سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو؛ 3

صفحو : 14

عجم[ ايران، ترڪستان وغيره] جون ٻيون ڪي عالم، فاضل ۽ شاعره عورتون

1. آسيه خانم: فتح علي شاهه، ايران جي بادشاهه جي والده، ڏاڍي نيڪ ۽ سخي زال، وفات جو سن 1217هه

2. انهيءَ نالي سان سندس بيبي به هئي، جا سردار امير خان جي ڌيءُ هئي، ڏاڍي قابل ۽ فاضل هئي.

3. آغا: مرزا عبدالڪريم معتدالدوله جي ڌيءُ ايران جي شاهي نسل مان، شاعره هئي. سندس ڌيءُ ”آغا ڪوچڪ“ به شاعره هئي.

4. آغا باجي: ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه جي مشهور بيبي، ۽ ابراهيم خان شوشيءِ جي ڀيڻ، ترڪي ۽ فارسيءَ ۾ عمدو شعر چوندي هئي، ڏاڍي قابل هئي.

5. آفاق: فارس جي ويٺل، ڏاڍي فصيح ۽ بليغ هئي.

6. آقا بيگم: هرات جي ويٺل، عالي خاندان جي هئي، ۽ فصيح ڪلام ۽ شعر چوندي هئي. ٻي هن نالي سان محمد خان ترڪمانيءَ جي ڌيءُ به هئي، جا پڻ شاعره هئي.

7. آني فاطمه خانم: قسطنطيه جي ويٺل، شهزادي امير آغا جي بيبي هن جو ترڪي ديوان مشهور آهي.

8. اسماء عبرت: احمد آقا جي ڌيءُ، ۽ محمود جلال الدين جي زال، سلامبول جي ويٺل، ڏاڍي خوشخط هئي.

9. آغا دوست: علم ۽ ادب ۾ قابل ۽ شعر چڱو چوندي هئي. ٻي به انهيءَ نالي سان شاعره هئي. درويش قيام جي ڌيءُ.

10. آرزو: سمرقند، جي رهاڪو، چڱو شعر چوندڙ.

11. ارسلان خاتون: ايران جي سلجوقي بادشاهه طغرل بيگ جي ڀائٽي عباسي خليفي قائم جي زال.

12. آتون يا توني آتون: هرات جي والي مير نظام الدين جي مصائب ملا بقائيءَ سان خوب شعر آزمائي ڪيائين.

13. آقائي يا آقا بيگم: محمد خان ترڪمان جي مصاحبه، قابل شاعره.

14. اتابڪ عيش: سعد بن اتابڪ ابوبڪر جي ڌيءُ، جنهن بادشاهه جي نالي پٺيان”شيخ سعدي“ جو نالو”سعدي“ ورتو، هلاڪو خان جي پٽ منگوءَ جي  زال، جا سن 662هه ۾ شيراز جي تخت تي ويٺي، ڏاڍي قابل زال هئي، وفات جو سن 686هه.

15. انيس الدوله: ايران جي بادشاهه جي بيگم، ڏاڍي قابل زال.

16. بيگم جان خانم: فتح علي شاهه قاچار جي نياڻي، تمام قابل زال، نيڪ ۽ سخي.

17. بيگي: هرات جي واليءَ امير علي شير جي ڀاءُ، امير درويش عليءَ جي زال، فارسي شعر چڱو چوندي هئي.

18. بيدلي: شيخ عبدالله ”ديوان“ جي ڀيڻ، فضل ۽ ڪمال ۾ مشهور، شعر چڱو چوندي هئي.

19. بدويه: مصر جي خليفي آمر فاطميءَ جي بيبي، ڏاڍي حسين ۽ قابل عورت.

20. بيجہ: ايران جي مشهور نجومڻ، ۽ شعر گوئيءَ ۾ قابل.

21. بزم عالم: سلطان عبدالمجيد خان جي والده، ۽ محمود خان ثانيءَ جي راڻي، تمام گهڻا خير جا ڪم ڪيائين.

22. پختيه حاجيه: مصر جي سيد خاندان جي هڪ خاتون، مسجدون ۽ مدرسا جوڙايائين، ڏاڍي قابل ۽ فياض، وفات جو سن 1319هه

23. ترخان خديجه سلطان: سلطان ابراهيم خان عثمانيءَ جي بيبي، ۽ سلطان محمد خان چوٿين جي والده، نيڪ عورت.

24. ترڪان: خوارزم شاهي، شاهه بن ايل ارسلان،  جي والده، ۽ ٻي، انهيءَ نالي سان، سلطان جلال الدين جي ڌيءُ _ ٻيئي قابل زالون هيون.

25. توتي: ايران جي مشهور حسين، شيرين زبان ۽ لطيفه گو شاعره.

26. جان فدا قادين: عثماني سلطان مراد خان ٽئين جي بيبي، قابل ۽ خير ڪندڙ زال.

