهه، وايون وڃائي ٿيا.

[38]

نڪو ڪَمُ ڪَنجهيءَ جو، نڪا ڪِينرَ ڪار

ماٺ ڪري سُڻ منگتا، جا تَنَ ۾ ٻُري تيار

ته سٻڙ سندي سار، منجهان ئي معلوم ٿئي.

[39]

دل دنبورو درد جو، پورو وَڄاءِ پرڀات

مَ ڏِجُ زور زبان تي، اي وِڄائون وات

گهور گهورڻ، ٽيپ ٽوڙڻ، ڇِنُ ڄاڙين جي ڄمات

سمهين سڄي رات، ڪوهه لنگهيا ڏينـﮧ لڄائيين.

[40]

سُمهِي سُمهِي جندڙا، اڃا اُٿيين هيرَ

نڀاڳا ننڊون ڪريين، ڊگها ڪري پيرَ

وڏيءَ ڪنهن وير، مڱي ويا مڱڻا.

[41]

نه ڪو هٿ نه پير تو، نه تو جيئڻ جَسُ

ڏِسينِ جي ڏاتار جي، تون ڏاتارِي ڏسُ

سٻڙ سونهن سنديس، سُڄي ٿي، صديق چئي.

[42]

دنبُورا درد جي، ٻولي ڪا ٻڌاءِ

تان چئي الله ئِي الله، ٻيو فنا فاني جندڙو.

[43]

مون ڀانيو مڱڻا، وِئين تون مَرِي

اچي تنهنجي حال جِي، خبر لهان کَرِي

تنهنجي تان پَرِي، جيئن جئرو آهين جهان ۾.

 

[24]

ڪالهه به ڪَيُئِي ڪانه ڪا، اڄ به آهي آرُ

هاڻ گهايل ٿيو گهار، ماڳَ نه مُئين مڱڻا.

[45]

سنجهي رهيين سُمهي، غافل نه ڪيوءِ غورُ

پنهنجي هنئين هورُ، پاڻ پرائيئي مڱڻا.

[46]

سَنجهي رهيين سُمهي، اُٿئين ڪين اَسُور

صَبحَ سَهندين سُور، ڏکيا تون ڏاتار جو.

[47]

هُو جي سَهنج سندان، سي اَهنج ڀانئيوءِ

پرين ڇڏين نه پوءِ، مهندا نيندا مڱڻا.

 

صدا

راءِ رونجهاڻي هليا، ڪئي تنبورن تاڻا

1- ڪُنِي ڪُلهي ڪينرو، ڪني هٿ وَڏاڻا

      نه مون ڪلهي ڪينرو، نه مون هٿ وڏاڻا

2- وڃان سٻڙ سامهون، ڪهڙي کڻِي ڄاڻا

     ڪيئن رِيجهندو راڄيو، ڊنو پَسِي پاڻا.

 

صدا

     ڏان ڏيندو ڏاتار، جي هوندَ ساهه ورندي سٻڙ ڀيٽئين

1- مٿي تو هينئن منڊيا، چانڊوڻا چوڌار.

 

صدا

چارڻ چنگ نه چوريين، پيئڙو آهين پاس

تند تنهنجي مڱڻا، رونجهي آئِي راس

1- سونهاري نِي صبوح جو، اُٿي ڪر تات

2- وَنءُ اوڏهين مڱڻا، ڏياريندوءِ ڏات

3- ڪان لهندين مڱڻا، ٻي ههڙي ذات

4-  صادق ساريو سٻڙ ڄام کي، رُئين نه سڄي رات.

 

صدا

ٻيو نه مڱان مال، مڱان، مِهرَ تنهنجي

1- رک رباني راهه تي منهنجو خدا لڳ خيال

2- تو در طالبن جو اِي سدائين سوال

3- جي تون ٻاجهائي نهاريين، تان اِي ڀَلا تنهنجو ڀال

4- ڪوڙيين اچيو ڪيترا جاٽون ڪن جمال

 

صدا

ڪر اسارا سار، اي هو، ڪر اسارا سار

اِي هڏ ويئي وِهامِي راتڙي

1- ڀائر ڀينر سڀ دل تان جدا ٿيئڙءِ يار

2- ڪلول ڪندي پاڻ سين گذر آئِي ڄمار.

 

صدا

ساري سک ڪا مڱڻو ٿو پاڻ پرڻي

1-  رُونٽو راڳ نه سِکيو، سو وَههُ پيو واجهاءِ

2- سندي اوُنر آسري کڻيو خرينا کاءِ.

