سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مير علي شير قانع ٺٽوي

باب:

صفحو:8 

علي شير ’قانع‘

اداره دائره معارف اسلاميه

ترجمو: عبدالرسول قادري

(مير علي شير ’قانع‘) هڪ سنڌي مؤرخ، جو عزت الله حسيني الشيرازيءَ جو فرزند هو. هو، سنڌ جي قديم تخت گاهه ٺٽي ۾ 1140هه/1727ع ۾ ڄائو ۽ سال 1203هه/1788ع ۾ اتي گذاري ويو. سندس قبر اڄ به مڪلي ٽڪريءَ تي موجود آهي. هن فارسي، عربي ديني تعليم ٺٽي جي عالمن استادن وٽان پرائي. هن پنهنجي ڪتاب ”مقالات الشعراءِ“ فارسي ۾ ڪن استادن جو ذڪر ڪيو آهي.(1)

سال 1175هه/1761ع ۾ سنڌ جي ڪلهوڙي حڪمران غلام شاهه عباسي (دور حڪومت 1170هه/1757ع کان 1186هه/1772ع تائين) کيس چيو ته، شاهنامي فردوسي جي نموني تي فارسي ۾ حڪمران خاندان جي تاريخ لکي ڏئي، پر هي تاريخ مڪمل نه ٿي سگهي.

پنجن سالن کان پوءِ هن ”تحفة الڪرام“ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو. جيڪو 1181هه/1767ع ۾ لکجي پورو ٿيو.

’قانع‘ حقيقي شاعر هو، ڇاڪاڻ ته هن ٻارهن سالن جي عمر کان ئي شعر چوڻ شروع ڪيو هو. شاعريءَ ۾ سندس استاد ابو تراب حيدر الدين ’ڪامل‘ هو، جيڪو شاهجهان جي دور جي هڪ باڪمال شاعر ۽ امير ابو القاسم جو پوٽو هو.

’قانع‘ نظم ۽ نثر ۾ گهڻا ڪتاب لکيا آهن، جن مان مکيه هي آهن:

1. تحفة الڪرام: هي عام تاريخ آهي، جيڪا ٽن جلدن ۾ آهي. ان جو آخري جلد سنڌ جي مشاهيرن جي احوال تي مشتمل آهي. هي ڪتاب لکنو ۽ بمبئي مان 1304هه/1886ع ۾ ڇپيو.

2. مقالات الشعراءِ: هي سنڌ جي فارسي شاعرن جي حالات تي ابجد/ الف ب وار ترتيب سان 1174هه/1767ع ۾ لکيل ۽ ڪراچي مان سال 1957ع ۾ ڇپيل آهي.

3. مڪلي نامو يا بوستان بهار: هِن ڪتاب ۾ مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ٿيل مشاهير جي مقبرن ۽ معاشرتي منظر نگاري جا حالات، شعر ۽ نثر ۾لکيل آهن. هي 1967ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان شايع ٿيو.

4. معيار سالڪان طريقت: 1202هه/1786ع جو لکيل هي ڪتاب نبي صلي الله عيلھ وآلھ وسلم جي زماني کان وٺي ٻارهين صدي هجري/ ارڙهين صدي عيسوي تائين جي اوليائن ۽ صوفين سڳورن جي حالات تي ٻارهن معيارن ۾ لکيل آهي.

5. تاريخ عباسيھ: نظم ۽ نثر ۾ ڪلهوڙا خاندان جي نامڪمل تاريخ، جيڪا هن ڪلهوڙي حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙي جي چوڻ تي لکي.

6. نصاب البلاغة: هيءُ ڪتاب انسائيڪلوپيڊيا جي طرز تي 1198هه/1783ع ۾ لکيو ويو. هن جو رڳو هڪ نسخو (مولوي) محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين واري جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.

7. مثنويات و قصائد قانع: ڇپيل 1961ع ڪراچي. هن مواد جي مڪمل فهرست مقالات الشعراءِ جي مقدمي صفحي 7 کان 28 تائين لکيل آهي.

ماخذ: 1. مقالات الشعراءِ ص 531 کان 562 تائين مصنف جي خود نوشت حالات تان ورتل. 2. مهراڻ (سنڌي رسالو) 2-1956ع، ص 131 کان 167 تائين.

3. Persian Literature: C.A. Storey، ص 138، 656، 854، 1031 کان 1036 تائين.  (ادارو)

(سيڪريٽري: ڊاڪٽر سيد محمد عبدالله، ”دائره معارف اسلاميھ“ (اردو) دانشگاهه پنجاب لاهور، 1982ع، جلد 2/14)

 

ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپور

شڪر الاهي سادات مان هو(1). ابتدائي تعليم کان پوءِ علامه معين الدين، مخدوم رحمت الله ٺٽوي ۽ وقت جي استاد مير حيدر ابو تراب وٽان تعليم حاصل ڪري، سنڌ تي پنهنجي تعليم جو سڪو ڄمايائين. شاعريءَ لاءِ سندس طبيعت موزون هئي ۽ ’مظهري‘ تخلص ڪندو هو. شاعرانه صفات جو نه فقط ماهر هو، پر موجد پڻ هو. سندس قابليت ڪري ميان نورمحمد ڪلهوڙي، مرادياب خان ۽ ان کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو مصاحب ٿي رهيو. مير ’قانع‘ کي تاريخي علم ۾ الهامي دسترس هئي. سندس لکيل ٽن جلدن ۾ ”تاريخ تحفة الڪرام“ جي ڪري سنڌين جي تاريخي اهميت ۽ عظمت هميشه لاءِ زنده جاويد رهندي. انهي ڪري هن جي انهي ڪتاب سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي؛ جن مان پويون جلد تاريخ سنڌ متعلق راءِ گهراڻي کان وٺي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات تائين آهي، تنهن کان پوءِ سنڌ جي علمائن، بزرگن، اوليائن ۽ صوفين جو ذڪر پڻ ڏنل آهي. سچ پچ ته جيڪڏهن اڄ سنڌ وارن جي هٿن ۾ اها مختصر تاريخ نه هجي ها، ته وٽن ڪجهه به نه هجي ها. سندس تصنيفات مان چند نسخن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: (1)  مڪلي نامه (2) قصاب نامه (3) زينت الاخلاق (4) نسخه غوثيه (5) مثنوي ختم السلوڪ (6) زبدة المقامات (7) زين الافڪار (8) تهذيب الطباع (9) مختار نامه (10) معيار سالڪان طريقت (11) قصه ڪامروپ (12) مثنوي ڪرشمھ قدرت (13) چهار منزله (14) حديقة الاولياء (15) رسالھ در صناع و بدائع (16) مثنوي قضا و قدر (17) روضة الانبياء (18) لب لباب تاريخ ڪلهوڙه (19) بوستان بهار (20) رسالھ شرح معما (21) مقالات الشعراءِ (22) ديوان قانع، وغيره.

انهن قابل قبول مشغلن ۽ علمي ڄاڻ ۽ اهميت کان پوءِ به مير علي شير ’قانع‘ ڪن مختلف مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جي شغل کي ترجيح ڏني ۽ پاڻ مُدرس ٿي طالبن ۽ عالمن جي رهنمائي ڪري کين چڱو فيض رسايو.

(ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپور ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ سردار پريس حيدرآباد، 1982ع) 

 

مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي

 

عبدالرسول قادري

مير ’قانع‘ اهو پهريون ليکڪ آهي، جنهن سنڌ جي ٻن عظيم انسانن شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1102هه-1165هه) ۽مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1104هه-1174هه) جو احوال پنهنجي شاندار ڪتابن مقالات الشعراءِ ۽ تحفة الڪرام ۾ لکي، سندن همعصر ۽ اکين ڏٺي شاهد طور سندن پهريان احوال لکي سنڌ وارن تي احسان ڪيو.

هن باب ۾ هڪ اهڙي بزرگ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جنهن جو واسطو خود مخدوم صاحب جي دور ۽ شهر سان آهي. اهو آهي مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي. هن شخصيت جي ڪري اڄ اسين ڪلهوڙن جي دؤر جي سنڌ جي تمدني، سياسي ۽ ادبي تاريخ معلوم ڪرڻ جا اهل ٿيا آهيون. مير علي شير جو تعلق ٺٽي جي شڪر الاهي سادات سان آهي. سن 1140هه/1727ع ۾ ڄائو ۽ سن 1203هه/1788ع ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪيائين. مير ’قانع‘ ڪجهه وقت ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي درٻار ۾ سرڪاري مؤرخ پڻ ٿي رهيو، ليڪن هي عهدو سندس طبيعت جي خلاف هو. ان ڪري نوڪري ڇڏي اچي، ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول ٿيو. هڪ دفعو سير سفر لاءِ سنڌ کان ٻاهر سورت ويو ٿو ڏسجي. باقي سڄي زندگي سنڌ ۾ گذاريائين. اڪثر بيشتر ڪلهوڙن جي سرڪاري مرڪزن، جهڙوڪ: خداآباد، محمد آباد، مراد آباد ۾ پڻ نظر اچي ٿو.

