سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي

باب: --

صفحو :9

”آخر ۾ اهي بت آهن، جيڪي فلسفين جي تنگ عقيدن مان هجرت ڪري ماڻهن جي دماغ اندر داخل ٿيا آهن، يا جن مظاهرن جي غلط طريقن ذريعي عام ماڻهن جي دليلن تي قبضو ڄمايو آهي. انهن کي مان ’ناٽڪ گهرن جا بت‘ (Idols of theatre) ڪري سڏيان ٿو، ڇاڪاڻ ته منهنجي راءِ موجب فلسفي جا سڀ تسليم ٿيل سرشتا ناٽڪ آهن، جن جي وسيلي فلسفي پنهنجا ئي خلقيل جهان غير حقيقي نظارن ذريعي پيش ڪن ٿا. جهڙيءَ طرح شاعرن جا لکيل ناٽڪ تماشگاهن ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا، اهڙي طرح فلسفي جي ناٽڪ گهرن ۾ پڻ فلسفي جي مختلف سرشتن جي پيشڪش ڪئي وڃي ٿي. عام طور، آکاڻيون، جيڪي اسٽيج لاءِ لکيون وينديون آهن، سي تاريخ جي سچن واقعن کان وڌيڪ مڪمل ۽ نزاڪت واريون سمجھيون وينديون آهن. افلاطون جنهن  دنيا جو ذڪر ڪري ٿو، سا  صرف افلاطون جي جوڙيل آهي ۽ اها حقيقي دنيا جي نه پر افلاطون جي ذهني تصوير چٽي ٿي. جيڪڏهن اهي بت اسان کي دوکي ڏيڻ لاءِ تيار ويٺا آهن، ته پوءِ اسان مان بهترين انسان به سچ جي تحقيق ۾ اڳتي وڌي ڪونه سگهندا. اسان کي عقل ۾ آڻڻ جا نوان طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن. اسان جي سمجھه کي نون اوزارن جي ضرورت آهي. ”جهڙيءَ طرح قطب نما کان سواءِ مغربي ملڪ ڪڏهن به ڳولي نه سگهجن ها، اهڙيءِ ريت اسان جي هنرن ترقي صرف ان ڪري نه ڪئي آهي، جو سائنس جي ايجادن ۽ دريافتن جي طريقن جو ڪنهن کي به علم ڪونه آهي.“ ”اُها هڪ شرمناڪ ڳالهھ آهي، جيتوڻيڪ مادي دنيا جا ميدان وسيع ٿي رهيا آهن ۽ صاف ظاهر ٿي چڪا آهن، پر ساڳئي وقت ذهني دنيا پراڻين کوجنائن جي تنگ دائري ۾ قيد آهي.“

اسان جي مشڪلاتن جو سبب صرف هيءُ آهي، ته اسان پراڻن تنگ عقيدن ۽ پراڻي دليلن جي طريقن جي قيد ۾ قابو آهيون. اسان کي ڪا نئين حقيقت ان ڪري نه ٿي لڀي، جو اسان ڪنهن قبول ڪيل ۽معتبر راءِ تي ڳنڍ ٻڌي ويهي ٿا رهون ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو نٿا ڪريون. ڪڏهن به ان مفروضي (Assumption) کي مشاهدي ۽ تجربي جي ڪسوٽيءَ تي نٿا پرکيون ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايمان ۽ اعتبار سان شروعات ڪري ٿو، ته پوءِ آخرڪار سندس خاتمو مشرڪيءَ سان ٿيندو پر ان جي بجاءِ جيڪڏهن ڪو شخص شروع ۾ شڪ شهبو ڪري ٿو، ته پوءِ آخرڪار سندسن يقين ۽ ايمان پڪو ٿيندو. “ هيءُ نهايت اڻٽر قاعدو آهي. جديد فلسفي جو هيءُ نعرو عام ٿي ويو آهي. هيءُ سندس آزاديءَ جي اعلان جو هڪ اهم حصو آهي. ٿوري وقت ۾ ڊيڪارٽ (Descartes) پڻ ’طريقي واري شڪ‘ (Methodic Doubt) جي ضرورت پيش ڪندو ۽ ظاهر ڪندو، ته شڪ من جي ڄاري ۽ مير کي صاف ڪندو، شڪ ئي ايمانداريءَ سان خيال ڪرڻ جي هڪ ڪنجي آهي.

بئڪن تحقيق جي سائنسي طريقي جو ساراهه جوڳو ذڪر ڪري ٿو. سڀ کان پهرين تجربو سادو هجي ٿو، جيڪڏهن اهو پاڻ مرادو ٿئي ٿو، ته اهو حادثو آهي، اتفاق آهي ۽ جيڪڏهن اهو ڪجي ٿو، ته اهو تجربو آهي. تجربي جو صحيح ۽ حقيقي طريقو هڪ شمع ٻاري ٿو. [ اهو هڪ مفروضو هجي ٿو] ۽ ان شمع جي روشنيءَ وسيلي رستو ڏسجي ٿو، [ اهو مفروضو تجربن کي ترتيب ڏي ٿو ۽ ان کي ٻين تجربن سان جوڙي ٿو]، اهو مناسب طريقي سان ڪائناتي نتيجن ۽ جُڙيل ڪائناتي حقيقتن ۽ توڙي نون تجربن کي ترتيب ۾ آڻي ٿو ۽ انهن کي هضم ڪرڻ شروع ڪري ٿو، اهو تجربن کي نه بگاڙي ٿو، نه ميساري ٿو، ۽ هتي هن ٻئي ٽڪي ۾ ابتدائي تجربي جي نتيجي کي ذڪر ۾ آڻجي ٿو، جيڪو اسان کي وڌيڪ تحقيق لاءِ رهنمائي ڪندو. بئڪن تي تنقيد ڪندڙن مطابق بئڪن مفروضي، تجربي ۽ نتيجي ڪڍڻ جي عمل جي ضرورت کي واضح نموني سڃاڻڻ [توڙي جا اها ناڪافي آهي] کي مٿاڇرو ڪري ڏٺو آهي. ڪتابن، روايتن ۽ مستند تصنيفن بدران اسان کي قدرت طرف توجهھ ڏيڻ گهرجي. اسان کي گهرجي، ته فطرت کي شڪ ۾ وجھي، کانئس ايتري قدر سوال پڇون، جو آخرڪار پنهنجا لڪل راز ظاهر ڪري، اهڙيءَ ريت پنهنجن مفادن خاطر فطرت تي مڪمل قبضو ڪريون. هرهڪ ڪنڊ ڪڙڇ مان اسان کي دنيا جي فطرت جي باري ۾ تاريخ هٿ ڪرڻ گهرجي، جيڪا يورپ جي سائنسدانن جي گڏيل تحقيق سان تعمير ٿيل هوندي. اسان کي تجربي مان نتيجي ڪڍڻ جو طريقو استعمال ڪرڻ گهرجي. پر تجربي ذريعي نتيجو ڪڍڻ جو مطلب اهو نه آهي، ته سمورو مواد گڏ ڪجي ۽ ان کي ڳڻجي. هيءُ ته شايد اڻ کُٽ ۽ فضول ٿئي. فقط مواد جو انبار سائنس ٿي نه ٿو سگهي. هيءُ ائين آهي جيئن کليل ميدان ۾ شڪار جو پيڇو ڪرڻ. شڪار جي پڪڙڻ لاءِ اهو لازمي آهي، ته اسان پنهنجي ميدان کي سوڙهو ڪريون ۽ شڪار کي چؤطرف وڪوڙي وڃون. دليلن جي ذريعي نتيجي ڪڍڻ جي طريقي ۾ ان ڪاريگريءَ جو هئڻ ضروري آهي، ته ڪيئن مواد جي گروهه بندي ڪجي ۽ فرضي قياس کي ٻاهر ڪڍي ڇڏجي. اهڙي ريت ٻين سڀني ممڪن سمجھاڻين کي ڏاڪي به ڏاڪي خارج ڪري ڇڏجي، تان جو آخرڪار صرف هڪ مڪمل سمجھاڻي وڃي باقي رهي. شايد هن ڪاريگريءَ جو وڌيڪ اهم جزو اهو آهي، جنهن مطابق گهڻائي ۽ ٿورائيءَ جي فهرست تيار ڪجي، جنهن ۾ اهي مثال ڏجن، جن ۾ ٻه خاصيتون يا حالتون گڏجي وڌن يا گهٽجن ٿيون. اهڙيءِ ريت ساڳئي وقت ڦرندڙ گهرندڙ واقعن جي وچ ۾ سبب ۽ نتيجي جو لاڳاپو ظاهر ٿئي ٿو. مثلاً سوال پڇي ته گرمي ڇا آهي؟ تنهن کان پوءِ هو ڪو واقعو ڳولي ٿو، جو گرميءَ سان گڏ وڌي ٿو. گهڻي غور ويچار کان پوءِ هو گرمي ۽ حرڪت جي وچ ۾ لاڳاپو ڳولي لهي ٿو. آخرڪار ان نتيجي تي پهچي ٿو ته گرمي به حرڪت جو هڪ نمونو آهي. اهڙيءِ ريت هو قدرتي سائنس ۾ هڪ خاص اضافو ڪري ٿو.

