سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي

باب: --

صفحو :24

جيئن ته سياسي حق محض دوکو آهن ۽ فقط اقتصادي حق فائديمند ثابت ٿين ٿا، تنهن ڪري جيڪڏهن عورتون محض ووٽن ڏيڻ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿيون، ته پوءِ اهي گمراهه آهن. هڪ نڪتي تي اسپينسر جو ذهن ڪجهه پريشان آهي. هو چوي ٿو، ته سياسي حقن کي ڪابه اهميت نه آهي ۽ ساڳي وقت هيءُ رايو پيش ڪري ٿو، ته اهو تمام ضروري آهي، ته عورت کي ووٽن جو حق نه ڏنو وڃي. هو لڙائيءَ کي نندي ٿو ۽ ساڳي وقت دليل پيش ٿ ڪري، ته جيئن عورتون لڙائيءَ ۾ حصو نه ٿيون وٺن، تنهن ڪري انهن کي سياسي حقن کان محروم رکيو وڃي. اهو ان مرد لاءِ شرمناڪ دليل آهي، جنهن کي عورت سور سهي جنم ڏنو. هو عورتن کان ڪري ڊڄي ٿو، جو انهن ۾ ايثار جو غير معمولي جذبو آهي. جيڪو شايد رياست جي ارتقا لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي، پر ساڳئي وقت سندس ڪتاب جو اعليٰ تصور هيءُ آهي، ته صنعت ۽ صلح، ايثار جي جذبي کي اهڙيءَ حد تائين پهچائيندا، جو خودغرضي جي گهڻائي ميسارجي ويندي ۽ موجوده افراتفريءَ مان هڪ منظم فلسفو ڦٽي ظاهر ٿيندو.

خود پرستي ۽ ايثار جي وچ ۾ ڪشمڪش، فرد جي ڪٽنب، گروهه ۽ نسل سان ڪشمڪش جو نتيجو آهي. شايد خود پرستي غالب پوندي ۽ اها ٻين جي مفادن جو خيال ٿئي، ته جيڪر هرهنڌ ’پهرين توهان‘ جي افراتفري مچي وڃي. سڀ کان اعليٰ عوامي خوشيءَ جو دارومدار ان تي آهي، ته هرهڪ فرد کي آزادي هجي، ته هو معاشرتي حالت جي مقرر ڪيل حدن اندر، پنهنجي انفرادي خوشيءَ جي ڳولا ڪري. ساڳيءَ وقت اسان اها توقع ڪيون ٿا، ته اهو هرهڪ انسان جو فرض آهي، ته هو ٻين سان همدردي ڪري ۽ ٻين جي ڀلي لاءِ پڻ ڪجهه ڪري. هن وقت پڻ والدي خوشيءِ سان پنهنجي اولاد خاطر قربانيون ڪن  ٿا. هرهڪ انسان کي اولاد جي خواهش ٿئي ٿي ۽ پنهنجي اولاد نه هئڻ جي حالت ۾ ڪي انسان ٻين جا ٻار نيپاج لاءِ وٺن ٿا. اهي ڳالهيون ڏيکارين ٿيون، ته انسان جي شخصي ايثار جو جذبو ڪيترو نه ضروري آهي. حب الوطنيءَ جي شدت پڻ ثابت ڪري ٿي، ته ڪيئن نه انسان وسيع قومي مفادن کي پنهنجي وقت شخصي مفادن تي ترجيح ڏئي ٿو. معاشرتي زندگيءَ جو هرهڪ دور، گڏيل امداد جي جذبي کي وڌيڪ زور وٺرائي ٿو. مسلسل معاشرتي ضابطو انساني فطرت کي اهڙو ته موڙيندو، جو آخرڪار هرهڪ انسان ٻين سان همدردي ڪري سچي راحت محسوس ڪندو. انسان ڪنهن اعليٰ طاقت کان ڊڄي، پنهنجا فرض ادا ڪونه ڪندو، پر هن جي نفس ۾ ٻين جي ڀلائي ڪرڻ جي جبلت پيدا ٿيندي. اهڙيءَ ريت انساني سماج جي قدرتي ارتقا اسان کي مثالي رياست جي ويجهو آڻي ٿي.

 

تنقيد: Criticism

علقمند پڙهندڙ هن مختصر مطالعي جي دوران ۾ اسپينسر جي دليل اندر ڪي خاميون ضرور پروڙيندو، پر کيس ياد رکڻ خاطر ڪن ڇڙوپڙ اشارن جي ضرورت پوندي. منفي تنقيد هميسه ناخشگوار لڳندي آهي، خاص ڪري هڪ عظيم ڪاميابيءَ جي مقابلي ۾. پر هتي اسان کي هيءُ مهم آهي، ته ڏسون زماني اسپينسر جي ترڪيبي فلسفي جي ڪهڙي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي.

 

الف- ابتدائي اصول: Frist Principles

 

سڀ کان پهرين رنڊڪ اسان جي آڏو اچي ٿي، سا آهي اها حقيقت جيڪا ادراڪ جي ذريعي ڄاڻي نه ٿي سگهجي. اسان کي دوستاڻي نموني سان علم جي حدن جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. اسان ان زندگيءَ جي عظيم مهاساگر کي ماپي نه ٿا سهگون، جنهن جي اسان فقط هڪ عارضي لهر آهيون. پر اسان ان موضوع کي قطعيت سان بيان نه ٿا ڪري سگهون، ڇاڪاڻ ته منطق جي سخت قاعدن مطابق جيڪڏهن اسان ڪنهن شيءَ بابت هيءُ  آهي، ته اسان کي ان بابت ڪجهه معلومات ضرور آهي. درحقيقت جيئن اسپينسر ڏهن جلدن مان لنگهي پار پئي ٿو، تيئن هو  ’ناقابل ادراڪ‘ جو گهڻو علم ظاهر ڪري ٿو. هيگل جو قول آهي، ته عقل کي دليلن سان محدود ڪرڻ ائين آهي، جيئن پاڻيءَ ۾ گهڙڻ کان سواءِ ترڻ جي ڪوشش ڪرڻ. جيئن اسان پهرين سبب جو تصور نه ٿا ڪري سگهون، تيئن اسين ڪنهن مشين بابت پڻ صحيح ۽ مڪمل تصور ڪري ورتو، جهڙيءَ ريت ڊارون بي ترس انفرادي ڪشمڪش جي دور ۾ رهي ’زندگيءَ لاءِ ڪشمڪش‘ جي نڪتي کي تسليم ڪيو ۽ هر جڳهه تي ڪشمڪش ۽ مقابلو ڏٺائين.