مير ’قانع‘ جملي 42 ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا، جن مان اڪثر ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ تذڪري سان تعلق رکڻ ڪري پوءِ جي عالمن لاءِ تحقيق جو بنيادي ذريعو بنيا.

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ متعلق سڀ کان پهريون ڪتابي احوال پڻ مير علي شير ’قانع‘ ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب ”مقالات الشعراءِ“ ۾ آندو آهي. ياد رهي ته مير ’قانع‘. مخدوم صاحب جي وفات کان چند ڏينهن اڳ هيءُ لاثاني تذڪرو ”مقالات الشعراءِ“ لکي پورو ڪيو هو. مخدوم صاحب جي وفات کان ست سال پوءِ هن ”تحفة الڪرام“ لکي پورو ڪيو، جنهن ۾ پڻ مخدوم صاحب بابت قدري تفصيلي احوال آيل آهي. بهرحال، مير علي شير ’قانع‘ ٺٽويءَ، مخدوم صاحب جي دور ۽ شهر جو اکين ڏٺو شاهد هو.

(عبدالرسول قادري ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1988ع)

 

مير غلام علي شير ’قانع‘ ٺٽوي

 

سيد خضر نوشاهي

عبدالرسول قادري

’قانع‘ ٺٽوي (1140هه-1203هه) هڪ اهڙو نالو آهي، جنهن کي سنڌ جو ”مُحسن اعظم“ سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ جي خوش قسمتي آهي، جو ان کي ’قانع‘ جهڙو مؤرخ، شاعر، اديب ۽ تذڪري نگار مليو. ’قانع‘ سنڌ جي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو ڪجهه وقت ميان سرفراز خان جي والد ميان غلام شاهه (ڪلهوڙي) جي درٻار سان لاڳاپيل رهيو، پر پوءِ 1180هه ۾ ٺٽي اچي ”تحفة الڪرام“ لکڻ ۾ مشغول ٿي ويو. ميان سرفراز خان جي لاءِ ’قانع‘ هڪ ڪتاب ”سرفراز نامھ“ جي نالي سان لکيو، جيڪو هاڻي اڻ لڀ آهي. ’قانع‘ جا (لِکت وارا تاريخي) بيان ڪلهوڙا خاندان جي تاريخ ۾ همعصر ۽ اکين ڏٺي شاهد هجڻ ڪري نهايت اهم آهن.

”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد جو پهريون حصو سنڌ جي تاريخ تي مشتمل آهي. جنهن کي پير حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان ايڊٽ ڪري 1971ع ۾ شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب سرفراز خان جي حالت تي پورو ٿئي ٿو. ’قانع‘ جي ڪتاب ”مثنويات و قصائد“ ۾ گهڻا قصيدا سرفراز خان جي شان ۾ مِلن ٿا. هڪ قصيدو ته 90 شعرن تي ٺهيل آهي، جنهن جو مطلع هي آهي:

فغان که باهمه انوار مهرِ و صدق و سداد

ستم ظريفي ايام دار دم ناشاد

پر هي ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي ته ’قانع‘ ”مقالات الشعراءِ“ ۾ شاعر طور سرفراز جو ذڪر نه ڪيو آهي ۽ نه سندس ڪلام جو ڪو نمونو ڏنو آهي، جيتوڻيڪ سرفراز جي استاد ’مداح‘ جو قانع سان دوستي جو رستو هو، ته پوءِ هي ڪيئن ممڪن آهي ته ’قانع‘ کي ’سرفراز‘ جي شاعري جي ڄاڻ نه هجي!

قانع گهڻن ڪتابن جو مصنف آهي. تفصيل لاءِ مقالات الشعراءِ (فارسي) جو مقدمو ڏسو.

(ميان محمد سرفراز خان ڪلهوڙو ”ڪليات سرفراز“ مرتب: سيد خضر نوشاهي، ڪلهوڙا سيمينار ڪميٽي ڪراچي، 1996ع)

مير علي شير ’قانع‘

 

ڊاڪٽر صاحبزاده ابو الخير محمد زبير

سنڌيڪار: عبدالرسول قادري

سنڌ جي سرزمين جو اهو نامور سپوت، جو پنهنجي وقت جو محقق، عظيم مؤرخ، بهترين مصنف، عمدو صوفي شاعر ۽ جيد عالم هو. سنڌ جي تاريخ جي هڪ وڏي حصي تان پردو کڻڻ جو سهرو سندس سر سونهي ٿو. اهو سلسلھ عاليھ نقشبنديھ جو فيض يافتھ هو.

نسب ۽ خاندان:

مير غلام علي شير ’قانع‘ سندس پورو نالو آهي. سنڌ جي ان علمي، مذهبي ۽ بزرگ گهراڻي جو فرد هو، جنهن جو واسطو شيراز سان هو. سندس وڏو بزرگ قاضي سيد شڪر الله شيرازي(1) پنهنجي وطن کان 28-927 هجري ۾ لڏي، هتي ٺٽي ۾ اچي رهيو هو. ۽ هتي مرزا شاهه بيگ جي دور ۾ ٺٽي جو قاضي القضاة مقرر ڪيو ويو هو. سندس نسب جو سلسلو هي آهي:

غلام علي شير ’قانع‘ بن مير عزت الله (وفات 1161هه) بن مير محمد ڪاظم بن مير محمد بن ظهير الدين بن مير سيد شڪر الله ثاني بن سيد وجيھ الدين بن سيد نعمت الله بن سيد عرب شاهه بن امير نسيم الدين معروف مير ميرڪ شاهه بن مير جمال الدين بن فضل الله حسيني شيرازي.

هن خاندان جي ماڻهن سنڌ ۾ وڏا وڏا علمي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. مير ’قانع‘ جي والد کي ڇهه فرزند هئا: 1. سيد فخر الدين، 2. سيد يار محمد، 3. سيد محمد امين، 4. سيد محمد صالح، 5. سيد ضياءُ الدين ’ضياء‘ 6. مير غلام علي شير ’قانع‘.

ولادت:

مير ’قانع‘ 1140هجري ۾ ٺٽي شهر ۾ ڄائو. سندس ولادت جي تاريخ هن عبارت مان نڪري ٿي.

خلق الانسانً من السلاله (1140هه)

تعليم:

ان زماني ۾ ننگر ٺٽو علم ۽ هنر جو مرڪز هو. ان ڪري پاڻ وقت جي وڏن جيد عالمن سڳورن وٽان علمي تحصيل ڪئي. سندن استادن ۾ هي عالم ۽ شاعر مشهور آهن: 1. ميان نعمت الله، 2. ميان محمد صادق، 3. ميان عبدالجليل جو صاحبزادو، 4. آخوند محمد شفيع ٺٽوي، 5. آخوند ابو الحسن ٺٽوي
”بي تڪلف“، 6. مرزا محمد جعفر شيرازي.

روحاني علم:

پاڻ ظاهري علم کان پوءِ باطني علم پرائڻ لاءِ متوجھ ٿيو، ان ۾ به عبور حاصل ڪيو. ان جو اندازو سندس ڪن تصنيفن مان ٿئي ٿو. جيڪي تصوف جي موضوع تي آهن. انهن ڪتابن ۾ گهڻن اهم روحاني مسئلن بابت ڪافي ۽ شافي قلم کنيو آهي. جيئن ”مثنوي ختم السلوڪ“ سندس تصنيف آهي. هن مثنوي ۾ هن الله تعاليٰ جي معرفت، توحيد علمي، توحيد ايماني، توحيد حالي، تصوف جي حقيقت، فقر، توبهه، توڪل، شڪر ۽ رضا، اميد ۽ خوف، فنا ۽ بقا، غيب ۽ شهود، تجلي ۽ محبت سماع جهڙن مکيه مسئلن ۽ توصف جي انهن مشڪل اصطلاحن جو حل پيش ڪيو آهي. ان کان علاوه سندس ٻي تصنيف ”طومار سلاسل گزيده“ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي صوفين سڳورن جو احوال ۽ طريقت جا سلسلا ڏنا ويا آهن.

