سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: ڪيميائي سعادت

عنوان ٻيون

صفحو :5

عنوان ٻيون

الله تعليٰ کي سڃاڻڻ بابت

 

 

 

 فصل پهريون

نفس جي معرفت، حق تعالي جي

معرفت جي ڪنجي آهي

 

اڳين پيغمبرن جي ڪتابن ۾ آيو آهي ته الله تعاليٰ انسان کي چيو ته ”اي انسان، پنهنجو پاڻ کي ڄاڻ ته پنهنجي رب کي ڄاڻين.“ ۽ پڻ نبوي اخبار ۽ آثار ۾ هي قول مشهور آهي ته ”جو پاڻ کي سڃاڻندو، سو پنهنجي رب کي سڃاڻندو.“ هن مان معلوم ٿيو ته انسان جي دل آئيني وانگر آهي، جو ان ۾ جهاتي پائيندو، سو حق تعالي کي ڏسندو، پر گهڻا ماڻهو صرف پاڻ کي ڏسن ٿا، ۽ الله تعاليٰ کي نٿا ڏسن. تنهنڪري دل کي سڃاڻڻ ضروري آهي، ڇا لاءِ جو اها معرفت جو آئينو آهي. اها سڃاڻ ٻن قسمن جي آهي: هڪڙو ته گهڻو مبهم آهي، جنهن کي عام ماڻهو سمجهي نه سگهندا، ۽ جنهن ڳالهه کي عام لوڪ سمجهي سگهن تنهن کي بيان ڪرڻ اجايو آهي. ٻيو قسم جنهن کي سڀ سمجهي سگهندا، سو هيءُ آهي ته انسان پنهنجي هستيءَ مان الله تعاليٰ جي هستيءَ کي سڃاڻي، ۽ پنهنجن صفتن مان ذات باريءَ جي صفتن کي ڄاڻي، ۽ پنهنجي تصوف مان جو ان کي پنهنجي بدن ۽ عضون تي حاصل آهي، الله تعاليٰ جي تصوف کي خيال ۾ آڻي جو ان کي ساري جهان ۾ آهي. ان جو تفصيل هي آهي:

پهريائين پنهنجي هستيءَ (موجود هجڻ) کي لحاظ ۾ رکي ۽ خيال ڪري ته هن کان ڪجهه سال اڳ سندس نالو ۽ نشان به نه هو. پنهنجي اصلي پيدائش تي غور ڪري، ته هو پنهنجي هستيءَ کان اڳ هڪ نطفو هو، جو هڪ ناپاڪ اڇي پاڻيءَ جو ڦڙو آهي، جنهن ۾ نه عقل آهي، نه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي قوت، نه زبان نه اک، نه گوشت نه پوست. پوءِ جو هي سڀ عجيب شيون ان ۾ ظاهر ٿيون، ڇا اُهي هن خود پيدا ڪيون، يا کيس ٻئي پيدا ڪيو آهي؟ هاڻي جيتوڻيڪ هو اچي ڪامل ٿيو آهي ته به هڪ وار جي پيدا ڪرڻ کان عاجز آهي. جڏهن هو پاڻي جو هڪ ڦڙو هو تڏهن ته وڌيڪ عاجز ۽ ناقص هو، پوءِ ڪهڙيءَ طرح پنهنجو پاڻ کي پيدا ڪري ٿي سگهيو؟ ان ڪري ضروري آهي ته آدمي پنهنجي هستيءَ مان پنهنجي خالق جي هستي معلوم ڪري. جڏهن آدمي پنهنجي بدن جي ظاهري ۽ باطني عجيب شين تي نظر ڪندو ته پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي طاقت ۽ قدرت کي صاف روشن ڏسندو، ۽ ڄاڻندو ته منهنجو خالق وڏي قدرت رکندڙ آهي، جو چاهي سو ڪري، جهڙيءَ طرح گهري، اهڙيءَ طرح پيدا ڪري. انهيءَ کان ڪامل ڪهڙي قدرت هوندي جو پاڻيءَ جي هڪ خسيس ۽ گندي ڦڙي مان اهڙو باڪمال ۽ سهڻو ۽ عجيب غريب شخص پيدا ڪري.

جڏهن آدمي پنهنجي عجيب صفتن ۽ عضون جي فائدن جو ملاحظو ڪري ٿو، جهڙوڪ: هٿ، پير، اکيون، زبان، جگر، تِلي ۽ پتو وغيره- ته هرهڪ کي هن ڪهڙيءَ ڪهڙيءَ حڪمت جي لاءِ پيدا ڪيو آهي- ته ان مان کيس پنهنجي پروردگار جي علم جي ڄاڻ پئجي وڃي ٿي ته اهو (علم) ڪيڏي نه ڪمال کي پهتل آهي، ۽ ڪيئن نه هر چيز کي گهيريل آهي! پوءِ هو اها ڳالهه به سمجهي وڃي ٿو ته اهڙي عالم ۽ قادر کان ڪائي شيءِ لڪل نٿي رهي سگهي.

جيڪڏهن سڀئي عقلمند کڻي پنهنجي عقلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪن، ۽ انهن کي سوچڻ لاءِ وڏيون وڏيون ڄمارون ڏنيون وڃن. انهيءَ لاءِ ته انهن سڀني عضون مان ڪنهن هڪڙي کي اُن جي موجوده صورت کان زياده سهڻو بنائين. هو ڪڏهين به ائين ڪري نه سگهندا. مثلا: هٿ ۾ پنج آڱريون آهن، چار هڪڙيءَ صف ۾ ۽ آڱوٺو ذڙا پرڀرو ۽ ڊيگهه ۾ ڇوٽو، پر هرهڪ سان مِلي ڪم ڪري ٿو، ۽ سڀني مٿان ڦري ٿو. هرهڪ آڱر ۾ وري ٽي جوڙ آهن، پر آڱوٺي ۾ ٻه جوڙ آهن. هاڻي هٿن جي هن قسم جي جوڙجڪ مان انسان جا ڪيترائي ڪم پورا ٿين ٿا. دنيا جا مڙيئي ڏاها جيڪڏهن آڱرين جي ڪا ٻي وضع کڻي تجويز ڪن. اها ساري ناقص رهندي ۽ هن جي ڀيٽ ۾ بلڪل بيڪار ثابت ٿيندي. ڪامل ۽ مڪمل اهائي وضع آهي، جا الله تعاليٰ پيدا ڪئي آهي. هن مان ظاهر ٿيو ته الله تعاليٰ جو علم سڀ کي گهيرو ڪندڙ آهي. ۽ هو هر شيءِ کان بخوبي، واقف آهي.

