سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: ڪيميائي سعادت

عنوان پهريون

صفحو :4

فصل يارهون

دل جو شرف، از روي قدرت

 معرفت جي راهه ۾ آدميءَ جي جوهر يعني دل جو شرف، توکي معلوم ٿي ويو. هاڻي سمجهي وٺ ته قدرت رکڻ جي لحاظ کان پڻ ان کي هڪ شرف حاصل آهي، جو پڻ ملائڪن جي صفتن مان آهي ۽ ٻين حيوانن کي حاصل ناهي. جهڙيءَ طرح هي جسماني جهان فرشتن جو تابع آهي، جي الله تعاليٰ جي قانون مطابق جڏهن مناسب سمجهن ٿا تڏهن برسات وسائين ٿا، هوائون گهُلائين ٿا، رحم ۾ حيوانات جون شڪليون بڻائين ٿا ۽ زمين مان اوڀر اُڀارين ٿا، تهڙيءَ طرح انسان جي دل کي به اختيار مليل آهي، ۽ هن جهان جا ڪيترائي جسم سندس ماتحت آهن. هرڪنهن ماڻهوءَ جو خاص عالم سندس بدن آهي، ۽ بدن وري دل جي تابع آهي، پر، ڪا دل ٻين کان زياده شريف ۽ سگهاري هوندي آهي، ۽ ملائڪن جي ذات ۽ جوهر سان وڌيڪ مشابهت رکندي آهي. ائين جو بدن کان ٻاهر ٻيا اجسام سڀ سندس مطيع ٿيو پون. جيڪڏهن سندس هيبت شينهن تي پوي ته هو عاجز ۽ مطيع بڻجي پوي، ۽ جيڪڏهن بارش لاءِ دعا گهري ته فوراً اها اچي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن بيمار لاءِ دعا پني ته هو ستت چڱو ڀلو ٿي پوي، يا ڪنهن ماڻهوءَ تي توجہ وجهي، ته ان جي اندر ۾ هڪ قسم جي چُرپُر پيدا ٿي پوي. هي سڀ عقلي دلائل ۽ تجربن مان ثابت آهي. هي سڀ دل جي قدرت جا ڪرشما آهن.

 

فصل ٻارهون

نبوت ۽ ولايت جي حقيقت

 نبوت ۽ ولايت انساني دل جي بزرگيءَ جي درجن مان هڪ درجو آهي، جنهن جو حاصل ٽي خصلتون آهن. هڪڙي هيءَ ته جا ڪشف جي حالت عام ماڻهن کي ننڊ ۾ ٿئي ٿي، سا هن درجي واري انسان کي بيداريءَ ۾ ٿئي ٿي. ٻي هيءَ ته عام ماڻهن جو نفس پنهنجي جسم کان سواءِ ٻين تي اثر نٿو ڪري سگهي، ليڪن اهڙي درجي واري انسان جو نفس پنهنجي بدن کان سواءِ ٻين تي به اثر ڪري ٿو. مگر ان ۾ خلق جي ڀلائيءَ جو لحاظ رکيو ويندو آهي، ۽ نه سندن برائيءَ جو. ٽين هيءَ آهي ته اهي علوم، جي عام ماڻهن کي سکڻ سان حاصل ٿيندا آهن. سي اهڙي انسان کي سواءِ سکڻ جي پنهنجي اندر مان حاصل ٿيندا آهن. جيئن ممڪن آهي ته ڪوئي صاف دل ۽ هوشيار آدمي خودبخود علم سکي وٺندو آهي، تيئن اهو شخص جو وڌيڪ عاقل ۽ صاف دل هوندو آهي، سو مڙيئي علم يا اڃا به زياده خودبخود ڄاڻي وٺندو آهي. اهڙي قسم جي باطني علم کي ”علم لدني“ چوندا آهن.

