سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

باب: --

صفحو :3

 

_مطالعو:

مطالعي جو ڪجهه مطلع اڳين ورقن ۾ ڏئي رهيو آهيان. مگر سندن مطالعه جي وسعت سندن تصانيف يا تاليفات مان ۽ رفعت سندن شاعري مان بآساني پروڙي سگهبي، روزانه معمول مان اوهان کي ظاهر ٿيو ته خود مطالع به سندن لاءِ آرام آهي. سندن تاليفات ۽ تصانيف مان هيٺيان مکيه آهن جن جو چرچو ادبي حلقن ۾ گرما گرم ٿيندو رهي ٿو:

ا_شيطان: هن ۾ ابليس ۽ شيطان تي ڌار ڌار مقالات جمع ڪيا ويا آهن جي مطالعي جي وسيع ڪرڻ لاءِ ڏاڍو ڪارآمد آهن.

2_اسلامي تصوف: هن ۾ صحيح اسلامي تصوف جو ذڪر وضاحت سان ڏنو ويو آهي ۽ مڪار صوفين جي مٽي پليد چڱي طرح ڪئي ويئي آهي جي پنهنجي ”شيد جي دڪانن“ ۾ ويهي سالوس جو لباس ڍڪي عوام الناس کي ٺـڳين ٿا ۽ڦرين ٿا.

3_خود شناسي: تصوف ۽ نفسيات جي گڏيل مڻين جي مالها آهي. جنهن جي استعمال ڪرڻ ڪري ذڪر و فڪر جا دروازا کلي پون ٿا.

4_ياد_رفتگان: پنجاه گذريل سنڌي شاعرن جي احوال_ ڪلام جو مصور اَلبم جو سنڌي ادب ۾ يڪتائي جو مثال رکي ٿو.

5_امام غزالي جا خطوط: اندرِ جي دري کولڻ لاءِ امام غزاليءَ جهڙي بزرگ صوفيءَ جي صوفيانه قيل و قال و خط و ڪتابت جو مجموعو جو طالب الموليٰ سائين جن اهل_ سنڌ جي فائدي لاءِ ترجمو به ڪيو ۽ شايع به ڪرايو.

 

6_شاعري:

جيڪڏهن طالب الموليٰ سائين جي خاندان ۽ ماحول تي نظر وجهبي ته اهو ظاهر ٿيندو ته پاڻ ۽ شاعري لازم ۽ ملزوم آهن. پاڻ ابن_ شاعر آهن. ان کانسواءِ سندن پڙڏاڏو ”سائين پکن ڌڻي“ شعر جو شاه ٿي گذريو آهي. هن جو برادر_ اصغر سائين ”پنيلڌو“ (42) به پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن صاحب جا چارئي فرزند به صاحبِ شعر و شعور. ڀلا اهڙي چٽيل چوڌار ۾ طالب الموليٰ سائين جي طبعيت ڪيئن ٿي خاموش وهي؟ ڏهن سالن جي عمر هئي ته پڻ ناري طرف مريدن جي سفر تي ويا هئا: اتي کين مٺار فقير راڄڙ (43) سان ميل جول جا گهڻا موقعا مليا جو سندن حاضري ۾ رهندو هو. هن جي ته طبع هئي کليل سو روزانو رات جو هڪ ڏهر ٺاهي طالب الموليٰ سائين کي هر صبح جو ٻڌائيندو هو. کين هن تي تپرس لڳو ۽ شعور جو اسپ ميدان تخيل ۾ تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو، وري جو ويتر مختلف شعر جي ڪلامن جو مطالعو ٿيو خصوصاً سائين پکن ڌڻي جي روحاني ڪلام جو تنهن اها آرزو دل ۾ پيدا ڪئي ته ”مان شاعر ٿيان“. هن آرزو جي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيا. ڏينهن ويا گذرندا_ سال کن به پورو ٿي ويو_ باز جي شڪار جو پروگرام هو ته اتي في البديعه هي شعر دل تي تري آين ته:

 

يا الاهي يار مون ايندو ڪڏهن، (44)

درد دل جو دور هي ٿيندو ڪڏهن.

