سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: گلدسته اقوال

باب: --

صفحو :6

 

عاقلن جي پچار

 

نوشيروان هڪ ايراني بادشاهه ٿي گذريو آهي. هو عدل ۽ انصاف ڪري دنيا ۾ مشهور آهي. هن جو وڏو وزير تمام عاقل انسان هو، جنهن جو نالو بزر جمهر هو. بزر جمهر نوشيروان جو استاد به هوندو هو. نوشيروان ڪئين مسئلا بزر جمهر کان حل ڪرائيندو هو ۽ پنهنجون دقتون سوالن جي نموني ۾ پيش ڪندو هو. هيٺ ڪي چونڊ سوال ۽ جواب ڏجن ٿا:

نوشيروان- خداوندا تعالى کان ڇا گهرڻ گهرجي؟

بزرجمهر – ٻنهي جهانن جي خيرو عافيت.

نو- زندگي ڪيئن بسر ڪرڻ گهرجي؟

بز- خوشنودي ۽ ڪم آزاريءَ سان.

نو- عمر ڪهڙي ڪم ۾ صرف ڪرڻ گهرجي؟

بز- علم حاصل ڪرڻ ۾.

نو- راه راست ڇا سان حاصل ڪري سگهبي؟

بز- علم جي روشنائيءَ سان.

نو- ”دنيا“ ڇا آهي؟

بز- دنيا اها شي آهي جا آخرت ۾ ڪم نه ايندي.

نو- عزت ڪيئن وڌائي سگهبي؟

بز- گهٽ ڳالهائڻ سان.

نو- ڪنهن جي گهڻي ۾ گهڻي خدمت ڪرڻ گهرجي؟

بز- ماءُ، پيءُ ۽ استاد جي.

نو- ڪنهن سان بڇڙائي ڪرڻ گهرجي؟

بز- پنهنجي نفس سان.

نو- خدا جي خوشنودي ڪيئن حاصل ڪري سگهبي؟

بز- خدا جي بندن جي خدمت ڪرڻ سان.

نو- ڪهڙي بدي خدا کي ناپسند آهي؟

بز- اولاد کي پٽڻ ۽ زيردستن کي ستائڻ.

نو- نيڪبخت سڃاڻڻ جون ڪهڙيون نشانيون آهن؟

بز- علم جو ڪوڏيو،خوش خلق ۽ درياءَ دل انسان نيڪ بخت آهي.

نو- چڱي ۾ چڱو ڪم ڪهڙو آهي؟

بز- صالحن جي سنگت ۾ رهڻ ۽ انهن جي صحبت مان فائدو پرائڻ.

نو- دل کي عبادت الاهيءَ ڏانهن ڪيئن مائل ڪري سگهبو؟

بز- مشڪلاتن ۽ موت ياد ڪرڻ سان.

نو- جيئري ڪير مئل ليکبو؟

بز- جنهن کي مايا ميڙڻ جي ڌن لڳل هوندي.

نو- ”دنيا“ ڇا آهي؟

بز- هڪ مسافرخانو آهي، جنهن ۾ هڪڙا پيا اچن ۽ ٻيا پيا ڪوچ ڪن.

نو- ماڻهوءَ کي ڪهڙي شي جان کان به وڌيڪ پياري آهي؟

بز- ديندار کي دين ۽ بي دين کي مال.

نو- دوستن کي ڪيئن پرکي سگهبو؟

بز- يار ۽ اغيار جي پرکه حاجت وقت ڪري سگهبي.

نو- گناهن جو علاج ڪهڙو آهي؟

بز- توبه.

نو- شاهوڪارن کي ڇا ڪرڻ جڳائي؟

بز- بکين کي کارائڻ، اگهاڙن جا انگ ڍڪڻ ۽ مهمانن جي خاطرداري ڪرڻ.

نو- رزق ڇا آهي؟

بز- اهو جيڪي توکي ملي.

نو- اهوشخص ڪهڙو آهي جو جيڏانهن به ويندو ته عزت پائيندو؟

بز- اهل علم.

نو- جاڳڻ چڱو يا سمهڻ؟

بز- ظالم لاءِ سمهڻ ۽ عادل لاءِ جاڳڻ.

نو- اهو ڪهڙو شخص آهي جنهن مان هزارين عيبن هوندي به ڪو ويڪ نه ڪڍندو؟

بز- سخي.

نو- ڪهڙيون شيون همون غم کي غلط ڪن ٿيون؟

بز- موافق رفيق ( هم مزاج، دمساز ۽ همخيال زال) ۽ سچا ۽ صادق دوست.

نو- همت ڀريو ماڻهو ڪهڙو آهي؟

بز- جيڪو دنيا جي مخالفت ڪري مايوس نه ٿئي ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ بهرو وٺندو رهي.

نو- عاقل ڪير آهي؟

بز- جيڪو دنيا جي نعمتن کان آخرت جي نعتمن کي وڌيڪ پسند ڪري.

نو- ڪهڙو مرض آهي جنهن جي علاج ڪرڻ تي دل نه ٿيندي آهي؟

بز- بيوقوفي.

نو- ڪهڙي شي زندگيءَ کان بهتر ۽ موت کان بدتر آهي؟

بز- نيڪ نامي زندگيءَ کان بهتر ۽ بدنامي موت کان بدتر آهي.

نو- دوست ڪنهن کي چئجي؟

بز- دوست اهو آهي جو تو کي منهن تي عيب ٻڌائي ۽ تنهنجي پرپٺ تنهنجا گڻ ڳائي.

نو- دنيا جون بهترين نعمتون ڪهڙيون آهن؟

بز- هڪ صالح اولاد، ٻيو حلال جي ڪمائي، ٽيون سهڻي ۽ سلڇڻي زال.

نو- سچي دوست جي ڪهڙي نشاني آهي.

بز- سچو دوست بڇڙائيءَ کان باز آڻي ٿو ۽ چڱائيءَ لاءِ ترغيب ڏئي ٿو.

 


 


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org