سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪافيون

ڀاڱو --

صفحو :10

(38)

جيڏيون ڇاهي منهنجو هن جڳ ۾

پار اباڻي نيٺ ته هلبو

ساهه سارئي ٿو دم دم جاني

مُحِبَ وسين رڳ رڳ ۾

سور سڪ جو پوءِ ڇو نه سهبو

هيءَ نماڻي ويڙا نهوڙي

واٽ ويندي ڪنهن دڳ ۾

حال اهو وري ڪنهن ڪهبو

اُٺن قطارون ڪاهي جو ويڙا

ڪين آندائون ڪنهن سڳ ۾

ڇا چئي وري ڇا چئبو

مرشد ڀوڄي سان ٿيو جڏهن ساڻي

واٽ وٺيون هليو اُها اڳ ۾

ساءُ جنهين جو ڪيئن سلبو

(39)

دم بدم دلبر تات تنهنجي مل مڃ منهنجي صدا

ڏي ڪو درشن پانهنجو ڪو مهر مون تي يا خدا

 ڪريان سر قربان توتان جان جگر سوڌو جاني

 ڏي ڪا محبت يار پنهنجي سڪ اهائي ٿم سدا

 نيهن تنهنجي يار جاني نهوڙي آهيان وڌي

آهيان تنهنجي ديد تي راتيان ڏينهان آءٌ فدا

 منهن موڙڻ لازم ناهي جڏهن آيس تنهنجي در

هج هميشه يار مون وٽ دم نه ٿيءُ هڪڙو جدا

محبت ۾ تون محو ٿي صاحب رک سينو اندر

سمجھي ڀوڄا مام جاني ٿيءُ دلبر تون گدا

(40)

آءُ اڱڻ تون يار اسان جي محب منهنجا تون مٺا

ڏي دارون هن درد جو ڪرڪا منهنجي تون دوا

عشق تنهنجي سهڻل سائين وڌو آهه مون کي ماري

سوز انهيءَ عشق جي ۾ راتيان ڏينهان رت رئان

محبت تنهنجي بن يار جاني ڪين گهاريان آءٌ گهڙي

چشما تنهنجا ائين چلڪن جيئن يار هزار ڏيا

چشمن تنهنجن دلڙي منهنجي وڌي يار کسي

بنا پسڻ ديدن تنهنجي ويٺي نهاريان آءٌ رستا

 مل ڀوڄي کي محب جاني ڏي دلاسو ديدار جو

در تنهنجي تي يار سهڻا جيئري رهون ٿا ڪٺا

(41)

ڪَيُوَ ڪهڙو انجام آهيان تولئه مانـــــدي مانــــــدي

راتيان ڏينهن سڪ ته تنهنجي ماري ڪيڙو ماتام

ناهيان توکون واندي واندي

جيءُ جانب سان يار لڳايم ناهي اندر کي آرام

قولن ڪهڙن آندي آندي

دلڙي  دلبر  رکيءُ  کسي  آهيان  تنهنجي  شام

پانڌ ڳچيءَ ڳل پاندي پاندي

ڀوڄو آکي برهه منجھارون  ملندم  محب  مدام

ڪين ويندا پري پري پانڌي  پانڌي

(42)

منهنجو مشڪل ٿئي ته آسان

ڌيان ڌڻيءَ جو ڌاريان جي

ليليٰ ويچاري مجنونءَ ڪاتر هرهر ٿي ته حيران

پسڻ ڪارڻ يار پريان جي

ڇونه ملان پنهنجي پنهل کي سسئي چوي صبحان

ويهي نت آءٌ ڪريان جي

محب پسن ٿيون سيئي پنهنجو ڇڏي پنهنجو شان

پائين پرين پڙيان جي

ڀوڄو آکي برهه منجھارون پسن سيئي سلطان

جيئري پاڻهي مريا جي

(43)

