سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اسرار خودي

باب --

صفحو :2

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

اسرار خودي

تمهيد

 

 

منهنجي جهنگل جي سڪي سائي ۾ گهٽتائي ناه

ڪاٺي جي نخل جي منبر نه ٿئي دار ڪريان

                                        (نظيري نيشاپوري)

رات جو رستو جو سج روشن ڪيو

گل تي ڏس منهنجي رئڻ پاڻي هنيو

منهنجي ڳوڙهن ننڊ نرگس جي لٽي

منهنجي هنگامه1 کان وهه سبزي ڦٽي

باغبان منهنجو ڏٺو زور- ڪلام

واهه جو شمشير نڪتو از2 نيام

ذره آهيان ملڪ منهنجي سج مگر

ڏس گريبان منهنجي ۾ تون سو سحر

جام- جم کان وڌ مٽي منهنجي صفا

جي اڃا ڄايل نه سي ڄاڻي ادا

فڪر منهنجي جو هرڻ جو ٿيو شڪار

جو نه ٿيو آهي عدم کان آشڪار

سبزه3 اڻ ڄايل سندم گلشن ۾ آهه

شاخ جو گل پڻ لڪل دامن ۾ آهه

محفلِ نغـمه [1] ڦٽائي مون ڇڏي

مون کان ئي تار رگ دين جي وڳي

سازِ2 فطرت منهجو ٿيو نادر نوا3

همنشين نغمه کان ٿيو نا آشنا

نئون سج آهيان مان جهان ۾ اي مٺل

آسمان جي رسم آهيان اڻ ڏٺل

تاب کان تارا اڃا ناهن وڳا

برقرار آهي سندم سيماب اَڃا

بحر پڻ رقصِ4 ضيا 5 کان بي نصيب

پڻ جبل رنگِ حنا کان بي نصيب

مون سان مونس ناه ٿي ڪجهه چشم- بود6

تن ڏڪايو منهنجو بس خوف- نمود

صبح روشن سج کان ٿيو ۽ شب وئي

گل تي دنيا جي پئي شبنم7 نئي

صبح خيزن8 جو ڪڍانتو انتظار

آڳ منهنجي جا چڱا زرتشت9 يار

منهنجي نغمه کي نه پرواز خمه10 جي

مان صدائي شاعر- فردا 11 سندي

دؤر منهنجو واقف- اسرار ناه

منهنجي يوسف لاءِ هي بازار ناه

نا اميد اڄ ڪيڙو ياران- قديم

طور منهنجو ٿو جلي ايندو ڪليم

دوستن جو بحر، جئن شبنم خموش

منهنجي شبنم آهه پر طوفان به دوش1

منهنجي نغمه جو جهان آهي ٻيو

گهنڊ هنجو ڪاروان2 آهي ٻيو

موت کانپوءِ ڄاوا ڪيئن شاعر ادا

پنهنجي اکه پوريئون اسانجي ڪيائون وا3

ناز جو سامان فنا ٻاهر ڪيو

خاڪ مان تربت جي گويا گل ڦٽو

قافلا برپٽ انهيءَ مان ڪيئن ويا

اُٺ جي قدمن جئن بنا غوغا ويا

عاشق آهيان دانهن منهنجو آهه دين

شور محشر جو رکي اندر ڪمين4

سر زياده تار کان منهنجو ٿيو

خوف ناهي ڪو شڪست عود5 جو

ٿيو ڦڙو سيلاب کان بيگانه خوب

بحر انجي شور کان ديوانه خوب

نهر ۾ ماپي نٿو عمان6 سندم

تو گهري ڪئن بحر هي طوفان سندم