 

شعر مڪمل ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح شاعري جي شاهراهه تي طالب الموليٰ سائين قدم رکيو_ سال ٻه عزيزن ۽ والد صاحب کان مخفي نمونه ۾ شعر سازي ڪئي وئي_ اڪثر غير موزون ڪلام ٺاهيو ويندو هو. موزون ٿورو. ڪيئن سؤ ٺهي ويا. هڪ ڏينهن سندن هڪ ڪافي بمطلع:

 

”ميڏا يار اڱڻ تي آيا، ول نئين سر جوش جڳا يا“

هڪ گويي کي ڳائڻ لاءِ سيکاري وئي. جنهن جي خبر سندن والد صاحب کي پئي. پاڻ طالب الموليٰ سائين جي موجودگي ۾ اشارتاً چيائون ته حقيقت جو رنگ ڏجي باقي ”ميڏا يار اڱڻ تي آيا“ ڇا جو؟ ان بعد ڪيترن سوَن شعرن جو ڪتاب ڇيهون ڇيهون ڪيو ويو. مگر عزم بالجزم ڪيو ويو ته جيڪڏهن چئبو ته اهڙو شعر چئَبو جو سندن بزرگن خصوصاً والد صاحب ۽ عموي صاحب کي مرغوب لڳي. خدا تعاليٰ جي فضل سان ٿيو به ائين جو انهن مذڪور بزرگن جي خيال کي سندن شعر پرسحر بدلائي ڇڏيو ۽ سندن والد صاحب کي هڪ رباعي_ هڪ ڪافي ۽ هڪ غزل اردو:

 

رمزمين ملک عدم سي جب يهان آنا پڙا

 

ڏاڍا پسند ايندا هئا ۽ سندن چاچا سائين مرحوم مولوي کي هڪ ڪافي:

 

جاني هجي توکي جس، هينئن ڪي ڪبيون آهن يار جدايون

 

۽ ٻيو عارف (45) سان خطاب ڏاڍو مرغوب_ خاطر لڳندا هئا_ ”عارف سان خطاب“ جو جدت جي جوش جو جلوو اوهان به ملاحظه ڪريو. هيءُ جدت سندن ڪلام ۾ خاص خصوصيت آهي. هي 1_ ڊسمبر 1949ع ۾ هالا ۾ ٺاهيو ويو. چند بيت حاضر آهن:

 

اچو ته حرص و هوا جي دنيا ڪريون برباد،

اچو ته عيش ۽ عشرت جو اڄ پٽيون بنياد.

 

اچو ته سطوت ۽ جبروت جي جهان ۾ اڄ،

نياز ۽ نوڙت نئَين سر ڪريون وري آباد.

 

اچو ته جام ۽ مينا کي زهر ساڻ ڀريون،

هميشه لاءِ ٿئي مئڪشن جي دل ناشاد.

 

اچو ته پيدا ڪريون آهون خواب گاهن ۾،

بجاءِ غفلت جي بس هجي خدا جي ياد.

  

اچو ته هاڻي جهان جو نظام بدلايون،

 

۽ دام ظلم کان انصاف کي ڪريون آزاد.

 

اچو ته شاه و گدا جي نشست يڪسان ڪريون،

هزار طرح سان رب العليٰ ڪندو امداد.

 

اچو ته هر هڪ ذري ۾ ذات کي ڳوليون،

ڇا آهي ديده بينا لا سرو ۽ شمشاد؟

 

اچو اي عارف قرآن جي روشنائي ۾،

تڙي ڪڍون هاڻي دنيا مان زندق و الحاد.

 

اچو ته هاڻي تڪلف کي يار ترڪ ڪريون،

هي آهي طالب مولا کي ٿيو عجب ارشاد.

 

تخلص:

شروعات ۾ سندن تخلص ”بيوس“ هو مگر جڏهن معلوم ٿين ته مسٽر ڪشنچند بيوس لاڙڪاڻي طرف آهي ته پاڻ ڦيرائي ”فراقي“ رکيائون مگر اهو پسند نه آين ته پوءِ ”محمد زمان“ آڻيندا هئا. اهو سمو 1350هه هو يعني سندن عمر 12 سال هئي. ان وقت جا ٻه بيت ڏجن ٿا:

 

(1)

وار تنهنجا ٿا وڪوڙن ور ڏيو واسينگ جئن،

ٿو پڇي محمّد زمان سچ چؤ ونگڻ ڪنهن کان سکئَين.

(2)

 

زماني جي بي اعتداليءَ جي باعث،

ڏٺا رنگ محّمد زمان ڪهڙا ڪهڙا؟

 

ان بعد ”طالب“ ۽ آخر طالب کان پوءِ جو خال هو سو ڀريو ويو ۽ مولا جو مٺو نالو مندرج ڪيو ويو. يعني ”طالب المولي“ طالب جي تخلص سان ڪلام جو مرقعو ”بهار_ طالب“ ۽ ”رباعيات طالب“ ۾ ملي ٿو.