مرشد سنـــــدو ٻـــــول جـــــاني     سدا هنڊائج ساڻ هئَين

راتيــــــــــان ڏينهـــــن رمـــــز ۾      رهج ٻڌايُءِ مرشد جيئَن

دم نه ڪجانءِ هڪ ويســــارو    پپيهي جان جيئن پيو پئين

کائـــــڻ کائـــــج تـــــون اهــــــڙو      جنهن مان سدا ڍائو ٿئين

ٻـــــيا کائـــــڻ آهـــــن ڪهــــــــڙا      مام مرشد جي ڇونه کئين

نينهن رک نــــت يــــــــــار سان     منجھ محبت رهه ائين

مڇي رهـــي جئيـــــن جـــــل ۾    رهج سدائين تون تئين

سمجھي ڀوڄا مام مرشد جي   تون ڏسڙا هوند ٻين ڏئين

ٽٽي نـــــه محبت تنهنجــــــــــي     سڪ جي سسئيءَ سان جي تون سئين

(44)

آهي صورت تنهنجي سهڻي ساري وي

منهنجي من کي لڳي آهه پياري

تنهنجي ياري

سهسين روپ ٻهوُ ويس ڌاريهءِ

ڪاٿي ڪارائو ڪاٿي ڪڙمي ڪاري

ڪاٿي هاري

ڪاٿي شاهه امير تون آهين

ڪاٿي بڻين ٿئين بکياري

ڪاٿي ماري

ڪاٿي گوپين گوال بڻين ٿو

ڪاٿي مرلي وڄائين تون مراري

انحد واري

ڀوڄا ڏس تون شام سندر کي

نئنن منجھ نرواري

انواري

(45)

پيارج مون ڪو مستيءَ جام ستگور منهنجا مالڪ سائين

دائم رهان سدا آءٌ دل ۾ هر جڳهه هر مقام

جتي ڏسان تت تون هِي آهين

ڌيان ڌڻيءَ جي ۾ رهان آءٌ سدا سوهنگ شبد ستنام

جيءَ منهنجي ۾ تون شال وسائين

عيبن ڀرڙي آهيان ڏاڍي ڏئي ڪو چت هرنام

روح ۾ رام تون يار رمائين

ڀوڄو آکي سڻ ستگور پيارا پيڙس تنهنجي شام

چال پنهنجيءُ ۾ تون شال چلائين

(46)

ڪير آهين ڪاڏهون آئين ويندي ڪهڙي واٽ تون

ڇڏ سڃا جيڪو سينو ساهيءِ ڪين نيندي ڪي ساٿ تون

خيال خوديءَ جا سڀ ڇڏي وٺ راهه وحدت جي وري

خوديءَ منجھارون خوف جو آهي ڏس ويچاري اها بات تون

مان ميري جي کنئي اٿئي سا نه هلندءِ توسان سنگ

ويندي سڀ تون هٺ ڇڏي رک اها ڳالهه ياد تون

ستگور جي هن شبد جو ٻڌ ويهي نت آواز تون

خيال دوئيءَ وارا جه سڀ ڇڏي ڏس اصل پنهنجي ذات تون

ڀوڄا سرن ستگور جي اچي رک اها بات خيال تون

شبد ستگور جي بنا ٻي نه وائي ڪر وات تون

(47)

ڪر دور هميشهه دم دم         ڪڊ ٻيائيءَ جا وهم

دم جو هڻي ڏس تون نعـــرو    صحي ڪري ڪو سر سارو

آهي ڪهڙو هي نظـــــارو         ڪر اهو تون ڪم ڪم

دم ۾ ديــــــــــــــدار دلبـــــر           رک اهائي تون نظر

آهي جنهن کي هيءَ خبر        ڏسي سدا ٿو سم سم

رک يار سان تون يــــاري         ڪڍ دليون بي قراري

هيءَ عمر تنهنجي ساري        دلبر آهي هڪڙو دم دم

ڀوڄا ڪر ديدار دلبـــــــــــر          دم وٺي تون رهبر

ڪر ڳالهه اُها ميسر      جنهن ۾ نه آهي غم غم

(48)