مکڙي جا ويجهڻ کان ڀي گلشن نه ٿي

ابر منهنجي، پنهنجي سا لائق نه ٿي

بجليون موجود منهنجي جان ۾

ٿيا جبل برپٽ سندم جولان ۾

بحر منهنجي ساڻ لڙ صحرا جي تون

منهنجي بجلي کي وٺين سينا1 جي تون

چشمهءِ2 حيوان ڪيون منهنجي برات

کوليؤن مونتي اهو راز- حيات

منهنجي ئي سر کان ذرو زنده ٿيو

کولي پرشب تاب3 جئن تابنده4 ٿيو

مثل منهنجي راز کي ڄاتو نه ڪنهن

گوهر- معنيٰ کي هٿ لاتو نه ڪنهن

راز عيش- جاودان5 چاهين ته اچ

جي زمين ۽ آسمان چاهين ته اچ

آسمان پوڙهي ٻڌايم راز هي

ڪئن ٻڌايان مان ڪنان دمساز هي

ساقيا اُٿ مئي سان روشن جام ڪر

دور دل کان زحمت- ايام6 ڪر

اصل جنهن پاڻي جو چاهه زمزم آهه

انجو پوڄاري گداگر ڀي جم7 آهه

فڪر کي جو ٿو ڪري هشيار تر1

ديدهءِ2 بيدار کي بيدار تر

مرتبو بخشي جبل جو ڪاه3 کي

شينهن جي طاقت ڏئي روباه4  کي

خاڪ کي اوج- ثريا5 ٿو ڏئي

قطره کي ٿو وسعت- دريا ڏئي

ماٺ کي غوغا ڏئي محشر ڪري

ڊيل جا ٿو پير ڏس احمر5 ڪري

جام ۾ منهنجي شراب- ناب6 وجهه

فڪر جي پڻ رات تي مهتاب7 وجهه

تانيان منزل ڏي مان آواره کي

ذوق بيتابي ڏيان نظاره کي

گرم ٿي تڪڙو ڪريان مان جستجو

پاڻ ۾ پيدا ڪريان نئيء آرزو

چشم اهل- ذوق جو تارو ٿيان

جئن صدا بس گوش8 ۾ گم ٿي وڃان

اڄ مهانگي مان ڪريان جنس- سخن

پڻ ڪريان ڳوڙهن کي پنهنجو خوب ڌن

جو سبق مون کي ڏنو استاد روم

سو ٻڌايان ساڻ اسرار- علوم1

جان ان جي شعله کان سرمايه دار2

روشن آهيان ان کان مان مثل- شرار

شمع ڏس ڪاهيو سندم پروانه تي

مئي ڪيو حملو سندم پيمانه3 تي

پير رومي خاڪ کي اڪسير ڪيو

منهنجي دز مان جلوه کي تعمير ڪيو

موج ٿي هن بحر ۾ منزل ڪريان

تا ته چمڪندڙ ڪودر حال ڪريان

ان جي مئي کانپوءِ به ڪا مستي ڪريان

خوب برڪت واري ڪا هستي ڪريان

رات دلڙي مائل- فرياد هيءَ

ماٺ- يا رب کان عجب آباد هيءَ

شڪوه4 لب تي خستئه5 دوران6 هوس

هاءِ خالي جام کان نالان هوس

خواهش- نظاره ۾ بيتاب هوس

هيءَ سجاڳي ڪانه محو خواب- هوس

پير- حق جو مون کي ات ديدار ٿيو

پهلوي ٻولي ۾ جنهن قرآن ڪيو

چيائين اي ديوانئه ارباب-1 عشق

ٿورڙو ڪو پي شراب- ناب عشق

تون جگر حشر جو هنگامه کڻ

شيشه سرتي، ديده پڻ نشتر تي هڻ

هان کلڻ تي غيرت- صد ناله2 ڪر

چشم جي رت جو جگر پرڪاله3 ڪر

ڪيترو رهندين تون مکڙي جئن خموش

مثل گل سستو ٿي تون نگهت4 فروش