شعر سازي ۾ سندن باقاعدي اوستاد نه هو. باقي صحبت ته گهڻن ئي شعراءِ ڪرام سان ٿيل اٿن. محترم محمد صديق مسافر (46) ٽنڊي باگي وارو جو جهونڙن جي جڳ جو جهونو يادگار آهي. 27_ اپريل 1941ع مطابق 29 صفر 1360هه هالا ۾ اقامت گزين ٿيو هو. ان وقت طالب الموليٰ سائين جي عمر 13 سال هئي ۽ پاڻ ”طالب“ جي تخلص سان مشهور هئا. سندن شعر جي معلوميت ڪري ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ساڻن ملاقات ڪري دعانامه منظوم پيش ڪيائين. جنهن جي بلاڪ مان قارئين ڪرام کي هن مستقبل جي شاعر جي منزلت جي خاصي خبر پوندي. سنڌيءَ جا سڀئي رسالا سندن ڪلام سان سينگاريل نظر اچن ٿا. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان به اڪثر ڪري سندن ڪلام ٻڌبا پيا آهن. مگر ڪتابي صورت ۾ سندن شعر هيٺئين طرح آهي:

(1)

بهار طالب: نظم جي ڌار ڌار قسمن جو مجموعو جو قاضي عبدالحي سليم هالائي مرتب ڪيو ۽ 1946ع ۾ شايع ڪرايو ويو.

 

 

Text Box: 38
00
 

 

(2)

 

رباعيات طالب: طالب الموليٰ سائين جي منتخب رباعيات جو مختصر مجموعو جو سليم صاحب هالائي جي زير طبع اپريل 1949ع ۾ شايع ٿيو

(3).

مثنوي عقل و عشق: جا 27_28 فيبروي 1955ع جي اداره روح_ ادب سنڌ جي طرفان راڳ ڪانفرنس ۾ مفت تقسيم ڪئي ويئي هئي.

(4)

ڪچڪول طالب الموليٰ: موجوده ڪتاب جو بنده جي ناچيز تاليف جو نتيجو آهي ح جنهن جي ڇپائي جو مفصل ڪم اپريل 1955ع جي ٻئَي هفتي ۾ هلي پورو ٿيندو ۽ بازار_ ادب ۾ مشتاق نگاهن جو مرڪز ٿيندو.

 

مان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ته طالب الموليٰ سائين کي شاعري ورثي طور عطا ٿي آهي. ان سان گڏ ماحول جو اثر آهي. ان سان گڏ ادبي محفلن خواه مشاعرن جو به نتيجو آهي. ته هن ضمن ۾ مان اوهان صاحبن کي اڄ انهن ستارن سان متعارف ڪرايان ٿو جي زماني افلاڪ جي سطح تي چمڪيا ۽ روشن ٿيا. هالا جو شهر خود علم و ادب و فضل جو گهوارو ٿي گذريو آهي. خليفي محمد عمر صاحب ”اختر“ واه جو فرمايو آهي ته:

 

 

”هر طرح علم ۾ بي مثل ٿو هالا چئجي،

سنڌ ڇا هند ڇا دنيا ۾ به يڪتا چئجي.

هنر و حڪمت ۾ ٿيو غيرت يونان بيشڪ،

باليقين بحرِ ادب، مرڪز شعراء  چئجي.

مخزنِ گوهِر اسرارِ تصوف اعليٰ،

چشمهءِ بزمِ سخن مجمع علما چئجي.

 

ان گنج گوهر ۾ طالب الموليٰ سائين جي زماني ۾ ئي ڪيترا مڻيا دار موتي آهن جي ڪيترن ڏينهن کان وٺي شاعراني محفل کي روشن رکندا آيا آهن. انهن مان سليم صاحب (47) اختر صاحب (48) انجم صاحب (49) ۽ انور صاحب (50) جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن بزمن کي زياده رونق افروز ڪرڻ جو باعث پير شاه نواز شاه عارف ۽ سيد حيدر شاه ناظم ثم حيدر (51) جون شخيصيات به آهن جي طالب الموليٰ سائين جا وفاشعار يار آهن. عارف صاحب جو نالو طالب الموليٰ سائين جي بيانن ۾ گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. چند مثال پيش ڪجن ٿا:

عيد مبارڪ جي موقعي تي هيٺئين نمونه عارف صاحب کي ياد ڪيو ويو آهي:

(1)

عيد سا عيد جو جنهن ۾ تون هجين گڏ دلبر،

عيد سان عيد نه آهي جا جدائيءَ ۾ اچي.

 

 

عيد منهنجي ته تڏهن ٿيندي جڏهن توسان ملان،

عيد آهي سا مبارڪ جا ڀلائي ۾ اچي.

   1_ شوال 1367هه 2_آگسٽ 1948ع

(2)

سر ڪجي قربان دلبر يار تان،

عيدِ قربان ۾ هي قرباني ڪجي.

خود خدا هن ڏينهن قرباني گهري،

ڏس تون ابراهيم و اسماعيل کي.