 سندس هڪ ٻي تصنيف ”معيار سالڪان طريقت“ آهي، جنهن ۾ تقريباً سنڌ جي هڪ هزار صوفين ۽ عالمن جي ولادت ۽ وفات جا سال ذڪر ڪيل آهن. جنهن جي ڪري انهن صوفين جي زندگي ۽ دور کي سمجهڻ ۾ وڏي آساني ٿي وڃي ٿي.

هنن کان سواءِ سندس ٻيا هيٺيان ڪتاب به سندس طبيعت روحانيت جي طرف رغبت ۽ باطني علمن جي نسبت تي دلالت ڪن ٿا. جيئن: غوثيھ، زينت الاخلاق، روضة الانبياءِ، مثنوي محبت نامھ وغيره.

پاڻ علم باطن کي رڳو علم ۽ تصنيف تاليف تائين محدود نه رکيو، پر ان کي عملي طور به اختيار ڪيو. ان ڏس ۾ پاڻ خواجھ محمد معصوم (بن امام رباني مجدد الف ثاني) جي اولاد مان هڪ ڪامل ولي حضرت خواجھ شيخ عبدالواحد کان نقشبندي سلسلي ۾ دست بيعت مريد ٿيو ۽ اهڙي طرح سرهندي خاندان جي ذريعي نقشبندي سلسلي جي فيض ۽ برڪت کان پاڻ کي بهرور به ڪيو.

مسلڪ ۽ طريقت جو سلسلو:

جيتوڻيڪ مسلڪاً تفضيلي شيعو هو، پر طريقت ۾ حضرت شيخ عبدالاحد (نقشبندي) سان نسبت هُئس. جڏهن ته سندس والد مير عزت الله کي مخدوم آدم ٺٽوي جي پوٽي ۽ مخدوم ابو القاسم نقشبندي جي فيض يافتھ ابوالمساڪين مخدوم محمد سان نسبت هئي ۽ ان کان دست بيعت هو. اهڙي طرح مير ’قانع‘ ”طومار سلاسل“ ۾ خود پنهنجو ۽ پنهنجي پيءُ جو الڳ الڳ طريقت جو شجرو هن ريت بيان ڪري ٿو:

مير عزت الله مريد ميان محمد جو، اهو مريد مخدوم ابو القاسم  نقشبندي جو، اهو مريد شيخ سيف الدين جو، اهو مريد پنهنجي ڀاءُ خواجھ معصوم ولد مجدد الف ثاني جو.

مير ’قانع‘ پنهنجي طريقت جي سلسلي جو هن طرح بيان ڪري ٿو:

مير علي شير ’قانع‘ مريد شيخ عبدالاحد جو، اهو مريد پنهنجي والد حاجي غلام معصوم جو، اهو مريد شيخ محمد اسماعيل جو، اهو مريد قيوم زمان محمد صبغة الله جو، اهو مريد خواجھ محمد معصوم ولد مجدد الف ثاني جو.

هنن کان علاوه هن خاندان جا ٻيا بزرگ به هن ئي نقشبندي سلسلي سان لاڳاپيل هئا. جيئن سيد رحمت عرف سيد متو ، سيد محمد ناصر، سيد عبدالله، سيد نعمت الله شڪر الاهي جو فرزند ۽ ٻيا ابو القاسم نقشبندي جي سلسلي ۽ ارادت جي حلقي ۾ داخل هئا.

اهو ئي سبب آهي ته شيعت ڏانهن مائل هجڻ جي باوجود هو نهايت وسيع المشرب هو. مير قانع جي مسلڪ ۽ وسيع المشربي تي سندس هي ڪجهه شعر شاهد آهن:

چو رافضي نه کُنم سرد دل به بُغض کسي

ز چهار يار درين دهر گرم محفل ما است

(مقالات الشعراءِ ص 605)

مقصد ته رافضين وانگر بُغض جي ڪري ڪنهن کان به دل ٿڌي نه ٿو رکان يعني ڪنهن اصحابي جو انڪار ڪونه ٿو ڪريان. هن زماني ۾ اسان جي محفل چئن يارن جي ذڪر سان آباد آهي.

بهر شکم به خويش نمايند شيعه نام،

حيدر به چشم شان است مگر ”حيدر کليچ“

(مقالات الشعراءِ ص 608)

مطلب ته پنهنجي پيٽ واسطي شيعو نالو ڏيکارين ٿو، حيدر انهن جي نظر ۾ آهي، مگر حيدر ڪليچ، (نه حيدرِ شيرِ خدا).

خارجي را نه بود علم الاهي معلوم

خبر از شهر چه دارد که ز در ميگزرد

(مقالات الشعراءِ ص 619)

خارجين کي الاهي علم معلوم نه هجي، اهو ماڻهو جيڪو دروازو ڇڏي، انهن کي شهر جي ڪهڙي خبر؟

نه بود عجب به ما نه شد ارصاف رافضي،

که دل ز گرد کينه اصحاب شسته ايم.

(مقالات الشعراءِ ص 237)

مطلب ته انهي لاءِ عجب نه ٿيڻ گهرجي ته اسان صاف رافضي نه ٿيا آهيون، ڇاڪاڻ ته دل کي اصحابن جي ڪيني جي گرد غبار کان ڌوئي ڇڏيوسون.

ز بغض وحُب احدي بيش و کم بر لب نه آريم

بود چون چهار عنصر اعتدال مهر اصحابم

مطلب ته ڪنهن به جي محبت ۽ دشمني مان گهٽ وڌائي زبان تي نه ٿو آڻيان، جڏهن چار عنصر هجن، مون کي اصحابن سان هڪجهڙي محبت آهي.

شعر ۽ شاعري:

پاڻ پڙهڻ واري زماني کان شعر ۽ سخن جو شوق رکندو هو. سال 1152هجري ۾ ٻارهن سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين. ٿوري وقت ۾ هڪ ضخيم ديوان تيار ٿي ويو. جنهن ۾ تقريباً اَٺ هزار شعر هئا. پر ان ديوان کي ڪجهه ذاتي سببن ڪري درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. ٻه سال خاموش رهڻ کان پوءِ 1155هجري ۾ وري شعر چوڻ لڳو. ان وقت مشهور استاد شاعر مير حيدر الدين ابو تراب ’ڪامل‘ جي صحبت ۾ سندس شاگردي اختيار ڪري شعر ۽ سخن ۾ مصروف ٿي ويو. پهريان ’مظهري‘ تخلص هوس، پر جڏهن هي سهڻو مقولو سندس نظر مان گذريو ته: ”عَزَّ مَن قَنَعَ“ يعني اهو عزت وارو ٿيو، جنهن قناعت ڪئي. ته ان وقت کان پنهنجو تخلّص ’قانع‘ (قناعت، صبر ڪندڙ) رکيائين. 

هن خاندان جي ماڻهن هميشه خوشحال زندگي گذاري. هر دور ۾ وقت جي حڪومت طرفان انهن کي انعامن اڪرامن سان نوازيو، جيئن سنڌ جي والي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي (1170هه-1186هه) مير ’قانع‘ کي سندس خاندان جي تاريخ لکڻ لاءِ ملازم مقرر ڪيو هو. هن بادشاهي حڪم تي ٻه تاريخون لکڻ شروع ڪيون هيون. هڪ شاهنامه جي طرز تي نظم ۾ ۽ هڪ نثر ۾، پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته، هن ڪم کي مڪمل ڪرڻ کان سواءِ ڇو ڇڏي ڏنو. هن ملازمت ڇو ڇڏي، واپس ٺٽي ڇو موٽي آيو؟

وفات:

مير ’قانع‘ چوهٺ سال عمر پوري ڪري 1203 هجريءَ ۾ هن فاني دنيا کان موڪلائي ويو. سندس والد جي وفات 1161هه ۾ ٿي هئي، ان وقت مير ’قانع‘ ايڪيهه سالن جو هو. مير ’قانع‘ جي قبر مڪلي تي سندس خانداني قبرستان ۾ آهي.

اولاد:

مير ’قانع‘ کي ٽن پٽن جو اولاد ٿيو: 1. غلام علي ’مائل‘، 2. علي ولي الله، 3. امير علي.

