سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو: 2

صفحو : 16

نور جهان

 

نورجهان، جنهن جو اصلوڪو نالو”مهرالنساء بيگم“ هو، ۽ جنهن کي پهرين ”نور محل“ جو لقب مليو هو، سا مرزا غياث الدين جي ڌيءُ هئي. هن مرزا جي پيءُ، يعني نورجهان جو ڏاڍو محمد خان تڪلو، اصل ايران هو،تهران جو ويٺل هو، ۽ سرڪاري وڏي عهدي  تي هو. پر مرزا غياث غريب ٿي ويو، ۽ پنهنجيءَ حالت سڌارڻ لاءِ، ايران مان نڪري، ٻين ملڪن ڏي سفر ڪرڻ لڳو، جيسين قنڌار تائين پهتو، تيسين زياده مفلس ۽ مسڪين ٿي ويو. قنڌار ۾ پهچڻ شرط ”نورجهان“ ڄائي. اهڙيءَ ڪمبختيءَ جي حالت ۾، پرديس ۽ سفر جي وچ ۾، معصوم ٻار جي پرورش ۽ پرداخت ڪرڻ به هنن کي بار ٿي لڳو، تنهنڪري، لاچار ٿي، ماءُ _ پيءُ ٻار کي شاهي سَڙڪ جي ڪناري سان کڻي ڇڏيو، جتان سُجهين ٿي ته خود سندن قافلو صبح جو لنگهڻو آهي. قافلي جي هڪڙي سوداگر جي انهيءَ تي نظر پئجي ويئي، ۽ خوبصورت ٻار تي ڏاڍو قياس ۽ رحم آيس، تنهن انهيءَ کي کڻي کنيو، ۽ ارادو ڪيائين ته انهيءَ کي پنهنجو ٻار ڄاڻي پرورش ڪندس ۽ تعليم ڏيندس. قافلي ۾ ٻي ڪا زال کير پيارڻ واري هٿ اچي نه سگهي، تنهن ڪري آسانيءَ سان خود سندس ماءُ کي، اُجورو ڏيئي، دائي ڪري رکيائين. انهيءَ ٻار جي صدقي، انهيءَ سوداگر، ٻار جي ماءُ _ پيءُ ۽ انهيءَ جي پٽن جي گهڻي سنڀال لڌي. هن مرزا غياث توڙي سندس وڏي پٽ کي رواجي ماڻهو نه سمجهيو، جو سندن هلت شريفن جهڙي هئي _  جيتوڻيڪ هو مسڪين هئا.

تنهنڪري هو انهن کي مدد ۽ مانُ ڏيڻ لڳو. جڏهن اُهو سوداگر دهلي ۾ آيو، تڏهن انهن کي اڪبر بادشاهه وٽ  نيائين، جتي پيءُ ۽ پٽ کي ڪا گهٽ عهدي جي نوڪري ملي، جنهن مان هو پنهنجي لياقت ۽ هوشياري ڏيکاري، مٿي چڙهڻ لڳا. انهيءَ وچ ۾ نورجهان وڌندي وڏي ٿيندي ويئي، ۽ جنهن ٿي ڏٺس سو سندس حُسن تي حيران ٿي ٿيو.