مواد کي گڏ ڪرڻ سان ۽ ان جي تجزيي ڪرڻ سان، اسان کي ان واقعي جي ’صورت‘ جي ڄاڻ ٿئي ٿي، جنهن جو تجزيو اسان ڪري رهيا آهيون، ٻين لفظن ۾ اسان کي ان واقعي جي اندروني فطرت يا روح جو علم حاصل ٿئي ٿو. بئڪن جي فلسفي ۾ صورتن وارو نظريو هوبهو افلاطون جي خيالن واري نظرئي وانگر آهي. ٻنهي سائنس جي مابعد الطبعيات (Meta Physics) پيش ڪئي آهي. ”جڏهن اسان شين جي صورتن بابت بحث ڪريون ٿا، تڏهن اسان جو مطلب سواءِ ان جو ٻيو ڪوبه نه آهي، ته ڪنهن به سادي فطرتي حرڪت جا قاعدا قانون جاچيون، گرمي يا روشنيءَ جي صورت جو مطلب آهي، گرميءَ ۽ روشنيءَ جا قاعدا قانون.“  [اسپنوزا پڻ ساڳي طرح ۾ چيو، ته گول جو قاعدو سندس جان آهي] ڪائنات ۾ صرف شخصي جسم نظر اچن ٿا، جيڪي خاص قاعدن مطابق ڪي خاص اثر پيدا ڪن ٿا. پر علم جي هرهڪ شاخ ۾ اهي ساڳيا قاعدا سندن تحقيق، جستجو ۽ ترقي، نظرئي ۽ عملي استعمال جو بنياد وجھن ٿا. ڪنهن خاص نظرئي قائم ڪرڻ سان گڏ، ان جو عملي استعمال نهايت ضروري آهي. هڪ ڳالهھ ٻيءَ کان سواءِ بي فائده ۽ جوکائتي آهي. جنهن علم مان ڪجهھ هڙ حاصل نه ٿئي ته اهو ڦڪو ۽ بي جان آهي ۽ انسان ذات جي لائق ڪونه آهي. اسان شين جي روح ڄاڻڻ جي ان لاءِ ڪوشش ڪريون ٿا، ته اسان پنهنجي مرضي مطابق، انهن جي نئين سر تعمير ڪريون. اسان رياضي ان ڪري ٿا سکون ته اسان مقدار جو انداز لهي سگهون ۽ پليون جوڙي سگهون. اسان نفسيات جي ڄاڻ ان ڪري حاصل ڪريون ٿا، ته اسان سماج جي جھنگ وچان، پنهنجو رستو ڳولي لهو. جڏهن سائنس، شين جي قاعدن کي صاف ظاهر ڪندي، تڏهن دنيا هڪ ڪچومواد هوندي، جنهن کي انسان پنهنجي ارادي مطابق مهٽي مروٽي، هڪ مثالي رياست قائم ڪندو.

 

(ت) سائنس جي بنياد تي تعمير ٿيل مثالي رياست

The Utopia of Science

سائنس کي ان ريت مڪمل ڪرڻ، سائنس جي حڪومت هيٺ سماجي نظام کي مڪمل ڪرڻ هڪ مثالي رياست قائم ڪرڻ جي برابر آهي. بئڪن پنهنجي پوئين تصنيف ۾ ان دنيا جو ذڪر ڪيو آهي. سندس وفات کان ٻه سال اڳ سندس آخري ڪتاب ’هڪ نئين دنيا‘ (دي نيو ائٽلانٽس (The New Atlantis) شايع ٿيو. ويلس (Wells) سمجھي ٿو، ته اها سائنس جي عظيم ترين خدمت هئي، جو بئڪن مختصر طور ان سوسائٽيءَ جي پيشڪش ڪئي، جنهن ۾ سائنس هر شيءِ مٿان حڪمران آهي. ان شاهاڻي تصور جي ڪتاب ۾ بئڪن هڪ مقصد پيش ڪيو، جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن صدين اهڙا مجاهد پيش ڪيا جن علم ۽ ايجاد خاطر جهالت ۽ غربت سان جنگ جوٽي. انهن ڪجھه صفحن ۾ بئڪن جو روح سمايل آهي، يا سندس هستي ۽ زندگيءَ جو قاعدو ۽ سندس روح جي مستقل مقصد پيش ڪيل آهي.

افلاطون پنهنجي هڪ مڪالمي ’ٽمئيوس‘ (Timaeus)  ۾ ائٽلانٽس، هڪ اولهه جي سمنڊن ۾ غرق ٿيل هڪ ملڪ جي آکاڻي لکي هئي. بئڪن ۽ ٻين ان ملڪ کي ڪولمبس (Columbus)  ۽ ڪباٽ (Cabot) جي لڌل آمريڪا سان ڀيٽي لکيو. درحقيقت اهو وڏو ملڪ سمنڊ ڪونه ٻوڙيو هو، پر ماڻهن ۾ سامونڊي سفر برداشت ڪرڻ جي همت لڙهي وئي هئي. هاڻي هن قديم ائٽلانٽس جي خبر ماڻهن کي پئي، جتي هڪ طاقتور قوم آباد هئي، پر بئڪن هڪ نئين ائٽلانٽس جو تصور ڪيو، جيڪو پئسفڪ سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ هو، جنهن کي فقط ڊريڪ  (Drake)  ۽ مئگلين (Magellan) ڳولي لڌو. هيءُ ٻيٽ يورپ کان بلڪل پري هو ۽ سندس رهواسي جي رهڻي ڪهڻي ۽ سوچ ويچار يورپ ۽ آمريڪا جي رهاڪن کان بلڪل مختلف هئا. اهڙيءَ ريت بئڪن پنهنجي تصور جونقشو پيش ڪيو آهي.

هڪ سادي پر سليقي واري انداز ۾، بئڪن، ڊيفو (Defoe) ۽ سئفٽ (Swift) جي عظيم آکاڻين وانگر، پنهنجي آکاڻي شروع ڪري ٿو:

”اسان پيرو (Peru) ۾ هڪ سال رهي، پنهنجا ٻيڙا سامونڊي سفر لاءِ تيار ڪيا. اسان جو مقصد هو، ته ڏکڻ سمنڊ رستي چين ۽ جاپان پهچون.“ سامونڊي سطح تي خاموشي ڇائنجي وئي، تمام وڏي سمنڊ تي اسان جا ٻيڙا هفتن جا هفتا اهڙا خاموش رهيا، جهڙا آئيني تي داغ. اسان جو کاڌو خوراڪ پڻ کٽڻ لڳو. تنهن کان پوءِ هڪ زبردست طوفان لڳو، جنهن بي رحميءَ سان اسان جا ٻيڙا هزارين ميل اتر طرف ڌڪي ڇڏيا. ڏکڻ طرف ته هر طرف ٻيٽ پکڙيا پيا هئا، پر اتر طرف صرف اڻ کٽ سمنڊ موجود هو. اسان جو کاڌي جو سامان ڏينهون ڏينهن گهٽجندو ويو ۽ اسان جا ناکئا مرضن ۾ وڪوڙجي ويا. آخرڪار جڏهن اسان حياتيءَ تان آسرو لاهي ڇڏيو، تڏهن سواءِ ڪنهن امڪان جي اوچتو هڪ سهڻو ٻيٽ آسمان هيٺان نظر آيو، جيئن اسان جو ٻيڙو ڪناري جي ويجھو آيو، تيئن اسان ڏٺو، ته ان ٻيٽ جا رهاڪو وحشي ڪونه هئا، پر انهن کي سادو پر تمام خوبصورت لباس پهريل هو ۽ ڳالھه ٻولهھ مان سندن ذهن صاف ۽ ترقي ڪيل پئي نظر آيو. اسان کي ڪناري تي اچڻ جي اجازت ڏني وئي، پر اسان کي ٻڌايو ويو ، ته حڪومت ڌارين کي هميشه لاءِ رهڻ ڪونه ڏيندي آهي،پر ڇاڪاڻ، ته اسان جا ڪي ناکئا بيمار هئا، تنهن ڪري انهن کي ايتري وقت رهڻ جي اجازت ڏني ويئي، جيستائين هو صحتياب ٿين.

صحت بحال ٿيڻ جي عرصي ۾ انهن سياحن نئين ائٽلانٽس جا ڪيترا رارپروڙيا. ان ملڪ جي هڪ رهاڪو کين ٻڌايو، ته ’اڻويهه صديون اڳ هن ٻيٽ ۾ هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو، جنهن جو اسان اڃا تائين سڀ کان وڌيڪ ادب ۽ احترام ڪندا آهيون. سندس نالو هو سليمان (Solamona) ۽ اسان کيس پنهنجي قوم جو قانون ساز سمجھي، سندس عزت ڪندا آهيون. هو وڏي دل وارو هو ۽ سندس سڄو لاڙو پنهنجي ملڪ ۽ رعيت کي خوش رکڻ طرف هو. ان بادشاهه جي اعليٰ ڪارنامن مان هڪ ڪم کي وڏي اهميت هئي. اهو هو نظام يا سماج جي تخليق يا ادارو، جنهن کي سليمان جو گهر سڏيو وڃي ٿو. ڌرتيءَ تي اهو سڀ کان وڌيڪ شاندار بنياد هو ۽ سندس حڪومت جو نور هو.“

تنهن کان پوءِ سليمان جي گهر جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. اهو اهڙو، ته پيچيده آهي، جيڪو هتي مختصر طور پيش نه ٿو ڪري سگهجي، پر احوال اهڙو ته بهترين آهي جو مخالف مئڪاولي پن هن قسم جي فتويٰ ڏيڻ تي راضي ٿيو، ته ”ڪنهن به انساني تصنيف ۾ اهڙو ڪوبه مضمون موجود ڪونه آهي، جو اهڙي گهري ۽ مقدس حڪمت سان اعليٰ نموني ۾ مالامال هجي.“ سليمان جو گهر، نيو ائٽلانٽس ۾ لنڊن جي پارليامينٽ هائوس جھڙو آهي. اهو ٻيٽ جي حڪومت جو گهر آهي. پر اتي سياستدان ڪونه آهن، نه وري اتي بدتهذيبا، بي ادب چونڊيل عيوضي موجود آهي، نه وري اتي، ڪارلائيل (Carlyle) جي چوڻ مطابق، اجائي بڪ بڪ آهي. اتي سياسي گروپ، چونڊ ڪاميٽيون اجلاس، جدوجهدون، وردي پهريل خدمتگار، ايڊيٽوريل، تقيرون، ڪوڙ ۽ چونڊون هرگز نه آهن، ان ملڪ جي رهاڪن جي دماغن ۾ اهو خيال اڃا نه گهڙيو آهي، ته اهڙن ناٽڪي طريقن سان سياسي عهدا ڀريا وڃن. پر سائنسي شهرت حاصل ڪرڻ جو رستو سڀني لاءِ کليل آهي ۽ صرف اهي حڪومت جي ڪائونسل تي ويهڻ جا حقدار آهن، جن اهو رستو پار ڪيو آهي. اها آهي عوام جي حڪومت عوام خاطر پر انهن جي چونڊ اعليٰ ۽ بهترين شخصن جي ذريعي ٿيئي ٿي. حڪومت جو اختيار صرف ڪاريگرن، رازن، علم آڪاس، ڌرتي وگيان، حياتيات، حڪمت، ڪيميا، اقتصاديات، سماجيات، نفسيات جي ماهرن ۽ فلسفين کي عطا ٿيل آهن. ڪهڙو نه عجيب حڪومت جو سرشتو آهي، جنهن ۾ سياتدان غير موجود آهن!

حقيقت ۾ نيو ائٽلانٽس ۾ حڪومت سازي بلڪل نه آهي. مٿيان حاڪم انسانن مٿان حڪمراني ڪرڻ جا شوقين ڪونه آهن، پر قدرت تي قبضو ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. ”اسان جي اداري جو بنياد آهي، سبب ۽ شين جي لڪل حرڪتن جو علم حاصل ڪرڻ، ۽ انساني حڪومت جون حدون وسيع ڪرڻ جيئن سڀ ممڪن شيون قائم ٿي وڃن.“ هيءُ جملو آهي سڄي ڪتاب جو وچور – تَتُ، بئڪن جو روح. اسان ڏسو ٿا، ته ان ملڪ جا حڪمران اهڙي خسيس پورهئي ۾ مصروف آهن، جهڙو تارن جو اڀياس ڪرڻ، آبشارن جي پاڻيءَ کي صنعت ۾ڪم آڻڻ، مختلف مرضن جي شفايابي لاءِ نيون گئسون ايجاد ڪرڻ، علم جراحي لاءِ جانورن تي تجربا ڪرڻ، ٻن نسلن جي ملاوت ذريعي ٻوٽن ۽ جانورن ۾ نسل جو واڌارو ڪرڻ، وغيره ”اسان پکين جي اڏام جو نقل ڪريون ٿا، ٿوري حد تائين هوا ۾ اڏامي سگهون ٿا. اسان وٽ پاڻي اندر داخل ٿيندڙ جهاز ۽ ٻيڙا آهن.“ اتي ٻين ملڪن سان واپار پڻ آهي، پر هڪ عجيب ۽ الڳ قسم جو. ان ٻيٽ جي ايتري اپت آهي، جيتري ان جي کپت ٻاهرين ملڪن جي مارڪيٽن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن جنگ جي ضرورت نه ٿي پوي. ”اسان سون چاندي، هيرن جواهرن، پٽن ريشمن، مرچ مصالحن يا ٻئي ڪنهن به مال ملڪيت جو واپار نه ٿا ڪريون، پر فقط خدا جي پهرين خلقيل شيءِ جو، اها آهي روشني. دنيا جي سڀني حصن جي واڌ جو سبب روشني آهي.“ اهي روشني جا واپاري سليمان جي گهر جا ميمبر آهن. انهن کي هر ٻارنهن سالن کان پوءِ ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليو وڃي ٿو، ته دنيا جي هر مهذب ملڪ ۾ وڃي اتان جي رهاڪن سان لهه وچڙ ۾ اچن، انهن کان ٻولي سکن،انهن جي سائنسي ڄاڻ جو مطالعو ڪن، ۽ انهن جي صنعتي ۽ ادبي ادارن جو اڀياس ڪن. ٻارنهن سالن جي عرصي کان پوءِ هو پنهنجي وطن واپس ورن ٿا ۽ پنهنجي جستجو جي مڪمل رپورٽ تيار ڪري، سليمان جي گهر جي اڳواڻن اڳيان رکن ٿا. سندن جاين تي وري نوان سائنس جا ڳولهائو سفر اختيار ڪن ٿا. اهڙيءِ ريت سڄي دنيا جي بهترين شيءِ ٿوري عرصي ۾ نيو ائٽلانٽس ۾ موجود ٿي وڃي ٿي.