سک وائي تون اوئن الاوڻ دي

هر گهٽ آپ ۾ آپ سماوڻ دي

ذات ۾ ملي جي ٿيڙا ذاتي

خيال تنين جا ويڙا صفاتي

لنون اُهي سي هردم لاتي

هوُ هوُ جي ۾ هلاوڻ دي

ڪاڻ تنين کي ناهي ڪائي

مست موالي رهن سدائي

رکن وات اها ٿا وائي

جوش ۾ جيءَ جلاوڻ دي

درس ديدار ٿيو تن جائي

پريت پريان سان آهه جن پائي

لنوڙي دلبر سان تن لائي

ديد ۾ ديد ملاوڻ دي

ڪر ڀوڄا وحدت وائي

ستگور جا توکي يار سڻائي

صحبت ڏسڻ سڀ منجھ سائي

جڳت جوڳ ڪماوڻ دي

(49)

جنهن سان ڪيُءِ پيار سنگ نه هلن سار

هي جڳ سارو سپنو آهي سمجھ بندا نروار

جيڪي ڄاتءِ پنهنجو ناهي اُهو تنهنجو

ڇڏي سياڻپ سمجھ پيارا رک عمدا اطوار

ڌنڌو دنيا فاني نيبهه ناهه نشاني

سودو سچ جو ڪر تون سهڻا وٺ اها وَکار

پٽ جو پاڻي جيئَن هي جڳ سارو تيئَن

مايا محبت ڇڏي ڏس تون عجائب اسرار

جيءَ اندر جپ يار کي دوست مٺي دلدار کي

ٻاهر نه ٻجھي جئين جاني ڀوڄا هڪ ڀڻڪار

 

 

(50)

ستگور جي هن شبد سان سائين روح پنهنجو ٿا ريجھايون

هوُ هوُ جي هونگار سان سائين گيت ڌڻيءَ جا نت ٿا ڳايون

جاڏي ڏسان تاڏي هوُ هوُ هلي هوُ هوُ بنان نانهه ڪو

موج مستيءَ منجھ اچي ٿا سڪ صحبت جي لاهيون

هيءَ دنيا سڀ آهي فاني نان هلي ٿو ڪوئي سنگ

جنين سمجھو تئين پايو ڪهڙا ويهي گڻ ڳايون

بنگلا ماڙيون منڊل تنهنجا ويندي سڀ تون هت ڇڏي

ڀائر ڀاٽيا ڪٽنب قبيلا ساڻ نه هلندءِ جوڙيل جايون

ڀوڄو آکي ٿي جا مون تي ستگور تنهنجي اڄ ڪرپا

دم دم سان ويهي ڪري ٿا نت عين الحق الايون

(51)

ستگور جن کي ڏسڙي واٽ، سوهنگ شبد ڪمائن ٿا

سوهنگ شبد ڪمائن  ٿا، سي روح ۾ رام ريجھائن ٿا

اکر اوئن جي اٿن وائي، صورت سڀ ۾ ڏسن ٿا اُهائي

گهڙن ٿا اهي گهاٽ، جوش ۾ جيءُ جلائن ٿا

مان ماري کڻي مات ڪيائون، پنهنجو پاڻ ۾ پاڻ پسيائون

اچي ورتائون اها واٽ، عين‎الحق الائن ٿا

ڪمر ڪشولا ڇڪي ٻڌائون، پوُرب سندا پنڌ ڪيائون

نانگا ٿيا نروار، خيال ۾ الک جڳائن ٿا

ڀوڄي پاڻ ۾ ڀيد نه ڄاتو، نينهن لڳس وڃي رام سان ناتو

اٿس اُها اوساٽ، جنهن جو جاپ جپائن ٿا

(52)