هر مڙي جئن ڳنڍ ۾ هنگامه ڪر

پنهنجي هن محمل کي رکه آتش جي ڀر

گهنڊ جئن هر وار کي هر هر ڪرين

نالهء خاموش کي ٻاهر ڪرين

آڳ جئن ڪر بزم5 دنيا پرضيا6

سوز پنهنجي کان ٻيا ساڙين صفا

ڪريان عيان7 اسرار پير- ميء8 پروش

موج مئي ٿي چادر- مينا9 بپوش10

فڪر جي آئيني ڪارڻ سنگ ٿي

بوتلون ڀڃ عام اڳيان تون تنگ ٿي

مثل نڙ جي جهنگ جو پيغام ڏي

ڏئي سنيهون قيس کي آرام ڏي

نئي نموني ناله1 کي ايجاد ڪر

هاءِ هو سان بزم کي آباد ڪر

جان نئي تون ڪر عطا هر زنده کي

پنهنجي قم سان زنده تر ڪر زنده کي

اُٿ کڙو ٿي هل تون اڄ راه- دگر2

خالي ڪر سودا پراڻي کان توسر

ٿي سخن جو آشنا3 گفتار ڪر

گهنڊ ٿي تون قافلو بيدار ڪر

هن سخن کان مان تپي سارو ويس

مثل نڙ جي نغمه سان مان پر ٿيس

تار پنهنجي مان جو مون پوڪاريو

ڪن جي نئي سهڻو چمن سينگاريو

مون کنيو پردو ڪنان راز- خودي

خوب کوليم راز اعجاز- خودي

گل سندم هستي جو گويا خار هو

رد، نامنظور هو، بيڪار هو

عشق صيقلگر4 ٿيو آدم ٿيس

واقف- ڪيفيت- عالم ٿيس

خوب هن رفتار5 گردون6 کي ڏٺم

مه7 جي رگ ۾ حرڪت خون کي ڏٺم

منهنجي اکه انسان لئي راتيون رلي

زندگي جي وئي حقيقت سڀ کلي

ٿيو عيان1 مونتي ته راز- ممڪنات2

خوب سمجهي مون ته تقويم3- حيات

رات کي جئن چنڊ سينگاري ويس

خاڪپايءِ ملت- بيضا4 ٿيس

جنهن جو هر گلشن ۾ ٿيو آوازه5 آهه

آڳ دل جي ٿي سرود تازه آهه

ذرڙو پوکي آفتاب انبار ڪيا

ڪيئن سوين رومي ۽ پڻ عطار ٿيا

آه گرم اڄ آسمان تي مان نيان

اصل آتش گرچه دونهي جو ڏسان

فڪر اعليٰ ڪلڪ منهنجي جو ڏسو

سر نون پردن6 جو صحرا ۾ وڌو

قطره جيسين غيرت- دريا ٿئي

ذرو ويجهي ويجهي هڪ صحرا ٿئي

مثنوي مان شاعري مقصود ناهه

بت جي پوجا7 بتگري مقصود ناهه

فارسي کان ڏس گهڻو بيگانه مان

چنڊ نئو آهيان تهي8 پيمانه مان

حسن انداز- بيان مون کان نه پڇ

خانسار ۽ اصفهان مون کان نه پڇ

گرچه شيريني ۾ هندي شڪر آهه

هان دري1 ان کان مگر شيرين تر آهه

فڪر ان جي جلوه کان مسحور ٿيو

۽ قلم ڏس شاخ نخل- طور ٿيو

فڪر جي رفعت2 کان آهيان فارسي

فطرت- انديشه3 آهي آرسي

عيب مينا تي نه وٺ اي هوشور

ذوق ليڪن ميء سندو حاصل تون ڪر

 

هن بيان ۾ ته دنيا جو نظام خودي کان آهي. تعينات وجود

جي حيات جو خودي جي سلسله محڪم ٿيڻ تي مدار تو رکي

 