 

صدا

گهايل وڃي گهاري، اي هو، گهايل وڃِي گهاري

مون منهنجي جندڙِي

1- پنهنجي پرينءَ جي آهي طلب تارِي

2- غافل توڻي غفلت ڏئي، آهي کاکر کاري

3- وڃ وِچان ئي نڪري، ڏيئي تو واري

4- اسان پرين پاڻ ۾ لٿو بر پاري.

 

صدا

ساريان ڪونه ثواب، خاوند خطائون سنڀران

1- ناهيم وسيلو وس ڪو، نڪو جيء جواب

2- ڊڄيو مران ڊَپَ ۾، متان اچي عتاب

3- نه مون لِکڻ لکيو، پڙهيم ڪونه ڪتاب

4- هادي هدايت جو، ساقي ڏيج شراب

5- ”صادق“ سَنگي تن ڀَئه، جي خالق ڪيا خراب.

 

صدا

جو ڏاتر ڏيندل ڏات، سو نه وسارج مڱڻا

1- اٺئِي پهر ان جي ڪج طلب اندر ۾ تات

2- همتّ همراهي آهي سٻڙ جي تو ساٿ

3- سڻج سمجهج تنهن کي، ٻي وائِي نه ڪج وات.

 

·


 

 

سر راڻو

بيت

 [1]

اڱڻ پسڻ ڪاڪ جو، جڏهن ويا جي

تڏهن تنِين ڪيا ٿي، لوڙ لڊوڻي ڪنڌئين.

 [2]

آتڻ چڙهي ڪاڪ جو جڏهن ڏٺو جن

تڏهن منجهان تن، موٽي ڪونه آئيو.

 [3]

سَرها شڪاري ٿيا، پرمل پيتائون

ڪا جا ڪاڪ وڻن جِي ٻولي ٻڌائون

تيئن رهين نه رتيءَ جيترو، اسين ۽ آئون

سر تڙ سوٺائون، جِت وايون وڃن وِسرِي.

[4]

سَرها شڪاري ٿيا، جوڳي ڏٺائون

گهوڙا ڪاهي گهوٽئين، پَرَ ۾ پڇيائون

ڇَهَلَ ڇاڳڙ ڇوڙي، پاڻي پيتائون،

چڙهندي چيائون، ته موٽڻ ڪو مَسُ ٿئي.

[5]

 سَرها شڪارِي ٿيا، ڪو جو پين پڙاء

تنهين ماڳهين ويئي وسري، جنـﮧ سين جِيء جڙاء

تِکو ڪاڪ تڙاء، لوڌِي پي لال ٿيا.

[6]

لوڌِي تنهين لال ڪيا، ڪِي جو ڪَنّ پيون

ويهڻ وِهه ٿيون، ڪاهيائون ڪاڪ تي.

[7]

ڪو جو گڏِيُن ڪاپڙي، بابو بيکاري

تاڻي آڻيا تِتَهين، جِت مومل موچاري،

آئيا نه ماريِ، جيڪي ورِرونهه سڀ وهِاٽيا.

[8]

ڪو جو گڏيُن ڪاپڙيِ، بابو منجهه بَرَ

تنهن سامي ڏنين سڀ ڪا، سندي خاص خبر

گهوٽن ڇڏيا گهر، ويچارن وِههَ ٿيا.

[9]

ڪو جو گڏين ڪاپِڙي، گيڙوُ سان گلزار

تنهن موچاري مومَلَ جا پَهيِ ڏنا پار

گهوڙا گهوٽَ سوارَ، ڪاهي آيا ڪاڪَ تي.

[10]

ڪاهي آيا ڪاڪ تي، جِت سوڀيُن، سندي سونهن

راتو ڏينهان روحَ ۾، ويٺا ڪَن ورِوُنهن

دانههَ لائي دُ ونهن، سڙيا ڪاڪ ڪنڌيين.

[11]

سَڙيا ڪاڪَ ڪنڌيين، لوڌِي اچي لکَ

آتڻ منجهان اُنَ جي، پييُن ڪا پرک

ويچارا ورق، ويٺا واچِين سورَ جا.

[12]

نانگي نظر آڻيو، گجر سندو گام

ويا ويراڳي وسريِ، تيرٿ سڀ تمام

دونهِين پائي دائم، ويٺو ويِر وِماس ۾.

[13]

ڪٿان هليين ڪاپڙي، ڪٿي هليين ڪالهه

اکينئون  اَرتي گاڏئون، ٿو لڙڪ وهائين لال

ڏٺو جنَنين جمال، سامي تو نه سُلائيين.