’قانع‘ جي ٽنهي پٽن مان مير غلام علي شاعر هو ۽ ’مائل‘ (لاڙو رکندڙ، جهُڪيل، نميل، خواهشمند، مشتاق) تخلص رکندو هو ۽ پنهنجي پيءُ جو صحيح جانشين بنيو. سندس سڀني روايتن کي قائم رکيو. سندس پونير ۾ به اهو شعر سخن جو ذوق هلندو رهيو. مثال طور مائل جو فرزند مير صابر علي ’سائل‘ تخلص رکندو هو. هن جو فرزند حسن علي هو، جيڪو ’ضياءَ‘ تخلص رکندو هو. ضياءَ جو فرزند مير صابر علي هو، جيڪو ’صابر‘ تخلص رکندو هو. مقصد ته هي گهراڻو علم ۽ ادب جو گهوارو رهيو آهي.

تصنيفات:

مير ’قانع‘ ٻارهن سالن جي عمر (1152هه) کان وٺي پنهنجي وفات 1203هه تائين لاڳيتو قلم کي هلايو. ان دوران هن گهڻا ڪتاب لکيا. سندس ڪتاب جتي علم ادب جي جهان جو سرمايو آهن ته اتي سنڌ جي علمي، ادبي، روحاني، ملڪي ۽ سياسي تاريخ جو بي بها خزانو آهن. مير قانع 41 ڪتاب لکيا آهن. (ماخذ: مقدمو مقالات الشعراءِ فارسي سيد حسام الدين راشدي ص 1 کان 30 ۽ مقالات الشعراءِ علي شير قانع، باب القاف قانع، ص 646-531)

(ڊاڪٽر صاحبزاده ابو الخير محمد زبير سندھ کے صوفیائے نقشبند"، جلد 1، رکن الاسلام  پبليڪيشنز، حيدرآباد، 1996ع، ترجمو ۽ تلخيص.


 

 

ذڪر مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي

مصنف تاريخ تحفة الڪرام

مخدوم شفيع محمد عرف عبدالخالق هاشمي

 

سنڌ جو يگانو شاعر ۽ سنڌ جي نالي کي پاينده رکندڙ بزرگ سيد علي شير قانع ولد مير عزت الله ٺٽوي شڪر الاهي سادات خاندان مان سنه 1140هه ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم کان پوءِ مخدوم رحمت الله ٺٽوي ۽ علامه معين ٺٽوي وٽ تحصيل علم جي ڪري خطئه سنڌ تي پنهنجي قابليت جو اظهار ڪيائين. مير صاحب ننڍپڻ کان وٺي موزون طبع ۽ سٺي ذهن جو مالڪ هو. ٻارهن سالن جي عمر ۾ موزون شعر چوڻ شروع ڪيائين. ۽ اوائل جواني ۾ 12 هزار شعر جو ديوان تيار ڪري پوءِ ڪنهن پور پوڻ سبب سڄو ديوان درياه داخل ڪري ڇڏيائين. ٻن سالن گذرڻ بعد استاد وقت مير حيدر الدين ابو تراب ’ڪامل‘ جي صحبت ۾ ڪجهه وقت رهيو ۽ سندس فرمان موجب ثانياً شعر گوئي جي زبان کوليائين. ان وقت سندس عمر پندرهن سالن جي هئي. ’مظهري‘ مان ڦيرائي ’قانع‘ تخلص مقرر ڪيائين ۽ چيدا چيدا مضمون نثر نظم جا لکندو رهيو. تان جو سندس قابليت جي خبر ڪلهوڙن حاڪمن جي درٻار ۾ پئجي وئي. ڪلهوڙن کيس گهرائي مقرب بڻايو. ميان نور محمد ۽ سندس فرزند مراد خان ۽ ان کان بعد ميان غلام شاهه جو علمي مصاحب ٿي رهيو. ميان صاحب مراد خان جي تخت نشيني جي موقعي تي سندس مدح ۾ ڪيترا شعر چيائين، جي ”مقالات الشعراء“ ۾ مندرج آهن. مير ’قانع‘ کان اڳ اهڙو قصيده اورنگ زيب عالمگير جي تخت نشيني وقت سيد محمد باقر گيلاني لکيو هو.

مير صاحب جو سنڌي ماڻهن تي سڀ کان وڏو احسان سندس ”تاريخ تحفة الڪرام“ آهي، جنهن مان سنڌ جو سمورو احوال معلوم ڪري سگهجي ٿو. سندس تصنيفات گهڻي آهي، مگر اڄ ڪلهه سندس سموري تصنيفات مان تحفة الڪرام ۽ مقالات الشعراءِ موجود آهن، باقي گم آهن. مير صاحب 63 سالن جي عمر ۾  ۾ سنه 1203هه ۾ رحلت ڪئي.(1)

(مخدوم الحاج شفيع محمد عرف عبدالخالق هاشمي ”تاريخ و تذڪره بزرگان سنڌ“ مخدوم عبدالرحمٰن شهيد اڪيڊمي درگاهه کهڙا، ضلع خيرپورميرس، سنڌ، 1997ع)

 

مير  علي شير ’قانع‘ ٺٽوي

 

ولادت: 1140هه/ 1727ع- وفات: 1203هه-1788ع)

معمور يوسفاڻي 

سيد مير علي شير ولد سيد عزت الله، ٺٽي جي شيرازي سيدن مان هو. سندس ولادت 1140هه ۾ ٿي. جيڪو سال ”خلق انسانا من السلاله“ مان نڪري ٿو. هي شرعي علم آخوند محمد شفيع (متوفي 1156هه) ۽ مخدوم محمد صادق (متوفي 1176هه) ۽ مخدوم نعمة الله (متوفي 1179هه) وٽ پڙهيو ۽ شاعريءَ ۾ سندس خاص استاد آخوند ابو الحسن ’بي تڪلف‘ هو.

غرض ته هي عالم، اديب، شاعر ۽ بهترين شخص هو. هن ڀڄ، سورت، ڄام ننگر ۽ سنڌ جي وڏن شهرن جي سفر ڪري، سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ”تحفة الڪرام“ جهڙو ناياب ڪتاب لکيو.

هي باطني فيض وارو به هو. ڪيترن بزرگن جي هٿ تي بيعت ڪئي هئائين. سندس تصنيفات مان تحفة الڪرام، مقالات الشعراءِ، طومار سلاسل گزيده، شجره اطهر اهل بيت، معيار سالڪانِ طريقت لاجواب ڪتاب آهن.

هن جي سڀني تصنيفن (جيڪي نثر ۽ نظم ۾ آهن) جو تعداد 42 کن آهي.

پاڻ 1203هه ۾ 64 ورهين جي عمر ۾ رحلت ڪيائين سندن وفات جون تاريخون ”عليه الرضوان“ ۽ ”ابشره بالجنة النعيم ابدا“ مان ڪڍيون اٿن.

سندس اولاد مان ڪئين عالم، دانشور ۽ مفڪر ٿي گذريا آهن.

(معمور يوسفاڻي ”شاهه ولي الله جا همعصر“ مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، سنڌ، 2004ع)

 

مير  علي شير ’قانع‘ ۽ تحفة الڪرام/ تذڪرة العظام

 

ڊاڪٽر علي اڪبر ”اسير“ قريشي

مير علي شير جو تعارف:

مقالات الشعراءِ ۽ تحفة الڪرام جهڙن ڪتابن جو مصنف ۽ محقق مير علي شير سنڌ جو بي مثل مورخ ۽ بي بدل شاعر هو. مير علي شير 1140هه ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو عزت الله (متوفي 1161هه) هو. اهو دور ميان نور محمد جي تخت نشينيءَ وارو دور آهي، يعني ميان نور محمد کي پنهنجي والد ميان يار محمد جو موروثي گاديءَ تي ويٺي ٺيڪ ڏهن سالن جو عرصو ٿيو هو، جو مير علي شير ڄائو. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو:

”مير علي شير جنهن وقت ڄائو (1140هه)، ان وقت عبدالجليل جو فرزند مير سيد بلگرامي (33-1155هه) سنڌ ۾ موجود هيو، ۽ سندس ٻالجتيءَ وقت مير غلام علي آزاد به (43-1147هه) هتي هو. مير علي شير ’قانع‘ تصنيف ۽ تاليف لاءِ هٿ ۾ قلم کنيو، ان وقت جن مصنفن کان متاثر ٿيو، يا جن جي ڪتابن کي هن پنهنجي سامهون رکيو، انهن مان بلگرامي جون تصنيفون برک هيون (قانع 17-1961ع).

