سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو؛ 3

صفحو : 25

عرب جون ڪي ٻيون مشهورعالم، فاضل ۽ شاعرائون

 

(1)        آمنہ بنت وهب: حضرت محمد جن جي ماءُ، ڏاڍي قابل، سندس گهڻا شعر چيل آهن.

(2)        آمنہ؛ عبدالله بن عبيدالله، مشهور عربي شاعر جي زال، ڏاڍي علم واري، ۽ قابل شاعره.

(3)        آمنه بنت علي، دمشقي؛ مشهور محدثہ، حديث جي تعليم ڏيندڙ هئي، وفات جو سن 798هه.

(4)        اخت المزني: ابو ابراهيم المزني جي ڀيڻ، امام شافعي جي مصاحبہ، فقہ ۾ قابل.

(5)        اخت زهير: ابوبڪر بن ابي مردان جي ڀيڻ، مشهور طبيبڻ ۽ عالم. وفات جو سن 596هه.

(6)        ابنة عقيل: حضرت علي رضه جي وڏي ڀاءُ، عقيل رضه جي ڌيءُ، ڏاڍي فصيح ۽ شاعره.

(7)        اسماءَ بنت محمد: محمد بن مصريءَ جي ڌيءُ، دمشق جي ويٺل، محدثہ، عالمہ ۽ شاعره، وفات جو سن 733هه

(8)        امامہ: حُر بن حارث جي ڌيءُ، مشهور شاعره.

(9)        امة الخالق: عبداللطيف المنادي العقيءَ جي ڌيءُ، مشهور محدثہ ۽ عالہ، عمر 107ورهيه، وفات جو سن 920هه

(10)    اُم الخير البغداديہ: مشهور نالو”جمال النساء“ ڏاڍي عالم ۽ فاضل، گهڻا حج ڪيائين، وفات جو سن 64هه.

(11)    اُم الفتح: احمد بغداديءَ جي ڌيءُ، علم حديث ۾ ڪامل، لقب”بنة الاسلام“، وفات جو سن 600هه

(12)    اُم ڪحہ: اويس بن ثابت انصاريءَ جي ڌيءُ، صحابيہ هئي، مڙس ”احد“ جي جنگ ۾ ماريو، قابل عورت.

(13)    اُم هاني: جنهن جو شاگرد علامہ ”سيوطي“ هو، مشهور محدثه، وفات جو سن 870هه.

(14)    اُم هاني: علامہ سيف الدين جي ماءُ، عالم هئي، گهڻا ڪتاب لکيائين، وفات جو سن 871هه.

(15)    الحلية السلطانيہ: اصل نالو ”مونسہ“ مصر جي ايوبي سلطان، عادل ابوبڪر جي ڌيءُ، عالمہ ۽ محدثہ.

(16)    اروي بنت الحارث: حارث بن عبدالمطلب جي ڌيءُ، ڏاڍي هوشيار قابل زال، معاويي جي وقت ۾ هئي.

(17)    اروي بنت عبدالمطلب: مشهور شاعره هئي، حضرت محمد جي ڏاڏي جي ڌيءُ هئي.

(18)    اسماء بنت عبدالله ۽ اسماء بنت يزيد النصاريہ، (”اسماء“  جي نالي سان ٻه ٻيون به عالم ۽ شاعره زالون هيون).

(19)    اعرابيہ: بني عباسين جي زماني ۾ ڏاڍي قابل زال.

(20)    اماميه بنت خزوج: عالم ۽ شاعره، عربي زال.

(21)    امة العزيز، شريفيه: اُندلس جي شاعره.

(22)    اُم الدرداء، محدثہ، سندس مڙس عمير، مشهور حڪيم ۽ حضرت محمد جن جو همعصر هو.

(23)    اُم حڪيم البيضاء: حضرت عبدالمطلب جي ڌيءُ، چڱي شاعره.

(24)    اُم العلاء: اُندلس جي هڪڙي تاجر يوسف جي ڌيءُ، ڏاڍي فصيح ۽ شاعره زال، وفات جو سن 500هه

(25)    اُم النساء: عبدالمؤمن  تاجر جي ڌيءُ، شاعره.

(26)    اُم الهناء: قاضي ابو محمد عبدالحق اندلسيءَ جي ڌيءُ في البديہ شعر چوندي هئي.

(27)    اُم الهشيم: صحابيہ هئي، چڱا شعر لکندي هئي.

(28)    اُميمه بنت عبدالمطلب: في البديهه ۽ تمام عمدي شعر چوڻ واري.

(29)    اُم زينب فاطمه: عباس جي ڌيءُ فقہ ۾ قابل، ۽ واعظ، دمشق جي ويٺل، وفات جو سن 741هه.

(30)    بثينه: يحيٰ جي ڌيءُ، عمدي شاعره.

(31)    بدويہ: مصر جي فاطمي خليفي ”آمر“ جي زال، ڏاڍي فصيح ۽ بليغ، شعر به چوندي هئي.

(32)    بره: ارويءَ جي ڀيڻ، ۽ عبدالمطلب جي ڌيءُ، شعر ۾ هوشيار.

(33)    بنان: خليفي”متوڪل“ جي زماني ۾ مشهور شاعره.

(34)    تقيہ المناريه: مشهور عالم”ابوالفرج“ جي ڌيءُ، ۽ ابوالحسن جي ماءُ، دمشق جي ويٺل عالم، فاضل ۽ شاعره، وفات جو سن 653هه.