ماڻس اڪبر بادشاهه جي محل سراءِ ۾ ويندي هئي، اُنهيءَ سان گڏ نورجهان به ويندي هئي. اُتي شهزادي سليم يعني ”جهانگير“ جي مٿس نظر پيئي، ۽ هو مٿس عاشق ٿي پيو. هن جي گستاخي جي هلت نورجهان جي ماءُ کي نه وڻي، تنهن راڻيءَ سان شهزادي جي شڪايت ڪئي. راڻيءَ اڪبر جي ڌيان تي اها ڳالهه آندي، جنهن شهزادي کي سخت فهمائش ڪئي، ۽ مرزا غياث کي صلاح ڏنائين ته ڌيءُ کي پرڻائي ڇڏي، جيئن هوءَ محل سراءِ مان نڪري وڃي، ۽ جهانگير هن کي وري نه ڏسي. ان موجب، نورجهان کي ”شيرافگن خان“ هڪڙي ايرانيءَ جوان سان پرڻائي ڇڏيائون جو تازو آيل هو، ۽ بادشاهه جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو هو. انهيءَ خان کي اڪبر بادشاهه بنگال ۾ هڪڙي جاگير ڏني، جتي هو زال سميت هليو ويو، پر، انهيءَ ڪري جهانگير بس ڪري نه ويٺو. جڏهن اڪبر بادشاهه وفات ڪئي، ۽ جهانگير تخت تي ويٺو، تڏهن پهرئين ئي ورهيه کان پوءِ هن وجهه وٺي، پنهنجي ٿڃ _ شريڪ ڀاءُ قطب الدين ڪوڪلتاش کي بنگال جو صوبيدار ڪري موڪليو ۽ هن کي سمجهائي ڇڏيائين ته نورجهان کي منهنجي لاءِ هٿ ڪرڻ جو بندوبست ڪجئين. هن گهڻائي مٿا هنيا ته شيرافگن خان _ جنهن  جو اصل نالو ”علي قلي خان“ هو، ۽ شينهن کي يڪي سر مارڻ ڪري اهو لقب مليو هوس. زال کي بادشاهه جي خوشيءَ لاءِ طلاق ڏئي، پر هو غيرت وارو شخص هو، تنهن صاف انڪار ڪيو، ۽ سرڪاري نوڪريءَ کان به اسعيفا ڏيئي ڇڏيائين. پوءِ قطب الدين هن کي پاڻ وٽ حڪم رکي گهرايو. شيرافگن وٽس خنجر لڪائي کڻي ويو. جڏهن هن بي آبروئيءَ جهڙي گفتگو ڪئي، تڏهن خنجر ڪڍي قطب الدين کي هڻي ماري وڌو، انهيءَ جي نوڪرن پوءِ، شيرافگن کي به اتي جو اتي ماري رکيو. صوبيدار جهڙي حاڪم جي خون جي سزا جي عذر تي، نورجهان کي قيد ڪري، دهليءَ ڏي ڏياري موڪليائون، اُتي ستت ئي جهانگير کيس، منٿون آزيون ڪري، شاديءَ جي رٿ پيش ڪئي، پر نورجهان پهرين هن کي پنهنجي پياري مڙس جو خوني سمجهي، هن کان نفرت ظاهر ڪئي، پوءِ هن جي گهڻي ستائڻ تي، زياده زبردستيءَ جي ڊپ کان، نيٺ راضي ٿي، ۽ سندس شادي وڏي شاهي تجمل سان جهانگير سان ٿي.

نورجهان کي اهڙو اعليٰ  درجو نصيب ٿيو، جو هندستان ۾ اڳي ڪنهن به راڻيءَ کي نه ٿيو هو. هن جو پيءُ وزيراعظم مقرر ٿيو، ۽ ”عماد الدوله“ جو خطاب مليس، هن جي ڀاءُ ابو الحسن کي به هڪڙو وڏو سرڪاري عهدو مليو، ۽ ”آصف جاه“ جو خطاب مليس، شهنشاهه جهانگير ڪوبه ڪم نورجهان جي مرضيءَ کانسواءِ نه ڪندو هو. مطلب ته هن جي مرضي قاعدو هو. ڪي نورجهان جي صحبت ڪري، ۽ ڪي پڻس وزير جي ڪري _ جو ڏاهو ۽ انصاف وارو هو_ جهانگير پنهنجي چال گهڻي سڌاري، ۽ ملڪ ۾ گهڻا سڌارا ٿيا. اڃا به شوخ ۽ ظالم هوندو هو. مگر جهڙا قهر اڳي ڪندو هو، اهڙا وري نه ڪيائين _ جيتوڻيڪ اڃا به شراب نوشيءَ کان بس نه ڪئي هئائين، ته به رات جو پنهنجيءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪي پيئندو هو، ۽ ڏينهن جو اميرن جي اڳيان درٻار ۾ حاضر رهندو هو.

نورجهان شاهي درٻار ۾ به گهڻا سڌارا ڪيا، ۽ خرچ گهڻو گهٽايو، زنانيون پوشاڪون نئين نموني جون پيدا ڪيائين، ۽ گلابي عطر به سندس صنعتگري سمجهيل آهي.