اسان ارتقا جي سندس اعليٰ تعريف بابت ڇا چئون؟ ڇا اها ڪا سمجھاڻي پيش ڪري ٿي؟ جيڪڏهن اسان ائين چئون ته پهريائين هر شيءِ سادي هئي ۽ پوءِ ارتقا جي ذريعي پيچيدگي پيدا ٿي، ته پوءِ اسان قدرت جي سمجھاڻي  ته پيش ڪونه ڪئي. برگسن (Bergson)  هڪ هنڌ چيو آهي، ته اسپينسر ٽڪر ٽڪر کي ٻيهر ڳنڍي ٿو، پر ڪنهن به قسم جي تشريح پيش نه ٿو ڪري. هو دنيا اندر صحيح حيات جي قوت کي نه ٿو پرکي. تنقيد ڪندڙ چون ٿا، ته صحيح طرز اها آهي جو پڙهندڙ گهٽ ۾ گهٽ ڪوشش ڪرڻ سان ڪا سٽ آسانيءَ سان سمجھي سگهن. پر اسپينسر جي اها تعريف ته اسان کي چڙ ڏياري ٿي ڇڏي. پر ان جي باوجود اسپينسر  کي داد ڏيڻ گهرجي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي. سندس تعريف جي ڪمزوري هيءَ آهي، ته هو سمجھي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن شيءِ يا جيو ۾ هم جنس جزا آهن، ته پوءِ اها ان جي ڀيٽ ناپائدار ٿيندي، جنهن ۾ مختلف عناصر آهن. حقيقيت ۾ ڪا پيچيدهه شيءِ ڪنهن سادي شيءِ جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ ناپائدار ٿئي ٿي. علم الانسان ۽ ڪنهن ۽ سياست ۾ اها ڳالهه تسليم ڪئي وئي آهي، ته مختلف عضوا، ناپائداريءَ طرف رخ رکندي آهي ۽ مختلف رنگن، روپن، رتن ۽ خصلتن جوپاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃڻ، سماج جي مضبوطي ۽ پائداريءَ جي نشاني آهي. ٽاردي (Tarde) جو رايو آهي، ته ڪنهن گروهه جا ميمبر پاڻ ۾ ملن جلن ٿا ۽ هڪ ٻئي جي اهل ڪن ٿا، تان جو ڪيترن نسلن کان پوءِ انهن ۾ هڪ جھڙا گڻ پيدا ٿين ٿا ۽ ان هڪجھڙائيءَ جو وڌڻ ئي تهذيب جو باعث بڻجي ٿو. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه آهي ته گوٿائي (Gothic) تعميري نمونو، يوناني تعميري نموني کان وڌيڪ پيچيده آهي، پر ان مان اهو ظاهر نه ٿو ٿئي، ته فني ارتقا اندر ان جي منزل اعليٰ آهي. اسپينسر اٻهرائيءَ سان تسليم ڪيو، ته جيڪو وقت ۾ اوائلي هو سو بناوت ۾ سادو هو. هن حياتي واري مادي جي پيچيدگيءَ ۽ اوائلي انسان جي ذهن جو گهٽ قدر ڪيو. آخر ۾ اسپينسر پنهنجي تعريف ۾ ان اهم ڳالهه جو ذڪر ڪونه ڪيو، جنهن جو ارتقا سان گهاٽو تعلق آهي. يعني قدرتي چونڊ (Natural Selection). جيڪڏهن اسپينسر تاريخ جو ذڪر، ڪشمڪش واري زندگي، ۽ بقاءَ اصلح (Survival of the Fittest) جي اصطلاحن ۾ ڪري ها ته نهايت موزون  ٿئي ها. درحقيقت تاريخ ڏيکاري ٿي، ته ڪيئن سڀ کان صلاحيت واري جانور، سماج، اخلاق، زبانون، تصور ۽ فلسفا قائم رهيا ۽ ٻيا زماني جي ڪشمڪش اندر مٽجي ويا. پر اسپينسر ته ربط ۽ بي ربطي، هم نوعي ۽ مختلف عضون، انتشار ۽ سالميت جي فارمولا پيش ڪري ذهن کي وڌيڪ پريشان ڪري ٿو.

اسپينسر چئي ٿو: ”جيئن ته مان خيالي دنيا ۾ چڪر هڻڻ جو عادي ٿي چڪو آهيان، تنهن ڪري مان انسان ذات جي مادي پهلو جاچڻ ۾ پوئتي رهان ٿو.“ اها ته خطرناڪ ايمانداري آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه آهي، ته اسپينسر جوطريقو بئڪن جي تصور کان بلڪل نرالو هو، ان ۾ سائنسي فڪر جي نظريي کان نرالو رستو اختيار ڪيو ويو آهي. سندس فلسفي ۾ اوليٰ (Apriori) کي وڌيڪ اهميت آهي، جنهن جو مطلب آهي، عام مفروض مان نتيجن کي ڪڍڻ، هڪ سائنسدان وانگر، اسپينسر به مشاهدي سان شروعات ڪئي ۽ سائنسدان وانگر، اسپينسر به مشاهدي سان شروعات ڪئي ۽ سائندان وانگر مفروضا سان اڳتي وڌيو، پر سائندان جي ابتڙ هن تجربي جي مدد ڪونه ورتي ۽ نه وري بي طرفدار مشاهدي جي، هو پنهنجي فرضي نظرئي جي فائدي وارو مواد گڏ ڪندو رهيو. هو نفي وارن مثالن کي سهي ڪري نه سگهيو. ڊاورن کي جيڪڏهن ڪو مثال هٿ ايندو هو، جو سندس دلپسند نظرئي جي ترديد ڪندو هو، ته پوءِ تيزيءَ سان ان کي قلمبند ڪندو هو، کيس خبر هئي، ته اهڙو مثال حافظي مان جلد ئي رفوچڪر ٿي ويندو، جنهن ڪري ان جي ياداشت ضروي آهي. ڊارون ۽ اسپينسر جي طريقن جي وچ ۾ ڪيتري نه ابتڙائي آهي!

 

ب- حياتيات ۽ نفسيات: Biology and Psychology

پنهنجي هڪ مضمون ”ترقي“ جي فوٽ نوٽ ۾ اسپنيسر صاف دليءَ سان قبول ڪري ٿو، ته سندس ارتقا بابت خيال لئمارڪ (Lamarck) جي نظرئي تي ٻڌل اهي. لئمارڪ جو نظريو هيءُ آهي، ته والدين پنهنجو حاصل ڪيل خصلتون اولاد کي ورثي ۾ ڏين ٿا. هو ڊارون جي نظريي جي پيش گوئي نه ٿو ڪري، جنهن جو بنياد قدرتي انتخاب تي ٻڌل آهي. هو لئمارڪ جي نظرئي جو فلسفي هو ۽ نه ڊارون جي نظرئي جو پوئلڳ هو. جڏهن ڊارون جو مشهور ڪتاب ”نوعن جي ابتدا“ شايع ٿيو، تڏهن اسپينسر چاليهن سالن جو هو. ان عمر ۾ ڪنهن به شخص جا ابتدائي اصول اهڙا ته سخت ٿي وڃن ٿا، جو ڦيرگهير جي گنجائش نه ٿي رهي.

سندس نظريي ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون رڪاوٽون نظر اچن ٿيون. جهڙوڪ: سندس متو آهي، ته جيئن ڪنهن قوم يا فرد ۾ ترقي ٿئي ٿي، تيئن ان ۾ پيدائش جي رفتار ڍلي ٿئي ٿي، پر ساڳئي وقت هو سمجھاڻي پيش ڪري نه سگهيو آهي، ته ڇو مهذب يورپ اندر، جهگلي قومن جي ڀيٽ ۾، پيدائش جي رفتار وڌيڪ تيز اهي. سندس حياتياتي نظريي جون وڏيون خاميون آهن، سندس لئمارڪ تي ڀروسو رکڻ ۽ سندس زندگيءَ بابت اثرائتن، ڪارائتن ۽ عالمگير تصور ڳولڻ ۾ ناڪاميابيءَ کي. هُو قبول ڪري ٿو ته زندگيءَ جي تشريح، علم طبعي ۽ علم ڪيميا جي اصطلاحن ۾ ڪري نه ٿي سگهجي. اها ڳالهه باسڻ ڪري هو پنهنجي ارتقا جي فارمولا، زندگيءَ جي تصور ۽ ترڪيبي فلسفي جي ربط کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ٿو. زندگيءَ جو راز ان مان وڌيڪ پروڙي سگهجي ٿو، ته ڪيئن ذهن، ٻاهرين رشتن کي اندروني رشتن سان ٺهڪندڙ بنائي ٿو ۽ ان مان ته ڪيئن ڪو ساهوارو پاڻ کي پنهنجي ماحول سان ٺهڪندڙ بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مڪمل ٺهڪندڙ ته موت برابر آهي.