[14]

اُڀِرندي اَهُس ڪري، جيڏو سجّ شعاع

تيڏو ڪاڪَ ڌڄا بابوء جِي بناء

مومَلَ مون متاء، ڪنهن ويل نه وڃي وسري.

[15]

گوشائتيون گُجريون، ڀيرون جن ڀالا

سي مارين ”مِيئن“ چئي، ڪُهَنِ ڪمالا

وِسَهِي وصالا، ڪوڙيين ويا ڪيترا.

[16]

ڪاڪ تڙ جو ڪاپڙي، رهبر اُڀو روءِ

سوڌيون شڪارين کي، چٽيون اُڀو چوءِ

جوڳيء جاڳيو ڪوءِ، ساجهر سُر پرينء جو.

[17]

هلو پسون ڪاڪ تڙ، چرُو جت چڙهن

سهسين رنگ رَچن، پاڻان وائِي پڪ سين.

[18]

اَڏائي عنبر جِي، ڍنگهر مٿان ڍَٽَّ

خوشبوءِ جي ”کُٽي“ چوي آڻي ڇڳيرن ڇَٽَ

ڪاڪ گهڙندي ڪَٽَّ، لٿا لوڌيئڙن تان.

[19]

موٽڻ هارو مينڌرو، ڪاڪَ ڪُوماڻِي تي

وڻن ورن مٽائيو، اڳيون ”عالي“ چئي

اکيون ڏين نه شاهدي، جوت جهَرڪن جي

کوءِ آسانباري، ساريو سَڄڻ سڙان.

[20]

ڪڙهِي ڪاڪَ وڻ لهسيا، لوٺو لوڊاڻو

سوڍي رِيءَ سرتيون، آتڻ اُجهاڻو

هِنيون مون کاڻو، لڳي ڦٽُ فراق جو.

[21]

ڪيئن وِڏُوڻين ولها، راڻا نه ڄاڻا

مينڌرا ماڻا، ڪريين ڪهڙا ڪميڻي سان.

[22]

رُس مَ‎، رُسڻ گهوريو، پرچي اَچ پرين

ماريس ڦٽ فراق جي، جِهَتَ جي ذري

آيس ته ڳري، مانَ سوڍا سکياڻي ٿيان.

[23]

رُس مَ رُسڻ گهوريو، ڍاٽي منجهان ڍول

توکي ساريو سپرين، رئان منجهه رتول

ٽڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَههُ مون وِههَ ٿيا.

[24]

سوڍا سُورَ سُڪائيون، اکيون آب نه ڪن

راڻي جي رهاڻ کي، ور وَهيڻيون وتن

سي ڪيئن مينڌرا مَچَن، جي تو سوڍا سوريَ چاڙهيو.

[25]

ڇا جي باغ بهاريا، مون باغنئون بَسُ

سوڍي رِيء سرتيون مون کي ڪاڪ نه اچي ڪَسُ

راڻي پائٻي رَس، تن ٻيڙيءَ جيئن چاڙهيو.

[26]

راڻو آيو راڄ ۾، ٿي سهيليين سڌ

پَٽَ پهريائون پدمڻيءَ، ويس ڪيائون وڌ

اِديون اڌواڌ، پهرين رات پرينء سان.

[27]

مٿان اڱڻ ڪرهو، وَهِيَن جيئن واري

مون کي ٿي ماري، سوڍا سائي ڳالهڙِي.

[28]

مٿان اڱڻ ڪَرِهو، جَلّي جيئن جهوڪي

سِڪَ منهنجي سپرين، راڻا ويهين روڪي

سِڪان ٿي توکي، مُنهن ڏيکار مينڌرا.

[29]

مَيي ۽ مينڌري کي، ڏٺي ٿئڙم ڏينهن

ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان، هاڻي ڪريان ڪيئن

نيڻ ڀرجي نينہ پلٽيا پاڻي ڪري.

[30]

مَيّي ۽ مينڌري، ٻنهين لال وَڻِڪَ

هو نايو نانگليون چري، هو پئي پانن پِڪَ

لوڪان ڪري لِڪَ، وڃي ڪئونر چنائون

                                   ڪاڪ جا.

 

[31]

جڙ گهوڙا، ڀڙ گهوٽيا، آيا ڪاڪَ ڪَهِي

محل جي مومل جا، سي سوڍي ڪيا صحيح

راڻي رات رهِي، لاٿا گوُندر گُجريين.