اڱڻ آيو منهنجي دلبـــــــر          پيتو سون جام جم جم جم

ٿيو وصال هڪ ٻي سان         کليا چانڊاڻ چِم چِم چِم

ديدن دلبر جو شــــــــــعاع          آهي آفتاب کوُن اعليٰ

ڏسڻ سان يار اکڙين مـــان        ٽمي ٿو آب ٽم ٽم ٽم

پيچدار زلف جانب جــــــــا         آهن ڪارا ڏاڍا قاتل

مٿي تي نانگ جان اُن جي      رهن ٿا خوُب خم خم خم

صورت محبوب جي جائي      آهي بيشڪ لاثاني

سدا جيڪس ڪجي ويٺـــو      دلبر ديدار دم دم دم

دلبر سان هڪ ٿيءُ ڀوڄـــــا       وٺ تون ذوق وحدت جا

ڪري شاديون پوءِ ٻڌ سهڻا      انحد آواز ڇم ڇم ڇم

(53)

عشق ڏنو ٿم اهو انجام

لنوَ ته سڄڻ توسان مان وهندس لائي

محب مٺا منهن تو ڇو موڙين لڳڙيس تنهنجي لام

رسڻ جاني توکي ڪين جڳائي

گهوريون گهوريان سرڙو مان تو توُن پيارج مستيءَ جام

پاند ڳچيءَ ڳل آيس پائي

چشما تنهنجا چور ڪنم ٿا ڪيڙو جن قتلام

گهورن سان يار مون کي گهائي

در ته تنهنجي جا سڀ سلامي خاص هجي توڙي عام

ڀوڄو تو اڳيون ڍولڻ ڇاهي

(54)

آتش عشق جي آهي زر ميان

پتنگ ٻڌائيندءِ حال پچڻ جو

باهه برهه ۾ عاشق جلن

سور سڪ جا ڪنهين نه سلن

گهوريون گهورن پنهنجو سر ميان

عشق واري اها آتشبازي

سور سهن ڪي سر ڏيئي نمازي

پسن پنهنجو ٿا پر ميان

عشق الا نبي ۾ جو ڪوئي آيو

ونحن اقرب يار سان سمايو

 ناهي تفاوت تر ميان

محبت ۾ جي ڀوڄا رهندي

هي القيوم نالو پنهنجو چوندين

ٿيندين سدائين تون ٿر ميان

(55)

ساهه سارئي ٿو دم دم جاني

 ڪر ڪا ملڻ جي محب مهرباني

وڇوڙي تنهنجي ڪارڻ سهڻا

پنان ٿي آءٌ در در ڪڻان

من ڏسڙو پوي ڪو يار نشاني

نازن تنهنجن نينهن نهوڙيو

ڪيئن سهان آءٌ ايڏو وڇوڙو

درد تنهنجي ڪئي آهيان ديواني

جت ڪٿ آهي تنهنجي صورت

خوش ٿيان ڏسي تنهنجي مورت

هر جاءِ سمرٿ آنهه لاثاني

ڀوڄو نه اٿئي تنهنجو نالو

نور تون نرمل سدا نرالو

آهين عين اصل تون يار عياني

 

 

(56)

محبت مست ڪيا هئه مئَنون

اسين ڇا ڄاڻون مستيءَ وچون

دل دلبر سين لڳي هئه موري

بسر گيا خوشيان چئَنون

سڪ سهڻل دي هردم لڳندي

حال سڻايان مان ڪئَنون

طلب ديدار دي ۾ جو هردم

روئيندي هان دن رئَنون

صحبت يار دي ڀوڄا سهڻي

ويکه نظارا وچ نئنون

(57)

عجب ڪريندا اسرار مـــــــيان    ويکو تماشي يار ميڏي دي

نال نيڻان دي گهوُران ڪرندا   گهتندا سـﺆ گهاءَ هزار ميان

دام زنــــــــــون دا دلبـــــر وڌڙا     برهه ڪيتا بي اختيار ميان

ناز دلبر دي نينهن نهــــوڙي     محبت ڪيتا متوار ميان

صحبت يار دي ويکه ڪي هردم ڀوڄا ڀيا هئه بهار ميان

(58)