انسان جي هرهڪ عضوي ۾ الله تعاليٰ اهي حڪمتون رکيون آهن، جو جيتريقدر زياده جو انهن حڪمتن کي ڄاڻندو، تيتريقدر زياده هو الله تعاليٰ جي علم جي عظمت تي دل ۾ عجب کائيندو. جيڪڏهن انسان پنهنجي گهرجن تي غور ڪري، ته ان کي پهريائين پهريائين عضون جي گهرج محسوس ٿيندي. ان بعد کاڌي ڪپڙي ۽ گهر جي ضرورت جو احساس ٿيندو، تنهن کان پوءِ کيس هوا، مينهن، گرم ۽ سرد موسم جي به گهرج رهندي، ۽ انهن صنعتن لاءِ وري اوزارن جي درڪار رهندي. مثلا لوهه، ٽامو، پتل، شيهو وغيره، ۽ انهن اوزارن جي بڻائڻ جي ترڪيب سکڻ لاءِ پڻ حاجتمند رهندو ته اهي ڪيئن ٿا ٺهن. انسان انهن سڀني شين جي ضرورت کي محسوس ڪندي سمجهي ويندو ته تمام مخلوقات نهايت ئي عمدي ۽ مناسب نموني تي ٺاهي ويئي آهي، ۽ اهي سڀ شيون جي پيدا ڪيون ويون آهن، سي جيڪڏهن الله تعاليٰ نه بڻائي ها ته انهن جو بڻائڻ ڪنهن جي به خيال ۾ نه اچي ها، ۽ هي پڻ سمجهي ويندو ته هيءُ ساري مخلوقات محض الله تعاليٰ جي رحمت ۽ عنايت سان ٺهي آهي، ۽ هن جي پنهنجي بندن تي شفقت انهيءَ شفقت کان به زياده آهي، جا هڪ ماءُ کي پنهنجي کير پياڪ ٻار تي ٿئي ٿي.

اهڙيءَ طرح، انسان پنهنجي هستيءَ جي هجڻ مان الله تعاليٰ جي هستيءَ کي سمجهي وٺي ٿو، ۽ پنهنجي عضون جي تفصيل مان ان جي قدرت جو اندازو لڳائي سگهي ٿو پنهنجي عضون ۾ جي حڪمتون ۽ مصلحتون رکيل آهن، تن مان ان جي علم جي ڪمال کي ڏسي سگهي ٿو. ۽ پڻ انهن سڀني شين جي اجتماع ۾، جي سندس ضرورت ۽ حاجت لاءِ يا جي سندس زيب ۽ زينت لاءِ آهن، هو الله تعاليٰ جو لطف ۽ رحمت ڏسي ٿو.

انهي ئي نموني پنهنجي سڃاڻ ۽ ڄاڻ الله تعاليٰ جي معرفت جو آئينو ۽ ڪنجي آهي.

 

 

 

فصل ٻيو

حق تعاليٰ جي تنزيهه ۽ تقديس سڃاڻڻ

 

هاڻي جهڙيءَ طرح انسان پنهنجي صفتن مان الله تعاليٰ جي صفتن کي سڃاتو ۽ پنهنجي ذات مان ان جي ذات کي معلوم ڪيو، تهڙيءَ طرح سان هن کي پنهنجي تنزيه ۽ تقديس (صفائيءَ ۽ پاڪائيءَ) مان الله تعاليٰ جي تنزيه ۽ تقديس جي پروڙ پوندي. الله تعاليٰ جي حق ۽ تنزيه ۽ تقديس جي معنيٰ هيءَ آهي ته هو جيڪي ڪي وهم يا خيال ۾ اچي تنهن کان پاڪ ۽ صاف آهي اگرچ ڪابه جاءِ ان جي تصوف کان خالي نه آهي، تنهن هوندي به هو ڪنهن به جاءِ جي نسبت کانبلڪل آزاد ۽ پاڪ آهي. ان جي تنزيه ۽ تقديس جو مثال انسان خود پاڻ ۾ ڏسي سگهي ٿو، ڇو ته سندس جان جي حقيقت، جنهن کي اسان ”دل“ ڪري سڏيو آهي، انهن سڀني ڳالهين کان پاڪ آهي جي وهم ۽ خيال ۾ اچن ٿيون، پڻ مٿي چيو اٿئون ته دل کي نه مقدار آهي نه ڪميت، ۽ نه وري هوءَ تقسيم جي قابل آهي، ۽ جنهن صورت ۾ دل جو اهڙو حال آهي، ته لازما هوءَ رنگ کان به خالي هوندي. هاڻ، جنهن شيءِ کي نه رنگ آهي ۽ نه مقدار، اها هرگز خيال ۾ نه ايندي، ڇا لاءِ جو خيال ۾ ته اها شيءِ اچي سگهي ٿي، جنهن کي خود اک ڏٺو هجي، يا جنهن جي جنس جي ڪا ٻي شيءِ ان جي نظر مان گذري هجي. انهيءَ ڪري رنگ ۽ شڪل بغير ڪابه شيءِ نه ته اکين سان ڏسي سگهي ٿي ۽ نه وري خيال ۾ ئي اچي سگهي ٿي. جڏهن طبيعت تقاضا ڪري ته فلاڻي شيءِ ڪهڙي آهي، تڏهن ان جي معنيٰ هيءُ آهي ته ان جي شڪل ڪهڙي آهي، ننڍي آهي يا وڏي؟ جنهن شيءِ ۾ انهن صفتن کي دخل نه هجي، ته ان جي ڪيفيت بابت سوال ڪرڻ بلڪل بي سود آهي. جيڪڏهن ڄاڻڻ چاهين ته اها ڪهڙي چيز آهي جنهن ۾ چون ۽ چرا جي مجال ئي نه هجي ته پنهنجي حقيقت تي غور ڪر، ڇا لاءِ جو تنهنجي حقيقت، جا الله تعاليٰ جي معرفت جي جاءِ آهي، تنهن کي نه ته ورهائي سگهجي ٿو ۽ نه وري ان ۾ مقدار ۽ ڪميت ڪيفيت کي گنجائش آهي.

جيڪڏهن ڪو پڇي ته روح ڪهڙي قسم جي شيءِ آهي، ته ان جو جواب هي آهي ته ان ۾ ”ڪهڙائيءَ“ کي ڪو دخل ئي ڪونهي.

