سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو؛ 3

صفحو : 14

تيموريه گهراڻي جون ٻيون ڪي مشهور عورتون

 

(1)                         اختر محل: تيموري گهراڻي جي شهزادي هئي، شاعره هئي، سن 1280 هجري ۾ هئي.

(2)                         فخر النساء بيگم: تيمور بادشاهه جي ٻي بيگم، جا اصل ”سينا“ جي هئي، ۽ بيوهه هئي، اها ميران شاهه جي ماءُ هئي، جو تيمور کان پوءِ تخت تي ويٺو، اها ڏاڍي قابل ۽ سخي زال هئي.

(3)                         عظمت النساء بيگم: هيءَ تيمور بادشاهه جي ٽين زال هئي، اصل برهمڻ هئي ۽ نالو ”ارجني“ هوس، هر دوار جي هئي.

(4)                         آرام دل: همايون بادشاهه جي زماني ۾ خان زمان جي زال هئي، جو اڪبر جي ڏينهن ۾ امير الامراء ٿيو، هوءَ خان زمان کي ڪن چورن جي هٿان ملي هئي، تاريخ ۾ مشهور آهي.

(5)                         آسائش بانو بيگم: شاهجهان جي پوٽي، شهزادي مراد جي ڌيءُ هئي. هيءَ ڏاڍي قابل ۽ روشن دماغ شهزادي هئي، 1089هه ۾ وفات ڪيائين.

(6)                         آغا بيگم: ميران شاهه مرزا جي ڌيءُ، ۽ تيمور جي پوٽي، ڏاڍي تيز عقل ۽ فياض هئي، سعد گورگاني سردار جي زال هئي، ترڪن سا لڙائي به ڪيائين.

(7)                         عازم بانو: سيادت خان صفويءَ جي ڌيءُ، جو شاهجهان جي دربار ۾ وڏي درجي وارو ماڻهو هو، هيءَڏاڍي ذهين ۽ تيز فهم هئي، فوج ۾ به وڙهي، شهزادي محمد  ڪام بخش سان انهيءَ جي شادي ٿي.

(8)                         آرام جان بيگم، يا آرام بيگم: جهانگير بادشاهه جي پنجين بيگم هئي. ڏاڍي علميت واري هئي، شعر چوندي هئي، ۽ بادشاهه جي ٻين بيگمن، حيات النساء ۽ نور جهان سان طبع آزمائي به ڪندي هئي، اهي مشهور فارسي بيت انهيءَ جا آهن، جن ۾ انهيءَ جو نالو اچي ٿو. نورجهان چيو ته ”تو بادشاهه جهاني ”جهان“ ز دست مده، ڪہ بادشاهه جهانرا”جهان“ بڪار آيد“. حيات النساء چيو ته ”جهان خوش است و  ليڪن ”حيات  مي بايد، اگر ”حيات“ نباشد جهان چہ ڪار آيد“ ! فناء النساء هڪڙيءَ خدمتگارڻ چيو ”جهان“ و ”حيات“ اين همہ  بيوفاست، ”فنا“ را طلب ڪن ڪہ آخر فناست“ ۽ آرام خان چيو ته ”شاهه  دو رخ بده تو”دلارام“ رامده، پيل و پياده پيش ڪن و اسپ گشت مات“!

(9)                         امة الحبيب: اورنگزيب عالمگير جي پٽ، محمد معظم شاهه جي بيگم، هوءَ گهڻو ڪري پنهنجيءَ همنام حميده بانو بيگم جهڙي هئي، ۽ جنگين ۾ به شامل ٿي.

(10)                     قدسيه بيگم، يا ارحم ٻائي: بهادر شاهه جي پوٽي، ۽ جهان شاهه جي پٽ محمد شاهه جي بيگم، ڏاڍي هوشيار ۽ بيدار مغز هئي _ جيتوڻيڪ محمد شاهه پاڻ عيش پسند ۽ شرابخور رهيو.