                جهانگير کي جيڪي موهيو هو، سو نه رڳو هن جي خوبصورتيءَ ۽ ناز انداز، پرسندس حاضر جوابيءَ ۽ في البديهه شعر گوئيءَ ۾ به_ سنه 1021 هه (1612ع) ۾ جڏهن ميواره سان جنگ ٿي، تڏهن شهزادو ”خورم“ يا ”شاهجهان“ اوڏي موڪليو ويو، ۽ اهو فتح سان موٽي آيو. شاهجهان جو ڏاڍو مان ٿيو. هو تازو نورجهان  جي ڀائٽيءَ ”نور محل“ سان پرڻيو هو، تنهنڪري نور جهان به سندس طرفدار ٿي کيس چاڙهڻ ۾ مدد ڏني، ۽ نيٺ اهو ولي عهد مقرر ٿيو، جيتوڻيڪ کانئس وڌو”پرويز“ ويٺو هو، جنهن کي دکن ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو، ۽ هو اتي وڃي فتحياب ٿيو سگهوئي پوءِ جهانگير ”مندوءَ“ ۾ سخت بيمار ٿي پيو. پرويز تڪڙو دهليءَ ڏي ويو، پر اُتان موٽايو ويو، ۽ خسرو، جو اُتي هو، سو اوچتو مري ويو يا ماريو ويو، تنهنڪري شاهجهان جي شهنشاهه ٿيڻ جي پڪ ٿي. پر، ملڪ ۾ فساد ئي انهيءَ ڳالهه تان هو.نورجهان جنهن جي مدد هن کي ضروري هئي، سا هاڻ پري رسي، انهيءَ وقت ڌاري، نورجهان، پنهنجي ڌيءُ جا شيرافگن مان هيس، سا بادشاهه جي ننڍي پٽ”شهريار“ سان مڱائي هئي، تنهنڪري به هاڻ سندس خيال انهيءَ ڏي ٿيو، ۽ نه شاهجهان ڏي. تنهن کان سواءِ هيستائين پڻس وزير  روڪيندو آيس، سو به اتفاق سان هاڻ مري ويو. تنهن ڪري جهانگير سڄوئي سندس هٿ ۾ هو، ۽ ڀاڻس آصف جاه _ جنهن جي ڌيءُ شاهجهان جي گهر ۾ هئي سندس هٿ ۾ چڱو اوزار هو، تنهن ڪري هوءَ شاهجهان جي برخلاف ۽ ”شهريار“ جي فائدي ۾ ٿي بيٺي، انهيءَ وقت ڌاري، ايراني قنڌار تي اچي قابض ٿيا هئا. نور جهان جي صلاح سان، بادشاهه”شهريار“ کي وڏي لشڪر سان اوڏي روانو ڪيو، ۽ مُک عهديدار ۽سردار، جي شاهجهان سان دکن ۾ هئا، تن کي به حڪم مليو ته شهريار سان وڃن. شاهجهان جون جاگيرون به بدلجي شهريار کي مليون، ۽ کيس چيو ويو ته گجرات ۽ دکن ۾ پنهنجي لاءِ جاگيرون  ڳولي. انهيءَ ڪري شاهجهان فساد برپا ڪيو ۽ جهانگير _ جو ڪشمير گهمي لاهور ۾ آيو هو _ شاهجهان تي ڪاهي آيو، ۽هو پاسو ڪري هليو ويو. ”خانخانان“ ۽ ”مهابت خان“ سردار ۽ ”پرويز“ پٺيانئس  روانا ڪيا ويا، جن بنگال ۾ هن کي وڃي شڪست ڏني ۽ هو وري دکن ڏانهن ڀڄي ويو. نيٺ تنگ ٿي، سنه 1035هه ۾ 1625ع  ۾ اچي پيءُ وٽ پيش پيو. پوءِ نورجهان مهابت خان جي پٺيان