اهي ٽيئي خاصيتون ڪن ماڻهن ۾ مڪمل طور هونديون آهن ته ڪن ۾ غير مڪمل طور رسول الله جن جو ڪمال هن ڪري هو، جو منجهن اهي ٽيئي خاصيتون نهايت ڪمال صورت ۾ موجود هيون. ازانسواءِ هيءُ به ممڪن آهي ته نبين سڳورن ۽ ولين ۾ انهن ٽن صفتن کان سواءِ ڪي ٻيون صفتون به هجن، جن جي اسان کي خبر نه آهي. جيئن الله تعاليٰ کي، سواءِ الله تعاليٰ جي ٻيو ڪوبه پوريءَ طرح نٿو ڄاڻي سگهي، تهڙيءَ طرح رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي ڪمال کي به پاڻ سڳورن کان سواءِ ٻيو ڪونه ٿو ڄاڻي، تنهنڪري تون هن ڳالهه تي عجب نه کاءُ ته نبين سڳورن ۾ ڪي صفتون اهڙيون به آهن، جن جي ٻئي ڪنهن کي به خبر ناهي.

 

 

فصل تيرهون

ڪهڙيءَ طرح چئبو ته سلوڪ جي واٽ ۾ عام هڪ حجاب (اٽڪ) آهي

 تو صوفين کان ٻڌو هوندو ”علم هن راهه ۾ حجاب (رڪاوٽ) آهي،“ ۽ غالبا تو ان جو انڪار ڪيو هوندو، سو تون انڪار نه ڪر، ڇا لاءِ جو هيءُ بلڪل صحيح آهي. اهو هن ڪري آهي، جو محسوسات ۽ اهو سڀ علم، جو محسوسات جي ذريعي حاصل ٿئي ٿو، تنهن ۾ جيستائين تون مشغول رهندين، تيستائين هيءُ (الاهي) حال تو کان پوشيده ئي رهندو.

دل جو مثال هڪ حوض وانگر آهي ۽ پنج حواس ان جون ڪسيون آهن، جن وسيلي ان حوض ۾ پاڻي اچي ٿو. هاڻي جيڪڏهن تون چاهين ته صاف پاڻي حوض جي تري مان پيدا ٿئي، ته ان جي تدبير هيءَ آهي ته هن سموري پاڻيءَ کي، جو ڪسين ذريعي منجهس اچي ٿو، ۽ اها ڪاري مٽي جا ان پاڻيءَ سببان حوض جي تري ۾ ڄمي ويئي آهي، تنهن کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪر، انهن سڀني ڪسين جو منهن بند ڪري ڇڏ ته جيئن ٻاهريون پاڻي ان ۾ اندر نه اچي سگهي، ۽ ان بعد تون حوض جي تري کي کوٽيندو رهه... تان جو صاف ۽ پاڪ پاڻي اندران نڪري اچي. اهڙيءَ طرح هي معرفت جو علم، جو دل جي اندر ئي اندر پيدا ٿئي ٿو ڪڏهين به حاصل نه ٿيندو جيستائينڪ دل کي ٻاهران آيل علم کان خالي نه ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن ڪو عالم پنهنجي دل کي پنهنجي سکيل علم ۾ مشغول نه رکندو ته اهو علم ان لاءِ حجاب نه ٿيندو، ۽ ممڪن آهي ته ان جو اندر کلي پوي. اهڙءَ طرح جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي دل کي خيالات ۽ محسوسات کان خالي ڪندو، ته پوءِ اهي گذريل خيال ان جي لاءِ حجاب ثابت نه ٿيندا.