مير علي شير عالم، فاضل، اديب، علم دوست، علم پرور ۽ صاحبِ ڪمال شآعر هو، جو سندس تصنيفون ئي گواهه آهن. مير صاحب جي علم، فضل ۽ ادب جي تفصيل کان ته هر ڪوئي واقف آهي، جيترو نثر جو ڄاڻو هو ۽ اوترو وري يا ان کان وڌيڪ نظم تي ملڪو ۽ مهارت هيس. ڪلهوڙن کان اڳ پوري هندستان تي مغلن جو تسلط ۽ زور هو. عالمگير جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس اهو زور نه رهيو ۽ سندن مرڪزي حڪومت هوريان هوريان ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي. سنڌ تي مغلن جو حڪم هلندو هو، ڇو ته سنڌ ان وقت مغلن جي ماتحت هئي. آخرڪار هندستان ۾ آزاديءَ جي هلچل باهه وانگر ڀڙڪو کائي اٿي، جنهن جي نتيجي ۾ مرڪزي حاڪميت ۽ بادشاهت روز بروز ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ سنڌ به ان باهه جي تَوَ کان بچي نه سگهي. آخر سنڌ به آزاديءَ جي واويلا مچائي تحريڪ شروع ڪئي، جنهن جي ڪري سنڌ جي مقامي خاندان ڪلهوڙن، مغلن کان سنڌ آزاد ڪرائي پنهنجي خود مختيار حاڪميت جو پايو وڌو. سندن پهريون حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙو هو. هن 1701ع کان 1718ع تائين حڪومت هلائي. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان نور محمد  حڪومت جي گاديءَ جي وارثي هٿ ڪئي ۽ حڪومت هلائڻ لڳو. هن جي دور ۾ مغلن جو سنڌ تان بلڪل زور ختم ٿي ويو ۽ ميان نور محمد آزاديءَ سان حڪومت ڪرڻ لڳو. ان وقت مير علي شير جي عمر يارنهن سال هئي. جڏهن نادر شاهه دهليءَ تي ڪاهه ڪري ڦرلٽ ۽ خونريزي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ڏانهن پيش قدمي ڪئي، تڏهن نادر شاهه جي دٻدٻي ۽ دهشت سنڌ کي پڻ لوڏي ڇڏيو ۽ ميان نور محمد جون وايون بتال ٿي ويون. جڏهن نادر شاهه لاڙڪاڻي ۾ لٿو، تڏهن سنڌ کي خوف ۽ ڏهڪاءُ  ڏڪائي ڇڏيو، جو هنن چوڻين ”نادر به نادر آ، پر قادر به قادر آ“، ”نادر ته پويان ڪونه پيو اٿئي؟“ وجود ورتو ۽ اڄ تائين مشهور آهن. نادر شآهه ايڏو ظالم هو، جو سندس ظلم جا داستان اڄ به ماڻهن جي زبان تي حاوي آهن. نادر جو ٻڌي ميان نور محمد لاڙڪاڻو ڇڏي، عمرڪوٽ هليو ويو ۽ نادر به لشڪر سميت پٺيان پئجي ويس. آخر عمرڪوٽ پهچي کانئس هڪ ڪروڙ روڪ رقم وٺي، ويهه لک ساليانو ڏنڊ (ڍل/ڏن) جي چٽي مٿس رکيائين. اهڙيءَ ريت سندس عظيم ڪتبخانو ۽ سندس ٻه فرزند پاڻ سان وٺي ويو. اهو خون خرابو ۽ لٽ مار ۽ مار ڌاڙ ۽ بادشاهيءَ جو دٻدٻو مير علي شير پنهنجي اکين سان ڏٺو۽ ڪنن سان ٻڌو هوندو . اهڙي سياسي ماحول ملڪ ۾ افراتفري، بيقراري ۽ بيچيني پکيڙي ڇڏي ۽ ظاهر آهي ته مير علي شير تي پڻ اهڙي ماحول جو نهايت گهرو ۽ گهاٽو اثر پيو هوندو.

ٺٽي لاءِ مشهور آهي ته ٺٽو علم جو گهر هو، منجهس سوين مدرسا ۽ مڪتب موجود هئا، جتي هزارين طالب اچي علم جي اڃ اجهائيندا هئا. علم حاصل ڪري وڃي پنهنجو مدرسو/ مڪتب کوليندا هئا يا وري اهڙي ڪنهن مڪتب/ مدرسي ۾ وڃي درس ڏيندا هئا. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:

”مير علي شير جي پيدائش کان ٽيهه ورهيه اڳ 1111هه/1699ع ۾ هڪ انگريز سياح مسٽر هئملٽن ٺٽي آيو، جنهن ٺٽي جي علمي برتريءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته: شهر ۾ چار سئو دارالعلوم موجود آهن، جن ۾ هزارين طالب علم، رات ڏينهن تعليم پرائڻ ۾ مشغول آهن، انهيءَ زماني جي ٺٽي ۾ مير علي شير تعليم حاصل ڪئي ۽ تربيت پرائي“ (قانع 26-1989ع).

هن مان ظاهر آهي ته مير علي شير ٺٽي جهڙي علمي شهر ۾ تعليم ورتي ۽ شهرت حاصل ڪئي. مير صاحب ٻارنهن ورهين جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو، تان جو هڪ پورو ديوان جوڙيائين، جنهن ۾ شعر جون سڀئي صنفون موجود هيون. مير ’قانع‘ پنهنجو تخلص پهريون ’علي شير‘، بعد ۾ ’مظهري‘ ۽ ان کان پوءِ ’قانع‘ اختيار ڪيو، جيڪو عمر جي آخري گهڙيءَ تائين سندس نالي سان ڳنڍيل رهيو ۽ اڄ به انهيءَ لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو.“ مير علي شير جي مطالعي جي باري ۾ پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:

”مير صاحب جو دور جيتري قدر سياسي ۽ ملڪي حالتن سبب اونداهو ۽ اوندوهناڪ هو، ايتري قدر علمي ۽ ثقافتي لحاظ سان روشن ۽ خوشگوار هو. هڪ ئي وقت سوين مدرسا علم آموزيءَ لاءِ آباد هئا، هر هڪ گهراڻو ۽ هرهڪ فرد علم جو مرڪز ۽ منبع هو، هر علم دوست جي اوطاق ۽ بيٺڪ ”اڪيڊميءَ“ جو ڪم ڏيندي هئي. هر هڪ عالم، اديب ۽ شاعر وٽ جدا جدا ڪتبخانا هوندا هئا، گهرن ۽ اوطاقن ۾ رستن تي، دڪانن ۽ بازارن جي چوراهن تي، علم پرورن جون ملاقاتون، محبتون، مجلسون ۽ مشاعرا، صبح شام ۽ رات ڏينهن ٿيندا رهندا هئا. (قانع 43-1989ع).

اهو بلڪل صحيح ۽ درست آهي ته، ٺٽو علم جو ڳڙهه ۽ مرڪز هو. ان وقت هر ماڻهو پڙهيل، اديب، شاعر ۽ عالم هو، هر ڪنهن وٽ ڌار ڌار مجلس ۽ مشاعرا ٿيندا هئا. ڪوبه گٿو يا خراب لفظ ڪونه ڳالهايو ويندو هو، هر ڪو علم جي دائري ۾ هوندو هو، ناصحانا نڪتا ۽ اديبانه گفتا ماڻهن کي موهي وجهندا هئا. اهڙي عرصي ۾ مير صاحب کي سٺا ۽ بهتر دوست ۽ علم پرور ماڻهو مليا، جن وٽان هن فيض حاصل ڪيو.

”مير علي شير کي اهڙا معاصر ۽ انهيءَ قسم جا همعصر شاعر مليا، ۽ اها علمي فضا ۽ ادبي ماحول نصيب ٿيو، جن علمي محبتن ۽ ادبي مجلسن جو هن پورو پورو فائدو حاصل ڪيو. انهن مدرسن ۾ هن علم پرايو ۽ انهن دارالعلومن ۾ هن عربي ۽ فارسي زبانن تي قدرت ڪامله حاصل ڪئي ۽ انهن ڪتابن جي هر هڪ ڪتاب جي هن ورق گرداني ڪئي ۽ ڪتابن جي هر هڪ جلد مان هن مطلب ۽ مواد اخذ ڪيو. ڪتبخانا نه فقط هن ٻين جا به ڏٺا، بلڪه خود سندس پنهنجو ذاتي ڪتبخانو ايڏو عظيم الشان هو ۽ ان ۾ ايترا نادر مخطوطا موجود هئا، جو اڄ به ان جي فهرستن ۽ ان جا باقي بچيل ڪتاب پڙهي ۽ ڏسي حيرت وٺيو وڃي ٿي.“ (قانع 44-1989ع).