پيئي. ۽ هن کي دهليءَ ۾ گهرايائين. پر مهابت خان کي شڪ پيو، سو راجپوتن جو لشڪر وٺي جهانگير جي منزل تي ڪاهي اچي پيو _ جو ڪابل ڏي ٿي ويو _ ۽ هن کي کڻي قيد ڪيائين. هيءُ ٻڌي، نورجهان، مردانو ويس ڪري، ڏوليءَ ۾ چڙهي، بادشاهه جي جاءِ تي لشڪر ۾ ويئي، ۽ پنهنجي ڀاءُ ۽ ٻين سردارن کي سڏي هنن کي ڌمڪايائين، ۽ لشڪر ساڻ وٺي، بادشاهه کي ڇڏائڻ لاءِ، مهابت خان جي منزل گاهه تي ڪاهي ويئي. گهڻيءَ مشڪلات سان درياه لنگهي، ڏاڍا حملا ڪيائين، ۽ تمام گهڻي بهادري  ڏيکاريائين. ڏاڍا تير لڳس. هاٿيءَ جو هود ئي رت سان ڀرجي پيو، ۽ نيٺ خود سندس هاٿي به زخمي ٿي پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. آخر نورجهان ڀڄي نه سگهي، تڏهن ارادو ڪيائين ته بادشاهه سان گڏ پاڻ به قيد ۾ رهي، ته من هڪٻئي سان مشورت ڪندا رهن _ آخر ائين ڪيائين. نورجهان جي صلاح سان، بادشاهه مهابت خان جي خوشامد ڪرڻ لڳو، ۽ هن کي پنهنجو خير خواهه سڏيائين، ۽ نور جهان جي نالي ڪوڙ ڪري چيائين ته هوءَ اسان جي خير خواهه نه آهي. انهيءَ تي هو ٺڳجي ويو. نورجهان، مخفي طرح نئون لشڪر جاسوسي  نائبن جي معرفت گڏ ڪري، راجپوتن کي جيتي، بادشاهه کي قيد مان ڪڍائي ويئي، ۽ پاڻ به نڪتي، اهڙو زور ڏيکاريائين، جو مهابت خان لاچار ٿي ساڻس شرط ٺهرائي صلح ڪيو، ۽ بادشاهه سان پرتو. بادشاهه پوءِ کيس شاهجهان تي ڪاهي وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو. پاڻ وري ڪابل مان لنگهي موٽي لاهور آيو، ۽ پوءِ ڪشمير روانو ٿيو. پر رستي ۾ سخت بيمار ٿي پيو، ۽ ٻيءَ منزل تي مري ويو، سندس عمر سٺ ورهيه هئي. بس، بادشاهه جي مرڻ تي نورجهان جو زور به پورو ٿيو. ڀاڻس آصف جاه شاهجهان جو طرفدار ٿيو، ۽ ڀيڻ کي کڻي نظربند ڪيائين، لاهور ۾ شهريار تي ڪاهي ويو، ۽ لڙائيءَ ۾ هن کي ماريائين. سنه 1628ع، شاهجهان آگري ۾ شهنشاهه مقرر ٿيو. نورجهان گوشه نشين ٿي گذاريو. ساليانو ساڍا ستٽيهه لک رپيا خرچ لاءِ ملندا هئس. مڙس کانپوءِ اڇي سادي پوشاڪ ڍڪيندي هئي ۽ ٻئي رنگ جو ڪوبه ڪپڙو نه ڍڪيندي هئي. ڪوبه تماشو نه ڏسندي هئي، ۽ مڙس جي ماتم ۾ رهي. نيٺ، سن 1056هه (1646ع) ۾ مري ويئي. لاهور ۾ جهانگير جي قبي جي ويجهو جيڪو قبو پنهنجي لاءِ ٺهرايو هئائين، تنهن ۾ دفن ڪئي ويئي.