سندس نفسيات تي لکيل جلد ڳوڙهن مسئلن کي واضح ڪرڻ بدران محض هڪ نسخي پٺيان ٻيو پيش ڪن ٿا. جن حقيقتن جي اسان کي اڳيئي خبر هئي، تن کي مروڙي سروڙي هو هڪ اهڙي صورت ۾ پيش ڪري ٿو ۽ اهڙا ڏکيا اصطلاح استعمال ڪري ٿو، جو ڳالهه جو مقصد اوجهڙ ۾ اولجي وڃي ٿو ۽ اسان انهن کي صاف صاف ڏسي نه ٿا سگهون. پڙهندڙن جو ذهن، نسخن ۽ تعريفن سان اهڙو ته ٿڪجي پوي ٿو، جو هو اها ڳالهه محسوس نه ٿا ڪن ته اسپينسر ذهن ۽ شعور جي ابتدا بابت ته ڪابه سمجھاڻي پيش ڪانه ڪئي آهي. اسپينسر بحث ڪري ٿو ته تن تي ڪاروايون ميڪانيڪي طور ارتقا ڪن ٿيون ۽ نفس انهن جو اندرني ساٿي آهي پر سواءِ هيءُ آهي، ته تنتي ميڪانيڪت کان سواءِ ان ذهني ساٿيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ان جو جواب اسپينسر پيش نه ٿو ڪري. درحقيقت سڄي نفسيات جو خاص نڪتو آهي.

 

ت- سوشيالاجي ۽ اخلاقيات: Sociology and Ethics

جيتوڻيڪ سندس سوشيالاجي هڪ عظيم ڪاميابي آهي. پر ان جا ٻه هزار صفحا اسان کي تنقيد ڪرڻ جا ڪيترا وَجهه فراهم ڪن ٿا. اسپينسر سڄي ڪتاب اندر ان ڳالهه تي کڻي ڳنڍ ٻڌي آهي، ته ارتقا ۽ ترقي هڪ شيءِ آهي. درحقيقت انسان ۽ جيوڙن جي وچ ۾ جيڪا بي رحم جنگ جاري آهي، تنهن ۾ اهو گهڻي قدر ممڪن آهي، ته ارتقا جيوڙن کي سوڀ عطا ڪري. اهو پڻ ظاهر ڪونه آهي، ته فوجي جاگيرداري سرشتو، صنعتي سرشتي جي ڀيٽ ۾ گهٽ صلح پسند ۽ اخلاقي هو. اٿينس جون تباهه ڪندڙ جنگيون تڏهن شروع ٿيون، جڏهن جاگيردارن پنهنجي طاقت واپارين جي هٿ ۾ ڏني. موجوده يورپ جا ملڪ جڏهن پاڻ ۾ وڙهن ٿا، تڏهن کين انهيءَ ڳالهه جي ڪابه پرواهه ڪانه آهي، ته هو صنعتي ملڪ آهن يا غير صنعتي. صنعتي سلطنت شاهي پڻ اڳين شهنشاهن وانگر تباهه ڪندڙ ثابت ٿي ٿئي، جن کي ملڪ گيري جي حوس انڌو ڪري ڇڏيو هو، موجوده زماني جي ملڪن مان دنيا جا ٻه وڏا صنعتي ملڪ هڪ ٻئي سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. جرمنيءَ جي تڪڙي صنعتي ترقيءَ ته اٽلو رياست جي اختياري وڌائي ۽ ان جو آمد و رفت ۽ واپار تي مڪمل قبضو ٿي ويو. ان مان ظاهر آهي، ته اشتراڪيت فوجي نظام جو نتيجو نه آهي. پر صنعتي نظام جو ڦل آهي. درحقيقت اسپينسر ان وقت پنهنجا ڪتاب لکيا، جڏهن انگلينڊ ۾ ٻين ملڪن کان عليحدگيءَ سبب صلح ۽ سلامتي هئي. انگلينڊ صنعتي ۽ تجارتي لحاظ کان اوج تي هو. ان وقت انگلينڊ جي رهواسين جو تجارت تي مڪمل يقين ٿي ويو هو. جيڪڏهن هو موجوده حالتون ڏسي ها، ته ڪيئن نه هڪ ملڪ جي تجارتي فوقيت، آزاد تجارت جي نظرئي کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ٿي ۽ ڪيئن نه جرمنيءَ جو بيلجيم تي حملو ٿيو، جنهن ڪري انگلينڊ جي عليحدگي ۽ صلح ۾ رخنو پيو، ته جيڪر کيس سخت صدمون پهچي ها. اسپينسر صنعتي حڪومت جي نيڪين کي حد کان وڌيڪ ساراهيو. هو اهو ظلم ۽ ستم ڏسي ڪونه سگهيو، جيڪو انگلينڊ اندر صنعتي انقلاب جي ڪري ظاهر ٿيو تان جو حڪومت دخل ڏنو ۽ ان کي دور ڪيو. سندس نظر فقط ان ڳالهه تائين محدود رهي، ته اڻويهين صديءَ جي اڌ ۾ فرد کي اڳي کان وڌيڪ آزادي حاصل ٿي، ان ۾ ڪهڙو عجب ته نٽشي صنعتي نظام کان بيزاري ظاهر ڪئي ۽ وري فوجي زندگيءَ جا ڳڻ ڳائڻ لڳو.

اسپينسر سماج کي هڪ جسم سان تشبيهه ڏني. جيڪڏهن سندس منطق اهڙو ئي طاقتور هجي ها، جهڙو سندس احساس هو ته جيڪر هو اشتراڪيت کي وڌيڪ اهميت ڏئي ها. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه آهي، ته رياست اشتراڪيت، آزاد تجارت کان وڌيڪ، اسپينسر جو اهو نظريو پيش ڪري ٿي،ته ارتقا جو دارومدار گونگاگون شين جي ڳانڍاپي ۽ تعلق تي آهي. جيڪڏهن اسپينسر پنهنجو حساب ڪتان لڳائي ها، ته جيڪر هو جرمنيءَ کي سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪيل ملڪ ڪرري تسليم ڪري ها، انساني جسم اندر حصن کي ته ڪابه آزادي نه آهي، پوءِ ڇو اسين رياست اندر فردن کي آزادي ڏيون؟ ڇو نه هرهڪ فرد محض رياست جا حڪم مڃي ۽ انهن مطابق عمل ڪري؟ اسپينسر جواب ڏئي ٿو، ته سماج اندر هڪ هڪ فرد کي گهٽ يا وڌ شعور به ائين آهي. پر جسم ۾ فقط سڄي جسم کي شعور حاصل آهي. پر اجتماعي شعور به ائين آهي ته ايترو ئي طاقتور آهي، جيترو شخصي شعور. اسان مان فقط ٿورن کي رياست جو احساس آهي. اسپينسر اسان جي مدد ڪئي، ته هو فوجي رياست اشتراڪيت کان اسان کي بچائي، پر ساڳئي وقت کيس پنهنجو منطق قربان ڪرڻو پيو.

اسپينسر جي انهن غلطين جو سبب اهو هو، ته هن انفراديت کي حد کان وڌيڪ اهميت ڏني. اسان کي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي، ته هو ٻن دؤرن جي وچ ۾ پيدا ٿيو. سندس سياسي فڪر جي نشوونما ائڊم سمٿ (Adam smith) جي اثر هيٺ آزاد تجارت جي ڏينهن ۾ ٿي، پر سندس زندگيءَ جي آخرين سالن ۾ انگلينڊ سماجي ضابطي هيٺ صنعتي ڀُل چڪ کي درست ڪري رهيو هو. هو هميشه رياست جي دخل کي خراب نظر سان ڏسندو هو. هن اعتراض اٿاريو، ته رياست کي عوام جي تعليم ۾ ڪوبه دخل ڏيڻ نه گهرجي. سندس راءِ موجب حڪومت کي ڪوبه حق ڪونه آهي. ته سرمائيدارن جي چالبازين کان عوام کي بچائي. هڪ دفعي ته هن دليلبازي ڪئي، ته جنگي انتظام ۽ ڪارروائي پڻ شخصي طور ڪئي وڃي. هو خود پنهنجا قلمي نسخا ڇاپخانن ۾ کڻي ويندو هو، ڇاڪاڻ ته کيس سرڪاري ادارن (پوسٽ آفيسن) ۾ ڪوبه اعتقاد ڪونه هوندو هو.هن کي شديد شخصيت پڻُ هو ۽ هميشه چاهيندو هو، ته ٻيا ماڻهو سندس شخصي مشغولين ۾ دخل نه ڏين. هو ائين ڀائيندو هو، ته هرهڪ نئون قاعدو شخصي آزادي تي حملو آهي، جيڪڏهن حڪومت شهر واسين کي طاقتور ۽ چالباز ظالمن کان نه ٿي بچائي، ته پوءِ ان جو ٻيو ڪهڙو ڪم آهي؟ ان نڪتي کي هو سمجھي نه سگهيو. هو ان ڳالهه کي ڌڪارڻ لڳو، ته حڪومت ائين آهي، جيئن ٻار لاءِ والدين، سندس سياست، حياتيات کان وڌيڪ ، ڊارون جي پوئلڳ آهي.