هيءَ هڪ مختصر تصوير آهي، پر ان ۾ اسان هرهڪ فلسفي جي دلي خواهش جو خاڪو پسون ٿا. هر فلسفي جي دلي تمنا اها آهي، ته عام ماڻهو صلح سانت ۽ واجبي رواجي حالتن هيٺ ڪجهھ عقلمند شخصن جي رهبري قبول ڪن. هرهڪ مفڪر جو خواب آهي، ته سياستدانن جي جڳهين تي عالم راهب ٿين. افسوس جو هزارين مفڪرن فلسفين جي اکين جو نور هئڻ باوجود اهو خواب، خواب ئي رهيو. ڇا اهو ان ڪري آهي،جو هڪ مفڪر محض ۽ هڪ خيالي ۽ خواب جي عالم ۾ رهي ٿو ۽ دنيا جي معاملن جي ميدان ۾ اچي پنهنجي خواب کي علمي جامون پهرائڻ جي سگهه نٿو ساري؟ يا ان جو سبب هيءُ آهي، ته قسمت هميشه هڪ تنگ دل عزم وارن، ڪاميابين جي شوقينن کي نرم طبيعت ۽ اصول رکندڙ فلسفين ۽ ڏاهن مٿان فتحياب ڪندي آهي؟ يا ان جو سبب هيءُ آهي، ته سائنس اڃا ٻالڪپڻي ۽ شعوري قوت تي نه پهتي آهي؟ صرف موجوده زماني ۾ طبيعيات ۽ ڪيميا جا ماهر ۽ ڪاريگر ڏسي رهيا آهن، ته صنعتي ۽ جنگي ڪارنامن ۾ سائنس هڪ اهم حصو وٺي رهي آهي، ان ڪري سماجي حڪمت عملي جي معاملن ۾ کين مرڪزي مقام حاصل آهي. وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن سندن منظم قوت دنيا کي سندن رهبري قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندي. شايد سائنس اڃا ان قابل نه آهي، ته دنيا تي حڪمران ٿئي، شايد ٿوري عرصي ۾ سائنس ان قابل ٿي وڃي.

تنقيد Criticism

فرانسز بئڪن جي فلسفي جي ڪيئن تڪ تور ڪئي وڃي؟ ڇا ان ۾ ڪا نئين ڳالهه آهي؟ مئڪالي (Macaulay) سمجھي ٿو، ته بئڪن جو بيان ڪيل دليل جي ذريعي نتيجو ڪڍڻ وارو طريقو تمام پراڻو آهي. جنهن ۾ جوش پيدا ڪرڻ ۽ يادگار ڪري پيش ڪرڻ بيڪار آهي. ”هر هڪ انسان صبح کان وٺي شام تائين جڏهن کان دنيا شروع ٿي، اهو طريقو استعمال ڪري رهيو آهي. فرض ڪيو، ته ڪو انسان جڏهن به گوگڙو کائي ٿو، تڏهن بيمار ٿي پوي ٿو پر جڏهن نٿو کائي تڏهن بيمار نٿو ٿئي، جڏهن گهڻا گوگڙو کائي ٿو تڏهن گهڻو بيمار ٿئي ٿو، پر جڏهن ٿورا کائي ٿو تڏهن ٿورو بيمار ٿئي ٿو. ان مان هيءُ نتيجو ڪڍي ٿو، ته گوگڙو سندس طبيعت سان نٿا ٺهڪن. ان شخص لاشعوري طور نئين نظام جا سڀ قاعدا قانون استعمال ڪري ڇڏيا.“ پر جان سمٿ (John Smith)  بئڪن جي گهڻائي  ۽ ٿورائي جي قاعدن قانونن جي صحيح استعمال کان وڌيڪ واقف هجي ۽ شايد پيٽ جي هيٺئين حصي ۾ زلزلن هئڻ جي باوجود گوگڙن کائڻ جي عادت ڇڏي نه ڏئي، جيتوڻيڪ جان سمٿ عقلمنديءَ کان ڪم به وٺي، پر تنهن هوندي به هو بئڪن جي اعليٰ قابليت ۾ اضافو ڪري نه سگهندو. منطق، سواءِ ان جي ٻيو ڇا ٿو ڪري؟ ڪوبه ضابطو سواءِ ان جي ٻيو ڇا ٿو ڪري، ته قاعدگي قانونن ذريعي ڪجهه عقلمندن جي فن کي هڪ سائنس جي صورت ڏئي، جيڪا سولائي سان سڀني کي سيکاري سگهجي؟

پر انهن قاعدن قانونن جي جوڙجڪ خود بئڪن ڪئي آهي ڇا؟ ڇا سقراط جو طريقو ساڳيو نه آهي؟ ڇا ارسطو جي حياتيات ساڳي طريقي جھڙي نه آهي؟ ڇا راجر بئڪن (Roger bacon) ساڳيو ئي تجربي ۽ دليل ذريعي نتيجي ڪڍڻ وارو طريقو نه سيکاريو ۽ ان تي خود عمل نه ڪيو؟ ڇا گئليلو (Galileo) بهتر نموني اهو طريقو نه ٺاهيو، جنهن تي سائنس هلي رهي آهي؟ راجر بئڪن متعلق اها ڳالهه سورهن آنا سچ آهي، گئليلو متعلق ان کان گهٽ سچ آهي. ارسطو متعلق ان کان به گهٽ سچ ۽ سقراط متعلق ته تمام گهٽ سچ آهي. گئليلو سائنس جو مقصد، پيش ڪيو ۽ نه ان جو طريقو، هن پنهنجي پوئلڳن لاءِ اهو مقصد ظاهر ڪيو، ته سڀني تجربن ۽ رشتن کي رياضيات يا مقداري قاعدن قانون جي صورت ڏني وڃي. ارسطو تجربي ذريعي نتيجي ڪڍڻ کي صرف ان وقت ڪم آندو، جڏهن ٻين ڪمن کان فارغ ٿيو ۽ جڏهن مواد عام مفروضن مان خاص نتيجا ڪڍڻ وقت، سندس آڏو سر نه جھڪايو. سقراط تجربي ذريعي نتيجي ڪڍڻ يا مواد گڏ ڪرڻ تي ايترو زور ڪونه ڏنو. جهڙو جائزي يا لفظن ۽ خيالن جي تعريف ڪرڻ يا فرق لهڻ تي.

بئڪن اصليت جي دعويٰ نٿو ڪري ۽ هو شيڪسپيئر وانگر هڪ شهنشاهي هٿ سان سڀ ڪنهن جي علمي خدمت کي ڀليڪار ۽ گڏوگڏ هيءُ عذر پيش ڪري ٿو، ته جنهن کي هو ڇُهندو، تنهن کي سينگاريندو. سڀ ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ڪي سرچشما آهن، جن مان هو فيض حاصل ڪري ٿو. جيئن هر ساهواري لاءِ کاڌو خوراڪ موجود آهي، صرف هضم ڪرڻ جو طريقو سڀ ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو آهي ۽ خوراڪ مان ماس ۽ خون پيدا ڪرڻ ساڳيو آهي. روالي (Rawaley)  جي چوڻ مطابق ”بئڪن ڪنهن به ماڻهوءَ جي تجربي کي نفرت سان نه ڏٺو، پر هرهڪ ماڻهوءَ جي شمع مان پنهنجو مشعل روشن ڪيائين.“ بئڪن انهن قرضن جو اعتراف ڪري ٿو. هو ’هيپوڪريٽس (Hippocrates) جي ڪارائتي طريقي‘ جو حوالو ڏئي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت يونانين ۾ تجربي منطق (Induction logic) جو سچو سرچشمو ظاهر ڪري ٿو. فرمائي ٿو ته: ”.افلاطون تجربي ۽ تحقيق جو سٺو مثال ڏئي ٿو ۽ مخصوص واقعن جو سهڻو منظر پيش ڪري ٿو، پر اهڙي سهڻي طرز بياني ڪري انهن مان طاقت ۽ ميوو غائب ٿيو وڃي.“ اهڙن اڳين فلسفين جي احسان مڃڻ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ، بئڪن کي خراب لڳي ها ۽ ان احسان جو اجايو واڌارو ڪرڻ اسان کي خراب لڳي ٿو.