مليا مئنون محبــــــوب جـــــب     سوڪ بسر گيا سڀوئي تٻ

گيا سڀ غم ٿيڙيان شاديـــــان   ويکي جب سهڻل دي ڇٻ

چشما دلبر دي چور ڪيتاسي   دلڙي آگئي هڻ وچ دٻ

يار دي صورت هردم پـــــورن   نا ڪٿي خالي نا ڪٿي کٻ

مليا ڀوڄي نوُن ايـــــسا دلبـــــر    ويکيا نه جئسا آگي ڪڀي ڪٻ

 

 

(59)

ساڌو اِسٻِڌ پائوگي ٻسرام          پائوگي ٻسرام هووينگي نهڪام

ستگور ڪا شبد جو تمني سڻيا         تس وچ رهو مدام

دم دم ساٿ پيئَو جي هـــــــــردم          ستگور والڙا جام

آٺ پهـــــر مـــــن انتـــــر ماهيـــــن            ڌيائو هرهر نام

گور ڪي ڪرپا جب ڀوڄا هوگي        ملينگا سک ڌام

(60)

ســـــــــــــــاڌو اِسٻِـــــڌ آننـــــد پايــــــــــا آنند پايا سک سهج سمايا

سندن بهڪي مئَن انتر ماهيــــــــن        ڪرشن نام درڙايا

ستگور ڪا شبد مئن جو سڻڪي       گيت گوبند نت گايا

جن گور موهه پئي ڪرپا ڪينـــــــي      چت چرنن سنگ لايا

مالـڪ جيـــــوت دات هـــــي دينـــــي        ڀوڄا سروپ سمايا

(61)

ساڌو مئَن ديکيا اپنا ميت

گورڪي ڪريا موهه پئي هوئي     گايا گوبند ڪي گيت

لنو لاڳي پرڀ آپ دکــــــــايا       چرن رهيا ميرا چيت

ميت همارا ســدا ڀرپــــــــــور       جڳان جڳ جانڪي جيت

ڀوڄا ڪرلو گورڪي شيوا      ايهي سکان دي ريت

(62)

ستگور مئَن آيا تيري پاس

ڪروجي ڪرپا موهه پي سوامي         ڪاٽو جم ڪي ڦاس

نهٻل هون مين اَڏين سوامــــــــي          ڪاج ڪرو تم راس

سندن ٻهڪي مين نام ڌيائـــــون          جپ لون ساسـﺆن ساس

ڀوڄي نماڻي دا عــرض اهوئـــــي         هووان داسن داس

 

(63)

يهان تو سکنا هــــــــــئه سبــــــــــق دا         نهين سوڪاج بڪ بڪ دا

وجود وڃاوو تــــم انــــــــــدرســــــــــي        ڇوڙو شبد سڀ تڪ دا

خودي ڪـﺆن ڇوڙو ڪرو صبوري      پيو پيالا پريم پڪ دا

سوليءَ تي منصور جـــــــو چڙهـــــيا        ماريا سونون حق دا

بي غم پور ۾ گم هوڪي ڀوڄـــــا       ڪرو سير گم غرق دا

(64)

شبد گورو ڪا ياد تون رکنا

دم دم نال سهَجَ تون سکنا

سار سڌا نت جو تون ني سڻيا

امرت رس تانڪا يار تون چکنا

تن من سارا ڀيٽ ڌريجو

ديجو دل ڪِي يار تون دکنا

پيالا پريتم پيئَو هردم

دويت اور پي مت تون چکنا

ڀوڄا سڻ لو ستگور واڻي

لعل اسي ۾ يار تون لکنا

(65)

اکيان موند موند ڪيون ٻهندي هو

خدا تم سي ڇپا هئَه ڪيا ڀائي

جب سارا سنسار هئَه روپ الاهي

اکيان موندن سي ڪيا لهندي هو

ال انسان سري واناسر هو

فرمان قران ڪا ڪهندي هو

جو ديکڻا هئَه سوئي هئَه ظاهر

ڦير اور چيز ڪيا چهندي هو

جس ۾ ڀوڄا تون آپ پڇاڻي

ايسي ريت ڪيون نهين رهندي هو

(66)