اچو ته هاڻي ان تنقيد جو خاتمو ڪيون! هاڻي اچو ته ڏسون، سندس شخضيت ڪيتري قدر اهم هئي ۽ سند تصنيفن ۾ ڪيتري قدر ڏاهپ هئي.

 

نتيجو: Conclusion

’ابتدائي اصول‘ اسپينسر کي پنهنجي وقت جو ذري گهٽ سڀ کان مشهور فلسفي ڪيو. جلد ئي ان ڪتاب جا يورپ جي گهڻين ٻولين ۾ ترجما ٿيا. روس ۾ پڻ ان ڪتاب ڪافي شهرت حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ ان کي حڪومت جي ظلم جو مقابلو ڪرڻو پيو. هن کي ان دؤر جو خاص آواز ڪري تسليم ڪيو ويو. سندس اثر نه رڳو يوروپي فڪر تي ظاهر ٿيو. پر ساڳي وقت ادب ۽ فن ۾ پڻ هڪ نئين تحريڪ ”حقيقت پسند“ پيدا ٿي. سن  1869ع ۾ جڏهن هن ڏٺو، ته سندس ڪتاب کي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ درسي ڪتاب ڪري استعمال ڪيو پيو وڃي، تڏهن کيس حيرت ٿي. سن 1870ع کان پوءِ سندس ڪتابن سندس مالي حالت ۾ گهڻو سڌارو آندو. ڪيترن حالتن ۾ کيس ڳريون رقمون سوکڙي طور مليو، جيڪي هن هميشه واپس ڪيون. جڏهن روس جو حڪمران راز اليگزينڊر ٻيو لنڊن ۾ تشريف فرما ٿيو ۽ خواهش ظاهر ڪيائين، ته انگلينڊ جي اعليٰ هستين سان ملاقات ڪري، تڏهن لارڊ ڊربي، (Lord Derby)، اسپينسر، هُڪلسي (Huxley) ۽ ٽنڊال (Tyndall) کي دعوت موڪلي، ٻين دعوت قبول ڪئي، پر اسپينسر انڪار ڪيو. هو هميشه ٿورن ماڻهن سان ملندو هو. سندس قول هو، ته ڪوبه ماڻهو تصنيف سان برابري ڪري نه ٿو سگهي. ذهني ڪارواين جي بهترين پيدائش ڪتابن ۾ سمايل رهي ٿي. پر گفتگو جي صورت ۾ هر قسم جي پيدائش ظاهر ٿئي ٿي، اعليٰ توڙي نيچ. تنهن ڪري ڪنهن به شخص سان گفتگو ڪرڻ مان ايترو فيض حال ڪري نه سگهبو، جيترو سندس ڪتابن جي مطالعي مان جڏهن ماڻهو سندس ملاقات جا حد کان ويڪ مشتاق ٿيندا هئا، تڏهن هو پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏيندو هو ۽ خاموشيءَ سان کين ٻڌندو رهندو هو.

عجب آهي، ته سندس شهرت ايترو ئي جلدي غائب ٿي وئي، جيترو اها آئي هئي. هن کي ڏک ٿيو، جڏهن هن پنهنجي شهرت جو سج لهندي ڏٺو. هرهڪ طبقي وارا ماڻهو هن کان منهن  موڙڻ لڳا. سائنس جا ماهر، جن جي دائري تي  هن حملو ڪيو هو، سي هاڻي سندس عيب ڪڍڻ لڳا. مذهبي پيشوائن هن لاءِ دائمي طور جهنم ۾ جڳهه ٺاهي ڇڏي. مزدور ڌر وارن جن کي سندس جنگ خلاف نعرا پسند هئا. سي هاڻي خارون کائڻ لڳا. جڏهن هو اجتمعايت ۽ ٽريڊ يونين سياست تي پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ لڳو. قدامت پسند ڌر وارن جن کي سندس جنگ خلاف نعرا پسندا هئا، سي هاڻي خارون کائڻ لڳا. جڏهن هو اجتماعيت ۽ ٽريڊ يونين سياست تي پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ لڳو. قدامت پسند ڌر وارن کي پهريائين سندس اجتماعيت (Socialism) تي رايا وڻندا هئا. سي هاڻي کيس شڪ پرست سمجھي نندڻ لڳا. ڏک وچان هن چيو ته مان ڪنهن به آزاد خيال انقلابيءَ کان وڌيڪ انقلابي آهيان. حقيقت جي جستجو ۾ هو هميشه سچو هو ۽ هرهڪ گروهه کي پنهنجي صاف گوئي سان ڪاوڙيائين، مالڪن وانگر ظالم ٿي پوندا. جيڪڏهن طاقت سندن هٿن ۾ ڏني وڃي. عورتن ۾ پوئتي نه ٿي پون. هو هيڪلائي وگهي ٻڍو ٿيڻ لڳو.

جيئن هو ٻڍو ٿيو سندس طبيعت ۾ نرمائي پيدا ٿي. هو هميشه انگلينڊ جي بادشاهه تي کلندو هو. جنهن کي صرف زيور طرف استعمال ڪيو ويندو هو، پر هاڻي چوڻ لڳو، ته جيئن ٻار کان گڏي کسڻ صحيح نه آهي، تيئن عوام کان بادشاهه کسي نه ٿو سگهجي، ساڳيءَ ريت مذهب ۾ پڻ روايتي ايمان ۽ اعتقاد ۾ دخل ڏيڻ ٺيڪ نه ٿيندو، خاص ڪري جڏهن اهڙا عقيده عوام تي سٺو ۽ راحت بخش اثر پيدا ڪن ٿا. هو هاڻي محسوس ڪرڻ لڳو، ته مذهبي عقيده ۽ سياسي تحريڪون عوام جي ضرورتن ۽ جذبن تي اڏيل آهن، جن تي عقلي حملو ڪري نه ٿو سگهجي. هو ان تي راضي ٿيو. ته دنيا ڀلي جيئڻ وڻيس، تيئن پئي هلي ۽ سندس ڳرن ڪتابن تي ڀلي توجهه نه ڏئي، زندگي جي گذريل ورقن تي ٻيهر نگاهه وجهندي، هن سمجھيو ته هو بيوقوف جو زندگيءَ جي سادين خوشين حاصل ڪرڻ بدران هُن محنت ۽ مشقت سان ايترو مواد ڪٺو ڪيو هو ۽ علمي شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مرڻ وقت سن 1903ع ۾ هو ان نتيجي تي پهتو، ته سندس سڄي زندگي جي محنت اجائي وئي هئي.

پر هاڻي اسان کي خبر پئي آهي، ته ائين نه آهي. سندس شهرت جي ڪومائجڻ جو خاص سبب هو مشاهيت پسندي (positivism) خلاف  ردعمل، جنهن ۾ هيگل جو ڪافي حصو هو. جڏهن لبرلزم جو نئون دور شروع  ٿيندو، تڏهن هن جو رتبو وري بلند ٿيندو ۽ هن کي پنهنجي صديءَ جو سڀ کان اعليٰ فلسفي ڪري تسليم ڪيو ويندو. هن فلسفي کي حقيقي شين جي ويجهو آندو ۽ ان کي حقيقت پسنديءَ جو رنگ ڏنو، جنهن ڪري ان جي ڀيٽ ۾ جرمن فلسفو ضعيف ڦڪو ۽ محض خيالي ڏسڻ ۾ آيو. پنهنجي دور جو تت هن اهڙيءَ ريت پيش ڪيو، جهڙيءَ طرح دانتي پنهنجي زماني جو سڄو فڪري عرق پيش ڪيو هو. علم جي وسيع دائري کي هن اهڙيءَ ريت مربوط ڪيو، جو ڪنهن به قسم جي نڪته چينيءَ ڪرڻ وارن کي شرم اي وڃي ۽ هو خاموش ٿي وڃي. سندس محنت ۽ ڪوشش ذريعي ئي اسان اڄ چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا اهيون. اسان هن کان مٿاهان ان ڪري نظر اچي رهيا آهيون جو هن اسان کي پنهنجن ڪلهن تي چاڙهيو آهي. ڪنهن ڏينهن ضرور سندس خلاف مقابلي جو ڏنگ وسري ويندو ۽ انصاف جي تقاضا مطابق کيس اعليٰ رتبو ڏنو ويندو.