مير علي شير جي ڏاهپ ۽ علمي بصيرت، دانائي ۽ عقلمندي، فهم ۽ فراست جي ڪيترن ئي اديبن، عالمن ۽ سوانح نگارن خوب ساراهه ڪئي هوندي، مگر پير حسام الدين راشدي سڀني کان ممتاز ۽ گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي، جيڪو سڌي يا اڻ سڌي طرح مير صاحب جي تعريف ۾ هر دم هڪيو حاضر نظر اچي ٿو. مير صاحب جي ادبي ۽ علمي خدمتن تي جيترو پير صاحب ڪم ڪيو آهي، شايد اوترو ڪم يا ان جي برابر ڪنهن اديب ۽ عالم ڪيو هجي! اهو هزار بار آفرين پير صاحب کي ڏئي سگهجي ٿو، جنهن مير علي شير جي سوانح ۽ سندس ادبي ڪم تي جيڪا عالمانه، محققانه ۽ اديبانه نگاهه وڌي آهي، سا هر پڙهندڙ اديب ۽ عالم جي اڳيان آهي. مير صاحب جو هر هڪ ڪتاب وڏي قدر و قيت جو مستحق آهي.

آخرڪار سنڌ جو هيءُ باڪمال شاعر، عظيم المرتبت اديب ۽ مورخ 1203هه ۾ چوهٺ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌ جي هن محسن اعظم جي آخري آرامگاهه اڄ تائين هڪ ڳجهارت بڻيل آهي.

تحفة الڪرام جا ڇپيل ايڊيشن:

پير حسام الدين راشديءَ، مير علي شير جي سوانح حيات ۽ سندس زندگيءَ جي لاهن چاڙهن، حالتن ۽ واقعن تي مفصل روشني وڌي آهي ۽ مير صاحب جي ڪيل علمي ۽ ادبي ڪم کان گهڻو متاثر نظر اچي ٿو، جنهن ڪري سندس علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي نهايت خوبيءَ سان روشناس ڪرايو اٿائين. سڀ کان پهريائين مير صاحب جي زندگي، علمي ۽ ادبي خدمتن ۽ سندس دور ۾ ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي ۽ معاشرتي مصلحتن، حڪومتن جي مٽا سٽا ۽ ردوبدل ۽ بادشاهن جي قهري ڪاررواين کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي پهلوئن تي لکي ٽماهي مهراڻ 2/1956ع جي پرچي ۾ ڇپرايائين. جنهن بعد اهو ساڳيو مقالو تحفة الڪرام جي سنڌي ۽ اردو ايڊيشن ۾ شامل ڪرايائين. اهڙي طرح اها ئي ساڳي سوانح حيات/ مقالو پنهنجي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ (1981ع) ۾ درج ڪيائين. اهڙي ئي اعتبار کان مير علي شير جو نالو هڪ اديب، عالم ۽ شاعر جي حيثيت سان علمي ۽ ادبي حلقن ۾ عام ٿيڻ لڳو ۽ سندس ڪيل ڪم جو هر ڪو معترف ٿيو. اهو پير صاحب ئي آهي، جنهن مير ’قانع‘ ۽ سندس ادبي ۽ علمي خدمتن کي هر جاءِ متعارف ڪرايو. پير صاحب جي ڪيل تحقيق، جستجو ۽ علمي بصيرت مان پڌرو آهي ته مير علي شير جي نظم ۽ نثر ۾ تصنيفن جو ڳاڻاٽو ٻائيتاليهه آهي، جن مان تحفة الڪرام به هڪ آهي. تحفة الڪرام جي باري ۾ پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:

”مير صاحب مشاهيرن جو تذڪرو ۽ سنڌ جي قديم شهرن جي تاريخ تي جيڪا تحقيق ۽ تلاش ڪئي، اها قابل داد ۽ اڻ وسرڻ جوڳي آهي. حقيقت ۾ محنت ۽ زحمت برداشت ڪرڻ ۾ مير صاحب ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اڄ کان پوڻا ٻه سئو ورهيه اڳ مير صاحب اهو مواد گڏ نه ڪري وڃي ها ته، هوند مشاهيرن  کان اهو خزانو اوجهل رهي ها!

تذڪرة العظام/ تحفة الڪرام جو تعارف:

تحفة الڪرام کان ته هر ڪو واقف ۽ آشنا ٿي چڪو آهي. هيءُ تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب مڪمل ٽن جلدن تي مشتمل آهي، ليڪن هن جو آخري (ٽيون) ڀاڱو سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ تي روشني وجهي ٿو. مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سندس ئي دور ۾ علم ۽ ادب ۾ علامھ عدايت الله نجفي ’تارڪ‘ جو وڏو نالو آهي، جنهن شعر و شاعريءَ جي هر صنف ۽ موضوع تي لکيو آهي ته وري ٻئي پاسي نثر ۾ طبعزاد ۽ ترجمن جي صورت ۾ ڪتاب لکي، نثر جي هر هڪ مضمون ۽ عنوان سان ملهايو آهي. علامه ’تارڪ‘ جي ڇڏيل ادبي ذخيري مان صرف 45 ڪتاب سيد ’اظهر‘ گيلانيءَ وڏي محنت ۽ جستجوءَ سان گڏ ڪري ”علامه تارڪ لائبريري“ گهوٽڪي ۾ محفوظ ڪيا آهن. (علامه تارڪ جو هيءُ شاگرد رشيد سيد اظهر گيلاني 2006ع ۾ هيءُ ڏيهه ڇڏي پرڏيهه وڃي چڪو آهي، جتان ڪو به نه موٽيو آهي). علامه نجفي ”تحفة الڪرام“ جو ترجمو ”تذڪرة العظام“ جي نالي سان ڪيو آهي. ”تذڪرة العظام“ وڏو عرصو گمناميءَ جي گوشي ۾ هو، جيڪو وڏي جاکوڙ ۽ ولوڙ کان پوءِ دستياب ٿيو آهي. هيءُ علامه جي قلم جي زمين مان نڪتل اهڙو ئي جوهر پارو ۽ شهپارو آهي، جو سٽ سٽ ۽ اکر اکر مان کنوڻ جو تجلو ٿي ادب جي ميدان تي کيوي ۽ چمڪي ٿو. ڪتاب جي سٽ سٽ مان سمجهجي ٿو ته علامه ’تارڪ‘ مذڪور ڪتاب سان، ننڊون ڦٽائي، اکين کي اوجاڳا ۽ تن کي تسيا ڏيئي، پورو پورو نباهه ڪيو آهي. ڪتاب جو ترجمو پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي، ته ڄڻ اصلي حالت ۾ لکيو ويو آهي. هن درويش ۽ علم پرور جي تحرير کي جڏهن پڙهجي ٿو ته ائين ٿو ڀانئجي، ته سندس سٽ سٽ ۽ اکر اکر ۾ ڪو جادوئي اثر رکيل آهي، جنهن ڪري پڙهندڙ ان ڪيفيت ۾ پر ڪيف ٿيو وڃي ۽ ان کان هرگز بچي به نٿو سگهي. اهو ان اثر جو ئي تاثير ۽ ڪمال چئي سگهجي ٿو.

”تذڪرة العظام“ جي تاريخي ماخذ طور اهميت ۽ حيثيت موضوع سان مطابقت ۽ مماثلت رکندڙ ڇاپي ۽ قلمي ڪتابن جي ڀيٽ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو، ته سندس درجو ڪيترو نه بلند ۽ بالا آهي. هيءُ ماخذ هڪ مستقل علمي ادبي ۽ تاريخي ڪارنامو آهي، جيڪو علامه ’تارڪ‘ سرانجام ڏنو آهي. علامه نجفي، تحفة الڪرام جي نه فقط ترجمي تي اڪتفا ڪئي آهي، بلڪه ان کي بنياد بنائي هڪ مستقل تصنيف ۽ تحقيق ۽ ترجمي جي راهه هموار ڪئي آهي. علامه نور نچوئيندي جيڪا محنت ڪئي آهي، سا سنڌي ترجمه نگاريءَ جي تاريخ ۾ مٿانهون مقام ثابت ٿيندي، هفت زبان شاعر، عالم، فاضل، ڪامل ۽ عامل علامه محمد هدايت علي نجفي ’تارڪ‘ هن تاريخي ڪتاب جو ترجمو 24 جون 1937ع کان شروع ڪري، 11 فيبروري 1938ع تي آچر جي ڏينهن، ٽپهريءَ جي وقت، عالي واهه جي ڪپ تي ويهي، شهر لالو رائنڪ ۾، ساڍن ستن مهينن جي لڳاتار محنت ۽ مشقت بعد مڪمل ڪيو. جنهن وقت هن ڪتاب جو فارسيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو هو ته، ان وقت معشوق الاطباءِ ۽ ممتاز الاطباءِ قاضي عبدالڪريم (لالو رائنڪ) ڏانهنس خط لکي ڪتاب جي گهر ڪئي، جنهن ۾ قاضي صاحب لکي ٿو ته:

”جناب خواجه تارڪ علي شاهه صاحب جميل المناقب:

السلام عليڪم ورحمتة الله جي گذارش ته مولوي محمد حفيظ الرحمان بهاولپوري صاحب جن ڪتاب تحفة الڪرام ٻن ڪلاڪن لاءِ مطالعو ڪرڻ واسطي گهرايو آهي، تنهن ڪري نوازش فرمائي ”تحفة الڪرام“ موڪلڻ فرمائيندا. ٻپهري بعد واپس ڪري ڏينداسين. (بند و معشوق الاطباءِ).