مٿئين بيان مان معلوم ٿيندو ته نورجهان ڪهڙي نه مرداني، عقل ۽ تجويز واري عورت هئي، ۽ حڪمرانيءَ جو ڪم ڪهڙو نه چڱو ڄاڻندي هئي. جڏهن بادشاهه سان شڪار تي ويندي هئي، تڏهن اڪثر هڪڙيءَ ئي گوليءَ سان شينهن ماريندي هئي. هڪڙي ڀيري چار شينهن گڏ نڪتا، ته هڪڙيءَ ئي گوليءَ سان ٻه شينهن ماريائين، جنهن تي هڪڙي شاعر ترت هيءُ بيت چيو ته:

نور جهان گرچہ بصورت زن ست
در صف مردان زن شيرافگن ست.
 

هتي”زن شيرافگن“ جي معنيٰ علي قلي خان شيرافگن جي زال به آهي، ۽ شينهن ماريندڙزال به آهي. جهانگير فقط نالي جو شهنشاهه هو، نه ته سچي پچي شهنشاهه هوءَ پاڻ هئي. سِڪي تي به ٻنهي جو نالو اُڪرڻ ۾ ايندو هو، ۽ هيءُ بيت مٿس ڇاپبو هو:

بحڪم شاهه جهانگير يافت صد زيور
بنام نورجهان بادشاهه بيگم زر.
 

۽ خاص شاهي مهر تي هيءُ بيت  اُڪريل هوندو هو:

نور جهان گشت بفضل الله،

همدم و همراز جهانگير شاهه.

 

جهانگير جڏهن بيمار ٿيو، تڏهن گهڻا طبيب مٿا هڻي ڪڪ ٿيا، آخر نورجهان پاڻ مجرب نسخا ڪم آڻي، هن جو علاج پاڻ ڪرڻ لڳي، ۽ نيٺ هو شفاياب ٿيو. انهيءَ بابت جهانگير پاڻ ”تزڪ جهانگيريءَ ۾ لکي ٿو: ”نورجهان بيگم ڪہ تدبير و تجربہ او ازين اطبا بيشتر است، خصوص ڪہ از روي مهرباني و دلسوزي باشد، اگرچہ پيش ازين هم علاجي ڪہ اطبا ميڪردند بصلاح و صوابديد او بود، ليڪن درين وقت مدار بر مهربانيءَ او نهادم و شراب را بتدريج ڪم ڪرد و چيزهاي نامناسب و غذاهاي ناموافق محافظت نمود، اميد ڪہ حڪيم حقيقي از شفاخانئه غيب صحت _ ڪامل نصيب ڪناه“.

نور جهان جي فارسي شعر جو نمونو هي آهي:

نام تو بردم و زدم آتش بجانِ خويش،
درآتشم چو شمع ز دست و زبانِ خويش،
دقيق
ہ هاي معنايش در سواد حروف،
چو در سياهي شب روشني پروين است.
****

 

ارجمند بانو بيگم”ممتاز محل“

 هيءَ نامور شهزادي شاهجهان بادشاهه جي پهرين بيگم هئي، جنهن جي دلفريب حسن ۽ خداداد عقل هن کي ملڪن ۾ مشهور ڪيو، هوءَ نورجهان جي ڀاءُ جي ڌيءُ هئي. هن جي اعليٰ  قابليت، عالي دماغيءَ، بلند خياليءَ، شاهاڻي تهذيب ۽ تعليم جي ڪري، بادشاهه مٿس مستانو هو. جيتوڻيڪ شاهجهان جي ٻي بيگم عزيز النساء به ڏاڍي لائق ۽ قابل ۽ حسين هئي، پر جيڪا قدرتي خوبي خدا هِن ۾ رکي هئي، سان هُن ۾ ڪانه هئي. هوءَ خليق ۽ تحمل واري هئي، ۽ مشڪل مشڪل ڪمن ۾ مشاورت ڪرڻ مهل بادشاهه کي اهڙي پڪي راءِ ڏيندي هئي، جا تمام چڱي ۽ فائدي واري ثابت ٿيندي هئي. هوءَ خير ڪندڙ ۽ فيض واري به ڏاڍي هئي، پنهنجي دولت هوءَ غريبن، مسڪينن ۽ محتاجن تي خرچيندي هئي، جي هميشه سندس پاڇي هيٺ رهي کيس دعائون پيدا ڪندا هئا. انهيءَ ڪري، سندس عزيز خويش سڀ مٿانئس ساهه قربان پيا ڪندا هئا. هن جي سخاوت جو هڪڙو مثال هي آهي، ته جڏهن شاهجهان تخت تي ويٺو، تڏهن هُن خوشيءَ ۾ ٻه لک رپيا هن بيگم کي انعام ڏنا، ۽ هن انهيءَ وقت بادشاهه جي مٿان اُهي گهمائي، صدقو ڪري، فقيرن ۽ محتاجن کي ڏيئي ڇڏيا. ٻين وقتن تي به ”اڪثر هوءَ ائين ڪندي هئي، ۽ انهيءَ مان ڏاڍي خوشي حاصل ٿيندي هيس. هن کي رواجي خرچ لاءِ سورنهن لک رپيا ملندا هئا، ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪي بادشاهه کان عطا ٿيندو هوس، ته به جڏهن وفات ڪيائين، تڏهن سندس خانگي خزاني ۾  ڪي به ڪين رهيو. سڀ پنهنجي جيئري ئي خيرات ڪري ڇڏيائين. اهڙن نيڪ اخلاقن ڪري بادشاهه مٿس قربان هوندو هو، ۽ هن بيگم جو گهر ۾ هئڻ پنهنجي خوش قسمتي سمجهندو هو.