 


 

باب نائون

 

فريڊرڪ نٽشي: Friedrich Nietzsche

فريڊرڪ جو شجرو: The lineage of Nietzsche

 

نٽشي ڊارون جو ٻچو ۽ بسمارڪ جو ڀاءُ هو. هيءَ ڳالهه ضروري نه آهي، ته هن انگلينڊ جي ارتقا جي عالمن تي ۽ جرمنيءَ جي قومپرستن تي ٽوڪبازي ڪئي. اها ته سندس عادت هوندي هئي، ته جن جو مٿس گهڻو اثر ٿيندو هو، تن تي هو ٽوڪ بازي ڪندو هو. پنهنجي احسان مڃڻ جو اهو سندس لاشعوري طريقو هو.

اسپينسر جو اخلاقي فلسفو، ارتقا جي نظرئي جو سڀ کان قدرتي نتيجو نه هو. جيڪڏهن زندگي زندهه رهڻ لاءِ ڪشمڪش آهي. جنهن ۾ فقط سڀ کان صلاحيت وارا باقي بچن ٿا، ته پوءِ طاقت مطابق نيڪي آهي ۽ ڪمزوري واحد ڀل. نيڪ اهو آهي، جنهن ۾ زندهه رهڻ جي صلاحيت آهي ۽ جيڪو سوڀ حاصل ڪري ٿو. بد اهو آهي، جيڪو آڻ مڃي ٿو ۽ ناڪامياب ٿئي ٿو. فقط ڊارون جي پوئلڳن جي بزدلي ۽ فرانس جي واپاري طبقي جي احساس برتري، ان حقيقت کي لڪائي سگهي. انهن ماڻهن ۾ اها همت هئي، جو هو عيسائي دينيات جي ترديد ڪن، پر  منطق جي قاعدن تي پوري رهڻ جي منجهن همت ڪانه هئي. ان ڪري هو اخلاقي خيالن ۽ نوڙت، نرمائي ۽ ٻين لاءِ زنده رهڻ جي خام خيالن کان نجات حاصل ڪري نه سگهيا. عيسائيت جي فرقن کان ته هو آزاد ٿيا، پر ڪرستان ٿيڻ کان باز نه آيا. اهو فريڊرڪ نٽشيءَ جو خاص دليل.

”ڪامتي جنهن جو متو هو ’ٻين لاءِ رهو‘، سو عيسائيت کان به گوءِ کڻي ويو آهي، ساڳيءَ ريت جرمنيءَ ۾ شاپينهاور، انگلينڊ ۾ جان اسٽوئرٽ مل، همدرديءَ جي جذبن، رحم ۽ بغير واسطي ڪارائتو ثابت ٿيڻ کي اخلاقي عمل جو مول متو ڪري ورتو.

ڊارون فرانس جي انسائيڪلوپيڊيا جي ماهر جو ڪم لاشعوري طور پورو ڪيو. انهن موجوده زماني جي اخلاقيات کي دينيات کان جدا ڪيو. پر انهن خود اخلاقيات جو نالو نه ورتو. اخلاق هاڻي معجزي وانگر هوا ۾ لڏي رهيو هو. ان ڍونگ کي وڌيڪ حياتيات جي واءَ جي ضرورت هئي. جن ماڻهن منجهه اندر صاف فڪر ڪرڻ جو مادو هو، تن کي ذهن نشين ٿي ويو. ته زندگي جنهن جو ٻيو نالو جنگ آهي، ان ۾ اسان کي نيڪيءَ جي نه، پر قوت جي ضرورت آهي، نوڙت جي نه، پر غرور جي ضرورت آهي، ٻين لاءِ رهڻ جي نه، پر مستحڪم ذهن جي ضرورت آهي. مساوات ۽ جمهوريت ته قدرتي چونڊ ۽ تحفظ جي خلاف آهن، ارتقا جو اهم مقصد عام ماڻهو نه پر غير معمولي ذهن وارا آهن. انسان جي قسمت جو فيصلو ڪندڙ انصاف نه آهي. سندس جهڳڙا نبيرڻ قاضين جو ڪم نه، پر قوت جو آهي. فريڊرڪ نٽشي ايئن ئي سمجھيو هو.

جيڪڏهن اها سڀ حقيقت هئي، ته واقعي بي سمارڪ پنهنجي زماني جو سڀ کان اعليٰ ۽ پرمطلب انسان هو. هن انسان کي زندگيءَ جي حقيقت جي ڄاڻ هئي، جنهن صاف صاف چيو، ته قومن جي وچ ۾ رحم ۽ ڀلائي بي معنيٰ آهن ۽ موجوده معاملا ووٽن، فصيح زباني ذريعي حل ٿي نه سگهندا، پر خونريزي ۽ طاقت ذريعي. يورپ، جيڪو وهمن فريبن، جمهوري نظامن ۽ اعليٰ مقصدن سان ڀريو پيو هو، تنهن لاءِ هُو واچوڙو ٿي آيو. چند مهينن اندر هن اسٽريا کي مجبور ڪيو، ته اها کيس اڳواڻ ڪري تسليم ڪري، چند مهينن اندر هن فرانس جو ڪنڌ هيٺ ڪيو، جيڪا اڃا تائين نيپولين جا خواب ڏسي رهي هئي، نه رڳو ايترو پر انهن ٿورن مهينن اندر هن جرمني جي سڀني خودمختيار رياستن تي زور رکيو، ته اهي ملڪ هڪ اعليٰ جرمن حڪومت ٺاهين ۽ قوت تي ٻڌل اخلاق جو هڪ نئون نمونو پيش ڪن. جرمنيءَ جي وڌندڙ فوج ۽ صنعت کي هڪ نئين آواز جي ضرورت هئي. جنگ کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ هڪ نئين فلسفي جي ضرورت هئي. عيسائيت ائين نه چاهيو، پر ڊارون جو نظريو ائين ڪري سگهيو ٿي. جنگ جي اهميت ثابت ڪرڻ لاءِ ڊارونزم کي بي ڊپائي ۽ حوصلي جي ضرورت هئي. نيٽشي کي اهو حوصلو هو ۽ هو ان نئين فلسفي جو آواز ٿيو.

 

نوجواني: Youth

انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سندس والد پادري هو، سندس ابن ڏاڏن جو تعلق هميشه ڪليسا سان هوندو هو ۽ هو خود پڇاڙيءَ تائين هڪ مبلغ ٿي رهيو. هن عيسائيت تي ان ڪري حملو ڪيو، جو هن ۾ عيسائيت جو اخلاقي روح گهڻي قدر سمايل هو. هن جي فلسفي جو مول متو هو ڪوشش ڪرڻ ته  نرمائي، رحمدلي ۽ صلح طرف رغبت جي آڏو ٻي ڪا طاقت مقابلي لاءِ آڻجي، جيئن توازن نئين سر قائم ٿي سگهي. ڇا اها هن جي بي عزتي نه هئي، جو جينوئا (genoa)  جا نيڪ ماڻهو کيس درويش جو لقب ڏين؟ سندس ماءُ نهايت پرهيزگار ۽نيڪ مائي هئي. اهڙي ئي ماءُ ڪانٽ جھڙي هستي پيدا ڪئي هئي، سواءِ هڪ خطرناڪ واقعي جي، سندس ساري زندگي نيڪي ۽ پاڪدامنيءَ جو مجسمو هئي. تنهن ڪري ئي هن محبت وطني ۽ پرهيزگاريءَ تي حملو ڪيو. هڪ گنهگار ٿيڻ جي منجهس ڪيتري نه آرزو هئي. هو هڪ درويش هو. جنهن جو سڌارڻ محال هو.