هاڻي، جڏهن تو خود پاڻ کي انهن صفتن سان آراسته ڏٺو، تڏهن سمجهي ڇڏ ته الله تعاليٰ اهڙي تنزيه ۽ تقديس جو وڌيڪ لائق آهي. ماڻهو عجب کائيندا آهن ته ڪا شيءِ بي چون ۽ بي چگون ڪيئن ٿي سگهندي؟ ليڪن هو پنهنجي حَيقت تي غور نه ٿا ڪن، جا خود بي چون ۽ بي چگون آهي ۽ جنهن کي اک ڏسي نٿي سگهي. ٻيو ته ٺهيو، پر جيڪڏهن انسان پنهنجي جسم جي طرف نظر ڪري، ته اتي به ڪئين شيون بي چون ۽ بي چگون ڏسڻ لڳندو، مثلا: عشق يا درد، جنهن کي اک ڏسي نٿي سگهي.پوءِ جي انهن جي ”چوني“ ۽ ”چگونگي“ دريافت ڪرڻ گهرندو، ته ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن صورت ۾ انهن شين کي نه رنگ آهي نه روپ، تنهن صورت ۾ اهو سوال اٿي ئي نٿو سگهي. مطلب ته انسان پنهنجي بي چوني ۽ بي چگونگي مان حق تعاليٰ جي بي چوني ۽ بي چگونگيءَ کي پروڙي سگهي ٿو، ۽ پڻ خبر پونديس ته جهڙي طرح ”جان“ موجود آهي ۽ جسم جي بادشاهه آهي، ۽ ان سان تعلق رکندڙ شيون جن ۾ چوني ۽ چگونگي آهي سي سڀ ان جي مملڪت (بادشاهي) آهن، ۽ جان خود بي چون ۽ بي چگون آهي، تهڙيءَ طرح جهان جو بادشاهه يعني خدا تعاليٰ به بي چون ۽بي چگون آهي، ۽ مڙيئي محسوسات جن ۾ چوني ۽ چگونگي آهي، سي سندس مملڪت آهن.

حق تعاليٰ جي پاڪائيءَ (تنزيہ) جو ٻيو قسم هي آهي ته الله تعاليٰ کي ڪنهن خاص جاءِ سان منسوب ڪري نٿو سگهجي، جيئن جان (روح، دل کي به ڪنهن خاص عضوي سان منسوب ڪري نٿو سگهجي ۽ ائين چئي نه ٿو سگهجي ته جان هٿن ۾ آهي يا پيرن ۾، مٿي ۾ آهي يا جسم جي ڪنهن حصي ۾. اسين پنهنجي ساري بدن کي ورهائي ڀاڱا ڪري سگهون ٿا، ليڪن جان (روح) ڀاڳا ٿي نٿي سگهي، ڇا لاءِ جو اها تقسيم قبول ڪندڙ نه آهي، باقي بدن تقسيم قبوليندڙ آهي. هاڻي جا شيءِ تقسيم ٿي سگهي، تنهن ۾ ان شيءِ جو سمائجي وڃڻ، جا تقسيم نه ٿي سگهي، مجال آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها ان ۾ سمائجي وڃي، ته پوءِ اها به تقسيم پذير (قابل تقسيم) ٿي پوندي. ليڪن باوجود يڪ جان (دل، روح) کي ڪنهن به عضوي سان منسوب ڪري نٿو سگهجي، تڏهن به ڪو عضوو سندس تصوف کان خالي نه آهي، بلڪ سڀيئي عضوا سندس فرمان ۽ تصوف هيٺ آهي، ۽ اها سڀني جي بادشاهه آهي. اهڙي طرح سان سارو جهان الله تعاليٰ جي تصوف هيٺ آهي، ۽ اهو خود انهيءَ ڳالهه کان صاف ۽ پاڪ آهي، جو ان کي ڪنهن خاص جڳهه سان منسوب ڪجي. اهڙي نسبت کان هو گهڻو بلند ۽ بري آهي.

 

 

فصل ٽيون

حق تعاليٰ بادشاهي ڪيئن ٿو هلائي

تنهن جي معرفت

 

جڏهن توکي الله تعاليٰ جي ذات جي هستي معلوم ٿي، ۽ ائين به معلوم ٿيو ته سندس صفتون ۽ پاڪائي ڪيئن نه چونيءَ ۽ چگونگيءَ کان پاڪ آهن، ۽ ان جو ڪنهن خاص مڪان سان منسوب رهڻ کان پاڪ هجڻ به تنهنجي سمجهه ۾ اچي ويو، ۽ هيءَ به سمجهي ورتئي ته انسان جي نفس جي پڇاڻ سڀ معرفت جي ڪنجي آهي، تڏهن باقي معرفت جو هڪ باب رهيو. اهو هي آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي مملڪت ۾ ڪهڙيءَ طرح بادشاهي هلائي ٿو، هو فرشتن کي ڪهڙيءَ طرح سان حڪم ڏئي ٿو، اهي ڪهڙيءَ طرح سان سندس حڪم جي پيروي ڪن ٿا، ۽ ڪيئن انهن جي هٿان ڪم ڪاريون سر انجام ٿين ٿيون. الله تعاليٰ آسمان کان زمين تي ڪهڙيءَ طرح سان پنهنجا حڪم احڪام نازل فرمائي ٿو، ڪهڙيءَ طرح سان آسمانن ۽ ستارن کي جنبش ۾ آڻي ٿو، ڪهڙيءَ طرح اهل زمين وارن جي ڪاروبار کي آسمانن سان ڳنڍي ٿو، ۽ رزق جي ڪنجي آسمانن جي حوالي ڇو آهي، ۽ اهو سڀ ڪهڙي طريقي تي هلي ٿو.

هيءَ الله تعاليٰ جي معرفت جو هڪ شاندار دروازو آهي، ان کي ”معرفت افعال“ چون ٿا، ۽ هن کان اڳ جيڪي بيان ٿي چڪو آهي، تنهن کي ”معرفت ذات ۽ صفات“ چون ٿا. هن معرفت جي ڪنجي پڻ نفس جي معرفت (ڄاڻ سڃاڻ) آهي. جڏهن توکي اها به خبر ناهي ته بدن جي مملڪت ۾ تون ڪهڙيءَ طرح راڄ ڪرين ٿو، تڏهن پوءِ تون هيءَ ڳالهه ڪيئن سمجهي سگهندين ته جهان جو بادشاهه ڪهڙيءَ طرح سان حڪمراني ڪري ٿو.

تون پهريائين پنهنجو پاڻ کي سڃاڻ ۽ فقط پنهنجي هڪ فعل تي نظر ڌر، مثلا: جڏهن تون ڪنهن ڪاغذ تي ”بسم الله“ لکڻ چاهين ٿو، تڏهن اول تنهنجي دل ۾ رغبت ۽ ارادو پيدا ٿئي ٿو، پوءِ تنهنجي دل ۾ هڪ قسم جي حرڪت ۽ جنبش پيدا ٿئي ٿي. اها ظاهري دل آهي، جا تنهنجي کاٻي پاسي هڪ گوشت جو ٽڪرو آهي. هڪڙو لطيف جسم انهيءَ دل کان چري (حرڪت ڪري) دماغجي طرف وڃي ٿو، جنهن لطيف جسم کي حڪيمن ”روح“ سڏيو آهي، جو حس ۽ حرڪت جي مڙني قوتن کي کنيو پيو هلي. اهو هڪ ٻئي قسم جو روح آهي جو خود حيوانن ۾ به آهي ۽ مٿس موت به طاري ٿئي ٿو. جنهن روح جو نالو اسان ”دل“ رکيو آهي، اهو حيوانن کي نه هوندو آهي ۽ ڪڏهن به نه مرندو آهي، ڇا لاءِ جو اهو الله تعاليٰ جي معرفت جي جاءِ آهي.