حجاب جو سبب هيءُ آهي. ڪو شخص اهل سنت جا عقيدا سکي ٿو، ۽ گفتگو ۽ مباحثي جا سڀئي دليل به حفظ ڪري ٿو، ۽ پوءِ هي اعتقاد رکي ٿو ته ان علم کان سواءِ (جو پاڻ پرايو اٿس) ٻيو ڪوئي علم ڪونهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن به وقت ڪا ٻي ڳالهه سندس دل ۾ کٽڪي اچي ٿي ته چوي ٿو ته ”هي ان جي خلاف آهي جو ڪجهه مون ٻڌو آهي، ۽ جيڪا ڳالهه ان جي خلاف آهي، سا سراسر ڪوڙي آهي،“ ته پوءِ نامڪن آهي جو اهڙي آدميءَ کي ڪنهن ڳالهه جي حقيقت معلوم ٿئي، ڇا لاءِ جو اهي سڀيئي عقيدا جي ماڻهن کي سيکاريا وڃن ٿا سي حقيقت جو محض قالب آهن، ۽ نه اصلي حقيقت. معرفت ته ان کي چئبو آهي. جنهن جي وسيلي هي سڀ حقيقتون ان قالب مان اهڙيءَ طرح نڪري نروار ٿين، جيئن هڏي مان مِک.

تون هي سمجهي ڇڏ ته جو شخص پنهنجي عقيدي جي ڪاميابيءَ لاءِ يا ان جي ثابت ڪرڻ خاطر، مناظري جو طريقو سکي ٿو، تنهن اڳيان ڪابه حقيقت کُلي ظاهر نه ٿيندي، ڇا لاءِ جو هو ڀانئي ٿو ته جو ڪجهه مان ڄاڻان ٿو سو ئي حق آهي. ان جو اهڙو خيال ڪرڻ ئي سندس لاءِ حجاب ٿيو پوي، تنهنڪري اهڙا ماڻهو هن درجي کان محروم رهن ٿا. پر جيڪڏهن ڪو هن غرور کي ڇڏي ڏئي، ته پوءِ ان جو علم سندس لاءِ حجاب نه بڻجندو. تنهنڪري جڏهن تون ڪنهن ڪشف جي صاحب کان اهڙي ڪا ڳالهه ٻڌين، (ته ”علم، حجاب آهي“) ته ان جو انڪار نه ڪجانءِ. پر هي اباحتي[1] ۽ نفس پرست ماڻهو، جي هن زماني ۾ پيدا ٿيا آهن، تن جي ڳالهين تي هرگز يقين ڪرڻ نه گهرجي، ڇا لاءِ جو اهي خود هن حال کان بيخبر آهن، ۽ فقط ڪن صوفين جون بيهوده ڳالهيون کڻي اختيار ڪيون اٿن. سارو ڏينهن پاڻ کي پيا ڌوئن، ۽ گوڏ، گودڙيءَ ۽ مصلي سان کڻي پاڻ کي سينگاريو اٿن، ۽ علم ۽ علم وارن جي مذمت ڪندا رهن ٿا. سچ پچ اهڙا لوڪ واجب القتل آهن، ڇاڪاڻ ته خدا جي مخلوق لاءِ شيطان، ۽ خدا ۽ ان جي رسول جا دشمن آهن. خدا ۽ رسول ته علم ۽ علم وارن جي تعريف ڪئي آهي، ۽ ساريءَ دنيا کي علم جي طرف سڏيو آهي، ليڪن هي بد بخت نه ته حال جا مالڪ آهن، ۽ نه وري علم کان ئي بهره ور. انهن لاءِ اهڙيون ڳالهيون چوڻ ڪيئن روا ۽ جائز ٿي سگهن ٿيون. اهڙن ماڻهن جو مثال اهڙي شخص وانگر آهي، جنهن هي ٻڌو هجي ته ”ڪيميا سون کان بهتر ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي ذريعي بي انداز سون پيدا ٿيندو آهي،“ ۽ جڏهن سندس سامهون زر جو خزانو پيش ڪيو وڃي ته هو ان کي هٿ ئي نه لائي ۽ چوي ته ”زر ڪيڙي ڪم جي ان جو ڪهڙو قدر ۽ قيمت؟ مون کي ته ڪيميا گهرجي، جو اصل شيءِ اها ئي آهي!“- ان کي نه زر حاصل ٿيندي نه ڪيميا. اهڙو شخص هميشه بدبخت، بکيو ۽ ڪنگال رهي ٿو، ۽ فقط هن هش تي خوش ٿي ڊاڙ هڻي ٿو ته ”ڪيميا زر کان بهتر آهي.“ نبين سڳورن ۽ ولين جي ڪشف جو مثال ڪيميا وانگر آهي، ۽ عالمن جي علم جو مثال سون وانگر آهي. ڪيميا جي مالڪ کي سون جي مالڪ تي فضيلت آهي، مگر هتي هڪ نڪتو آهي، ۽ اهو هيءُ آهي ته جيڪڏهن ڪو فقط ايتري ڪيميا رکي ٿو جنهن وسيلي سئو دينارن کان وڌيڪ سون حاصل ٿي نٿو سگهي، ته اهو ان شخص کان افضل نه آهي، جنهن وٽ سون جا هزار دينار موجود آهن. ڪيميا جا ڪتاب ۽ ڪيما جي متعلق گهڻيون آکاڻيون مشهور آهن ۽ ڪيميا جا ڳولائو به گهڻا آهن، پر گهڻي زماني بعد به ان جي حقيقت ڪن ٿورڙن کي دستياب ٿئي ٿي، ۽ اڪثر ماڻهو ان جي ڳولا ۾ دوکو کائين ٿا. صوفين جو به اهڙو ئي حال آهي، حقيقت ۾ اصليت انهن ۾ به نادر ۽ ڪامياب آهي. اهڙو ڪو ورلي آهي جو ڪمال کي پهچي ٿو، تنهنڪري هي سمجهڻ گهرجي ته جي ڪنهن کي صوفين جي حال مان ڪجهه ذرو هٿ اچي به ٿو ته اهو ڪو هر عالم کان افضل ٿورو ئي آهي. گهڻا صوفي ته اهڙا آهن، جن تي منڍ ۾ ڪجهه حالت طاري ٿئي ٿي، پر پوءِ اها حالت به منجهن قائم نٿي رهي. ڪي اهڙا به آهن جن تي سودا ۽ خيال غالب هوندو آهي جنهن جي ڪا حقيقت ئي نه آهي، پر ڀانئين ٿا ته اها به ڪا چيز آهي. اگرچه اصل ۾ اها ڪي به ڪين آهي. جيئن خواب ۾ ڪجهه حقيقت به آهي ۽ ڪجهه خيال به، تيئن وجد ۽ حال ۾ به ٿئي ٿو. عالم تي فقط ان صوفيءَ کي فضيلت آهي جو پنهنجي حال ۾ اهڙو ڪامل ۽ مڪمل هجي، جو جيڪو علم ٻين کي پڙهڻ سکڻ سان حاصل ٿئي سو ان کي خودبخود سوءَ سکڻ ۽ پڙهڻ جي حاصل هجي، پر هي درجو نهايت سخت ۽ نادر آهي.