شڪل هستي آهه آثار4- خودي

ٿو ڏسين جيڪي سو اسرار- خودي

پاڻ کي جڏهين خوديءَ بيدار ڪيو

هان پڌر هڪ عالم- پندار5 ڪيو

ذات ۾ اُن جي لڪل ٿيا سؤ جهان

غير ان جو ڀي انهيءَ کان ٿيو عيان

اُن کان ئي دنيا خصومت ۾ اندر

غير پنهنجو پاڻ کي سمجهئَين مگر

پاڻ مان ٺاهيو انهيءَ اغياز کي

تا وڌائي لذت پيڪار1 کي

پنهنجي هن آهي ڪڍي قوت ڏسو

تا ڏسي هوءَ پنهنجي خود طاقت ڏسو

خود فريبيون ان جو ٿيون عين2- حيات

خون مان جئن گل وضو عين- حيات

هڪڙي گل لئي خون سؤسؤ گلشن ڪري

هڪڙي نغمي لئي سوين شيون3 ڪري

هڪ فلڪ4 لئي آندا هن سهسين هلال5

حرف هڪڙي لاءِ آندئين سؤ مقال

ان جو عذر اسراف6، هيء سنگين دلي

۽ هي تڪميل7- جمال- معنوي8

حسين شيرين جو ته درد- ڪوهڪن9

مشڪ جو ٻيڙو، هي آهويءِ10  ختن11

سوز سارو قسمت- پروانه ڏس

شمع نام- محنت- پروانه ڏس

ڪلڪ ان جي نقش اڄ جو ڪيو عيان

تا سڀان کي هٿ ۾ آڻي بيگمان

ساڙيا ابراهيم ڪيئَن شعلا سندس

تا چراغ- يڪ محمد ٻاري بس

ٿا پين پيدا ڏسو بهر1- عمل

عامل ۽ معمول اسباب و علل2

ٿي اٿاري، چمڪي، اڏري ٿي وڃي

ساڙي چمڪائي مري ٿي ڦوڪجي

وسعت3 ايام جولانگهه4 سندس

آسمان هڪ موج گرد5 رهه سندس

جيب6 ۾ گل، ان جو گلڪاري ڪنان

رات ڏينهن اُن جو ته بيداري ڪنان

شعلو پنهنجو چڻنگ ۾ تقسيم ڪيئين

جز جي پوڄا عقل کي تعليم ڪيئين

پاڻ کي ٿورڙيلئين تا اجزا ٿيا

ٿورڙو ديوانه ٿي صحرا ٿيا

پو پريشاني کان جو بيزار ٿي

۽ ملي پو صورت- ڪهسار7 ٿي

پاڻ کي پڌرو ڪرڻ خويءِ خودي

۽ لڪڻ ذرڙن ۾ نيرويءَ8 خودي

ماٺ جي طاقت ٿي بيتاب- عمل

ڪم کان ٿي پابند اسباب- عمل

آهه دنيا جي حياتي هيءَ خودي

انجي مضبوطيءَ مطابق زندگي

جي ڦڙو حرف- خودي ازبر1 ڪري

بود جي قيمت کي پوگوهر ڪري

مئي خودي جي ضعف کان بيي پيڪر2 آهه

ان جي صورت جو سبب ئي ساغر آهه

جام مئي جو گرچه صورت ٿو وٺي

ڦيرو پر مادام کان ان کي اچي

وئي جبل جي جي خودي صحرا ٿيو

ڪئي گلا اُن جوش ۾ دريا ٿيو

بحر جي ڀاڪر ۾ موجون ئي رهن

بحر جي ڏس ٿيون ڪلهن تي سي چڙهن

نور جو حلقو ٻڌو، هو اکه ٿيو

جلوه ڪارڻ پوچرڻ اکڙين پيو

پاڻ کان سبزيءَ جڏهن طاقت لڌي

باغ جي ڇاتي ڇني ڏس اُن وڌي

شمع از خود پاڻ کي زنجير ڪيو

پنهنجو ذرڙن کان هئڻ تعمير ڪيو

پاڻ کي ڳاريئين ڀڳي پڻ پاڻ کان

مثل ڳوڙهن جي اکين مان ٿي روان

جي هجي ها ٽڪ پڪي فطرت وٽان

زخم کائي ڪين ها هرگز ڪٿان

ٿي ٿئي سرمايه غيرن جو جڏهن

بار کان ڦٽجي ڪلهو ان جو تڏهن

پنهنجي هستي تي زمين جو محڪم آهه

چنڊ کي ان جو ڦرڻ ڏس هردم آهه

سج زمين کان جو سدا محڪم تر آهه

ڏس زمين ساري سندس سحر1 اندر آهه

ان تي پنبڻين جو چوڻ شان- چنار2

دبدبي کان ان جي ڪامل ڪوهسار

ان جي ڪپڙي جي اڻت از3 آتش آهه

اصل انجو داڻو هڪ گردن ڪش4 آهه

زيست5 جي جي گڏ خودي طاقت ڪري

زندگي جي نهر مان قلزم6 ڀري

 