[32]

جڙ گهوڙا، ڀڙ گهوٽيا، ناتر ڪج نرت

ڪين ڏٺاسون ڪٿهين، ههڙا هاتڪ هِت

پڪِي ڪري پِرت، پوءِ پڇائيا پَهيَڙا.

[33]

ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا نه محلن

ٻائين ۽ ٻانهن جي ٻنڌڻ ڪين ٻجهن

لکين لاهوتن، اهڙيون اوري ڇڏيون.

[34]

ڪاڪ ڇڏيائون ڪُنڊِ تي، پيئڙن پنڌ پري

تن کي مومل ڪوهه ڪري، جي لوڊاڻو لنگهي ويا.

[35]

ڪا جا ڪر ڪاڪ ڏي، تيئن تاڻيو تنگ تاڻين

ڪُواٽو ڪرهو، ڪي وانگر وهائين

پايو چِوَڪڙا چيت جا، ٿا عاشق اڙائين

موملَ سي ماڻين، جي سُکَ نه ستا ڪڏهن.

[36]

چکندي چريا ٿيا، جرڳي زهر ذات

ڪاهيائون ڪاڪ مٿي، رَههَ ۾ پيين رات

وَهيا تنهن ولات، جتي سور سپجي.

[37]

پاسي وڃو پانڌيا، اِن جاڳہ ڪنان يار

گجر هڻي گزسين، نِيا ناليدار

پيا پسيين پَٽ ۾، ڪنڌي ڪاڪ ڪپار

سوڍا ڪج سنڀار، مهند راڻان ٿو رت وَهي.

[38]

روُءِ راڻي جي ناهه ڪو، سوڍا سڀ سلطان

لکين ڇڏيائين لوڌائي دفتر ۽ ديوان

نسوروئِي نينهن جِي ڪشيائون ڪمان

ڪنهن جي رهِي ڪان، ٿيو مڙيو ئي مينڌرو.

[39]

نڪو مَٽ مهندري جو، نڪو جهڙس جِيس

سِڪ سوڍي جِي نه لهي، ڀُڻو توڻي بِيس

سرتيون سونهن سنديِس، ڪريو ڪريان ڪيتري.

[40]

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو

منجهئي ڪاڪ ڪڪوري، منجهئي لوڊاڻو

راڻو ئي راڻو، ريء راڻي ناهه ڪي.

[41]

راڻو روح منهنجو، سوڍو ساهه سندوم

منجهيئي ڪاڪ ڪڪوري، لوڊاڻو لڌوم

سرتيون پرين سندوم، منجهانئي معلوم ٿيو.

[42]

راڻو رهيم روح ۾، سوڍو اندر ساهه

ساعت نه کڻان هيڪڙي، پرين ري پساهه

اندر روچي راهه، ٻاهر ٻجهايان ڪن کي.

[43]

ڪنهين پڇين ڪاپڙي، ڪونهي مومَلَ ماڳ

سوڍي سا سُڃَّ ڪِئي، جنهن ۾ سڙيو سڀ سهاڳ

ڦٽجي پيو فراق، پسي ورق وصال جو.

[44]

نه سو راڻو مينڌرو، ۽ ڪيئن ويهي ڪاڪ

پسيو محل ماڙيون، هِنئين وَهي هاڪ

اندر مون اوطاق، راڻي جي رهاڻ جي.

[45]

نه ٿِي نکٽن مان نڪري، راڻا تنهنجي روءِ

تهڙو سج نه سوجهرو، جهڙي تو پاٻُوهه

سنجهي ۽ صبوح، مون مَنَ وسِين مينڌرا.

[46]

ڪِي جو چيو ڪاپڙي، سو ”صادق“ سيباڻون

آهه مڙيوئِي مينڌرو، پر پنڌ پراهون

سڀ تو منجهه سيباڻون، تون مڙني ۾ محيط ٿيين.

[46]

راڻو رتولن ۾، آيوئِي آس ڪري

ٻرٻر ڪيو ٻري، مومل وٽ مينڌري.

[48]

ڳمندي ڳاڙهي ٿِي، راڻا روئڻ منجهاء

سائينءَ ڪارڻ سپرين، تون هيڪر ڀيرو آء

هيءُ ڪو اهڙو گهاء، جيئن مون وڃي وسري!

[49]

ڦوڙائي ڦاٽي هِنيون، سوڍا سچي ڳالهه

جيڪو جيان ڏينهڙو، پرين تنهنجي ڀال

اچي ڪنهن اعمال، مُنهن ڏيکاريو مينڌرا.