(35)    ثريا: عبدالله جي ڌيءُ، ۽ عبدالعزيز جي زال، وڏي عالم ۽ چڱي شاعره.

(36)    حبابه: مشهور عالم ۽ فاضل، ابو البتوذڪي انهيءَ جو شاگرد هو.

(37)    حبيبه: عبدالعزيٰ العورا جي ڌيءُ عالم، فاضل ۽ شاعره.

(38)    حبيبه بنت زين الدين مقدسي: محدثہ، وفات جو سن 737هه.

(39)    حجناءَ: ”نصيب“ شاعر جي ڌيءُ عباسي خليفي مهديءَ جي زماني ۾ هئي، پيءُ جهڙي هوشيار شاعره.

(40)    حسانة التميمہ: مشهور شاعر ابو الحسن اندلسيءَ جي ڌيءُ، چڱي شاعره.

(41)    حفصه بنت الحاج: اُندلس جي مشهور شاعره.

(42)    حفصه بنت حمدون: اُندلس جي مشهور شاعره.

(43)    حڪيمه دمشقيہ: عارفہ ۽ شاعره.

(44)    حڪيمه بنت حمدون: عارفہ ۽ شاعره.

(45)    حميده بنت واثق: بغداد جي، هوشيار محدثہ.

(46)    حنيفه بنت القمني: عبدالرحمان جي ڌيءُ، امام ”سيوطيءَ“ جي خاندان مان، علم حديث ۾ قابل.

(47)    خديجه بنت بدران عرف”اُمه سلمه“، مولانا شهاب الدين جي ڌيءُ، محدثه، وفات جو سن 808هه.

(48)    خديجہ اُم الفضل: عالم فاضل عورت هئي.

(49)    خديجہ بنت احمد: عالم فاضل عورت هئي.

(50)    خرنق بنت قحافہ: مشهور شاعره.

(51)    خزانه: خالد بن جعفر جي ڌيءُ،  عراق جي جنگ ۾ سعد بن ابي وقاص سان گڏ هئي، چڱي شاعره.

(52)    خولہ بنت الازور: صحابيہ، اعليٰ درجي جي شاعره، ”ضرار“ جي ڀيڻ، هيءَ بهادر به هئي، ۽ جنگ ۾ به وڙهي.

(53)    دفره: بصري جي محدثہ عورت.

(54)    دهناء: ”مسمل“ جي ڌيءُ، ۽ ”حجاج“ جي زال، عمدي شاعره.

(55)    رجب بنت احمد القليجي: محدثہ، امام ”سيوطيءَ“ جي استاد، وفات جو سن 869هه.

(56)    رقيہ بنت محمد القشريہ:  مصر جي رهاڪو محدثہ هئي.

(57)    رامہ بنت الحصين: نجد جي رهاڪو، چڱي شاعره.

(58)    ريا العلقية: وڏي شاعره.

(59)    رابعه بصري: قرآن مجيد ۽ حديث جي علم ۾ قابل، قرآن مجيد جي آيت پڙهڻ کان سواءِ ڪنهن کي جواب نه ڏنائين.

(60)    رابعہ غدويہ: مشهور اولياء (جنهن جو بيان ڌار ڏنل آهي)

(61)    رمله بنت ستيبة: صحابيہ، پڻس بدر جي جنگ ۾ ماريو ويو، شاعره هئي.

(62)    سڪينہ رضه: امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي نياڻي، علم ادب ۽ شعر ۾ ڪمال رکندي هئي، عائشہ بنت طحہ بن عبيدالله جي همعصر (ٻنهي کي ”عقيلتي قريش“ يعني قريش جون ٻه عقلمند عورتون، سڏيندا هئا، گهڻا عالم ۽ شاعر وٽانئن فيض پرائيندا هئا.

(63)    ضبيعه بنت جزيمہ انصاري: شاعره هئي.

(64)    عمره بنت جزيمه، انصاري: شاعره هئي.

(65)    عڪرشہ بنت الطريش: معاويي جي وقت ۾ ڏاڍي بهادر ۽ قابل عورت.

(66)    فاقره: ”مره“ اسديءَ جي زال، قابل ۽ شاعره

(67)    متمنيہ، لقب ”فارعہ“ هشام ثقفيءَ جي ڌيءُ، حضرت عمر رضه جي وقت ۾، شاعره.

(68)    ملڪہ: ”سبا“ جي بادشاهه جي ڌيءُ، ڏاڍي قابل عورت.

(69)    مليون بنت بجدل: معاويي جي وقت ۾، شاعره.

(70)    هنده بنت عتبہ: ابو سفيان جي زال، ڏاڍي قابل زال، پهرين حضرت محمد جن جي دين جي برخلاف هئي، پوءِ مسلمان ٿي.

                اشارو _ هنن کان سواءِ، ٻيون به ڪيتريون عربي عالم ۽ فاضل عورتون ٿي گذريون آهن، جن پنهنجن پٽن کي اهڙي تعليم ڏني، جو هو وڏا عالم ٿي گذريا آهن. جيئن ته امام ”ابن جوزي“ ٽن ورهين جو هو ته پڻس مري ويو، ۽ کيس ماڻس تعليم ڏني، امام ”بخاري“ به پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ وٽ تعليم حاصل ڪئي، ۽ امام ”ربيقه الراي“، جو امام ”مالڪ“ ۽ حسن ۽ بصريءَ جو استاد هو، سو اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هو، ته پڻس مري ويو، ۽ پوءِ ماڻس هن کي تعليم ڏني.

****

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org