                 هيءَ بيگم محل سراءِ ۾ بلڪل آزاد رهندي هئي، جيڪي وڻندو هوس، سو ڪندي هئي. بادشاهه جو مٿس اهڙو اعتبار هو، جو ڪنهن به قسم جو گمان منجهس نه پوندو هوس. هن کي لکڻ پڙهڻ ۽ شعر چوڻ جو گهڻو شوق هو. هڪڙي ڀيري ڪنهن ”ديوان“ پڙهڻ ۾ محو هئي، ۽ بيخود ٿي هڪڙو شعر وري وري پئي پڙهيائين، ته شاهجهان پٺيان اچي بيهي رهيو. بلڪه سڏ به ڪيائينس، ته به نه ٻڌائين. جڏهن سامهون آيس، تڏهن ڇرڪ ڀري ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺي. هن بانوءَ جو وقت اڪثر خانه داري جو انتظام، بادشاهه جي خدمت، ۽ شهزادن ۽ شهزادين جي تربيت ۽ تعليم ۾ گذرندو هو. هن بيگم جي نسبت ۾ ڪن تاريخ لکندڙن _ خاص يورپين _ ڪي اهڙيون نامناسب ڳالهيون لکيون آهن، جن تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي. هنن رڳيون واهيات خبرون لکيون آهن، نه ته هيءَ بيگم هر طرح عقلمند ۽ قابل هئي. هن مان شاهجهان کي چوڏهن ٻار ڄاوا. جيڪي جيئرا رهيا، تن مان چار نامور شهزادا هئا، جن جا  نالا هي آهن. داراشڪوه، شاهه شجاع، مراد مرزا ۽ اورنگزيب عالمگير، ٽي شهزاديون به ٿيس، جن جا نالا هي آهن. انجمن آرا، گيتي آرا ۽ جهان آرا، هيءَ راڻي ايڪيهه ورهيه بادشاهه سان گڏ رهي. هن سنه 1040هه (1630ع) ۾، ذوالقعد جي 17 تاريخ وفات ڪئي. مرڻ کان اڳ هن بادشاهه سان اهڙي درد ڀري ۽ اثرناڪ گفتگو ڪئي، جنهن ڪري بادشاهه جي دل ڪباب ٿيو ٿي ويئي. بيگم جي مرڻ ڪري، بادشاهه جو حال تمام غمزده ٿي پيو، سڀ خوشي ڇڏي ڏنائين ۽ هميشہ تائين هن جي يادگيري ڪندو رهيو. هن جي محبت جي هيءَ به هڪڙي نشاني آهي، جو هن ”ممتاز محل“ تي اهڙو هڪڙو روضو يا قبو جوڙايو، جو اڄ تائين ”تاج محل“ نالي سان ساريءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي. لفظ ”تاج محل“ به ”ممتاز محل“ مان نڪتل ٿو ڏسجي، ”تاج بيبيءَ جو روضو به چوندا اٿس“. انهيءَ تي پنجاهه لک رپيا خرچ ٿيا، ۽ ٻارهن ورهيه انهيءَ تي ڪم هليو. انهيءَ سان لاڳو دڪان ۽ ٻيون جايون به جوڙايون ويون، جن مان ٻه لک رپيا پيدائش ٿيندي هئي.

****

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org