توکي جڳائي ته تصوف جي اصلي راهه ۽ ان جي فضيلت تي ايمان رک، ۽ انهن نقلي صوفين جي سبب، اصلي ۽ حقيقي وفين کان بدگمان نه ٿيءُ. نقلي صوفين مان جيڪي به عالمن کي طعنا هڻن ٿا، سي سمجهي ڇڏ ته نادانيءَ ۽ جهالت کان ئي ائين ٿا ڪن.

 

فصل چوڏهون

آدميءَ جي سعادت (خوشي) الله تعاليٰ جي معرفت ۾ ئي آهي

 هتي تون شايد سوال ڪرين ته ”اهو ڪيئن معلوم ٿئي ته آدميءَ جي سعادت الله تعاليٰ جي معرفت (ڄاڻ) ۾ آهي؟“ سو، تون هي سمجهي ڇڏ ته هر شيءِ جي سعادت انهيءَ ۾ آهي، جنهن مان ان کي راحت ۽ آرام ملي، ۽ هر شيءِ جي لذت انهيءَ ۾ آهي جا ان جي طبع جي مطابق هجي، ۽ هر شيءِ جي طبع جي مطابق اهو آهي جنهن لاءِ ان کي پيدا ڪيو ويو آهي: مثلا، اکين جي لذت سٺين صورتن کي ڏسڻ ۾ آهي، ۽ ڪنن جي لذت مٺن آوازن ۽ سُرن کي ٻڌڻ ۾ آهي، اهڙيءَ طرح دل جي لذت به ان ۾ آهي، جا ان جي خاصيت آهي ۽ جنهن لاءِ ان کي پيدا ڪيو ويو آهي، ۽ اها آهي ڪمن جي حقيقت کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ، ڇا لاءِ جو آدميءَ جي دل جي خاصيت اهائي آهي. باقي خواهش ۽ ڪاوڙ ۽ پنجن حواسن جي ذريعي محسوسات کي سڃاڻڻ ته حيوانن جو به ڪم آهي.

ڇاڪاڻ ته ڪمن جي اصل حقيقت کي ڄاڻڻ دل جي خاصيت آهي، ان ڪري آدمي جنهن شيءِ کي نٿو ڄاڻي، تنهن جي ڄاڻڻ جي تقاضا سندس دل ۾ پيدا ٿئي ٿي، تان جو ان کي سمجهي، پوءِ جو ڪجهه سمجهي وٺي ٿو، ان تي هو خوش ٿي فخر ڪري ٿو. جهڙيءَ طرح ڪو شخص جڏهن وزير جي رازن کان واقف ٿئي ٿو تڏهن خوش ٿئي ٿو، پر هو اڃا به زياده خوش هن ڳالهه ۾ ٿيندو جيڪڏهن هو بادشاهه جي رازن ۽ سلطنت جي ڪاروبار کان واقف ٿي وڃي. اهڙيءَ طرح معلوم (ڄاتل شيءِ) جيتريقدر زياده شريف ۽ عمدي هوندي، اوتريقدر ان جو علم (ڄاڻڻ) به زياده خوشيءَ ۽ لذت جو باعث ٿيندو.

ڪابه موجود شيءِ الله تعاليٰ کان زياده شريف نه آهي، ڇا لاءِ جو سڀني جو شرف ان جي ذات کان آهي. ساري عالم جو بادشاهه ۽ مالڪ اهوئي آهي، ۽ ساري جڳ جون عجيب غريب شيون سندس ئي ڪاريگريءَ جون نشانيون آهن. تنهنڪري ڪابه معرفت ان جي معرفت کان وڌيڪ شريف ۽ راحت بخش نه آهي. ۽ ڪوئي به نظارو ان حضرت ربو بيت جي نظاري کان وڌيڪ دلڪش ۽ وڻندڙ نه آهي، ۽ دل جي طبيعت جي تقاضا به اهائي آهي، ڇا لاءِ جو هر شيءِ جي طبيعت انهيءَ شيءِ کي چاهيندي آهي، جا ان جي خاصيت هوندي آهي، ۽ جنهن لاءِ الله تعاليٰ ان کي خلقيو آهي. ها، جيڪڏهن ڪا دل اهڙي آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ جي معرفت جي تقاضا ئي نه رهي هجي، ته پوءِ ان جو مثال انهيءَ مريض وانگر آهي، جنهن ۾ غذا جي خواهش ئي نه رهي هجي، ۽ جو مٽيءَ کي ماني کان زياده پسند ڪري. جيڪڏهن ان جو علاج نه ڪبو، جيئن ان جي طبيعي خواهش واپس وري ۽ اها ڪوڙي مٽي کائڻ جي خواهش کان سواءِ، ٻين شين جي خواهش غلبو ڪري وڃي ٿي، ته اهو به انهيءَ بيمار وانگر آهي. جيڪڏهن ان جو علاج نه ڪيو ويندو، ته هو هن جهان ۾ بدنصيب ۽ هلاڪ ٿيندو.