يار دي رمز روح وچ رلندي

مرشد جو مئَنون مام سيکاري

من ميڏي ڪون لڳڙي پياري

رڳ رڳ اوئن ڪرندي

پر پيالا جو مرشد ڏتڙا

هوش عقل سڀ سانڏا نتڙا

محبت ۾ پيئَي مرندي

جتي ويکان تتي نور نظارا

هر جاءِ وسندا دلبر پيارا

دم دم دل وچ ڌرندي

بات برهه دي ڀوڄا ڪهه تون

وچ وحدت دي سدائين وهه تون

پاڇي نه ڪا جت پڙندي

(67)

اٿي هڻ عشـــــق دي ڌڌڪـــــار    غئَبي چوطرف چڙهي غبار

پدا جـــــد چشـــــم دا چــــــــــــالا      برهه بارش هوئي بالا

نينهن دي ٻهه چلي نـــــــــــــــالا     باغ بستان هوئي بهار

برهه دي چمڪي هئَي بجلــي   نئنان وچ تيز هئي تجلي

وکائي عشق نــــــــــي اجـــــلي     تصوير دلبر دي تڪرار

چڙهي هل عشق دي گهوڙي    ملڻ لئه يار دي دﺆڙي

پايا وچ وقت مئَن ٿــــــــــوڙي     صحبت سهڻل دي هروار

ملي ڀوڄي نون ايسي هام      مرشد ڪولون سدا مدام

پيا مئن پر محبت جــــــــــام       نشي وچ غرق هويا نروار

(68)

جڏهن يار مليو سر نايا سي

سکه سهج ۾ يار سمايا سي

روپ رنگ تي يار نرالو

محبوب آهي مون متوالو

ڏسي يار جو اهو چالو

سوليءَ تي سِرُ ساهيا سي

يار منهنجي جون ڪيهيون باتيون

روزان روز لَنوين نيون لاتيون

جيءَ اندر پائي دم دم جھاتيون

نور ۾ نور ملايا سي

يار بنان منهنجو جيئڙو جري

ياري رکڻ آههِ ڏاڍي پري

جيئَري جڏهن پاڻان مري

پوءِ ياريءَ دي وچه آيا سي

ڀوڄو آکي سڻ تون پيارا

وجھج نه ياريءَ ۾ تون گهارا

ياري دا ڏاڍا اوکا چارا

موت مٿي تي لکايا سي

(69)

رمز رندان دي ڪوئي نه ڄاڻي

سو ڄاڻي جنهن ڪـﺆن الله ڀاڻي

رند جاڳن سي ڏينها راتيان

 برهه جي ڪرندي سيئَي باتيان

لنوندي هردم منيان لاتيان

پاڻ منجھون لهندي پاڻي

پڙهن نه پوٿيان ٻڌن نه پران

سڻن نه سرتيان ڪٿن نه قران

بي حد دي نت ڪرن سي بيان

لڪندي نه ڪنهن لڪاڻي

پيتي پُر ڪري جنهين جو پيالي

محبت دي وچ رهن متوالي

حال ڪنون سي ٿيون بي حالي

ڏسندي نه ڪنهن ڏلاڻي

وچ وحدت دي رند جو رهندي

مو تو قبل الموت جو مرندي

سوليءَ تي سر ڀوڄا ڌرندي

رهندي سروپ سماڻي

(70)