هو سن 1844ع ۾ 10 آڪٽوبر تي روڪن شهر ۾ ڄائو، جو پرشيا ۾ هو. ساڳي ئي پرشيا جي شهنشاهه فريڊرڪ وليم چوٿين جي ڄمڻ جي تاريخ هئي. سندس والد شاهاڻي ڪٽنب جي ڪيترن ٻارن کي تعليم ڏڏني هئي ۽ کيس ان ڳالهه تي خوشي ٿي ۽ هن بادشاهه جو نالو پنهنجي پٽ تي رکيو. نٽشي پاڻ چيو آهي، ته ڄمڻ جي تاريخ مون کي هڪ فائدو ڏنو ان تاريخ تي ساري ملڪ ۾ خوشي ملهائي ويندي هئي.

سندس والد جلد ئي دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، جنهن ڪري هو گهرجي پاڪ عورتن جي سارسنڀال هيٺ ٿي پيو، جن نهايت نزاڪت ۽ نفاست سان سندس پرگهور ڪئي. هو محلي جي خراب ڇوڪرن کي ڌڪاريندو هو، جيڪي پکين جي آکيرن کي ڊاهيندا هئا، باغيچن تي حملو ڪندا هئا، جنگي جوڌا ٿي رانديون ڪندا هئا ۽ ڪوڙ ڳالهائيندا هئا. سندس هم ڪلاسي کيس چوٿون پادري ڪري پڪاريندا هئا. سندس خوشي ان ۾ هوندي هئي، ته هو ٻين کان ڪنارهه ڪشي ڪري ۽ بائيبل پڙهي. ڪڏهن ڪڏهن هو ٻين کي بائيبل اهڙي ته احساسن سان پڙهي ٻڌائيندو هو، جو انهن جي اکين مان لڙڪ وهندا نظر ايندا هئا. پر ساڳي وقت سندس شخصيت ۾ هڪ قسم جو فخر هو. جڏهن سندس ڪلاسي بائيبل جي ڪنهن آکاڻي ۾ شڪ ڪندا هئا، ته هو ڇا ڪندو هو جو ماچيس جون تيليون ٻاري پنهنجي تريءَ تي رکندو هو، تان جو سڀ ٻري ختم ٿي وينديون هيون، سندس سڄي زندگي ان ڳالهه لاءِ هڪ تڙپ هئي، ته ڪيئن هو هڪ مرد مجاهد ٿي رهي. سندس قول هو، ته جيڪي ڪجهه مان نه آهيان، سوئي منهنجي لاءِ منهنجو خدا ۽ نيڪي آهي.

ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ هن جو پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا مان اعتقاد نڪري ويو ۽ باقي ساري زندگيءَ ۾ هو خدا جي صحيح تصور جي جستجو ڪندو رهيو. هن سمجھيو، ته هن اهو تصور اعليٰ انسان (Superman) ۾ ڳولي لڌو هو. گهڻو پوءِ هن چيو، ته سندس اعتقاد آهستي ۽ نرمائي سان ڦريو. پر هن کي پنهنجي پاڻ کي دوکي ڏيڻ جي عادت هوندي هئي ۽ سندس سوانح عمري ڀروسي جهڙي نه آهي. هو ان جواريءَ وانگر شڪ پرست ٿي پيو، جنهن زندگيءَ جي ساري موڙي هڪ داءُ تي لڳائي هجي ۽ هارايو هجي. مذهب ته سندس زندگيءَ جو جوهر هو. هاڻي کيس زندگي ويران ۽ بي معنيٰ پئي لڳي. اوچتو ئي اوچتو پنهنجي ڪاليجي سنگتين سان گڏ هو پرهيزگاري جا قاعدا قانون وساري ويٺو ۽ زندگيءَ جا مزا لٽڻ لڳو. پر جلد ئي شراب، عورتن ۽ تماڪ هن جي نفس ۾ نفرت پيدا ڪئي ۽ عيش عشرت کي نندڻ لڳو. جيڪي ماڻهو شراب پيئڻ ،يا پائيپ ڇڪن ٿا، سي ڪڏهن به صاف ادراڪ ۽ نفيس خيال جا لائق نه آهن.

سن 1865ع ڌاري هن شاپينهاور جو مشهور ڪتاب ’دنيا هڪ ارادي ۽ خيال جي حيثيت ۾‘ ڳولي لڌو. سندس خيال موجب اهو ڪتاب هڪ آئينو هو، جنهن ۾ هن دنيا، زندگيءَ پنهنجي طرت هڪ اعليٰ پيماني تي نقش ڪيل ڏٺي. اهو ڪتاب هو پنهنجي گهر کڻي ويو ۽ هڪ بکايل وانگر هرهڪ لفظ هن غور سان پڙهيو. کيس ائين محسوس پئي ٿيو، ڄڻ ته شاپينهاور شخصي طور هن کي پڪاري رهيو هو. ساڳيو ئي اتساهه هن ۾ پيدا ٿيو، ڄڻ ته هو سندس اکين آڏو هو. هر هڪ سٽ زور سان پڪاري رهي هئي، ته دنيا جي اجاين مزن کي ترڪ ڪيو ۽ توڪل ڪيو. شاپينهاور جي فلسفي جي اونداهي رنگ سان هو رنگجي ويو. گهڻو پوءِ جڏهن شاپينهاور جي فلسفي کي ٿُو کٽا ڪري ڦٽي ڪيو. جڏهن پڻ هو هڪ غمگين انسان ٿي پيو. سندس تنتي سرشتي کيس غم خاطر ئي پيدا ڪيو هو. فقط اسپنوزا ۽ گيٽي ئي هن کي شاپينهاور جي اثر کان بچائي سگهن ها. جيتوڻيڪ هو درويشاڻي توڪل ۽ روحاني توازن جي سکيا ڏيندو رهيو، پر عملي زندگيءَ ۾ اهي شيون کيس نصب نه ٿيون.

ٽيويهن ورهين جي ڄمار ۾ کيس فوج ۾ زوريءَ ڀرتي ڪيو ويو. هو گهڻو خوش ٿئي ها، جيڪڏهن نظر جي ڪوتاهيءَ سبب يا بيواهه ماءُ کي اڪيلو پٽ هئڻ سبب ڪري کيس فوجي خدمت کان ڇوٽڪارو ملي ها، پر فوجي آفيسرن هن کي نه ڇڏيو. ان زماني ۾ فلسيفن کي به توبن جو کاڄ بڻايو ويندو هو. پر اتفاق هو گهوڙي تان ڪري پيو ۽ سندس ڇاتيءَ جون مشڪون اهڙيون ته ضربجي پيون، جو هن کي فوجي خدمت جي لائق سمجھيو نه ويو. نٽشي ان ايذاءُ کان ڪڏهن به مڪمل ڇوٽڪارو حاصل نه ڪيو. سندس فوجي آزمودو اهڙو ته ٿورو هو، جو هو ڪڏهن به صاف رايو قائم ڪري نه سگهيو ۽ سپاهين متعلق هو هميشه وهمن ۾ مبتلا رهيو، حڪمن ڏيڻ ۽ فرمانبداري ڪرڻ هن جي تصور تي عجيب اثر ڪيو. هو فوجي سپاهيءَ جي بندگي ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته کيس سپاهيءَ جي زندگيءَ گذارڻ جو موقعو نه مليو هو.