پر ڇا بئڪن جو طريقو صحيح رستي تي آهي؟ ڇا اهو ئي طريقو موجوده سائنس استعمال ڪري، سٺو نتيجو حاصل ڪيو آهي؟ ائين نه آهي. عام طور سائنس مواد ڪٺو ڪرڻ ۽ نئين نظام جي قاعدن قانونن مطابق، ان کي استعمال ڪرڻ جي طريقي مان سٺا نتيجا حاصل نه ڪيا آهن. پر قياس آرائي، دليل جي فن ۽ تجربي جي سادي طريقي مان بهترين نتيجن تي پهتي آهي. مثلاً ڊارون، مالٿس (Malthus) جو ’آباديءَ بابت مضمون‘ پڙهندي، خيال ڪيو، ته ڇو نه مالٿس جي نظرئي کي سڀني ساهوارن تي لاڳو ڪجي ته آباديءَ ۾ واڌارو کاڌي خوراڪ جي ذريعن کان وڌيڪ تيزيءَ سان ٿيئي ٿو. ان قياس مان ڊارون اهو نتيجو ڪڍيو، ته آباديءَ جو بار خوراڪ جي شين تي پوي ٿو، جنهن ڪري مختلف ساهوارن جي وچ ۾ زندهه رهڻ لاءِ ڪشمڪش ٿئي ٿي، جنهن مان سڀ کان اعليٰ ۽ قابل وڃي باقي رهن ٿا. ان ڪشمڪش جو هڪ ٻيو اثر هيءُ ٿئي ٿو، جو هرهڪ نسل ۾ هرهڪ نوع (Speice) بدلجي ماحول سان وڌيڪ ويجھي هڪجھڙائي حاصل ڪري ٿو. آخرڪار، قياس ۽ تجربي/دليل ذريعي نتيجو ڪڍڻ (Deduction) رستي پنهنجي مسئلي ۽ تجزين جي ميدان کي محدود ڪري، هن قدرت جي تازي تواني صورت طرف رُخ رکيو، ويهه سال صبر ۽ تحمل سان حقيقت جي تحقيق مان نتيجا ڪڍندو رهيو. ساڳيءَ ريت آئنسٽائين (Einstein)، نيوٽن (Newton) کان هيءُ قياس ورتو، ته روشني سڌين ليڪن ۾ سفر ڪري ٿي. ان قياس مان هن نتيجو ڪڍيو، ته تارو ، جيڪو آسمان ۾ ڪنهن خاص جڳهه تي نظر اچي رهيو آهي، سو حقيقت ۾ ان جڳهه کان هڪ طرف هٽيل آهي. ان نتيجي جي تصديق لاءِ هن تجربي ۽ مشاهدي کان ڪم ورتو. انهن مثالن مان صاف ظاهر آهي، ته بئڪن قياس ۽ تخيل جي اهميت محسوس ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي. بئڪن پاڻ اڳڪٿي ڪري ٿو، ته ڪنهن زماني ۾ سندس طريقو پراڻو ٿي ويندو، زمانو سائنس جو سچو پچو استعمال ۽ تحقيق جا نوان طريقا ڳولي لهندو. هڪ سائنس جيڪو فقط فرصت وقت سائنس سان هٿ چراند ڪري ٿو. ان مان اها اميد رکڻ، ته هو سائنس جا بهترين طريقا هٿ ڪندو، اجايو آهي ”انهن شين جي پچي راس ٿيڻ لاءِ صديون کپن.“

بئڪن جي روحاني جوهر جو عاشق پڻ قبول ڪندو، ته هڪ عظيم چانسلر جي حيثيت ۾ بئڪن ان وقت جي سائنس سان سڌي تعلق کان قاصر هو. هن ڪاپرينڪس (Copernucus) جي ترديد ڪئي، ڪيپلر (Kepler) ۽ ٽائشو براهي (Tycho brahe) کي نظرانداز ڪيو، گلبرٽ (Gilbert) کي پسند نه ڪيو ۽ هاروي (Harvey) کان بي خبري ڏيکاري. حقيقت ۾ هن کي يا ته تحقيق کان تحرير وڌيڪ پسند هئي يا وري هن کي جفاڪشيءَ واري تحقيق لاءِ واندڪائي ڪانه هئي. فلسفي ۽ سائنس ۾ جيڪو هن ڪم ڪيو، سو پنهنجي مرڻ وقت هو، بي ترتيب صفحن جي صورت ۾ ڇڏي ويو. اهي صفحا سڀ ورجاءَ، ٽڪراءَ، خواهشن ۽ تعارفن سان ڀريا پيا آهن. فن ڊگهو آهي ۽ وقت تيزيءَ سان گذري رهيو آهي. اها هر عظيم روح  جي دردناڪ پڄاڻي آهي.

اهڙي سخت پورهئي ڪندڙ انسان، جنهن فلسفي جي تعمير جو ڪم، سرگرم سياسي زندگيءَ کان فارغ ٿي ڪيو، ان سان شيڪسپيئر جا ڪم ڀيٽڻ معنيٰ پڙهندڙن جو وقت فقط خيالي اختلافن سان ضايع ڪرڻ. هرهڪ کي پنهنجون پنهنجيون خوبيون آهن. شيڪسپيئر ۾ ايتري علمي ۽ فلسفي جي ڄاڻ نه آهي، جيتري بئڪن. شيڪسپيئر هرهڪ علم مان ٿورو ٿورو واقف آهي، پر ڪنهن به علم تي مهارت حاصل ڪونه اٿس. هو هرهڪ علم تي هڪ علمي ذوق رکندڙ وانگر مبالغي سان ڳلهائي ٿو. هو نجوميت کي مڃي ٿو. فرمائي ٿو ته: ” هن عظيم رياست تي تارا پنهنجو ڳجھو اثر ڄمائن ٿا.“ پر شيڪسپيئر هميشه اهڙيون غلطيون ڪري ٿو، جيڪو هوند بئڪن ڪڏهن ڪونه ڪري ها. مثلاً شيڪسپيئر جي ناٽڪن ۾ هيڪٽر (Hector) ارسطوءَ جا حوالا پيش ڪري ٿو ۽ ڪارولينس (Coriolanus) ڪاٽو (Cato) جا اشارا ڏئي ٿو. هو سمجهي ٿو، ته ليو پرڪيلييا (Lupercalia) هڪ ٽڪري آهي. هو سيزر کي اهڙي گهرائيءَ سان سمجھي ٿو، ته جھڙو ان کي موجوده زماني جي مشهور عالم ايڇ جي. ويلس (H.G Wells) پنهنجي عالمي تواريخ ۾ سمجھيو آهي. هو سيزر جي ابتدائي زندگيءَ بابت بي انتها حوالا ڏئي ٿو ۽ سندس ازدواجي زندگيءَ جي ڏکن ڏاکڙن جو بيان ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو بازاري، فاحش زبان ۽ عوامي تجنيس کي ڪم آڻي ٿو، جيڪا هوند هڪ فلسفي ڪڏهن به پسند نٿو ڪري. ڪارلائيل شيڪسپيئر کي سڀ کان اعليٰ ذهن وارو سڏي ٿو، پر حقيقت ۾ هو هڪ اعليٰ تصور جو مالڪ هو. ساڳي وقت هو نظر جو تيز پڻ هو. قدرتي طرح هو انساني نفسيات جو ماهر پڻ هو، پر هن کي فلسفي سڏي نه ٿو سگهجي. پنهنجي شخصي زندگيءَ لاءِ توڙي انسان ذات لاءِ هن کي ڪوبه مقصد ڪونه هو، جنهن سان هو خيالن کي متحد ۽ منظم ڪري. هو محبت ۽ انجي مسئلن ۾ غرق آهي. فقط جڏهن سندس دل پرزا پرزا ٿئي ٿي، تڏهن ئي هو فلسفي جو خيال ڪري ٿو ۽ مانٽين (Montaigne) جا اصطلاح ڪم آڻي ٿو. ٻي صورت ۾ هو خوشيءَ سان دنيا کي قبول ڪري ٿو. تعميري تخيل سندس اندر شعلو پيدا نه ٿو ڪري. جنهن باهه افلاطون، نيٽشي ۽ بئڪن کي ممتاز ڪيو. سا شيڪسپيئر ۾ موجود نه هئي.