جڏهن هي (حيواني) روح دماغ ۾ پهچي ٿو ۽ دماغ جي پهرئين ”خزاني“ ۾، جو خيالي قوت جي جاءِ آهي، بسم الله جي شڪل پيدا ٿئي ٿي، تڏهن اتان ڪجهه اثر دماغ جي نسن ۾ پهچي ٿو جي ساري جسم سان ڳنڍيل آهن ۽ آڱرين جي چوٽين ۾ ڌاڳي وانگر ٻڌل آهن. پوءِ اُهي نسون چرن ٿيون ۽ آڱرين جي چوٽين کي چورين ٿيون، جي وري قلم ۾ تحرڪ آڻين ٿيون، تان جو بسم الله جي ورت خيال جي خزاني جي مطابق، حواسن جي مدد سان خاص ڪري اک جي امداد ذريعي ڪاغذ تي لکي وڃي ٿي، ڇا لاءِ جو اک جي ضرورت گهڻي پوي ٿي.

هاڻي، جهڙيءَ طرح پهريائين ان لکڻ جي ڪم جي رغبت تو ۾ پيدا ٿي، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جي مڙين ئي ڪمن جي ابتدا ان جي صفتن مان هڪ صفت آهي، ۽ جنهن جو نالو آهي. ”ارادو“

جهڙيءَ طرح ان ارادي جو اثر تنهنجي دل ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ پوءِ دل جي معرفت ٻين هنڌن تي پهچي ٿو، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جي ارادي جو اثر پهريائين عرش تي ظآهر ٿئي ٿو ۽ پوءِ ٻين تائين پهچي ٿو، ۽ جهڙيءَ طرح هڪ بخار وانگر لطيف جسم انهيءَ اثر کي دل جي رڳن جي رستي دماغ تائين پهچائي ٿو، جنهن لطيف جسم کي ”روح“ چون ٿا، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ کي به هڪ لطيف جوهر آهي، جو انهيءَ اثر کي عرش کان ڪرسيءَ تائين نئي ٿو. انهيءَ لطيف جوهر کي ”فرشتو“ ۽ ”روح القدس“ به چون ٿا، ۽ جهڙيءَ طرح ارادي جو اثر دل کان دماغ ڏي وڃي ٿو، ۽ دماغ دل جي ماتحت ۽ سندس حڪم هيٺ آهي، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جي ارادي جو اثر پهريائين ڪرسيءَ تي پهچي ٿو، جا پڻ عرش جي هيٺان آهي، ۽ جهڙيءَ طرح بسم الله جي شڪل، جا تنهنجي مراد ۽ تنهنجو فصل آهي، دماغ جي پهرئين خزاني ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ پوءِ فعل ان جي مطابق نمودار ٿئي تهڙي طرح هر صورت، جا جهان ۾ پرديدار ٿئي ٿي، تنهن جو نقش پهريائين لوح محفوظ ۾ پيدا ٿئي ٿو، ۽ جهڙيءَ طرح اها لطيف قوت جا دماغ ۾ ڌريل آهي ۽ نسن کي چوري ٿي ته جيئن نسون هٿ ۽ آڱرين کي چورين ۽ آڱريون قلم کي هلائين، تهڙيءَ طرح سان اهي لطيف جوهر، جي عرش ۽ ڪرسيءَ تي مقرر آهن، آسمانن ۽ ستارن کي چورين ٿا، ۽ جهڙيءَ طرح دماغي قوت تنتن ۽ نسن جي وسيلي آڱرين کي چوري ٿي، تهڙيءَ طرح سان اهي لطيف جوهر، جن کي ملائڪ چون ٿا، ستارن ۽ انهن جي شعاعن جي ڳنڍن جي ذريعي سفلي عالم (هيٺئين عالم) ۾ ان جي امهات جي طبيعتن کي جنبش ڏين ٿا، جن کي چار عنصر يعني گرمي، سردي، خشڪي ۽ تري به چون ٿا.[1] ۽ جهڙيءَ طرح قلم مس کي ٽيڙي پکيڙي ۽ جمع ڪري ٿو ته جيئن بسم الله جي صورت ظاهر ٿئي، تهڙيءَ طرح سان هيءَ گرمي ۽ سردي، مٽيءَ ۽ پاڻيءَ ۽ انهن جي مرڪبت (يعني انهن جي ميلاپ سان ٺهيل شين) جي امهات (اصلن) کي چورين ٿيون. ۽ جهڙيءَ طرح ڪاغذ وٽڙيل يا جمع ٿيل مس کي قبول ڪري وٺي ٿو، تهڙيءَ طرح رطوبت (تري، آلاڻ) انهن مرڪب شين (مرڪبات) کي شڪل جي قابل (شڪل قبول ڪندڙ) بڻائي ڇڏي ٿي، ۽ خشڪيءَ کي ان جو محافظ بنائي ٿي، ته جيئن ان جي صورت بدلجي نه وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن رطوبت (آلاڻ، تري) نه هجي ها، ته ان جي شڪل نه بڻجي ها، ۽ جي وري خشڪي نه هجي ها، ته ان شڪل جي حفاظت نه ٿئي ها. ۽ جهڙيءَ طرح قلم پنهنجي ڪم ۽ پنهنجي حرڪت کي سرانجام ڪري ٿو ۽ بسم الله جي صورت کي، خيال جي خزاني جي نقش مطابق، اک (واري قوت) جي مدد سان لکي وٺي ٿو، تهڙيءَ طرح جڏهن گرمي ۽ سردي انهن مرڪب شين جي اصلن کي فرشتن جي مدد سان جنبش ڏين ٿيون، تڏهن حيوانات ۽ نباتات جي صورت لوح محفوظ جي شڪل جي موافق جهان ۾ ظاهر ٿئي ٿي.

هاڻي، جهڙيءَ طرح جسم جي سڀني ڪمن جي شروعات دل کان ٿئي ٿي ۽ تنهن کان پوءِ سڀني عضون ۾ ڦهلجي ٿي، تهڙيءَ طرح سان عالم اجسام (هن جهان) جي ڪاروبار جي شروعات به پهريائين عرش کان ٿئي ٿي. ۽ پوءِ هن جسماني عالم ۾ پهچي ٿي، ان خاصيت کي قبول ڪرڻ واري شيءِ پهريائين تنهنجي دل آهي ۽ ٻيا عضوا ان کان پوءِ اُن کي قبول ڪن ٿا. ۽ ماڻهو دل کي توسان نسبت ڏين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته تون ئي دل ۾ رهڻ واروآهين، تهڙيءَ طرح جيئن ته الله تعاليٰ جو غلبو سڀني شين تي عرشن جي ذريعي آهي، تنهنڪري لوڪ سمجهن ٿا ته الله تعاليٰ عرش تي رهندڙ آهي.