9_ذوالحج 1369هه_ 24سپٽمبر 1950ع

 

26_فيبروري 1953ع جي ڏينهن سکر ويندي رستي تي موري ۾ نواب شاه جو ڪليڪٽر آغا عبدالنبي صاحب (52) طالب الموليٰ سائين جن سان مليو، ان سان رهاڻ ڪئي ويئي. عارف صاحب جو طالب الموليٰ سائين سان گڏ هو، تنهن طرح ڏئي_ ان تي حسب ذيل طرح طالب الموليٰ سائين طبع آزمائي ڪئي:

طرح_ ”ڪيون سين قرب وارن سان رهاڻيون راز رستن تي.“

 

ٻڌايو اي دنيا وارا ميارون ڪهڙيون مستن تي.

بنايو آهي اڄ دنيا فقط ڪلدار کي قبلو،

تڏهن آهي نه ڪوئي ڏوهه بيشڪ بت پرستن تي.

 

25_ جون 1935ع تي سيد حيدر شاه حيدر کي هالا ۾ ”ياد_ رفتگان“ سوکڙي طور ڏيندي هي شعر زباني قلم جي معرفت اچاريو ويو:

 

مان انهي محبوب کي تحفو ڏيان ٿو هي ڪتاب،

جنهن سان ڇتڙن ۾ محبت جا لڳي پيوند ويا.

يعني حيدر شاه حيدر، طالب الموليٰ جو يار،

جان هڪڙي آهي، ظاهر ۾ ٻه قلب ٿي پيا.

 

جمعيت الشعريٰ جي سرپرستي وقت سندن علمي ادبي محفلون حاجي محمود صاحب خادم، (53) ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب خليل، (45) مولوي غلام محمد صاحب گرامي، (55) مرحوم ماستر جمع خان غريب، (56) حافظ محمد صاحب احسن چنا (57) جهڙن چوٽيءَ وارن شاعرن سان ٿينديون رهنديون هيون. سروري ڪالج جي اجراء بعد طالب الموليٰ سائين جن جون قرب واريون ڪچهريون مسٽر محمد بچل محبوب هوسڙي واري، مسٽر محمد شعبان خاڪ ثم بخت ڪشموري (58) ۽ الهداد ٻوهيو آثم قنبري (59) سان ٿينديون رهيون آهن.

هاڻي وري اداره روح ادب جي اجراء بعد سندن سروڪار حاجي الله بخش صاحب عقيلي سرشار، (60) امير صاحب (61) غني صاحب، (62) خالدي صاحب (63) جهڙن باظرف شاعرن سان ٿيو آهي. هاڻي سندن ڪلام مان انهن شاعرن جا نالا نموني خاطر پيش ڪجن ٿا:

 

ڪو  لطف   شبِ   تار  ۾  آخر  نه  هجي  ها،

هن شعر جي گردون تي جي اختر (1) نه هجي ها.

جي خاڪ (2) هجي ها نه ۽ انور (3) نه هجي ها،

محبوب (4) جو  جلوو پو  منور نه  هجي  ها.

هي   لطف_   تڪلم   پو  مؤثر  نه  هجي  ها،

جي  طالب الموليٰ  هتي  اطهر  نه  هجي  ها.

   (14 مارچ 1954ع ڪراچي).

 

ڪاليج جي شاگردن محبوب هوسڙي واري ۽ الهداد آثم قنبر واري بابت هيٺين طرح تاثرات ڪيا ويا آهن:

 

دل منهنجي ڪئي قيد آ محبوب ۽ آثم،

مان پاڻ به تن کي ٿو سڄڻ پنهنجو ئي سمجهان،

الله ڪري ناتو اهو هو به نڀائن،

منهنجي به انهن ساڻ سدائين آ دل و جان.

 

صاحبزاده امداد عباس فدا جهوڪ شريف (64) جي خط پهچڻ تي هي تاثرات طالب الموليٰ سائين جي ورد زبان ٿيا:

 

علي الصباح قبوليو فدا سلام عليڪ،

هزار بار اوهان تي سدا سلام عليڪ.

جڏهن جهان تصور ۾ ٿو ڏسي توکي،

چوي ٿو طالبِ مولا ادا سلام عليڪ.

 

هت صيد صاحب جا طالب الموليٰ سائين جي ڪلام بابت تاثرات هڪ خط جي صورت ۾ پيش ڪجن ٿا حالانڪ سندن وڌيڪ احوال ”موسيقي“ جي ضمنن ۾ پيش ڪبو:

 

صيد کر ڍالا مجهي اپني سخن کي تير سي،

اس پـﮧ يـﮧ دعوي کـﮧ طالب هون مگر مطلوب هو-

 

جهان پناه! سبحان الله بهت خوب، آپکي صيد کو جو خوشي آپ کي طبع رواني اور مفيع کلامي ني عطا کي هي، وه احاطـﮧ تحرير سي بالاتر هي_ اور اسکا صحيح اندازه مين هي جانتا هون_ البتـﮧ کچهه حصـﮧ خوشي کا تا بعدار کي مندرجـﮧ بالا شعر مين پايا جاتا هي_

 

”گر قبول افتند زهي عز و شرف“.