هن خط جي جواب ۾ قاضي عبدالڪريم کي لکي موڪليائين ته: ”مان ڪتاب جي ترجمي ۾ مصروف ۽ مشغول آهيان، مون وٽ اهڙو ٻيو ڪتاب موجود نه آهي، جنهن تي ڪم ڪيان يا ان جو مطالعو ڪريان.“

هن خط جي جواب کان پوءِ ٿي سگهي ٿو ته قاضي عبدالڪريم ڪتاب جي پچر ئي ڦٽي ڪئي هجي يا علامه ’تارڪ‘ کيس گهڙي پل لاءِ اها تاريخ موڪلي هجي، اهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي. مگر ’تارڪ‘ سائين جيڪو خط جو جواب ڏنو، سو هو بهو هت ڏجي ٿو. علامه ’تارڪ‘ خط ۾ لکي ٿو ته:

”حضرت معشوق الاطباءِ ممتاز الحڪماء سليم عليم ڪليم عبدالڪريم، عن شيطان رجيم سلمه الرحيم. السلام عليڪم، هيءُ بندو ڪتاب تحفة الڪرام ويٺو ترجمو ڪري ٿو، ”ڪتيءَ کي... ۾ سور، سرائيءَ کي بڇ تي زور“ هاڻي ڪم ڪيئن سيڙايان، جيئن چئو تيئن ڪجي. ٻِه پهريءَ جو موڪليندئو، تيسين ڇا ڪريان. سمهي پوان، ننڊ نه ٿي اچي، پئسو ڪونهي جو جوا کيڏان، نه ڪو نئون ڪتاب هٿ ۾ آهي، جو اُهو مطالعو ڪريان، نه ڪو گرامو فون آهيم ته وڄائي محو ٿي وڃان. جيئري مران، جسم کان بي خبر ٿيان، نه ڪو معشوق آهي، جنهن جي زلف جي ڦاهي کائي لڙڪان يا سندس ڳٽان پٽيان. قياس ته ڪر، ميهر جت، وانگي ”اڃا سرندو وهاڻي کڻي خدا جو نانءُ ٿا وٺون ته مرشد بخشڻ شاهه کي ٽانڊي کڻڻ جي ٿي لڳي.“ عرض ڪرڻ واجب، آئينده اسان جي ڳچي اوهان جي هٿ ۾، روليو، ٽوليو، رلايو پنايو پٽايو، جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو“ مرده بدست زنده- تارڪ علي.

هن خط مان اسان کي اها نصيحت حاصل ٿي ٿئي ته، جيڪو ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ مشغول ۽ مصروف هجي ته، کيس ان ڪم کان نه روڪجي ۽ نه وري ڪو سندس ڪم ۾ رخنو وجهجي. علامه سائين جي هنن سٽن مان اهو سبق سکڻ گهرجي ته، ڪنهن جي به نيڪ ڪم ۾ رنڊڪ نه وجهجي ۽ نه وري رستو روڪجي. ائين ڪرڻ سان هلندڙ ڪم اڌ ۾ رهجي ويندو، ڇو ته جڏهن علامه ’تارڪ‘، تحفة الڪرام جي ترجمي ۾ محو آهي، تڏهن کانئس ڪتاب جي گهر ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري مٿين سٽن جي لکڻ تي مجبور ٿيو آهي. جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪتاب مو جود هجي ها ته، شايد هيءُ ڪتاب (تحفة الڪرام) قاضي صاحب کي ٻن ڪلاڪن ته ڇا، پر ٻٽن ڏينهن لاءِ به موڪلي ڏئي ها. هن مان اهو ظاهر آهي ته ٻيو ڪتاب موجود نه هئڻ ڪري قاضي صاحب کي مذڪور ڪتاب موڪليو نه ويو آهي، والله اعلم!

’تارڪ‘ فقير جو ترجمو ڪيل تذڪرة العظام (تحفة الڪرام) سال 1938ع کان وٺي اڄ تائين گمناميءَ جي گوشي ۾ رهندو آيو آهي، جيڪو هينئر دستياب ٿيو آهي. اها اسان جي خوش بختي ۽ خوش قسمتي چئبي، جو ناياب ۽ لاجواب سوکڙيءَ تائين رسائي ٿي آهي ۽ اها نادر چيز زير نظر آهي. ’تارڪ‘ فقير پنهنجي دور جي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. جنهن کي اڄ جو ماڻهو مشڪل سان سمجهي سگهندو. هرو ڀرو ايڏي ڏکي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل نه آهي، پر تنهن هوندي به مٿا ڪٽ ڪرڻ کان سواءِ مقصد حاصل نه ٿي سگهندو. هن وقت هيءُ ترجمو گهڻي وقت ۽ تحقيق جو گهرجائو آهي، آفرين صد آفرين آهي. علامه ’تارڪ‘ کي جنهن فارسي ٻوليءَ مان ”تحفة الڪرام“ کي تبديل ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ ”تذڪرة العظام“ نالي ناياب وٿ کان واقف ڪيو آهي. هن پنهنجو نور نچوئي اسان تي وڏو ٿورو ٿڦيو آهي. سنڌ جي هن علمي ۽ ادبي ذخيري کي غور و خوض سان جاچڻ ۽ ڏسڻ ۽ ان سان عشق جي حد تائين عشق ۽ چاهه رکڻ علامه ’تارڪ‘ جي بصيرت ۽ دانشمنديءَ جو هڪ روشن ۽ چٽو  ثبوت آهي، جنهن مان اسان کي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي نيڪ نيتيءَ سان، نصيحت ڪرڻ کپي ته جيڪر پنهنجي علمي، ادبي ۽ قلمي ذخيرن ڏانهن هر لحاظ کان اڳين جي واٽ وٺي، چڱو چوکو ۽ جوڳو ڌيان ڌريون.

”تذڪرة العظام/ تحفة الڪرام“ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل ۽ 784 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ”تحفة الڪرام“ جي ٽنهي جلدن جو مڪمل ترجمو آهي، هن جو پهريون ڀاڱو: 01 کان 110 صفحا، ٻيو ڀاڱو: 111 کان 528 صفحا ۽ ٽيون ڀاڱو: 529 کان 784 صفحا آهي (تارڪ 1938ع).

هر هڪ حصي ۾ آيل مواد ڪنهن به دلچسپيءَ کان خالي نه آهي، منجهس چاهت جي چس ۽ چاشني سمايل آهي. تاريخ جو موضوع خشڪ به هوندو آهي ته دلچسپ به . علامه نجفيءَ تاريخ جهڙي خشڪ موضوع کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي، ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ تبديل ڪري هڪ ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. مذڪور تاريخ جي جائزي مان معلوم ٿو ٿئي ته، هر هڪ ڀاڱي کي آغاز کان انجام تائين پهچائڻ ۾ علامه سائين ڪا به ڪسر باقي نه ڇڏي آهي. جيڪڏهن هيءُ تاريخي ڪتاب ڇپجي ادب جي ميدان تي ايندو ته، يقينن پاڻ کي اڻ ملهو ثابت ڪندو. هن مان اهو به پتو پوي ٿو ته هيءُ ترجمو نه فقط جاندار ۽ شاندار آهي، جو پڙهندڙن جي دلين ۾ نئون اتساهه، نئون ولولو ۽ جوش ۽ جذبو جاڳائيندو، ليڪن پڙهندڙن کي گهڙي گهڙي پاڻ ڏي مائل ڪري، پڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو.