اهي سڀيئي خواهشون ۽ حسي لذتون، جي آدميءَ جي جسم سان تعلق رکن ٿيون، سي سڀ سندس موت سان گڏ فنا ٿي وڃن ٿيون، ۽ اهي مڙيئي تڪليفون جي انهن جي حاصل ڪرڻ ۾ ورتيون وڃن ٿيون، سي به مرڻ سان ناس ٿيو وڃن. ليڪن معرفت جي لذت، جا دل سان تعلق رکي ٿي، سا موت سان پاڻ ٻيڻي ٿي وڃي ٿي، ڇا لاءِ جو دل موت سبب برباد نٿي ٿئي ۽ معرفت برقرار رهي ٿي. دل پاڻ زياده روشن ٿئي ٿي ۽ ان جي لذت هن سبب ٻيڻي ٿيو پوي ڇاڪاڻ جو ٻين خواهشن جي زحمت ختم ٿيو وڃي.

 

فصل پندرهون

آدميءَ جي جسم ۾ الله تعاليٰ جي

صفت جا عجائب غرائب

 آدميءَ جو بدن باوجود مختصر هجڻ جي سجھي جهان جي مثال آهي، ڇا لاءِ ته جو ڪجهه جهان ۾ پيدا ڪيو ويو آهي تنهن جو نمونو ان ۾ موجود آهي. هڏا پهاڙ آهن. پگهر بارش آهي، وار وڻن جي مثال آهن، دماغ آسمان جي طرح آهي ۽ حواس ستارن وانگر آهن. مطلب ته تمام مخلوقات جو مثال منجهس موجود آهي، جيئن ته سوئر، ڪتو، بگهڙ، چوپايو، ديو، پري، فرشته وغيره. ان سڀ جو مثال آدميءَ جي وجود ۾ آهي، نه نه، بلڪ ساري جهان جي مزورن (پيشه ورن) جو مثال به ان ۾ موجود آهي: جيئن ته اها قوت جا غذا کي معدي ۾ پچائي ٿي ۽ هضم ڪري ٿي سا بورچيءَ وانگر آهي، ۽ اها جا صافي طعام کي جگر ڏي موڪلي، باقي ڦوڳ کي آنڊن ڏانهن ڌڪي ٿي، سا چاڪيءَ وانگر آهي، ۽ اها جا طعام کي جگر ۾ رت بنائي ٿي، سا رنگريز وانگر آهي وغيره. هي قوتون تنهنجي بدن ۾ تنهنجي خدمت ۾ لڳل آهن، پر تون غفلت ۾ پيو آهين. تون ان قادر مطلق جو شڪر ادا نٿو ڪرين، جنهن انهن سڀني کي تنهنجي خدمت لاءِ پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪو شخص فقط هڪ ڏينهن لاءِ پنهنجي غلام کي تنهنجي خدمت لاءِ موڪلي ٿو ته تون ساري عمر سندس شڪر گذار رهين ٿو، پر اها ذات پاڪ جنهن ڪيترائي هزار ڪمي تنهنجي اندر ۾ تنهنجي خدمت لاءِ مقرر ڪيا آهن، ۽ جي ساري عمر هڪ گهڙي به تنهنجي خدمت کان فارغ نه ٿيا آهن، ان کي تون ياد به نٿو ڪرين!

 

فصل سورهون

انسان هن جهان ۾ نهايت عجز ۽ نقصان ۾ آهي

 هيءَ جو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، ان مان توکي آدميءَ جي بزرگي معلوم ٿي ويئي هوندي. خدا تعالي توکي هڪ قيمتي گوهر ڏنو آهي، جيڪڏهن تون ان جي تلاش نه ڪندين ۽ غفلت ۾ رهي ان کي وڃائي ويهندين، ته پاڻ کي وڏو ڇيهو رسائيندين. تون اٿي ڪوشش ڪر ۽ پنهنجي دل کي ڳول ۽ ان کي دنيا جي ڌنڌن کان ڪڍي عزت ۽ ڪمال جي درجي تي پهچاءِ، ڇاڪاڻ ته ان جو شرف ۽ عزت انهيءَ ٻئي جهان ۾ ظاهر ٿيندو، جتي اها بي ملال خوشي، بي فنا بقاء، بي عجز قدرت، بي شبهه معرفت ۽ خدا جو بي ڪدورت جمال ماڻيندي. هن جهان ۾ سندس شرافت ان ڳالهه ۾ آهي ته حقيقي بزرگيءَ ۽ عزت لاءِ پاڻ کي قابل بڻائي.