(11)                     اعزالنساء، يا عزيز النساء، يا اڪبر آبادي: شاهجهان جي ٻي بيگم، ڏاڍي عقل واري، وفات جو سن 1088هه، هن ”اڪبري مسجد“ ۽ ”فيض بازار“ دهليءَ ۾ جوڙايون، جي اڃا مشهور آهن.

(12)                     اورنگ آبادي محل: عالمگير جي چوٿين بيگم، ظاهري ۽ باطني حسن هوس، ”اورنگ آبادي مسجد“ انهيءَ جي جوڙايل آهي. هن جي پيٽان اورنگزيب کي مهرالنساء ڌيءُ ڄائي، جا سندس چئني ڌين کان زياده هوشيار هئي، ۽ قابليت ۾ نالو ڪڍيائين، ۽ زيب النساء سان اڪثر نه ٺهندي هئي، وفات جو سن 1116هه.

(13)                     آئي بيگم: هيءَ امير زادي، نجابت خان ولد سر بلند خان جي ڀيڻ هئي، جو عالمگير جي فوج جو وڏو سردار هو، قابل زال هئي، وفات جو سن 1088هه.

(14)                     بدرالنساء بيگم: عالمگير جي پنجين ڌيءُ، ڏاڍي قابل هئي، وفات جو سن 1180هه.

(15)                     بخت النساء بيگم: همايون بادشاهه جي ڌيءُ ۽ اڪبر جي ڀيڻ، ڏاڍي بهادر ۽ عقل واري. هن اڪبر جي طرفان جهانگير کي سمجهائڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي.

(16)                     بهار بانو بيگم: جهانگير جي ڌيءُ، ڏاڍي تند خُو هئي. شهزادي دانيال جي پٽ، طهمورث، جي زال هئي.

(17)                     بيگم سلطان: ابراهيم عادل شاهه، بيجاپور جي واليءَ، جي ڌيءُ شجاعت، سخاوت ۽ فياضيءَ جي ڪري مشهور، احمدنگر جي گهيري ۾ چاند بيبيءَ سان مددگار هئي، جنهن جو ذڪر ڌار آيل آهي.

(18)                     بيبي ٻائي: شير شاهه افغان جي ڀائٽي، سليم شاهه جي زال ۽ فيروز شاهه جي ماءُ، ڏاڍي پاڪدامن ۽ لائق زال هئي.

(19)                     پرهيز بانو بيگم: شاهجهان بادشاهه جي وڏي ڌيءُ”قنڌاري محل“ جي پيٽان، ۽ عالمگير جي ڀيڻ، ڏاڍي علميت واري.

(20)                     ثريا بانو بيگم: شاهجهان جي ڌيءُ، عزيز النساء يا اڪبر آباديءَ جي پيٽان ڄائي، ڏاڍي علم ۽ عقل واري _ شاهجهان جون ٽي ڌيئون ”ممتاز محل“ مان. جهان آرا ۽ گيتي آرا ۽ انجمن آرا هيون.

(21)                     دولت بانو بيگم: محمد عظيم شاهه، ولد اورنگزيب عالمگير بادشاهه، جي ڌيءُ، جهڙي هئي حسين تهڙي هئي فصيح ۽ بليغ ۽ قابل.

(22)                     زينت النساء بيگم: اورنگزيب جي ڌيءُ ۽ زيب النساء جي ڀيڻ، دهليءَ جي ”زينت المساجد“ انهيءَ جي جوڙايل آهي، جتي سندس قبر به آهي. ڏاڍي قابل زال هئي، سندس هيءُ بيت سندس قبر تي اُڪريل آهي:

”مونسِ مادر لحد فضلِ خدا تنها بس ست

  سايه از ابرِ رحمت قبر پوشِ ما بس ست“

(23)                     گلبدن بيگم: بابر بادشاهه جي ڌيءُ، فارسي شعر چڱو اٿس.

(24)                     گلچره بيگم: بابر بادشاهه جي ڌيءُ، چڱي شاعره هئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org