_فقير صيد

3_شڪار:

سندن مرغوب مشغلن مان هڪ شڪار آهي. اوهان معلوم ڪري چڪا آهيو ته ”باز جي شڪار“ جي دوران پاڻ شاعر بنيا. پهريائين باز جو شڪار زور شور سان ٿيندو هو. هن ۾ به پهريان ڇهه ست سال گذري ويا. هڪ ڀيري پنهنجي معتقد مريد خانصاحب سائينداد ڇوري جي باز تان هيٺيان اشعار چيائون:

 

خفتي ٿيو پوي ٿو گهڻو ئي شرمسار،

يارو ڪري نه باز ڪا مستي شڪار ۾.

شل باز اڄ تلور وٺي ڪا شتاب ۾،

 

آهي دعا اسان جي خدا جي جناب ۾_

اڄ سارو ڏينهن گذري ويو انتظار ۾،

ڏاڍي ٻڌائي باز اڄوڪي شڪار ۾.

 

ڪتن وارو شڪار به وقتاً فوقتاً ٿيندو آهي. ٻيلن واري ڦاڙي جي شڪار کان گريز آهي ۽ جبل جي سره يا ٿر جي هرڻ وارو شڪار بيحد مرغوب آهي. جبلن جي شڪار جي سلسلي ۾ ڪيترائي جبل جها ڳيا ويا آهن. مردار ڪڇ جبل جو فوٽو مثال طور ڪچڪول ۾ ڏنو ويو آهي. ٿر جي شڪار جي سلسلي ۾ ننگر پارڪر تائين به وڃڻ ٿيو آهي.

 

4_ موسيقي:

صحيح موسيقي انسان جي زندگي جي جان آهي. طالب الموليٰ سائين نه رڳو موسيقي جو مشتاق آهي، مگر هن جي نڪته دانين تي به ڪافي قدرت رکي ٿو_ هن سلسلي ۾ پاڻ زماني ٽوڙي جا موجد آهن، جنهن جو ذڪر گذريل راڳ ڪانفرنس ۾ خانصاحب منظور علي خان (65) شرح سان ڪيو.

پهريائين پهريايئن ننڍي اوسٿا ۾ فوني سان شوق تمام گهڻو رهيو. سندن والد صاحب کي سر بِهاڳ مان هڪ رڪارڊ مائي الهه رکي مغنيه جو ڀريل ڏاڍو پسند هو. هڪ ڀيري کين چيو ويو ته سر بهاڳ وارو رڪارڊ کڻي اچجي. جيئن ته عمر ننڍي هئي ۽ سرن جي ڄاڻ ڪم هئي ته پاڻ ان ارشاد تي تعميل ڪري نه سگهيا. هن ڪميءَ کي محسوس ڪندي علم سنگيت جي تحصيل ۾ رهيا ۽ ڌار ڌار ڪتاب زير مطالع آيا. بنا استاد جي هارمونيم سکيا. سکڻ جو طريقو اهو هو جو ماڻهن کي ڳارائي سُرن ڪڍڻ جو تجربو ڪيو ويو. سندن ساڳي شاعريءَ وارو زمانو هو، جڏهن سندن شوق هن طرف راغب رهيو. سندن خدمت ۾ مرحوم رمضان واڍي جو پوٽو امام علي فقير رهندو هو. (66) اٺن ڏهن سالن جي عمر ۾ پاڻ هڪ دفعي سنگيت جي سڄاڻ استاد سندي خان کي ٻُڌائون، وري سندن والد صاحب جن به استاد صاحب جي گهڻي ساراه ڪندا هئا. سندن خواهش تي سندن پهرين شادي تي سندي خان کي گهرايو ويو. ان بعد هي صاحب مطلوبي محفل ۾ تاحيات رهيو. سندس احوال جو ياد رفتگان ۾ آيل آهي، سوهيٺ ڏجي ٿو:

ياد رفتگان صفحي 4 (1897ع_1948ع) نالو سندي خان ولد هندي خان تخلص ”صيد“ سندس والد جو اصل وطن هند پوءِ اچي سنڌ ۾ وطني ٿيو. هندي خان بهترين گويو آنجهاني سيٺ وشنداس مانجهو واري (67) وٽ وظيفه تي رهندڙ هو.