جيڪڏهن تذڪرة العظام سنڌي ادبي بورڊ يا پير حسام الدين راشديءَ کي حاصل ٿئي ها، ته شايد علامه نجفي ’تارڪ‘ جا وڏا ڳڻ ڳائين ها ۽ پير صاحب ته علامه جي ساراهه ڪندي ڪندي ٿڪجي پوي ها. جيئن مير صاحب جي واکاڻ ڪندي ڍاپيو ئي نه آهي، تيئن علامه جي تعريف مان به رڄ ئي نه ڪري سگهي ها. افسوس آهي جو کيس هيءُ مخطوطو حاصل ٿي نه سگهيو ۽ سالن پڄاڻان هن فقير کي کوجنا ڪندي اهو ناياب نسخو مليو. اهڙيءَ ريت هن تذڪري جي ملڻ کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ کي ڪنهن به عالم کان ”تحفة الڪرام“ جي ترجمي ڪرائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي ها، ويتر علامه نجفيءَ جا سدائين ڳڻ ڳائجن ها. اڃا وقت نه ويو آهي، جو هيءُ مسودو نظر انداز ڪري ڇڏجي، تنهنڪري اهو اڻٽر ٿي پيو آهي، ته ڪنهن به صورت ۾ وڌيڪ تحقيق ۽ تفتيش ڪري هيءُ قلمي نسخو، مروج ٻوليءَ ۾ تبديل ڪري اشاعت هيٺ آڻجي، ته جيڪر سونَ تي سهاڳي جو ڪم ڏيندو، يا جيئن ۽ جنهن صورت ۾ آهي، تيئن ئي ڇپائي پڌرو ڪجي ته به سٺو عمل ٿيندو ۽ ضايع ٿيڻ کان بچي پوندو. اهڙي ئي طريقي سان علامه جي محنت سڦلي ۽ سجائي ٿيندي ۽ علمي ۽ ادبي دنيا ۾ نئون رنگ لائيندي ۽ نئين هلچل مچائيندي. جيسين هيءُ ترجمو شايع ٿي پڌرو نه ٿو ٿئي، تيسين هن ترجمي جي اهميت، حيثيت ۽ افاديت جي پرک ۽ پروڙ نه پئجي سگهندي.

مولانا حفيظ الرحمان بهاولپوري تحفة الڪرام کان اڳ علامه ’تارڪ‘ جي هڪ ڪتاب ”تذڪرة الشعراء سنڌ“ ”سنڌي زبان، مان ”سندهه ڪي شعراءَ ڪي تاريخ“ جي نالي سان اردو ترجمو ڪري، بهاولپور مان سال 1945ع ۾ اشاعت هيٺ آندو. علامه جو سنڌي مسودو گم آهي، جنهن تان مولوي صاحب ترجمو ڪيو. اهڙيءَ طرح تحفة الڪرام جو ترجمو ڪرڻ لاءِ بهاولپور مان ڪهي لالو رانوڪ آيو ۽ قاضي صاحب جي معرفت ۽ رفاقت سان علامه نجفيءَ کان ”تحفة الڪرام“ گهريائين. اهڙو بيان اڳ ۾ ڪري آيو آهيان، ليڪن بعد ۾ قاضي عبدالڪريم هن جي شوق کي ڏسي، کيس ”تذڪرة العظام“ کڻي وڃڻ لاءِ ڏنو، جنهن جو سنڌي ٻوليءَ مان اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو پورو ڪري 20 جولاءِ 1947ع تي اصل نسخو واپس آڻي قاضي صاحب کي ڏنائين. اهڙي ئي خاطر خواهي جي ڪري مولوي حفيظ الرحمان هزارين ٿورا ڳائيندو هليو ويو. اها مولوي صاحب جي سچائي، صداقت، ايمانداري چئبي، جو ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ به اصل شيءِ حقيقي مالڪ جي حوالي ڪيائين. مگر قاضي صاحب جي پڻ ستيا ڏسو، جو مولانا کي قلمي ۽ قيمتي سرمايو ضمانت ۽ لالچ کانسواءِ ئي ڏنو هئائين.

وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مولوي محمد حفيظ الرحمان جو اهو اردو ۾ ڪيل ترجمو اڄ تائين ظاهر نه ٿيو آهي ۽ دستياب ٿيڻ ناممڪن ٿو لڳي. ٿي سگهي ٿو ته هيءُ اردو مسودو ناپيد ٿي ويو هجي، يا ڪنهن جي گهر ۽ لائبريريءَ جي زينت بڻيل هجي، جنهن تائين رسائي ڪرڻ مشڪل ۽ محال ٿي سمجهه ۾ اچي.

علامه نجفي سائينءَ جو ڏنل پنهنجو دستخطي نسخو، لالو رانوڪ جي قاضي عبدالڪريم نصرت جي پوين وٽ موجود ۽ محفوظ ۽ اڄ به صحيح ۽ سالم صورت ۾ آهي. هن نسخي (تذڪرة العظام) جي ٽنهي جلدن جي فوٽو ڪاپي هن فقير وٽ آهي.

درحقيقت علامه ’تارڪ‘، مير ’قانع‘ جي فارسي ٻوليءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي صورت بخشي، وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ مصنف جي ٻوليءَ سان پڻ وڏو نباهه ڪيو اٿس، جنهنڪري مير ’قانع‘ جي محنت صد بار نکري نروار ٿي پئي آهي. نجفي سائين، مير صاحب جي اکر اکر ۽ سٽ سٽ ۽ هر جملي جو ترجمي ڪرڻ مهل، خاصو خيال رکيو آهي ته جيئن مير ’قانع‘ جي ڪيل محنت کي ڇيهو نه رسي ۽ سندس محنت برقرار رهي.

حوالا:

1.      تارڪ، علامه محمد هدايت علي نجفي، (1938ع)، ”تذڪرة العظام، ترجمه تحفة الڪرام“ (قلمي)

2.     قانع، مير علي شير (1961ع)، ”مثنويات و قصائد قانع“ (فارسي) مرتب: پير حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/ حيدرآباد.

3.     قانع مير علي شير (1989ع)، مترجم: مخدوم امير احمد، ”تحفة الڪرام“ سنڌي، ٽيون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/ حيدرآباد.

4.     شوق، نواز علي ڊاڪٽر (1978ع)، ”علامه تارڪ جو سنڌي ڪلام“ ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان، پي ايڇ.ڊي سنڌي لاءِ لکرايل تحقيقي مقالو (اڻڇپيل).

(ڇهه ماهي/ سالانه ”سنڌي ادب“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، جلد 22، 2008ع، تلخيص مقالو: ڊاڪٽر علي اڪبر ”اسير“ قريشي)

(1)  مقالات الشعراءِ فارسي، ص 114، 150، 339، 359، 817، مطبوعه ڪراچي، 1957ع.

(1)  سنڌ جي ساداتن مان مشهدي، انجوي شيرازي، شڪر الاهي شيرازي، سبزواري عرب شاهي، بخاري، امير خاني، خواجگاه علوي ۽ سادات حسيني مشهور ٿي گذريا آهن. سادات شڪر الاهي شيرازي جو شجرو قاضي نور الله شوستري جي تاريخ ”مجالس المومنين“ ۾ ڏنل آهي، جيڪا ايران ۾ 1299هجري ۾ ڇاپي ويئي. ٻي تاريخ ”حبيب السير“ لکيل مرزا غياث الدين خوند مير (وفات 943هه) ۾ ڏنل آهي، جيڪا 1273هجري ۾ بمبئي مان شايع ٿي. ازانسواءِ ”روضة الصفا“ مير خوند (وفات 903هه) ۾ ڏنل آهي، جا 1832ع ۾ يورپ مان شايع ٿي. امين احمد رازي جي ”هفت افليم“ قلمي نسخي ۾ لکيل آهي ته قاضي شڪر الاهي بن وجيھ الدين بن نعمت الله بن عرب شاهه بن نسيم الدين بن مير ڪشاه بن عطا الله محدث بن فضل الله بن عبدالله الحسيني الاسڪي شيرازي پهريائين هرات کان قنڌار پهتو، مرزا شاه حسن جي ڏينهن ۾ ٺٽي جو قاضي مقرر ٿيو. شاه بيگ ارغون سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. (تحفة الڪرام، جلد ٽيون، ص 193).

(1)  سندس مزار مڪلي تي شيخ اسحاق پوٽھ جي مزار جي ويجهو آهي. مقالات الشعراءِ باب القاف قانع.

(1)  تفصيل لاءِ ڏسو سيد حسام الدين راشدي جي مقالن جو مجموعو ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ص 515 کان 568 تائين سال 1981ع (نواز علي شوق).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org