فوجي زندگيءَ جي ابتڙ هن کي تعليمي زندگي گذارڻي پئي. مجاهد ٿيڻ جي بدران هو هڪ علمي ڊاڪٽر (Ph.D) ٿيو. پنجويهن ورهين جي ڄمار ۾ کيس باسل (basle) يونيورسٽيءَ ۾ قديم ٻولين جي پروفيسري ملي. ان ڏورانهين هنڌان هو بسمارڪ جي خوني سوين کي ساراهي سگهيو ٿي. پنهنجي خاموش زندگيءَ تي هو غم ظاهر ڪندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن کيس دوا درمل ڪرڻ جهڙي عملي ۽ هوشيار پيشي لاءِ سڪ ٿيندي هئي ۽ ڪڏهن وري سندس دل ۾ موسيقيءَ لاءَ محبت ٿيندي هئي، هو پيانو وڄائڻ سکيو. سندس قول هو، ته سواءِ موسيقي جي زندگي هڪ غلطي آهي.

باسل جي قريب ٻيو هڪ شهر ٽربشن (Tribschen)  هو، جتي موسيقيءَ جو استاد ۽ رچرڊ وئگنر (Richard Wagner) ٻئي ماڻهوءَ جي زال سان گڏ رهي رهيو هو. نيٽشيءَ کي دعوت ملي، ته هو سن 1879ع جو ڪرسمس اتي ملهائي. وئگنر چاهيو ٿي، ته کيس اهڙو ڪو عالم ملي، جو موسيقيءَ جي نئين تحريڪ کي زور وٺائڻ ۾ سندس مدد ڪري. نٽشيءَ جي پرجوش ڀليڪار ٿي. نتيجو اهو نڪتو جو نٽشي هڪ ڪتاب لکڻ جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ هن وئگنر ۽ سندس تحريڪ جي پرزور تبليغ ڪئي. هو آلپس جبلن ۾ ويو، جيئن هو دنيا جي گوڙ گهمسان کان پري رهي ڪري ڪتاب جي تڪميل ڪري سگهي. اتي سن 1870ع ۾ کيس خبر ملي، ته جرمنيءَ فرانس لڙائيءَ جو اعلان ڪيو آهي.

هو ڪجهه قدر هٻڪيو. يوناني روح ۽ شعر، ناٽڪ، فلسفي ۽ موسيقيءَ جي ديوين هن مٿان پيار جا هٿ گهمايا هئا، پر کيس ملڪ لاءِ فرض ادائي ڪرڻي هئي، اها ڳالهه پڻ هڪ شعر هئي. هن چيو، ته ”هن حالت جي شروعات ته واقعي شرمناڪ آهي. گهڻ ماڻهن لاءِ ته هڪ درد جي لهر پيدا ٿي آهي، جيڪا خشڪ ٿيڻ جهڙو نه آهي، هڪ شعلو پيدا ٿيو آهي، جو کين بسم ڪري ڇڏيندو. پر تنهن هوندي به جڏهن سڏ ٿئي ٿو، تڏهن ماڻهن کي پنهنجي نفس جي ڪابه خبر نه ٿي رهي. ماڻهن جي انبوهه شخصي غرض وساري، همت ۽ بردباريءَ سان اڳتي قدم وڌائي ٿو ۽ هرهڪ مجاهد ٿي وڃي ٿو.“ جيئن هو لڙائيءَ جي ميدا طرف وڃي رهيو هو، تيئن فرئنڪفورٽ وٽ هن هڪ گهوڙيسوارن جو دستو ڏٺو، جيڪي شهر مان وڏي شان ۽ دٻدٻي سان لنگهي رهيا هئا. اتي جو اتي هن جي ذهن اندر هڪ عظيم تصور پيدا ٿيو، جنهن مان سندس سڄو فلسفو آخرڪار ڦٽي طاهر ٿيو. هن چيو، ته ”مون هاڻي محسوس ڪيو، ته سڀ کان زوردار ۽ اعليٰ زندگي جو اظهار، زندگيءَ لاءِ نيچ نموني ڪشمڪش ڪرڻ اندر نه آهي، پر جنگ ڪرڻ جي ارادي اندر، قوت حاصل ڪرڻ جي ارادي اندر ۽ ٻين کي ماري مات ڪرڻ جي ارادي اندر آهي.“ ڪوتاهه نظر ڪري وري به هن کي فوجي خدمت جي لائق نه سمجهيو ويو، پر هن کي زخميل سپاهين جي ملم پٽي ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو. جيتوڻي هن گهڻائي خطرا اکين سان ڏٺا، پر تڏهن به لڙائيءَ جي ميدان جون آهون ۽ ڪوڪون، خون ۽ خرابيون سندس نظرن مان نه گذريون. هن ڪڏهن به جنگ جي وحشي ڪارنامن متعلق سنئون سڌو آزمودو نه پرايو. هڪ اڻ آزمودگار وانگر هن فقط ڪارنامن متعلق سنئون سڌو آزمودو نه پرايو. هڪ اڻ آزمودگار وانگر هن فقط پنهنجي تصور کي استعمال ڪيو ۽ هڪ بزدل وانگر لڙائيءَ کي ساراهيندو رهيو، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ لڙائيءَ جي اُگرن اثرن کان آزاد هو. ملم پٽي ڪرڻ وقت پڻ هو ضرورت کان وڌيڪ جذباتي ٿي ويندو هو ۽ رت جو نظار کيس بيمار ڪري ڇڏيندو هو. آخرڪار هو بيمار ٿي تباهيءَ جي حالت ۾ گهر واپس ويو. ان کان پوءِ آخرين دم تائين هن ۾ شيليءَ جهڙي جذبات هئي ۽ ڪارلائيل جهڙي همت. مطلب ته منجهس هڪ مجاهد جي پاکر (زرهه) اندر هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ جي دل هئي.

 

نٽشي ۽ وئگنر: Nietzsche and Wagner

سن 1872ع جي شروع ۾ هن پنهنجو پهريون مڪمل ڪتاب شايع ڪيو، جنهن جو نالو هو، ”موسيقيءَ جي روح مان افسوسناڪ ناٽڪ جو پيدا ٿيڻ“. اڳي ڪڏهن به لغت جي ماهر اهڙي مٺي ۽ وڻندڙ زبان سان نه ٻوليو هو. هن ٻن ديوتائن جو ذڪر ڪيو، جن کي يوناني فن پوڄيو هو، هڪ ڊائينسز يا بئڪس: شراب ۽ موج جو ديوتا، مٿي اسرندڙ زندگيءَ جو ديوتا، عمل ۾ خوشيءَ جو ديوتا، مست جذبات جبلت، جوکي ۽ بي ڊپائيءَ سان سهڻ جو ديوتا، گيت ۽ موسيقي، ناچ ۽ ناٽڪ جو ديوتا ۽ ٻيو اپولو، صلح ۽ سلامتيءَ، واندڪائي ۽ هيڪڙائي جو ديوتا، جمالياتي جذبات ۽ ذهن فڪر جو ديوتا، منطقي نظام ۽ فلسفياڻي اڪيلائيءَ جو ديوتا، مصوري، نقاشي ۽ شاهاڻي شعر جو ديوتا. انهن ٻن تصورن جي ميلاپ مان سڀ کان شاندار يوناني فن پيدا ٿيو، هڪ تصور هو پريشان مرداڻو جاهه ۽ جلوهه، ته ٻئي طرف وري هو خاموش زنانو حسن. ناتڪ اندر ڊائينسز ڪورس (Chorus) کي الهام ڏنو، ته اپولو گفتگو ڪندڙن کي ڊائنسز جي پوئلڳن جي جلوسن مان ئي ڪورس جي ابتدا  ٿي. گفتگو ، ان کان پوءِ هن جو خيال هو، جيڪو فڪر ۽ جذباتي آزمودي جو نتيجو هو.