هيءَ ڳالهه سمجهي ڇڏ ته بادشاهه ۽ بادشاهت کي بادشاهن کان سواءِ ٻيو ڪوئي به نه ٿو سمجهي جيڪڏهن الله تعاليٰ تنهنجي مملڪت تي توکي بادشاهه نه ڪري ها، ۽ پنهنجي بادشاهيءَ مان هڪ مختصر نسخو توکي نه ڏئي ها، ته تون ڪڏهن به ان کي سمجهي نه سگهين ها، تنهنڪري تون انهيءَ بادشاهه جو شڪر ڪر، جنهن توکي پيدا ڪيو ۽ بادشاهي عنايت ڪئي، پنهنجي مملڪت جي طرز تي توکي مملڪت بخشي، ۽ دل کي تنهنجو عرش بڻايائين. حيواني روح کي (جنهن جو سرچشمو دل آهي) تنهنجو اسرافيل بڻايائين، ۽ تنهنجي دماغ کي تنهنجي ڪرسي، ۽ تنهنجي خيالن جي خزاني کي تنهنجو لوح محفوظ بڻايائين، تنهنجي اکين، ڪنن ۽ تمام حواسن کي تنهنجا فرشتا بڻايائين، ۽ تنهنجي دماغ جي گنبذ کي، جو نسن جو سرچشمو آهي، تنهنجي لاءِ آسمان ۽ ستارا (تارا) بڻايائين. آڱر، قلم ۽ مس جي وسيلي طبيعتن (طبائع) کي تنهنجو غلام بڻايائين، ۽ توکي يگانو، بي چون ۽ بي چگون پيدا ڪيائين ۽ سڀني تي بادشاهه بڻايائين، ۽ پوءِ توکي چيائين ته ”خبردار، پنهنجي نفس ۽ پنهنجي بادشاهيءَ کان غافل نه ٿيءُ، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ ڪري، تون پنهنجي پيدا ڪرڻ واري کان غافل رهندين.“

 

 

فصل چوٿون

طبيعيءَ ۽ نجوميءَ جي ماڪوڙيءَ سان تشبيهه

 

ويچارو عاجز طبيعي ۽ نجومي، جي ساري ڪاروبار کي طبيعتن ۽ ستارن کي منحصر سمجهن ٿا، تن جو مثال ان ڪئلي وانگي آهي، جا ڪاغذ تي هلي ٿي، ۽ ڏسي ٿي ته ڪاغذ ڪارو ٿي رهيو آهي ۽ ان تي نقش ٺهي رهيا اهن. نظر ڦيري ٿي ته قلم جي نوڪ کي ڏسي ٿي، ۽ خوش ٿي چوي ٿي ته ”هن ڪم جي حقيقت کي سمجهي ورتم، ۽ هاڻي بس... هي نقش قلم ئي ٿو پيو بڻائي.“ هيءُ طبيعي جو مثال، جو پنهنجي محدود دائري اندر ڦري رهيو آهي.

ان کان پوءِ هڪڙي ٻي ڪئلي اچي ٿي، جنهن جي اک وڏي ۽ نگاهه زياده تيز آهي، ۽ اچي چوي ٿي ته ”تو غلطي ڪئي آهي، ڇا لاءِ جو مان ان قلم کي ڪنهن ٻئي جو غلام (پابند) ڏسان ٿي ۽ قلم جي پريان ڪنهن ٻيءَ شيءِکي ڏسي رهي آهيان، جا اهي نقش ٺاهي رهي آهي، ۽ هن کان خوش ٿي چوي ٿي ته ”حقيقت هيءَ ئي آهي جا مون سمجهي آهي، ته نقش آڱر ڪڍي رهي آهي ۽ نه قلم ڇو ته قلم ان جو تابع آهي.“ هي مثال آهي نجوميءَ جو، جنهن پنهنجي نظر کي البت ڪجهه پري ڊوڙايو، ۽ سمجهيو ته طبيعتون ستارن جي ماتحت آهن، ليڪن هُن هيءُ نه سمجهيو ته ستارا فرشن جي ماتحت آهن، ۽ انهن درجن کي خيال ۾ نه آڻي سگهيو جي اڃا کانئس مٿي هئا.

جهڙيءَ طرح طبيعيءَ ۽ نجوميءَ جي وچ ۾ هيءُ تفاوت جسماني عالم کان پيدا ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي درميان به تفاوت آهي، جي عالم ارواح (روحاني دنيا) ڏانهن ترقي ڪن ٿا، ڇا لاءِ جو گهڻا ماڻهو هن جسماني دنيا کان اڳتي ترقي نٿا ڪن، ۽ ان کان سواءِ ٻين شين کي نٿا سمجهن، ڇو هو پهرينءَ ئي منزل تي روڪجي وڃن ٿا، ۽ عالم ارواح ڏانهن چڙهڻيءَ جي واٽ مٿن بند ٿيو وڃي. روحاني عالم، جو نورن جو عالم آهي، ان ۾ به اهڙيءَ طرح اڪيچار چاڙها ۽ پردا درپيش اچن ٿا. اتي ڪن جا درجا ستارن جي درجي مٽل آهن، ته ڪن جا درجا چنڊ ۽ سج جي طرح آهن. هي انهن ماڻهن جي ڪمال جا درجا آهن، جن کي آسمانن جي ملڪوت جو مشاهدو ڪرايو ويو آهي.

مقصد هي آهي ته تون هن ڳالهه کي سمجهين ته طبيعي ويچارو جنهن مڙنئي شين کي کڻي گرمي، سرديءَ، خشڪيءَ ۽ تريءَ جي حوالي ڪيو آهي، سو به سچو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي چار طبيعتون الاهي اسبابن ۾ نه هجن ها ته علم طب ڪوڙو رهجي وڃي ها. ليڪن هن غلطي هن سبب کان ڪئي آهي، جو سندس اک گهڻو ڪوتاهه بين هئي، ۽ پهرينءَ ئي منزل تي ڍيرو ڪري ويٺي، ۽ انهن (گرميءَ، سرديءَ وغيره) کي اصل ڪري سمجهيائين ۽ نه حڪم جو پابند، ۽ کين مالڪ کڻي تصور ڪيائين ۽ نه نوڪر ۽ غلام. اهڙيءَ طرح نجوميءَ جو حال آهي، جنهن ستارن کي اسباب جي وچ ۾ آندو. انهيءَ به ڪوڙ ڪونه ڳالهايو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين نه هجي ها: ته رات ڏينهن هميشه برابر هجن ها. نجوميءَ جي غلطي هن ڳالهه ۾ آهي، جو هن سج، چنڊ ۽ تارن کي اصل سمجهيو، ۽ دنيا جي ڪاروبار کي انهن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيائين، اگرچ در حقيقت اهي محتاج ۽ چاڪر آهن، جن کان فرشتا خدا جي حڪم سان ڪم وٺي رهيا آهن.