[50]

”صادق“ سڃيون پس تون، محلاتون ۽ ماڳ

جن جِي ٿي مُچَ مُرڪيِ، ڪري رهاڻيون راڳ

سي ورائي واڳ، راڻا ڪنهن رُخَ ويا.

[51]

راڻا رتولن ۾ اچي ڪوهه ڪيوءِ

گڏجي ساڻ گُجرئين وڏو وڍُ ڏنوءِ

ماريندو ويوءِ، ورڻ وڇوڙو تنهنجو.

[52]

ڏِکَ چڙهندي ڏنائين، ڪوٺي جو ڏهاڳ

سوڍي سا سُڃَ ڪئِي، جنهن ۾ سڙيو سڀ سُهاڳ

هَئي مُٺيءَ جو ڀاڳ، جو ڀينر ڀيرو ئِي نه ٿيو.

[53]

مومل مُٺِي مينڌرا، سُڻِي ڪو سلام

پڳس سک ”صديق“ چئي، اچيس نه آرام

ڪُٺلَ کي ڪلام، موٽِي آيو مُنهن ۾.

[54]

اُڀرندان ٿي اُڀريو، ڪري گيڙو گُل

هادِي هدايت جو، ڪونهين سندس مُلهه

”صادق“ ڳالهه مَ سُل، فضل اللہ شاہ فقير جي.

[55]

ڏِکَ چڙهندي ڪوٺئين، رتو رُنائين

ائين چيائين، ته اڃا ڪُسبا ڪرَها.

[56]

مَسَ  گهڙندي گهوٽيا، ڪرهو اِئين مَ ڪاهه

جن ۾ ساهه نه ماهه، مومل سيئي ماريا.

[57]

سونهن سوڍي کي وتري، ڪر ڪڪوري جوءِ

راڻو ٿي نه روءِ، تڙَ تنَواريو ٿِي مران.

[58]

راڻو رات نه آڻيو، باکون پرهه بَکَن

ٿي ڪڙهان منجهه ڪکن، ڍوليا تنهنجي ڍاٽئين.

[59]

صبح ٿيو سوجهرو، پِرههَ پڌاريو

روئِي رت هاريو، موملَ ڪارڻ مينڌري.

[60]

مومل ڪَنين نه ماڻي، وڃي ڪاڪ تڙن

سوڍا سوين سَڪِي ويا، ٻيا راڻا ڪئيِن رڙن

سي ڪهڙيِ پَر پرن، جي واٽهيِن ورِي ويا.

صدا

   ڀينر جيڏيون وو ورو، ڪا مَيّو موٽائي

1- اوٺيئڙن جو اڳهين مون کي اوسيئڙو آهي

2- ڏک منهنجي ڏيل ۾ اُنِي جو آهي.

صدا

   آ تون آ تون ميا، جيء ميا پير ڀري

1- متان مون کي ڇڏين ڪو وانڌو وچ ڪري.

صدا

   موٽي اچن جي هوت منهنجا

1- پٿر وار وڇائيان، پرينء پنهنجي کي

2- کٿوريون کيروليون چاريان چانگي کي

3- اِي ڳالهيون ڳجهيون سوڍي سين ڪري

4- متان مومل ويهيين ريجهِي راڻي کي.

صدا

   جوڳي هُن جُوءِ ۾، ادا راول رههُ راڄ

1- اچي رهيم راڄ ۾ لڪڙيون کوڙي

2- مون من ڪينرن سين ويڙا اُلوڙي

3- ڀنيءَ رات پُڪڻيون نانگن چوري

4- ڏينديون ڏکوين کي ڪو وَههُ ڪوري.

صدا

    ڪبي ڪيچ پچار، اي ڪا ڪبي ڪيچ پچار،

   ساٿيا ڪا ڪبي ڪيچ پچار

1- ٻاڪاريندي مور جيئن سا ڏٺي ڏور پنوهار

2- اُڀي پُڇي پَهِيَرا مهندا جي ڪوهيار.

صدا

   ساٿي سنبهِي ويههُ، وو ڪاڪ گهڙندو ڪرهو

1- مومل صحيح ماڻبي، وو دور ٿيندي هيءَ ديهه

2- ننڍا وڏا هلندا، وو سڀ راڻا رتيء ريهه

3- آخر انڌا سي چئبا، وو جن هت نه ڏٺو هو ڏيهه

3- ”صادق“ ڪنهن جو به  هلي، وو اُتي مَڪَرُ ميهه

 

* اصل ۾ هن بيت کان پوءِ بيت نمبر 18 ٻيو دفعو لکيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org