(هن بيان ۾ ته خودي جي حيات مقصدن جي پيدا ٿيڻ مان آهي)

 

زندگي جي مدعا کان ٿي بقا

ان کان ئي ٿيو قافله جو دارا7

ٿي حياتي جستجو اندر لڪل

اصل ان جو آرزو اندر لڪل

دل ۾ خواهش کي تون رکه جئَرو اي يار

ٿئي متان تنهنجي مٽي تنهجي مزار1

جان دنيا جي ٿي خواهش رنگ و بو

آهه سڀڪنهن شيءِ جي فطرت آرزو

اُن کان ئي دل جو نچڻ منجهه سينه آهه

سينو ان جي تاب2 کان آئينه آهه

ٿيو اُڏامڻ ان کان ئي بس خاڪه جو

خضر آهي موسيءِ ادراڪ3 جو

سوز خواهش دلکي ٿو جئَرو ڪري

غير حق ان جي جيڻ کان ٿو مري

ختم جي خواهش جي ٿي تخليق کان

پر اڏامڻ کان رهيو ان جو ميان

آهه سا هنگامه4 آرايءِ خودي

جوش ۾ خواهش کان درياءَ خودي

صيد5 مقصد جو تمنا ٿي ڪمند

دفتر- افعال6 جي شيرازه7 بند


 

1 . شور غوغا

2 . کان

3 . باغ جي ڇٻر

[1]  آلاپ سر

2  راڳ جو آواز

3  آواز

4  ناچ

5  روشني

6  هستي

7  ماڪ

8  صبح جو اٿندڙ

9  آتش پرست

10  جنهن آنڱر جي تار سان ساز وڄائجي

11  سڀان

1  ڪلهو

2  قافلو

3  کليل

4  جنهن ۾ جانور شڪار لاءِ لڪي وهي

5  ساز جو نالو

6  عمان جي نار

1 طور سينا

2  حيات جو چشمو

3  کڙکٻيتو

4  ٽانڊاڻو

5 چمڪندڙ

6  هميشه وارو

7  ڏينهن يوم جو جمع

1 زياده

2  اک

3 ڪکه

4 لومڙ

5 تارن جو جهڳٽو

5 ڳاڙهو

6 خالص

7 چانڊوڪي

8 دربدر

1 علم جو جمع

2 موڙي

3  چڻنگون

4  پيالو

5 شڪايت

6  گلا

1  صاحب، مالڪ، عشق وارا

2  سئو

3پرڪاله

4  خوشبو وڪڻندڙ

5  محفل

6 روشني

7  شراب وڪڻندڙ

8  بوتل

9 ڍڪ پهر

10 دانهن

1 پيدا ڪر

2  ٻي

3  واقف

4  صفا ڪندڙ

5  هلڻ

6  آسمان

7 چنڊ

1 ظاهر

2  دنيا

3 سٽاءُ

4 دين روشن

5 مشهوري

6 راڳ جا مقام

7 بت ٺاهڻ

8 خالي

1 فارسي زبان جو هڪ نالو

2  بلندي

3 خيال فڪر

4  نشان

5 غرور- پاڻ سمجهڻ

1 لڙائي

2 چشم- خود

3  ماتم

4 آسمان

5 نئون چنڊ

6 اجايو، فضول خرچ

7 مڪمل ڪرڻ

8 اندروني

9 فرهاد

10 هرڻ

11  ملڪ جو نالو جتي مشڪ ٿيندي آهي.

1 واسطي

2  سبب

3 ويڪرائي- ڪشادگي، پکيڙ

4 ميدان

5 ڌوڙ- دز

6  کيسو

7 گهڻان جبل

8 زور

1 ياد

2 شڪل

1 جادو

2  هڪ وڻ جو قسم جنهنجا گل ڳاڙها ٿيندا آهن.

3  کان

4  ڪنڌ ڀڃندڙ

5 زندگي، حياتي

6  وڏو سمنڊ

7  قافله جو گهنڊ

1 قبر

2  طاقت، چمڪو

3  سمهه، پروڙ

4 شور و غوغا پيدا ڪرڻ

5  شڪار

6 ڪم

7 هڪ هنڌ ميڙڻ

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org