 

 

فصل پنجون

ماڻهن جي، انڌن جي ٽولي سان تشبيهه

 

ماڻهن ۾ اڪثر اختلاف به انهيءَ قسم جا هوندا اهن، جو سڀيئي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ۾ سچا هوندا آهن، پر في الجمله غلط هوندا آهن. ڪابه شيءِ پوريءَ طرح نه ڏسندا آهن، پر چوندا آهن ته ”سڀ ڪجهه ڏٺوسون.“

انهن جو مثال انڌن جي ٽولي وانگر آهي، جي جڏهن ٻڌن ٿا ته اسان جي شهر ۾ هاٿي آيو آهي، تڏهن ان کي ڏسڻ لاءِ وڃن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته ان کي هٿ لائڻ سان سڃاڻي وينداسون. پوءِ، ڪنهن جو هٿ هاٿيءَ جي ڪن تي پوي ٿو، ته ڪنهن جو ان جي پير تي، ۽ ڪنهن جو ڏندن تي، پوءِ جڏهن اهي انڌا ٻين انڌن وٽ اچن ٿا، ۽ اهي انهن کان هاٿيءَ جي وصف پڇن ٿا، تڏهن انهن مان جنهن هاٿيءَ جي پير کي هٿ لاتو هو، سو چوي ٿو ته  ”هاٿي ٿنڀي جي مثل آهي.“ ۽ جنهن ان جي ڏندن کي هٿ لڳايو هو، سو چوي ته ”هاٿي گرز وانگر آهي،“ ۽ جنهن جو هٿ ان جي ڪن تي پيو هو، سو چوي ٿو ته ”هاٿي رليءَ وانگر آهي،“ سڀني هڪ ڳالهه ڪري سچ چيو ۽ غلطي به ڪيائون، ڇاڪاڻ ته سمجهيائون ته اسان سڄي هاٿيءَ کي ڏٺو آهي. حالانڪ سڄي هاٿيءَ کي نه ڏٺو هئائون. اهو آهي حال طبيعيءَ ۽ نجومي جو! هرهڪ جي اک رڳو الله تعاليٰ جي هڪڙي خادم تي پيئي، ۽ ان جو غلبو ۽ طاقت ڏسي، عجب ۾ پئجي چيائون ته ”بادشاه خود اهو آهي، هيءُ ئي اسان جو پالڻهار آهي“!

 

 

فصل ڇهون

شريعت جي متابعت ئي سعادت جي واٽ آهي

 

الله تعاليٰ جي معرفت جي شرح ته ڊگهي آهي، مگر جو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، سو ماڻهن جي تنبيه ۽ تشويق لاءِ ڪافي آهي، جيئن هو حتي المقدور سڄيءَ معرفت جي ڳولا ڪن. انسان جي سعادت (خوشيءَ، راحت) الله تعاليٰ جي معرفت (ڄاڻ)، سندس بندگيءَ ۽ عبادت ۾ آهي، ۽ ان جو ڪارڻ ته انسان جي ابدي سعادت الله تعاليٰ جي معرفت ۾ آهي، اڳ بيان ٿي چڪو آهي. ليڪن بندگيءَ ۽ عبادت ۾ ئي جو آدميءَ جي سعادت جو سبب آهي، سو هن ڪري، جو آدميءَ جي سعادت جو سب آهي، سو هن ڪري، جو جڏهن هو مرندو تڏهن سندس واسطو فقط الله تعاليٰ سان رهندو، ۽ جنهن کي ڪنهن سان رهڻو آهي، ته پوءِ ان جي سعادت به انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته هو ان جو دوستار ٿي رهي، ۽ جيتريقدر ان سان زياده محبت رکندو، تيتريقدر کيس زياده خوشي حاصل ٿيندي. ڇاڪاڻ ته لذت ۽ راحت محبوب کي ڏسڻ سان زياده ٿيندي آهي.

الله تعاليٰ جي دوستي ۽ محبت ان جي دل تي غالب نه ٿيندي، مگر معرفت ۽ گهڻي ذڪر سان، ڇا لاءِ جو جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي دوست رکندو آهي ته ان جي يادگيري به گهڻي ڪندو آهي، ۽ جيئن زياده يادگيري ڪندو آهي، تيئن وڌيڪ ان جو دوستار ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح، جو به الله تعاليٰ جو دوست هوندو آهي، سو ان جي يادگيري به گهڻي ڪندو آهي، ۽ الله جو ذڪر دل تي تڏهن غالب ٿيندو، جڏهن عبادت کي ساندهه جاري رکبو ۽ عبادت ۾ فراغت تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن نفساني خواهش جا سڳا دل مان ٽوڙي ڇڏبا، ۽ خواهشن جا سڳا تڏهن ٽٽندا، جڏهن گناهن کان پرهيز ڪبي. لهذا گناهن جي پچر ڇڏي ڏيڻ ئي دل جي جمعيت ۽ فراغت جو سبب آهي، ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ ڪري ئي سندس ذڪر دل تي غالب پوي ٿو. عبادت ۽ اطاعت ٻئي محبت جو سبب آهن، جا سعادت جو ٻج ۽ ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. ڇاڪاڻ ته سڀ عمل عبادت ٿي نٿا سگهن، اهڙيءَ طرح سڀني خواهشن کان جدائي به ڪري نه ٿي سگهجي، ۽ نه وري ائين ڪرڻ جائز ئي آهي. مثلا: جيڪڏهن ماڻهو کاڌو نه کائيندو ته مرندو، ۽ جيڪڏهن مباشرت نه ڪندو ته نسل منقطع ٿيندو. ان ڪري ڪي خواهشون اهڙيون آهن جن کي ڇڏي ڏجي، ۽ ڪي وري اهڙيون آهن جن کي ڇڏي نٿو سگهجي. ان لاءِ هڪ حد مقرر ڪرڻ گهرجي، جا هڪ خواهش کي ٻئي کان الڳ ڪري. حد مقرر ڪرڻ وري ٻن ڳالهين تي منحصر آهي: يا ته آدمي پنهنجي عقل ۽ خواهش (مرضيءَ) سان حد مقرر ڪري ۽ پنهنجي غور ۽ فڪر سان ان کي اختيار ڪري سگهي، ڇا لاءِ جو خواهش ان تي اڪثر غالب رهندي آهي ۽ صحيح رستي کي ان کان ڇپائيندي آهي، ۽ جا شيءِ ان جي مطلب وٽان هوندي آهي، تنهن کي ان جي اڳيان صحيح ۽ درست ڪري ڏيکاريندي آهي. ان ڪري لازمي آهي ته اختيار جي واڳ ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪئي وڃي. پر جيئن ته هر شخص پيرويءَ جي لائق نه آهي، تنهنڪري هتي سڀ کان وڌيڪ دروبين ۽ دورانديش انسان جي ضرورت آهي، جي خدا جا پيغمبر سڳورائي ٿي سگهن ٿا.

پوءِ ضروري آهي ته انسان شريعت جي تابعداري ڪري ۽ ان جي حڪمن ۽ حدن کي لازمي سمجهي، ڇاڪاڻ ته اهائي سعادت جي راهه آهي ۽ اهائي بندگيءَ جي معنيٰ آهي، ۽ بس.