يوناني ناٽڪ جو سڀ کان اهم ڳڻ هو ڊائينسز جو فن ذريعي تاريڪ خيالي مٿان غالب پوڻ. يوناني خوش مزاج ۽ روشن خيال نه هئا، کيس زندگيءَ جي ڪڙائي ۽ ڏنگن جي گهري واقفيت هئي. جڏهن مئڊاس، سئلينس کان پڇيو، ته انسان لاءِ سڀ کان ڪهڙو نصيب سٺو آهي، تڏهن هن جواب ڏنو،: ”او فقط هڪ ڏينهن زندهه رهندڙ رحم جوڳا انسان! حادثن ۽ غمن جا پاليل ٻار! تون ڇو مون کان ائين چورائڻ ٿو چاهين، سو جيڪر نه ٻڌين ته بهتر ٿئي. سڀ کان سٺو ته نه ملڻ جوڳو آهي. يعني نه ڄمڻ ۽ ڪجهه به نه ٿيڻ. ان کان پوءِ سٺو نصيب اهو آهي، ته جلد ئي مري وڃجي.“ اهڙن ماڻهن کي ڪهڙي ضرورت هئي، جو شاپينهاور يا هندو فقيرن کان پرائين؟ پر يوناني زندگيءَ جي تلخي ۽ تاريڪيءَ کي پنهنجي فن جي روشنيءَ سان ماري مات ڪيو. پنهنجي ڏک درد مان هنن ناتڪ جو نظارو ٺاهيو. آخرڪار هنن معلوم ڪيو، ته زندگي ۽ دنيا جو وجود فقط ان لاءِ  آهي، ته اهي فني فڪر ۽ تعمير لاءِ ٻاهريون مثال ٿي ڪم اچن. جيڪڏهن ڪنهن ڀيانڪ شيءَ کي ڪلا جي ذريعي کٽجي، ته ان جو نتيجو گهڻائي ۽ گهرائيءَ جو متلاشي آهي. جيتوڻيڪ هو ان ڪري دک درد ڀوڳي ٿو. هن کي راحت ملي ٿي، جڏهن هو ڳولي لهي ٿو، ته مقابلو زندگيءَ جو خاص قانون آهي. اهڙي ذهنيت يونان کي اوج تي آندو ۽ ائسڪيلس جهڙا ناٽڪ نويس پيدا ڪيا.

سقراط هڪ نظرياتي انسان هو. سندس شخصيت ظاهر ڪري ٿي، ته ان وقت يوناني اخلاق جي رڳ ڍري ٿي چڪي هئي. ان ڪري جسماني ۽ ذهني قوتون ضعيف ٿي رهيو هيون. فلسفياڻي شعر جي بدران هاڻي تنقيدي فلسفو اي ويو هو. فن جي جوهه هاڻي سائنس ورتي هئي. جبلت جي جاءِ تي عقل اچي واسو ڪيو هو ۽ راندين جي بدران عقلي دليل بازي جاري ٿي وئي هئي. سقراط جي اثر هيٺ افلاطون جھڙو پهلوان به حسن ۽ جمال جو عاشق ٿي پيو، ناٽڪ نويس مان ڦري منطق جو شوقين ٿي پيو، هو جذبات کي ڌڪارڻ جا اهي لفظ اُڪيريل هئا، جيڪي سندس غير جذباتي عقلمندي جا اها لفظ اڪريل هئا، جيڪي سندس غير جذباتي عقلمندي جا ترجمان هئا: ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ ۽ زيادتي نه ڪر.“ سقراط ۽ افلاطون لاءِ اهي لفظ هڪ دوکو هئا، جنهن هنن کي اها ڳالهه قبول ڪرائي ته عقلمندي ئي واحد نيڪي آهي. انهن لفظن جي زر اثر ئي ارسطو پنهنجي بزدليءَ وارو متو ٺاهيو ته ”سڀ کان اعليٰ رستو آهي وچون رستو.“ نوجوانيءَ جي سمي ۾ ڪابه قوم ديومالا ۽ شعر ٺاهي ٿي، ٻڍاپڻ جي زماني ۾ فلسفو ۽ منطق نوجوانيءَ وقت يونان هومر ۽ ائسڪيلس پيدا ڪيا، خزان وقت يوريپائڊيز پيدا ٿيو، جو ظاهر ته ناٽڪ نويس هو، پر حقيقت ۾ منطقي ماڻهو هو. هڪ هڪ عقليت پسند هو، جنهن اڳوڻين آکاڻي ۽ تمثيلن جي پاڙ پٽي ڪڍي، هو سقراط جو دوست هو ۽ هن ماڻهن کي ڊائينسز جي بندگيءَ کان پري، اپولو جي دليل جي الاهي آواز سقراط کي سڀ کان وڌيڪ عقلمند قرار ڏنو ۽ ان کان پوءِ يوريپائڊيز کيٰ ائرسٽآفينز جي جبلت، سقراط ۽ يوريپائڊيز کي پوئتي پيل تمدن جا مثال ڪري ڏٺو. اهو پڻ سڇ آهي، ته آخرڪار اهي ٻئي پنهنجي حرڪتن کان باز آيا. يوريپائيڊيز جو پويو ناٽڪ ’بئڪي‘ ڃڻ ته مصنف جي خودڪشي جو اظهار آهي  ۽ ڊائيسز جو قوت آڏو سندس نمڻ هو. سقراط پڻ مرڻ کان ٿورو اڳ قيد خاني ۾ ڊائيسز جا سر آلاپيندو هو، جيئن سندس ضمير کي تسڪين حاصل ٿئي. سندس زندگيءَ جي آخرين لفظن مان ڪجهه هن ريت هئا: ”شايد جيڪي ڪجهه مان سمجھي نه ٿو سگهان، سو عقل جي دائري کان ٻاهر هجي، شايد هڪ اهڙو حڪمت جو عالم به هجي، جنهن وت منطق جي لاءِ ڪابه جڳهه نه هجي. شايد فن، سئانس سان گهاٽي نسبت رکندڙ هجي ۽ سندس مددگار هجي.“ پر اهي لفظ ڪجهه دير سان آيا. هڪ منطقي ۽ عقليت پسند جي ڪارناما وري واپس ٿي نه ٿا سگهن. يوناني ناٽڪ ۽ اخلاق زوال ڏانهن رخ رکڻ لڳا. تاريخ اندر هڪ عجيب ڳالهه واقع ٿي. جڏهن ان شاعر ۽ فلسفيءَ پنهنجا خيال واپس ورتا. تڏهن سندس اڳوڻو رايو اڳيئي يونان جو رخ تباهيءَ طرف مائل ڪري ڇڏيو. انهن سان گڏ جوڌن جو دؤر ۽ ڊائينسز جو فن به ختم ٿي ويا.

پر شايد ڊائينسز جو دؤر وري واپس اچي. ڇا ڪانٽ هميسه لاءِ، نظرياتي عقل ۽ نظرياتي انسان وارو ناس نه ڪري ڇڏيا هئا؟ ڇا شاپينهاور ٻيهر جبلت جي گهرائي ۽ خيال جو خاتمو نه سيکاريو هو؟ ڇا رچرڊ وئگنر وري ٻيو ائسڪلس نه آهي، جنهن ديومالا ۽ تمثيل کي نئين سر جياريو آهي ۽ ڊائينسز جي موج اندر موسيقي ۽ ناٽڪ کي گڏي هڪ ڪيو آهي؟ جرمن روح اندر جيڪا ڊائنسز جي پاڙ آهي، تنهن مان هڪ نئين طاقت ڦٽي آهي. اها طاقت جرمنيءَ جي موسيقي آهي. تمام گهڻو عرصو جرمنيءَ وارن اٽلي ۽ فرانس جي رهبريءَ هيٺ اپولو جي فن کي نقش ڪيو. وقت اچي ويو آهي، جو جرمني وارن کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ ائين سمجهڻ گهرجي، ته سندس قومي جبلتون اهڙي تمدن کان وڌيڪ فائديمند آهن. جيئن هنن مذهب اندر سڌارو (Reformation)  آندو، تيئن هنن کي موسيقيءَ اندر پڻ سڌارو آڻڻ گهرجي. فن ۽ زندگيءَ اندر ليوٿر جهڙو وحشي وقت آڻن گهرجي. شايد جنگي حالتن جي ڏکن ڏاکڙن مان پار پئي، جرمنيءَ اندر نوان مجاهد پيدا ٿين ۽ هڪ نئين دور جي شروعات ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org