بئڪن جي عظمت ۽ ڪمزوري ان ڳالهه ۾ سمايل آهي، جو هن ۾وحدت جو جذبو هو. سندس خواهش هئي، ته سوين علمن مٿان پنهنجي اعليٰ ذهن جا پير پکيڙي کين هڪ هنڌ جمع ڪري. سندس دلي خواهش هئي، ته افلاطون وانگر هو هڪ عظيم هستي جي حيثيت ۾ هڪ بلند جبل تان هر شيءِ جو نظارو پسي. هڪ وڏي مهم جي بار هيٺ هو آخرڪار برباد ٿي ويو. سندس بربادي ان سبب ڪري ٿي، جو هن تمام گهڻو ۽ بلند ڪم پنهنجي ذمي، پنهنجي سر تي کنيو. هو علمي جنت ۾ داخل ٿي ڪونه سگهيو. پر بس ان جي حدن تي بيهي پري کان ان جي خوبين جو اظهار ڪندو رهيو.

سندس ڪاميابين پنهنجي عظمت ان ڪري وڃائي ڪانه آهي، ته اها اڻ سڌي آهي. سندس فلسفي جا ڪتاب هن وقت پڙهيا نٿا وڃن، پر انهن ان وقت جي ذهين هستين کي تحرڪ ۾ آڻي ڇڏيو، جن وري دنيا کي پنهنجي قابليت ۽ علم جي وسيلي متحرڪ ڪيو. هو جاڳرتا جي روشن نظرئي ۽ مستحڪم ارادي جو آواز هو. ڪڏهن به ڪنهن انسان، مفڪرن ۾ اهڙو روح نه ڦوڪيو. اها حقيقت آهي، ته جيمس بادشاهه علمي امداد لاءِ سندس رٿ نه قبولي ۽ نئين نظام بابت چيو ته ”اهو ڪتاب خدا جي سڪون وانگر آهي، جيڪو عوام جي سمجهھ کان ٻاهر آهي.“ پر سن 1662ع ۾ بهتر ماڻهن رايل سوسائٽيءَ جو بنياد وڌو، جيڪا سموري دنيا جي سائنسدانن جي جماعت ٿي پئي. انهن بئڪن کي مثال ۽ روح ڦوڪيندڙ ڪري سڏيو. کين اميد هئي، ته اها جماعت سموري يورپ جي جامعت قائم ڪرڻ لاءِ رستو تيار ڪندي. جنهن جي رٿ بئڪن پنهنجي تصنيف ’علمي ترقي‘ ۾ پيش ڪئي. جڏهن فرانس جي سجاڳيءَ جي اعليٰ دماغ وارن ذهني مهم جو اعليٰ ڪارنامو شروع ڪيو، يعني انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪرڻ شروع ڪئي، تڏهن پنهنجو ڪم بئڪن جي نالي سان منسوب ڪيائون. ڊڊيراٽ (Diderot) انسائيڪلوپيڊيا جي تعارف ۾ چيو آهي ته: ”جيڪڏهن اسان پنهنجو ڪم ڪاميابيءَ سان پورو ڪيو آهي، ته اهو فقط سر فرانسز بئڪن جي همت افزائيءَ جو نتيجو آهي، جنهن پهريون دفعو علمن ۽ هنرن جي عالمگير ڊڪشنريءَ ٺاهڻ جي تجويز ان وقت پيش ڪئي، جڏهن علم ۽ نه هنر موجود هو.، جڏهن انساني معلومات جي تاريخ لکڻ نهايت ناممڪن پئي لڳي، تڏهن هڪ اعليٰ دماغ واري شخص اهڙي قسم جي هڪ تاريخ تيار ڪئي.“ ڊي اليمبرٽ (D’Alember)، بئڪن کي سڀني فلسفين مان ذهين، عالمگير ۽ گهرو فلسفي سڏيو آهي. ان جماعت بئنڪن جا ڪتاب سرڪاري خرچ تي ڇپرايا. انگريزي فلسفي جو جسم ۽ جان بئڪن جي اثر ٺهي هيٺ تيار ٿيا آهن. سندس لاڙي، ته دنيا کي ڊيموڪريٽس واري ميڪانيڪي اصطلاح ۾ پيش ڪجي، سندس سيڪريٽري هابس کي مڪمل ماديت جو اوائلي نڪتو ڏنو. تجربي ذريعي نتيجو ڪڍڻ جي طريقي، لاڪ کي تجرباتي نفسيات جو خيال ڏنو، جيڪا مشاهدي جي حدن اندر هجي ۽ مذهبيت ۽ مابعدالطبعيات کان آزاد هجي. هن فائديمند شين ۽ ثمرن تي گهڻو زور ڏنو، جنهنجي اثر هيٺ بينٿام (Benthans) ڪارائتي ۽ نيڪيءَ کي هڪ شيءِ ڪري ليکيو.

جتي به قبضي ڪرڻ جو شوق صبر سان برداشت ڪرڻ جي جذبي مٿان غالب پيو آهي، اتي بئڪن جو اثر محسسو ڪيو ويو آهي. هو انهن سڀني يورپ واسين جو آواز آهي، جن سڄي يورپ کي ٻيلن کان صاف ڪري، انهن جي جاءِ تي علمي ۽ هنري دولت جا ادارا قائم ڪيا آهن ۽ پنهنجي ملڪ کي دنيا جو مرڪز بڻايو. بئڪن چيو آهي ته ”انسان جانور نه آهن، جيڪي ٻن ٽنگن تي سڌا ٿي بيهن ٿا، پر غير فاني ديوتا آهن.“ خالق اسان کي روح عطا ڪيا آهن، جيڪي سڄي دنيا جي برابر آهن، پر تنهن هوندي به ساري دنيا مان به نٿا ڍاپجن.“ انسان لاءِ هر شيءِ ممڪن آهي. وقت اڃا جوان آهي. اسان کي ڪي صديون کپن ۽ تنهن کان پوءِ اسان شين تي قبضو ڪنداسون ۽ سڀني شين جي نئين سر تعمير ڪنداسون. آخرڪار شايد سڀ کان وڌيڪ شاندار سبق پرائيندسون. ته انسان کي انسان سان جنگ ڪرڻ ڪين جڳائي، پر فقط انهن رنڊڪن سان جنگ ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڪاميابيءَ قدرت انساني ڪاميابي خلاف پيش ڪري ٿي. بئڪن پنهنجي هڪ بهترين تصنيف ۾ لکي ٿو ته، ”اهو غلط نه ٿيندو، جيڪڏهن اسان انساني خواهشن کي ٽن حصن ۾ ورهايون، ڄڻ ته اهي ان جا ٽي مختلف درجا آهن. سڀ کان پهرين اهي خواهش مند اچن ٿا. جيڪي پنهنجي رياست اندر پنهنجي شخصي طاقت وڌائڻ جا خواهشمند آهن. خواهش جو هيءُ قسم نيچ آهي. ٻئي قسم ۾ اهي آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ جي قوت ۽ قبضو انسان ذات مٿان وڌائڻ لاءِ پورهئي ۾ آهن. اهي وڌيڪ رتبي وارا آهن پر انهن جي خواهش اوتري ئي آهن. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوشس ڪري، ته خود انسان ذات جي قوت براقرار رهي ۽ وڌي وهجي ۽ سڄي ڪائنات تي انسان غالب پوي، ته پوءِ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته ان ماڻهوءَ جي مراد سڀني کان وڌيڪ فائديمند ۽ شاندار آهي.“ اهو بئڪن جو نصيب هو، جو انهن ٽن قسمن جي مرادن ۽ سندس روح ۾ ڪشمڪش جاري رکندي، کيس پرزا پرزا ڪري ڇڏيو.