ديکه ديکه رانجھن دي صورت

مئَن خوب خوشحال هوئي

رانجھن آ رهيا ميري گهر

هو رهي بلڪل بي خطر

ڇوڙڪي دل ڪا مئن فڪر

بي شڪ بي حد بهار هوئي

رانجھن سئَيان سردا سائين

هس هس گلڙي مين لگائين

دک درد ڪو رهيا ناهين

رانجھو دي سزا وار هوئي

گهر ميڏي ۾ ڀيا چمڪارا

رانجھن جب آءِ پيرا ڊارا

سوڪ بسر گيا مجھسي سارا

بارم بار ٻلهار هوئي

رانجھن جب آءِ مينون مليا

ڀرم دوئي دا ڇوُت جوگيا

ايڪ ۾ ايڪ هي هوڪي رهيا

ڀوڄي نون بهار هوئي

(71)

يار دي سامني سي هم ڪو     هٽا ڪـﺆن سڪينگا

چشما چشمــــي نـــــال اڙاوان     صورت اپني يار دي پاوان

دلبـــــــــــــــر دي ديـــــدار ڪـــــو      گهٽا ڪـﺆن سڪينگا

اکيان يار ديان ٻـــرن مشـــــالا     اُڙ اچي پوندا سڀ پروانا

يـــــار دي اُس شـــــعاع ڪـــــو     مِٽا ڪـﺆن سڪينگا

يار ميڏا هـــــئَه صولـــــت والا      چلندا چشما ڏاڍا چالا

يــــــــــار دي اس چـــــال ڪــــو      مٽا ڪـﺆن سڪينگا

يار ڀوڄا جب ايڪ جو هــــوا     ڀرم دوئي دا دل تي کـﺆئا

چاش چشــــم بنـــــا هم ڪـــــو     چٽا ڪـﺆن سڪينگا

(72)

ڪون هئه تون تيرا نام ڪيا هئَه

ڪس جڳهه تي تون آيا هئَه

مائي باپ  نه تيرا ڪوئي

تون آپ تي آپ جو ڄايا هئَه

روپ رنگ تي هئن نرالا

آپ ۾ آپ سمايا هئَه

نام نيشان نه تيرا ڪوئي

بي نام هوڪي تون ڀايا هئَه

تب ديکا تون ني صورت اپني

سوهنگ شبد ڪمايا هئَه

لا مڪاني هوڪي وسندا

جاءِ نه ڪوئي بنايا هئَه

جاءِ مڪان تي تون نيارا

آپ ۾ آپ ڇپايا هئَه

وحدت دي وچ ڪثرت ديکي

تس ۾ ڀيد نه پايا هئَه

ڪثرت ۾ جب کيلڻ آيا

ڀوڄا نام ڌاريا هئَه

(73)

يارو ديکو يهه ڪئسا پسارا هئَه

ڪوئي دشمن بنا ڪوئي پيارا هئَه

ڪهان بادشاهه هوڪي حڪم هليندا

ڪهان بکاري هوڪي بيکه منگيندا

ڪهان منصور هوڪي سوليءَ چڙهندا

اي سڀ اُس دا اُجيارا هئَه

ڪٿي بنڪي بيٺا هئَه پير فقير

ڪٿي نانڪ يوسف يار ڪنبير

ڪٿي قيدي هوڪي پاتا زنجير

ڪٿي اي سڀ تي او نيارا هئَه

ڪرنا هئَه جو ڪجھ ڪرلي ڀائي

ڪام نه آوي باپ اور مائي

صورت سڀ ۾ اوهي سمائي

جس دا اي اظهارا هئَه

ڀوڄا يهه سڀ جوُٺا هيء سنسارا

مات پتا هو يا سُت دارا

اور مٿيا هيء سگلي ڇارا

اِسٿر ايڪ او او نڪارا هيء

(74)

سو ڪيون وسري ايء ميري مائي

وَس وَس رهيا جو مَن ميري ماهين

ايڪو هي ايڪ تون ايڪ ڪر مانو

ايهي مت مئَن گور تي پائي

ايڪو هي ايڪ مَئن ايڪ ڪر مانيا

دوئي ڪي ڌوُڙ مئن دل سي اُڙائي

گيان گوروءَ ۾ رهڪي سدا ڀوڄا

سوهنگ شبد وچ رهيا سمائي.

 (پورو ٿيو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org