 

 

 

فصل ستون

غلط رستا ۽ اباحتين جي جهالت جا سبب

 

اُهي ماڻهو جي اهل اباحت وارن مان آهن (جي حرام شين کي پاڻ لاءِ جائز ۽ روا رکن ٿا)، ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن کي اورانگهي وڃي پري پيا آهن، تن جي غلطيءَ ۽ جهالت جا ست سبب آهن:

پهريون سبب: انهيءَ ٽولي جي جهالت جو پهريون ڪارڻ هيءُ آهي جو هو الله تعاليٰ تي ايمان نٿا رکن، ان کي پنهنجي وهم ۽ خيال جي خزاني مان ڳولين ٿا ۽ ان جي چونيءَ ۽ چگونگيءَ جي تلاش ۾ رهن ٿا. جڏهن ائين ڪرڻ سان ان کي نٿا پهچن ته انڪار ڪري ٿا وٺن، ۽ سموري ڪائنات جي ڪاروبار کي طبعيت ۽ نجوم جي طرف منسوب ٿا ڪن ۽ خيال ٿا ڪن ته انسان، حيوان ۽ هي عجيب شين سان ڀريل جهان خودبخود پيدا ٿيو آهي، يا هميشه کان ائين ئي هلندو اچي ٿو، يا هي سڀ طبيعت جو فعل (ڪم) آهي.

ٻيو سبب: انهن جي جهالت جو ٻيو سبب هيءُ آهي، ته هو آخرت تي ايمان نٿا رکن، ۽ سمجهن ٿا ته آدمي به نباتات مثل آهي يا حيوان وانگر آهي، جو مرڻ بعد فنا ٿي وڃي ٿو ۽ ان تي نه حساب آهي، نه جزا ۽ سزا. هن جهالت جو سبب آهي پنهنجي نفس کان عدم واقفيت، جو پنهنجو پاڻ کي حيوان يا گاهه ٿو سمجهي، ۽ روح کي نٿو سڃاڻي، جو آدميءَ جي حقيقت آهي، ۽ اها به خبر نه اٿس ته اُهو ابدي آهي ۽ ڪڏهن به نه مرندو.

ٽيون سبب: ان ٽولي جي جهالت جو ٽيون سبب هيءُ آهي ته هو الله تعاليٰ ۽ آخرت تي ايمان رکن ٿا، پر سندن ايمان ضعيف آهي. هو شريعت جي معنيٰ کي نٿا سمجهن ۽ سندن چوڻ آهي ته الله تعاليٰ کي اسان جي عبادت جي ڪهڙي ضرورت ۽ اسان جي گناهن کان کيس ڪهڙي تڪليف آهي؟ هو بادشاه آهي ۽ لوڪن جي عبادت کان بيپرواهه. عبادت ۽ نافرماني ان جي آڏو برابر آهن.“ هي جاهل قرآن جي طرف نٿا ڏسن، جو چوي ٿو ته ”جو پاڻ کي پاڪ ڪري ٿو، سو فقط پنهنجي پاڻ کي پاڪ ڪري ٿو.“ هي فاسق آهن، جي شريعت جي هيءَ معنيٰ وٺن ٿا ته ”ڪم خدا جي لاءِ ڪرڻ گهرجي، ۽ نه پاڻ لاءِ.“ انهن جو مثال ان بيمار وانگر آهي، جو پرهيز نه ڪري ۽ هينئن چوي ته ”حڪيم جو ان ۾ ڇا ويو، مان سندس چوڻ مڃان نه مڃان.“ ائين برابر آهي، پر ان سبب هو خود پنهنجي حياتي وڃائي ويهندو. حڪيم کي ڪهڙو نقصان! مگر ڪِري نه ڪرڻ ڪري خود هلاڪ ٿيندو.

چوٿون سبب: ان ٽولي جي جهالت جو چوٿون سبب هيءُ آهي ته هو شريعت جي مخالفت ۾ هيئن چون ٿا ته ”شريعت دل کي خراب خواهشن، ڪاوڙ ۽ ريا کان پاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿي، ليڪن هي ناممڪن آهي، ڇا لاءِ جو آدميءَ کي انهن ئي شين مان پيدا ڪيو ويو آهي، ۽ انهن جو مثال اهڙو آهي، جيئن ڪو چاهي ته ڪاري کي اڇو ڪيووڃي، حالانڪ ائين ڪرڻ محال آهي.“ هي نادان اهو نٿا سمجهن ته شريعت اهو حڪم ڪونه ڏنو آهي ته ”ڪاوڙ ۽ خواهش کي اکيڙي ڪڍي ڇڏيو“، مگر اهو ته ”انهن کي ضابطي ۾ رکو ته جيئن اهي، عقل ۽ شريعت تي غالب نه پئجي وڃن ۽ سرڪشي نه ڪن“ ائين ڪرڻ ممڪن آهي ۽ گهڻن ئي ڪري ڏيکاريو آهي. الله تعاليٰ پڻ انهن ماڻهن جي تعريف ڪئي آهي جي ڪاوڙ کي کائين ٿا، ۽ نه انهن جي، جن کي (ڪنهن به جائز ڪم لاءِ) ڪاوڙ اچي ئي نه.

پنجون سبب: انهن جي جهالت جو پنجون سبب هيءُ آهي ته الله تعاليٰ جي صفتن کان بيخبر هوندي به چوندا آهن ته ”الله ڪريم ۽ رحيم آهي. اسان جهڙا به هجون ۽ جيئن به هلون، اهو ضرور اسان تي رحم فرمائيندو.“ ليڪن هو اهو نٿا ڄاڻن ته جهڙيءَ طرح هو ڪريم آهي، اهڙيءَ طرح هو سزا ڏيڻ ۾ به سخت آهي، ۽ هي نٿا ڏسن ته ڪيترن ماڻهن کي مصيبت، بک ۽ بيماريءَ ۾ مبتلا رکيو اٿس، اگرچه هو ڪريم ۽ رحيم آهي. ۽ هيءُ نه ٿا ڄاڻن ته جيستائين کيتي ۽ وڻج واپار نه ڪبو تيستائين مال دستياب نه ٿيندو، ۽ جيستائين ڪوشش نه ڪندا، تيستائين کين علم حاصل نه ٿيندو. ائين چوڻ وارا دنيا جي طلب ۾ ته ڪا گهٽتائي ڪانه ٿا ڪن ۽ ائين نٿا چون ته الله تعاليٰ ڪريم ۽ رحيم آهي، سواءِ کيتي ۽ تجارت جي روزي ڏيندو“- باوجود هن حقيقت جي ته روزيءَ جو ضامن به هو پاڻ آهي!- هُن ته آخرت جو ڪم عمل جي حوالي ڪيو آهي، جو فرمايو اٿس ته ”انسان کي اهوئي ڪجهه ملندو، جنهن لاءِ ڪوشش ڪئي هوندائين.“ درحقيقت هي ماڻهو انهيءَ جي ڪرم تي ايمان نٿا رکن ۽ رزق جي تلاش کان بنهه هٿ نٿا کڻن. انهيءَ ڪري، جو ڪجهه هو آخرت جي باري ۾ چون ٿا، سو سڀ زباني ۽ شيطاني تلقين آهي.