27. جميله: بني حمدان واري بادشاهه ناصر الدوله جي ڌيءُ، ڏاڍي سخي، ديندار ۽ پڙهيل زال. ٻي جميله اصفهاني شاعره هئي.

28. جهان خانم: ناصر الدين شاهه قاچار جي والده، ڏاڍي عاقل، قابل ۽ همت واري عورت.

29. جهان خاتون : شيراز جي هڪڙي مشهور عورت.

30. جهان: ايران جي بادشاهه اسماعيل صفويءَ جي بيبي، چڱو شعر چوندي هئي.

31. حاجي قادين: سلطان بايزيد جي وزير سڪندر  خان جي ڌيءُ اسلامبول جي هڪڙي تمام قابل عورت.

32. حبيبه خانم: علي پاشا جي ڌيءُ، ۽ محمد افنديءَ جي زال، ترڪي شعر تمام چڱو چوندي هئي. سن 1262هه ۾ ڄائي.

33. حليمه بيگي آغا: سلطان حيدر ترڪمان جي زال، حسن بيگ جي ڌيءُ، ۽ شاهه اسماعيل صفوي پهرئين جي ماءُ، مشهور قابل عورت، شاهه اسماعيل سن 892هه ۾ ڄائو هو.

34. حياتي: نور علي شاهه خراسانيءَ جي زال، هن جي مرڻ کانپوءِ، ملا محمد جي زال هوشيار شاعره، ڏهه هزار شعر موجود اٿس.

35. حاجيه: ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه جي هڪڙي بيبي، شعر چوندي هئي.

36. حليمه بنت محمد صادق: اسلامبول جي مشهور زالن مان، خوشخط ۽ علم ۾ قابل هئي.

37. حجابي: ”هلالي“ شاعر جي ڌيءُ، استرآباد جي ويٺل، چڱو شعر چيو اٿس.

38. حيات خانم: شاهه اسماعيل صفويءَ جي هڪڙي بيبي، جا شعر چوندي هئي.

39. خان زاده: مير يادگار تبريزيءَ جي ڌيءُ، شعر چوندي هئي.

40. خديجه خانم: ايران جي بادشاهه ڪريم خان رند جي بيبي ۽ محمد شاهه جي چاچي، هوشيار ۽ قابل عورت.

41. دلشاد خاتون: امير چوبان جي پٽ تمرتاش جي ڌيءُ، امير شيخ حسن ابلڪانيءَ جي زال، ۽ سلطان اويس جي ماءُ مشهور شاعره. انهيءَ نالي سان ٻي، امير علي جلاير جي ڌيءُ ۽ امير حسين جلاير جي زال، جو بلخ جو حاڪم هو، _ اها به شاعره هئي.

42. رشحہ ڪاشاني: ”بيگم “ به نالو هوس، ”هاتف“ ڪاشانيءَ جي ڌيءُ، مرزا علي اڪبر ”نظيري“ شاعر جي زال، ۽ مرزا احمد ”ڪشته“ جي ماءُ، وڏي شاعره، ٽي هزار شعر موجود اٿس.

43. سيده بيگم: جرجان جي سيد ناصر جي ڌيءُ، ”وطواط“ جي همعصر، چڱو ۽ گهڻو شعر چيو اٿس.

44. فاطمه خانم: جودت بادشاهه جي ڌيءُ، اسلامبول جي، ڏاڍي پڙهيل ۽ مشهور عورت، يورپ جون ٻوليون به ڄاڻندي هئي، گهڻا ڪتاب به لکيا اٿس.

45. ڪوڪب: تخلص ”ستاره“ شيخ مصلح الدين سعدي شيرازيءَ جي ڌيءُ، چڱو شعر چوندي هئي.

46. ڪنيز فاطمه: شاهه سليمان ڪابليءَ جي والده، فارسي شعر چڱو چوندي هئي.

47. مهري: حڪيم عبدالعزيز هراتيءَ جي بيبي، مشهور شاعره، شاهه رخ مرزا، جو گوهر شاهه بيگم جو مصاحب هو، تنهن جي زماني ۾ هئي.

48. مهستي: گنج يا نيشاپور يا بدخشان جي مشهور عورتن مان هئي، ۽ شاعره هئي، سلطان سنجر سلجوقيءَ جي حضور ۾ وڏي عزت هيس.

49. نهاني: شاهه سليمان جي والده جي مصاحبہ، پڻس امير هو، تمام قابل ۽ شاعره عورت.

50. همدمي: ايراني جي جرجان وارن سيدن مان، ڏاڍي قابل ۽ شاعره عورت.

51. ياسمين بُو: مرزا عسڪري داغستانيءَ جي بيبي، هوءَ دکن هندستان ۾ به پيءُ سان گڏ آئي هئي _ ڏاڍي خوش نويس هئي، ۽ شعر به چڱو چوندي هئي.

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org