مرحوم اتي ئي ڄائو تنهن ڪري مٿس سنڌي خان نالو رکيو ويو. مرحوم ”صيد“ پنهنجي خانداني فن علم موسيقي ۾ اعليٰ کان اعليٰ ماهر ٿيو. سنڌ جي اميرن کان کيس ”خانصاب“ جو خطاب مليو. مرحوم ”صيد“ خوش اخلاق ۽ خوش پوش، لطيف مزاج مرد، فقير صفت انسان ۽ هميشه خندان خندان نظر ايندڙ، سنڌي، سرائڪي، اردو، پنجابي، فارسي، هندي، پشتو، (ڪجهه عربي ۽ انگريزي) ۾ ماهر. خوش گلو خوش گو ۽ خوش خط شاعر، جاءِ رهائش شڪارپور سنڌ ۽ آخري عمر جو حصو هالن ۾ گذاريائين. محمد فقير کٽياڻ جو متوالو عاشق ۽ فقير صاحب جي دام_  محبت صحيح طرح کيس صيد ڪري ڇڏيو. صيد مرحوم جي روح عنصري قفس مان پرواز به فقير صاحب جي مڪان ”ميخانه منصوري“ تي ڪيو ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو.“ سندس سنه وفات طالب الموليٰ سائين 1359ع ڪڍيو آهي جو ڪچڪول ۾ آيل آهي (68). (تذڪره شعراء هالا جي مولف 21_ محرم الحرام 1361هه ڄاڻايو آهي) طالب الموليٰ سائين ۽ صيد مرحوم جي ڏينهن جون صحبتون به ڏاڍيون مزيدار هيون. سچ پچ هر ذوق واري صاحب جي دل کي صيد ڪندڙ، هنن جو ڳچ احوال تذڪره شعراه هالا ۾ درج ٿيل آهي. (3) راڳ جا ساز کين سڀ وڄائڻ اچن ٿا پر ستار، هارمونيم ۽ دلربا تي عبور اٿن.

 

5_والي بال راند:

راند روند ۽ ورزش صحت لاءِ سکان آهي. جيئن ته طالب الموليٰ سائين کي سڄو ڏينهن پنهنجن مصروفيتن ۾ مشغول رهڻو پوي ٿو تيئن شام جو سندن لاءِ راند روند ڪرڻ بيحد ضروري آهي. پاڻ والي بال راند جو انتخاب ڪري سترهن سال کن ٿيا جو ”طالب الموليٰ ڪلب“ جو پايو وڌائون، هاڻي خدا صاحب جي فضل سان هي ڪلب باقاعدي مرتب ٿيل قانون پٽاندڙ جاري وساري آهي. هن جا عهديدار هي آهن:

 

طالب الموليٰ ڪلب:

(قيام:1938ع)

صدر

جناب مخدوم محمد زمان صاحب الموليٰ

نائب صدر

مخدوم امين محمد صاحب

سيڪريٽري

قاضي عبدالعليم صاحب ابڙو (69)

جوائنٽ سيڪريٽري

ميان جمال الدين گاجڻي (70)

خزانچي

ميان الهبچايو ”مجبور_ وفا“ (71)

جنرل ڪئپٽن

ميان اعجاز حسين صاحب (72)

 

سرگرم ڪارڪن

1_ خان صاحب لعل محمد (لعل) (73)

2_ ميان احمد خان ميمڻ (74)

3_ مسٽر محمود ابڙيجو (75)

4_ مسٽر محمد رحيم جاپاني76)

5_ ميان محمد بخش بيگ (77)

 

هيءُ ڪلب سال 1950ع کان وٺي سائين جن جي سرپرستي هيٺ ”آل سنڌ طالب الموليٰ والي بال ٽورنامينٽ“ جو انتظام ڪندي رهي ٿي انهن سالياني ميٽنگن ۾ به واه جو چهچٽو لڳندو آهي ۽ واه جون ادبي مجلسون منعقد ٿينديون آهن. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته 19 آڪٽوبر 1952ع تي هالن ۾ ”3_ آل سنڌ طالب الموليٰ والي بال ٽورنامينٽ“ جي موقعي تي هڪ صاحب بنام ڊاڪٽر سيد محمد عباس صاحب گنبٽ جي ٽيم سان گڏ آيو. پاڻ هديه عقيدت و الفت هڪ قطعه ۽ هڪ رباعي لکي طالب الموليٰ سائين جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. جنهن جو جواب طالب الموليٰ سائين به هڪ نظم ۾ ڏنو، مگر سندن عمر ۽ ٽهي بابت واهه جي عڪس ڪشي ڪيء اٿن. ملاحظه ڪريو:

Text Box: 48
00
 

 

قطعه

 

طالب الموليٰ خدا رکهي تمهي محفوط وشاد،

روز و شب بخشيگي دل کو تازگي اب تيري ياد

خوبرو خوشدل و خوش اخلاق و مردِ باصفا،

يـﮧ دعا ”عباس“ کرتا هي کـﮧ تو پائنده باد،

 

رباعي

آج طالب هوا مرا مطلوب

گويا راغب کو کرليا مرغوب

کوئي کچهه بهي کهي مگر عباس

سب سي اچها هي يـﮧ مرا محبوب

                        (ڊاڪٽر سيد محمد عباس)

 

هيٺيون نظم، جواب ۾ 21 آڪٽوبر تي لکيو ويو:

 

 

ٿو بيان هي ڪري دل مضطر،

ٿا ڏين گوش پڻ مـﮧ واختر.