آخري لفظ Epilouge:

”جيڪي ماڻهو وڏا عهدا سنڀالين ٿا، سي ٽي دفعا غلام آهن: پنهنجي بادشاهه جا غلام، پنهنجي شهرت جا غلام ، ۽ پنهنجي مشغلي جا غلام. تنهن ڪري نه انهن کي ايترو وقت آهي جو آزاديءَ سان گهمي ڦري سگهن. آهستي آهستي ترقي ڪري وڏي عهدي تي چڙهڻ ۾ وڏو پورهيو آهي. ماڻهو ان لاءِ سور ۽ سختيون سهن ٿا، ته انهن کان به وڌيڪ ڏک ڏسن ٿا. اهو ڪڏهن ته هيچ ڪم ٿيو پوي ۽ ڪڏهن ته بي عزتيون سهي ماڻهو عزت وارو عهدو ماڻن ٿا. وڏي عهدي تي ماڻهوءَ جا قسم هڪ هنڌ تي مضبوطيءَ سان بيٺا نٿا رهن، پر هر جڳهه ترڪڻ نظر اچي ٿي. ان هنڌان واپسي يا ته انسان کي ڪيرائي سندس ڪنڌ ڀڃي وججھي، يا ته وري ڪجهھ عرصي لاءِ گرهڻ جا ڪارا داغ سندس اثر رسوخ تي پئجي ويندا.“ بئڪن جي آخري زندگي جو ڪهڙو نه پر مغز اختصار آهي.

گوئيٽي چيو آهي ته: ”انسان جون ڪمزوريون سندس ماحول جو نتيجو آهن، سندس نيڪي ۽ ڏاهپ جو تعلق سندس شخصي زندگيءَ سان آهي.“ بئڪن جي حالت ۾ اهي لفط بلڪل درست آهن. ائبٽ (Abbott) ايلزبٿ جي درٻار ۾ رائج ٿيل خاصيتن جو ڪٺن مطالعو ڪري، ان نتيجي تي پهچي ٿو، ته سڀ ممتاز شخصيتون مرد توڙي عورتون، مئڪاولي جون پوئلڳ هيون. روجوائسڪم ايلزبيٿ راڻيءَ جي درٻار جون چار مکيه خصلتون ظاهر ڪيون آهن:

مڪاري، ڪوڙ، ٻه چاپڙائي ۽ مقابلو آهن.

درٻار ۾ ڪاميابيءَ جا چار گس،

جيڪڏهن انهن مان تو وٽ ڪوبه نه آهي،

الله واحي، موڪلاڻي تنهنجي او جان چيز!

“Cog, lie, Flattes and face,

Four ways in Court do win men grace,

If thou be thrall to none of these

A way, godd pier! Home, John Chessel!”

انهن رنگين ڏينهن جو هيءُ خاص رواج هوندو هو، ته منصف ’سوکڙيون‘ قبول ڪن. بئڪن ان ڳالهه ۾ ٻين کان پوئتي نه رهيو. بئڪن جو خرچ هميشه سندس ڪمائيءَ کان وڌيڪ هوندو هو، جنهن ڪري هو اخلاقي اصول به قائم رکي نه ٿي سگهيو. ان ڳالهه تي جيڪر ڪوبه ڌيان نه ڏنو وڃي ها، پر بئڪن اسيڪس جي ڪيس ۾ ڪيترا جاني دشمن پيدا ڪيا. هو هميشه گفتار جي تلوار سان دشمنن جو منهن بند ڪندو رهيو، پر اندروني طور سندس دشمن وڌڻ لڳا. هڪ دوست کيس چتاءُ به ڏنو، ”ته درٻار ۾ اها ڳالهه عام آهي، ته جيئن تنهنجي زبان ڪن لاءِ تلوار جو ڪم ڪيو آهي، تيئن انهن جي زبان پڻ تنهنجي لاءِ ٿيندي.“ پر هن انهن ڳالهين تي ڪوبه توجھه ڪونه ڏنو. هن سمجھيو ٿي، ته هو شهنشاهه جو خاص ماڻهو آهي. سن 1618ع ۾ هن کي بئرن (Baron) بڻايو ويو ۽ سن 1621ع ۾ وائڪائونٽ سينٽ (Viscomt St.) ٿيو. ٽي سال هو چانسيلر ٿي رهيو.

پوءِ اوچتو هن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. سن 1621ع ۾ هڪ نا اميد مدعي مٿس هڪ ڪيس ۾ رشوت وٺڻ جو الزام مڙهيو. اها ڪا غير معمولي ڳالهه ڪانه هئي، پر بئڪن کي يڪدم خبر پئي، ته جيڪڏهن سندس دشمن ان ڳالهه تي زور ڏنو، ته پوءِ سندس ٻيڙو سير ۾ هوندو. هُن پنهنجي گهر ۾ اڪيلائي اختيار ڪئي ۽ معاملي جي وڌڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن کيس معلوم ٿيو ته سندس سڀ دشمن سندس موقف لاءِ پڪاري رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي گناهه جو اقرار جيمس پهرئين وٽ موڪلي ڏنو. بادشاهه نئين فتحمند پارليامينٽ جي زور بار اڳيان جھڪي ويو، جنهن کان بئڪن کيس هميشه پنهنجن تقريرن ذريعي بچائيندو رهيو هو. بئڪن کي قيد خاني ۾ موڪليو ويو، پر ٻن ڏينهن کانپوءِ کيس آزادي ملي ۽ بادشاهه ڳري ڏنڊ ڏيڻ کان معافي ڏني، جيڪو هن تي مڙهيو ويو هو. ان هوندي به هن پنهنجو فخر برقرار رکيو. چيائين ته ”انهن پنجاهه سالن اندر مان انگلينڊ جو سڀني کان وڌيڪ انصاف پسند منصف هوس. پر ٻن سو سالن اندر انگلينڊ جي پارليامينٽ اهڙي انصاف واري فتويٰ ڪانه ڏني، جهڙي منهنجي خلاف.“

پنهنجي حياتيءَ جا پويان پنج سال هن پنهنجي گهر ۾ اڪيلائي ۽ امن سان گذاريا. اوچتي غربت هن کي هيسائي ڇڏيو، پر فلسفي جي مطالعي کيس دلي تسڪين ڏني. انهن پنجن سالن ۾ هن پنهنجو لئٽن ۾ عظيم ترين ڪتاب ’علم جو واڌارو‘ لکيو، مضمونن جو طويل نسخو شايع ڪيو، ۽ هينري ستين جي تاريخ لکي. هن افسوس ظاهر ڪيو، ته ڇو نه ان کان اڳ هن سياست کي الوداع چئي، علم ۽ ادب طرف توجهھ  ڏنو. زندگيءَ جي آخر گهڙيءَ تائين هو پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو. ڄڻ ته هن لڙائيءَ جي ميدان تي دم ڏنو. پنهنجي هڪ مضمون ’موت‘ ۾ هن خواهش ظاهر ڪئي هئي، ته پنهنجي ڪم ڪندي ڪندي اوچتو مري وڃجي، ته جيڪر گرمجوشيءِ ۾ زخمي ٿيڻ وانگر سڪرات جو سور محسوس ئي نه ڪجي. سيرز وانگر سندس دلي تمنا پوري ٿي وئي.