جيڪڏهن ڪو شخص عزيز ۽ شريف آهي ته علم جي ڪري، يا قوت ۽ قدرت جي ڪري، يا همت ۽ ارادي جي ڪري، يا موچاريءَ صورت جي ڪري ۽ مگر جيڪڏهن انسان جي علم کي ڏٺو وڃي ته ان کان زياده جاهل ٻيو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سندس دماغ جي هڪ رڳ ڏنگي ڦڏي ٿي پوي ته سندس تباهيءَ ۽ چريائيءَ جو خطرو آهي. کيس خبر ناهي ته اهو ائين ڇو ٿيو ۽ ان جو ڪهڙو علاج آهي؟ وري جي کڻي سندس قدرت ۽ قوت کي لحاظ ۾ رکجي ته ڏسبو ته کانئس زياده عاجز ڪا ٻي شيءِ ڪانهي. هو هڪ مک جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن هڪڙو مڇر ڏانهنس موڪليو وڃي ته اهوئي کيس نيست ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. جيڪڏهن هڪ ڏينڀو ڏنگ هڻيس، ته رات ڏينهن آرام ڦٽي پويس. معلوم ٿيندو ته چانديءَ جي ذري زيان ٿيڻ تي پريشان ٿيو پوي. بک جي وقت، جي کيس هڪ لقمو نه ملي ته هوش کان نڪريو وڃي. جيڪڏهن انسان جي جمال ۽ صورت تي نظر وڌي وڃي، ته ڏسڻ ۾ ايندو ته پليديءَ جي ڍير مٿان هڪ اڌوڙ وڇائي ويئي آهي.

جي ٻه ڏينهن غسل نه ڪري ته منجهس اهڙيون خرابيون ظاهر ٿين جو خود پاڻ کان پيئي نفرت اينديس. انهيءَ کان وڌيڪ ڪني ٻي ڪهڙي شيءِ آهي، جا هميشه سندس اندر ۾ آهي، ۽ صبح شام پاڻ سان کنيو وتي!

سچ ته هي آهي ته انسان هن جهان ۾ گهڻو عاجز ۽ بي بس آهي. سڀاڻي سندس حساب- ڪتاب ٿيندو. سعادت جي ڪيميا کي پنهنجي دل جي گوهر تي رکندو ته چوپاين جي درجي کان نڪري فرشتن جي درجي تي پهچي ويندو. پر جيڪڏهن سندس رخ دنيا ۽ ان جي خواهش ڏي هوندو ته سڀان سوئر ۽ ڪتو به کانئس بهتر هوندا، ڇا لاءِ جو اهي خاڪ ٿي ويندا ۽ تڪليف کان ڇٽي پوندا، ۽ هي عذاب ۾ رهندو. تنهنڪري انسان کي گهرجي ته جيئن هو پنهنجي عزت ۽ بزرگيءَ کي سڃاڻي ٿو، تيئن ان سان گڏ پنهنجي عيبن ۽ ڪمزورين تي به نظر ڌري، ڇاڪاڻ ته انهيءَ رستي پاڻ کي سڃاڻڻ پڻ الله تعاليٰ جي معرفت جي ڪنجين مان هڪ ڪنجي آهي.


 

[1]  اهي جي غير صحيح ۽ نا مشروع دليل سان شريعت جي اوامر ۽ لواهي جي مخالفت ڪن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org