عمر ٻٽيهه ورهه ٿي آهي،

خال ۽ خط به مٽجي ويا آخر.

چشم نرگس نه، زلف سنبل ناهه،

ابرو مزگان نه آهه تيغ و تبر.

نه اهي لعل لب نه موتي ڏند،

سي نه رخسار، جيئن گل خوشتر.

پور لائي جو حسن ٿيو ناپيد،

نازو انداز ٿيا رفو چڪر.

نه اها باقي آهي رعنائي،

نه ملاحت نه ناز واري نظر.

حسن سيرت آ جسم سينگاريو،

حسن صورت اگر نه آ بهتر.

دلِ عباس ويو لٽي طالب،

گويا طالب اڃا به آ دلبر.

منهنجو طالب هجي سلامت شل،

سڻ دعا منهنجي خالقِ اڪبر.

هن وهي ۾ ٿيس جو مان محبوب،

دل کي آهي ملي مسرت خوب.

 

6_ سيرو تفريح:

علم نفسيات موجب روزانه پنهنجي هلاڪ ڪندڙ معمول ۾ ضرور ڪو وندرائيندڙ وقفو هجي، نه ته هن دنيا جو ڪارخانو هلي نه سگهندو. طالب الموليٰ سائين کي به جڏهن روزانه معمول ڪري طبع تي بار گران ثابت ٿيندو آهي ته ”واسير وافي الارض“ جي فرقاني فرمان کي هنڊائڻ لاءِ ٻاهر نڪرندو آهي. مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته سندن سير و تفريح جا مرڪز ماٺ جا مقام، ٿر بر جهنگل جر ۽ ڏونگر هوندا آهن. هنن هنڌن تي قدرتي ڪرشما پسجن ٿا سي شهرن جي مصنوعيت ۾ ناپيد آهن. سچ پچ ته اهي ئي آهن سڄي حظ حاصل ڪرڻ جا هنڌ.

 

آخر ۾ مان ياد رفتگان جي پيش لفظ جا هي الفاظ هت وري دهرائڻ چاهيان ٿو، جي مون جنوري 1953ع ۾ لکيا هئا ته ”شل رب العزت کين (طالب الموليٰ سائين جن کي) عمر خضري عطا ڪري جيئن ادبي مجلس جي چراغ بنديءَ جو سلسلو قائم رهندو اچي.“ آمين_ سنڌ جو هر ادبي اداره سندن ضرور مرهوِن منت آهي جو پاڻ تمام فراخدليءَ سان سندن عليحده ادبي فنڊ مان انهن جي امداد فرمائيندا آهن_ پاڻ 1936ع کان وٺي انجمن علم و ادب هالا جا سرپرست ٿي رهيا. (*) جنهن جي 18 سالياني مجلس 1_2 نومبر ۾ منعقد ٿي. پاڻ ’بزم لطيف ڪراچي‘، ’بزمِ بسمل ٽنڊو محمد خان‘ ۽ ’بزمِ ادب دادو‘ جا به سرپرست ٿي رهيا آهن. وري هاڻي ’اداره روح ادب سنڌ‘ جو پايو مئي 1953ع جي وڌو اٿن، جنهن جي ڪتابن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي عقل و عشق جي مثنوي  شايع ٿي چڪي ۽ تازو 27_28 فيبروري 1955ع جي اداري جي زيرسايه راڳ ڪانفرنس منعقد ٿي هئي. سندن سرپرستي هيٺ هفتيوار پاسبان، الزمان، (78) تعمير ۽ ڪوثر نڪري رهيون هيون مگر پني جي قلت ڪري بند ٿي ويون. ماهنامه فردوس اڃا آب و تاب سان هلي رهيو آهي. جو سال 1950ع ۾ زير اشاعت ٿيو. سيتا مان سنڌ جي ڪهنه مشق شاعر مرحوم جمع خان غريب 1952ع ۾ طالب الموليٰ سائين جي سرپرستي هيٺ هڪ ماهنامو بعنوان ”طالب الموليٰ“ صفئَه طباعت تي آندو_ هاڻي وري سندن زير سرپرستي ماهنامه روح ادب حيدرآباد مان زير ادارت جناب محمد خان غني شايع ٿي رهيو آهي.