مارچ 1626ع ۾ هو لنڊن کان هائگيٽ گهوڙي تي سوار ٿي وڃي رهيو هو. اوچتو سندس دماغ ۾ خيال پيدا ٿيو، ته برف ذريعي گوشت کي ڪيئن خراب ٿيڻ کان بچائجي. هن ارادو ڪيو، ان ڳالهه جي آزمائش ورتي وڃي. هڪ دڪان تان هن هڪ پکي خريد ڪيو. ان کي ماري ان جي اندر برف وڌائين. جنهن وقت هو ائين ڪري رهيو هو، ان وقت کيس زڪام ۽ ڪمزوريءَ حملو ڪيو. پاڻ کي بيمار ڏسي، هن حڪم ڏنو، ته کيس لارڊ آرنڊيل جي جڳهه طرف نيو وڃي. اتي هو بستري داخل ٿيو. ان وقت به هن زندگيءَ تان آسرو نه لاٿو. هن هڪ خوشيءَ ڀريو خط لکيو، ته ڪيئن نه سندس تجربو ڪامياب ٿيو. پر اهو خط سندس آخري خط هو. پوڙهائپ واري زندگيءَ جي موسمي بخار سندس اندر کائي ڇڏيو هو. هو سڄو جلي رک ٿي ويو هو ۽ ايترو ڪمزور ٿي ويو هو، جو بيماريءَ کان پاڻ بچائڻ جي قابل نه هو. آهستي آهستي بيماريءَ سندس دل طرف رخ رکيو. 9- اپريل جي شام 1626ع ۾، پنجھٺ سالن جي ڄمار ۾ هو گذاري ويو. پنهنجي وصيت نامي ۾ هن فخر سان ۽ خاص طرح هي لفظ لکيا: ”مان پنهنجو روح الله تعاليٰ جي سپرد ڪيان ٿو. منهنجي جسم کي گمنام جڳهه دفن ڪيو وڃي. مان پنهنجو نالو آئنده نسلن ۽ ٻاهرين قومن لاءِ ڇڏيان ٿو.“ واقعي ٿيو به ائين جو ايندڙ نسلن ۽ ٻاهرين قومن سندس ڏاهپ کي تسليم ڪيو آهي.

باب چوٿون

اسپنوزا Spinoza:

تاريخ ۽ سوانح عمري

History and biography

(الف) يهودين جو ڊگهو سفر: The Odyssey of the Jews

يهودين جو قصو، سندن ٽوڙ ڦوڙ کان پوءِ، يورپي تاريخ جو هڪ رزمي نظم آهي. سن 70ع ۾ روم وارن يروشلم فتح ڪيو. ڪيترن يهودين ڀڄي وڃي يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پناهه ورتي، ته ڪن واپار خاطر ڌارين ملڪن ۾ وڃي ديرو ڄمايو، مطلب ته هو ڇڙوڇڙ ٿي ويا. وڏن مذهبن جي پوئلڳن مٿن ظلم ڪيو ۽ سندن وجود کي ختم ڪيو. عيسائيت ۽ ٻيا مذهب سندن ئي مقدس ڪتابن ۽ يادگيرين جي زير اثر وجود ۾ آيا، پر پوءِ انهن مذهبن جا پوئلڳ سندن مٿان ظلم ۽ ستم جو مينهن وسائڻ لڳا. جاگيررداري طريقي کين زمين خريد ڪرڻ کان محروم رکيو ۽ پيشور ماڻهن جي جماعتن کين صنعت ۾ بهرو وٺڻ کان روڪيو. کين عليحده سوڙهين گهٽين وارن پاڙن ۾ بند ڪيو ويو ۽ سندن گذر سفر جا ذريعا پڻ محدود ڪيا ويا. حڪمران کين ڦريندا رهيا ۽ عام ماڻهو مٿن اڪثريتي دٻدٻو ڪندا رهيا. پنهنجي پيسي ۽ واپار سان وڏا وڏا شهر تعمير ڪندا رهيا، جيڪي تهذيب لاءِ نهايت ڪارآمد ٿيا، تنهن هوندي به اهي اڇوت، خارج ٿيل، بي عزتي ڪيل ۽ مجروع ٿي رهيا. ڪنهن سياسي نظام جي ۽ اجتماعي اتحاد لاءِ قاعدي قانون جي پابنديءَ جي سواءِ ڪنهن قومي زبان جي سواءِ، هيءَ عجيب قوم پنهنجي جسم ۽  روح کي بچائي سگهي آهي ۽ پنهنجي قومي ۽ تمدني هستي قائم رکي سگهي آهي. بي انداز محبت سان هن پنهنجن پراڻين رسمن ۽ روايتن جي سارسنڀال ڪئي آهي. سندس تعداد هميشه وڌندو رهيو آهي. هر علمي ۽ تعميري ڪمن  ۾ سندس اعليٰ هستين امداد ڏني آهي. ٻن هزار سالن جي سفر کان پوءِ آخرڪار وري کين سندن قديمي وطن ۾ رهايو ويو آهي. سندن غم جي عظمت، سندن سفر جي گوناگون نظارن، سندن فتح جي شان ۽ انصاف کي ڪهڙي ناٽڪ ۾ قلمند ڪجي؟ هن رنگبرنگي حقيقت جي داستان کي ڪهڙي ناول ۾ پيش ڪجي؟

سندس ڇڙوڇڙ ٿيڻ، مقدس شهرن جي ڪِرڻ کان ڪيتريون صديون اڳ، شروع ٿيو هو. ٽاير (Tyre)، سڊن (Sidon) ۽ ٻين بندرن کان هو ڀونچ  (Mediterranean)، سمنڊ جي هرهڪ ڪنڊ ڪڙڇ طرف پکڙجي ويا هئا. اٿينس (Athens)، ائنٽوڪ (Antioch)، سڪندريه (Alxaindria)، ڪارٿيج (Carthage)، روم، مارسيلز (Marseilles) ۽ اسپين ۾ داخل ٿي چڪا هئا. پر سندن مندر جي تباهيءَ کان پوءِ هو وڏي تعداد ۾ هجرت ڪرڻ لڳا. آخرڪار سندن حرڪت ٻن رستن ۾ ورهائجي وئي. هڪ طرف ڊئنيوب (Danube) ۽ رهائين (Rhine) ندين سان لڳولڳ سفر ڪندا رهيا، جتان هو پولينڊ ۽ روس اندر داخل ٿيا، ۽ ٻئي طرف فتحمند مورس (Moors) (711ع) سان گڏ هو اسپين ۽ پورچوگال اندر داخل ٿيا. وچ يورپ اندر هنن واپار ۽ سرمائيداريءَ اندر چڱو نالو ڪڍيو. اسپين ۽ پورچوگال اندر هنن خوشيءَ سان عربن جي رياضي، حڪمت ۽ فلسفي مان فيض حاصل ڪيو ۽ ڪارڊووا، بارسيلونا ۽ سيولي جي وڏن مدرسن ۾ پنهنجي تمدن کي ترقي وٺرايائون. ٻارنهين ۽ تيرهين صديءِ ۾ هنن قديمي ۽ مشرقي تمدن جو ٻج يورپ جي سرزمين تي ڇٽيو. ڪارڊووا ۾ موسز ميمونائيڊس (Moses Maimondides) (1135ع کان 1204ع) بائيبل جي تشريح لکي، جنهن جو نالو آهي، ”گمراهن جو رهبر.“ بارسيلونا ۾ هاسڊاءِ ڪريسڪاز (Hasdai Crescas) (1370ع کان 1430ع) مذهبي بدعتون لکڻ شروع ڪيون، جن يهودين کي جنبش ۾ وجھي ڇڏيو.

جيستائين فرڊيننڊ (Ferdianand) 1492ع ۾ گرئنڊا (Granada) فتح نه ڪيو ۽ عربن کي ڊوڙائي نه ڪڍيائين، تيستائين اسپين جي يهودين ترقي ڪئي ۽ خوشحال رهيا. ان وقت کان وٺي هنن پنهنجي آزادي وڃائي. اسلام جي نرمائيءَ واري ۽ بي تعصب حڪومت کين زندگيءَ جي هر دائري ۾ ترقي ڪرڻ جي کليل آزادي ڏني هئي. هاڻي مذهبي عدالت سندس خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ شروع ڪيا. کين اختيار ڏنو ويو، يا ته هو عيسائيت قبول ڪن، يا ته جلاوطن ٿي پنهنجو مال ملڪيت ضبط ڪرائين. ڪليسا هروڀرو سندن دشمن ڪونه هئي. ڪيترا دفعا عيسائي پيشوائن ساڻن وحشياڻي ورتاءُ ڪرڻ خلاف اعتراض اٿاريا. پر اسپين جي بادشاهه ڏٺو، ته هو جيڪڏهن هڪ ڌاري قوم جي محنت سان گڏ ڪيل دولت سان پنهنجا کيسا ڀري، ته ان ۾ ڪهڙو نقصان. جنهن سال ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌي، ان سال فرڊيننڊ پڻ يهودين کي ڳولي هٿ ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org