سبب ڇهون: انهن جي جهالت جو ڇهون سبب هي آهي جو غرور ۽ هٺ ڪري ائين سمجهن ٿا ته ”اسين اهڙي مرتبي کي پهچي ويا آهيون، جو اسان جو گناهه اسان جو ڪجهه نٿو بگاڙي، ۽ اسان جو دين اهڙو ڪشادو تلاءُ آهي، جنهن کي پليديءَ جي پرواهه ناهي.“ انهن ۾ اهڙا نادان ۽ گهٽ سمجهه رکندڙ به آهن، جو جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ڳالهه ۾ سندن حشمت کي ڪيرائي وجهي ۽ سندن ريا ۽ تڪبر کي ٽوڙي وجهي ته هو ساري عمر ان جا ويري ٿيو پون. اهي نادان جي اهڙا تنگ ظرف آهن تن جي اهڙي دعوا ڪيئن مڃي سگهبي!

جيڪڏهن انهن ۾ ڪو اهڙو شخص کڻي هجي به، جو عداوت، شهرت، رياءَ ۾ ڪاوڙ جي ويجهو نه ويندو هجي، ته به هو پنهنجي هن دعوا ۾ دوکي هيٺ آيل آهي، ڇا لاءِ جو هو ان سبب ڪو پيغمبرن جي درجي کان مٿي چڙهي ڪونه ويندو. پيغمبر ته پنهنجي لغزشن تي روئندا ۽ زاري ڪندا هئا، ۽ الله تعاليٰ جي درٻار ۾ معذرت طلبيندا هئا. وڏي مرتبي وارا اصحاب سڳورا ننڍڙن ننڍڙن گناهن کان ڊپ ڪندا هئا ۽ ڪن وقتن تي ٿوري شڪ شبهي سبب حلال شين کان به پرهيز ڪندا هئا. (تڏهن) هِنن بي وقوفن اهو ڪيئن سمجهيو آهي ته هو شيطان جي دوکي ۽ فريب جو شڪار نه آهن؟

ستون سبب: ان ٽولي جي جهالت جو ستون سبب آهي انهن جي غفلت ۽ نفساني خواهش. اهي جڏهن ڪنهن گروهه کا ناجائز رستي تي هلندو، فساد ڪندو، رنگين ڳالهيون ٻڌائيندو، صوفين جي پوشاڪ پهريو تصوف ۽ ولايت جي دعوا ڪندو ڏسندا آهن. کين انهن جون اهي ڳالهيون پسند اينديون آهن ته ڇا لاءِ ته انهن جي دلين تي لغويت ۽ خواهش جو غلبو هوندو آهي، جو انهن کي فساد ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي. اهڙا ماڻهو ائين ڪڏهن نه چوندا آهن ته فساد يا خرابي ڪرڻ سان اسان کي ڪو عذاب رسندو“ ته جيئن سندن عيش زهر نه ٿي پوي، پر الٽو چوندا آهن ته ”هي خود فساد نه آهي ۽ اهڙو خيال ڪرڻ ئي تهمت ۽ حديث (نئين ڳالهه آهي) آهي،“ حالانڪ نه هنن کي تهمت جي معنيٰ جي خبر آهي ۽ نه وري حديث جي بڙا آدمي غافل، نفس پرست ۽ شيطان جا تابعدار ٿين ٿا ۽ سمجهائڻ سان نٿا سمجهن، ڇا لاءِ جو انهن کي پنهنجن ڪمن ۾ شڪ نٿو پوي. اهڙن ماڻهن کي تلوار سان ٺيڪ ڪرڻ کپي ۽ نه ڳالهين ۽ دليلن سان.

جيڪڏهن ماڻهوءَ جي جهالت اهڙن ڪمن ۾ هجي، جي ان جي طبع جي موافق هجن، ته پوءِ اهڙيءَ گمراهيءَ جو مٽجي وڃڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان جو سبب هي آهي ته هي ماڻهو سواءِ ڪنهن خوف ۽ خطري جي اباحت (ناجائر) جي رستي تي هلن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان منجهيل (حيران) آهيون.“ جيڪڏهن کانئن پڇيو وڃي ته ”توهان ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ منجهيل آهيو؟“ ته ان جو ڪو جواب نٿا ڏين. اهڙن ماڻهن جو مثال انهيءَ شخص وانگر آهي، جو طبيب کي چوي ته مان بيمار آهيان ۽ کيس هي نه ٻڌائي ته مون کي ڪهڙي بيماري آهي. پوءِ اهڙي شخص جو علاج ٿي نٿو سگهي، جيستائين ان جي بيماريءَ جو پتو نه پوي.

دين جا بزرگ اُهي آهن جي ڄاڻن ٿا ته جنهن حرص ۽ خواهش کي پنهنجو مطيع نه بنايو، سو انسان نه پر ڍور آهي. تنهنڪري سمجهڻ گهرجي ته آدميءَ جو نفس مڪار ۽ دوکيباز آهي ۽ هميشه ڪوڙيون دعوائون ڪندو ۽ ڊاڙون هڻندو رهي ٿو ته مان گهڻو زبردست آهيان. لهذا مناسب آهي ته اُن (نفس) کان ثابتي گهري وڃي، ۽ اُن جي سچائيءَ پرکڻ لاءِ سواءِ شرعي دليلن جي، خود سندس دليلن تي اعتبار نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن هو هميشه شريعت جي اطاعت ۾ رهي ته پوءِ هو سچو آهي، ۽ جيڪڏهن شرعي حڪمن بابت حيلا ۽ بهانا * تاويل تلاش ڪري ته پڪ ڄاڻ ته هو شيطان جو پوئلڳ آهي، ۽ اجائي ولايت جي دعوا ٿو ڪري. مرڻ گهڙيءَ تائين اها ثابتي نفس کان پڇڻ گهرجي، نه ته انسان دوکو کائيندو ۽ بيخبريءَ ۾ پاڻ هلاڪ ڪندو. اهو پڻ ڄاڻڻ گهرجي تي شريعت جي متابعت ۾ نفس جو پيش پوڻ، اڃا رڳو مسلمانيءَ جو پهريون درجو آهي، ٻيون منزلون اڃا پري ٿيون.


 

[1]  آسمانن ۽ ستارن کي ”آباي علوي“ يعني ”مٿانهان ابا“ (پيئر) چوندا آهن، ۽ زمين جي چئن عناصرن کي ”امهات سفلي“ يعني ”هيٺيون مائرون“ چوندا آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org