 

طالب الموليٰ سائين جي شعر و شاعري:

مقدمه طويل هئڻ ڪري هن عنوان تي ذرا اجمال کان ڪم وٺندس. پاڻ شاعريءَ جي هر ڪنهن نوع تي طبع آزمائي ڪئي اٿن موزون ڪلام ۾ جن انواع تي طبع آزمائي ڪئي اٿن سي هي آهن: غزل، قطعه، رباعي فرد، مثنوي، مخمس، مسدس، مثمن، مستزاد ۽ ڳجهارت. ٻين سڀني صنفن سان قارئين ڪرام ضرور روشناس هوندا، تنهن ڪري هت فقط ڳجهارت جو ذڪر ڪجي ٿو: ٻهراڙين جي ٻهڳڻن کي خبر آهي ته ڳجهارت ڪئَن ڏجي يا ان کي ڪئَن ڦولجي وغيره هيءَ يا ته هڪ رواجي سٽ يا ٻن سٽن واري ڏوهيڙي يا مڪمل بيت جي صورت ۾ ٿيندي آهي. پر هت قصو ئي ٻيو يعني طالب الموليٰ سائين جي تيز فهم طبع چاهيو ته موزون ۽ غير موزون کي پاڻ ۾ ڳنڍجي سو عوامي غير موزون هنر کي موزون شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هيءَ به طالب الموليٰ سائين جي ڪلام جي جدت آهي جا اڳ سنڌي ڪلام ۾ ظاهر نه ٿي. اميد ته هيٺيان مثال ڪافي رهندا:

 

ڏيڻي:                 

(1)

حاڪماڻي ڪر سڄڻ پر تون ته پنهنجي ڪين ڪر،

مون ته ڪئي آهي گدا جي، تون وري ڪپڙي جي ڀر.

ڀڃڻي:

حاڪماڻي ته مهرباني_ پنهنجي ته بيوفائي

گدا جي ته التجا_ ڪپڙي جي ته جهولي.

سڄي:

مهرباني ڪر سڄڻ پر بيوفائي ڪين ڪر،

مون ڪئي آ التجا ۽ تون وري جهولي کي ڀر.

                           (12_ڊسمبر 1954ع پينگهارو)

ڏيڻي:

(2)

اسم ڪيو لاچار آهي اسم کي،

رمز نالي سان لڳي ڪئَن هت وهان.

ڀڃڻي:

اسم ته درد، اسم ته جان، نالو ته رانجهن

سڄي:

درد ڪيو لاچار آهي جان کي،

رمز رانجهن سان لڳي ڪيئَن هت وهان.

                        (14_ڊسمبر 1954ع پينگهارو)

 

 طالب الموليٰ سائين جي ڪلام جا رجحانات:

مسٽر ڪيرت ٻاٻاڻي نئَين روپ واريءَ سنڌو نومبر 1954ع ۾ هڪ مقاله بعنوان ”ورهاڱي بعد سنڌي ساهت ۾ نيون ڌارائون“ ۾ سچ لکيو آهي ته سنڌي ادب ۾ تقسيم بعد مکيه ٻه رجحانات زور شور سان نمودار ٿيا آهن ”هڪ حقيقت پرستي جو روماني حقيقت نگاري _Romantic Real) (ism بجاءِ تخليقي حقيقت نگاري (Creative Realism) جو قائل آهي ۽ ٻيو ادب جي زندگي سان وفاداري (جنهن کي ٻين اکرن ۾ ادب براءِ زندگي سڏجي ٿو_ مؤلف) يعني ادب زندگيءَ جي بهتري ۽ انتيءَ لاءِ واهڻ آهي. انساني زندگي جي دکن ۽ ڪيڪراٽن، زخمن ۽ چيخن، سِسِڪين ۽ سڏڪن جو نه صرف ايمانداريءَ سان چتر چٽڻو آهي، بلڪ جيوت کي سندر ۽ خوش ڪرڻ جو سنديش پڻ ڏيڻو آهي.“ انهن ڌارئن جي ڌار هن قرب واري ڪلام ۾ سرس سمايل آهي. جئين ته قدرت طالب الموليٰ سائين کي هڪ حساس دل، بصيرت افروز چشم ۽ ذڪي دماغ سان نوازيو آهي تيئن پنهنجي پاڻ سڃاڻڻ جي بصارت، معاشره جي پست حاليءَ تي طنز ۽ نصيحت، قوم ۽ پيشوائن کي بيدار ڪرڻ جي رغبت_ حب الوطنيءَ جي خصوصيت، عصر حاضرجي عرياني جي وضاحت ۽ ادراڪ جي فلسفيانه رفعت جا عناصر سندن ڪلام ۾ جابجا نظر اچن ٿا. مان مذڪور عناصرن مان هر هڪ جو مثال ڏئي مقدم کي پوءِ ختم ڪندس:

 


1 خليفو محمد عمر صاحب اختر هالائي

 2محمد شعبان صاحب خاڪ ثم بخت

3 محمد شفيع صاحب انور هالائي

4 محمد بچل محبوب هوسڙي وارو

*  انجمن علم و ادب هالا جي رپورٽ صفحو 3

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org