سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مير علي شير قانع ٺٽوي

باب:

صفحو:7 

علي شير ’قانع‘ ٺٽوي

 

محمد الناصر اديب

مترجم: عبدالرسول قادري

سندس علي شير نالو، ’قانع‘ تخلص ۽ ٺٽوي، وطن جي نسبت سان آهي. والد جو نالو مبارڪ مير عزت الله هو. هن جوخاندان پُشتان پُشت علمي ۽ روحاني لحاظ کان نهايت ممتاز رهيو. دنيا دولت جي خوشحالي ۾ به ڪنهن کي ڏکيو ڏينهن ڏسڻو نه پيو. هي خاندان گهڻي عرصي کان سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهر ٺٽي ۾ رهاڪو هو. اتي مير علي شير ’قانع‘ سال 1140هجري/ 1728ع ۾ ڄائو. کيس ٻيا به پنج ڀائر هئا:

فخر الدين، يار محمد، محمد امين، محمد صلاح ۽ ضياءُ الدين ’ضياء‘ جڏهن مير علي شير هن پاڻي ۽ مٽيءَ جي جهان ۾ قدم رکيو، ان وقت سنڌ نالي ماتر مغل سلطنت جو حصو هئي ۽ محمد شاهه دهلي تي تخت نشين هو، پر جڏهن مير صاحب جي عمر يارهن سال ٿي ته، نور محمد ڪلهوڙي وڏي ڏاهپ ۽ حڪمت عملي سان سنڌ کي سلطنت دهلي جي چنبي مان آجو ڪرايو. البت اڃا آزادي جي فضا ۾ ساهه کڻندي رڳو هڪ سال ٿيو ته نادر شاهه واءُ مِينهن ڪندو طوفان وانگر برصغير جي سرزمين تي اچي ڪڙڪيو. پهريان دهلي کي تباهه ۽ برباد ڪيو.ا ن کان پوءِ سنڌ جو رُخ ڪيو. البت غنيمت آهي ته هيءُ علائقو تلف تارا جي کان ته بچي ويو، نادر هتي جي ڪلهوڙا حڪومت کي ٻي طرح ڪاپاري ڌڪ هَنيو. هو عمرڪوٽ پهچي ميان نور محمد سان مليو.

هن کان ڏنڊ طور هڪ ڪروڙ روپيا روڪ وصول ڪيا. مٿس سالانه خراج ويهه لک مقرر ڪيو. ميان جو عاليشان ڪتب خانو ۽ ٻه پٽ (مراد ياب خان ۽ غلام شاهه) يرغمال طور پاڻ سان (ايران) وٺي ويو. اهڙي طرح ڪجهه عرصي کان سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ايران جي غلاميءَ جو ڳَٽ پئجي ويو. پر هي حالت گهڻي عرصي تائين قائم نه رهي. ان لاءِ ته ايران پهچڻ کان ڪجهه وقت بعد نادر شاهه مارجي ويو ۽ ايراني غلاميءَ جون زنجيرون ڍريون ٿي ويون.

هن سياسي بيوسي ۽ تباهيءَ جي دور ۾ به ٺٽو تمدني، ثقافتي ۽ علمي لحاظ کان تمام گهڻو شاهوڪار هو. ان وقت به سوين دارالعلوم، گهڻا ڪتب خانا ۽ اڻ ڳڻيا مدرسا ۽ مڪتب هئا. علم جو چؤطرف چهچٽو هو. ماڻهن جو خاص شغل درس تدريس ۽ علم ۽ فن جي خدمت ڪرڻ هو.

مير علي شير هن ماحول ۾ شعور جي منزل ۾ قدم رکيو. هن پنهنجو تعليمي سفر شروع ڪيو ته، ان وقت جي بهترين عالمن استادن جي شاگردي نصيب ٿيس. پاڻ فارسي ۽ عربي جو علم ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، ميان عبدالجليل ۽ آخوند ابو الحسن ٺٽوي وٽ پڙهيو. مرزا جعفر شيرازي کان به علم پرايائين. پڙهڻ دوران طالب العلمي جي زماني ۾ ئي سندس شعر ۽ شاعري ڏانهن توجهه به رهيو. علم پڙهي فارغ التحصيل ٿيڻ کان پهريائين علم ۾ پُختگي حاصل ڪيائين. غالباً 18، 19 سالن جي عمر ۾ هن درسي نصاب پڙهي پورو ڪيو. سال 1160هه/1747ع ۾ جڏهن سندس عمر ويهه سال ٿي ته کيس سورت، ڄام نگر ۽ ڀُڄ جو سفر ڪرڻو پيو. هن سفر تي وڃڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، پر هن سفر جو هي فائدو ضرور ٿيو، جو مير صاحب جي گهڻين ئي علمي شخصيتن سان ميل ملاقات ٿي.

سورت ۾ مير سعد الله سورتي(1)  ۽ سندس فرزند مير عبدالولي ’عزلت‘(2). سان مليو. هي اهو ئي ’عزلت‘ آهي، جنهن سان ولي اورنگ آبادي دهلي جو سفر ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ اتر هندستان ۾ اردو شاعريءَ جي باقاعدي شروعات ٿي هئي. ان کان علاوه هن سفر ۾ مير صاحب (قانع) جي جن ماڻهن سان ملاقات ٿي، انهن مان گهڻو مشهور ’رضائي‘ محمد اڪرم، محمد عاقل ’ابلھ‘، ’هوشيار‘ ۽ ”تحفة الطاهرين“ جو مصنف محمد اعظم ٺٽوي آهن. هن سفر مان واپسي 1165هه/1752ع ۾ ٿي.

سال 1167هه/1754ع ۾ مير صاحب جي عمر ستاويهه سالن جي هئي ته، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو انتقال ٿي ويو. هن کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد مراد ياب تخت نشين ٿيو، پر چئن سالن کان پوءِ معزول ڪيو ويو. هن جي جاءِ ٻي ڀاءَ غلام شاهه ورتي. هو هڪ سمجهدار ۽ لائق حڪمران ثابت ٿيو. هن مختلف طرفن کان گهڻو علائقو فتح ڪري سنڌ ۾ شامل ڪيو. حيدرآباد شهر آباد ڪيو ۽ ان کي تخت گاهه بنايو. هن 1182هه/1768ع ۾ حيدرآباد جو پڪو قلعو تعمير ڪرايو. مقصد ته سندس دور ۾ ملڪ ۾ امن امان رهيو ۽ هر طرف خوشحالي ۽ آزادي ڏسجڻ لڳي. پر هي روشن ذهن حڪمران تقريباً سورهن سال حڪمراني جا فرض ڪاميابي سان نباهڻ کان پوءِ 1186هه/1772ع ۾ دنيا مان موڪلائي ويو. هن کانپوءِ ڪلهوڙا خاندان جو انتظامي شيرازو ٽُٽڻ لڳو. ملڪ ۾ اهڙي افراتفري  پکڙي ۽ مار ڌاڙ جي اهڙي بازار گرم ٿي جو، الله پناهه ۾ رکي!

غلام شاهه 1175هه/1761ع ۾ مير علي شير کي پنهنجي خاندان جي تاريخ لکڻ لاءِ ملازم ڪري رکيو. مير صاحب تاريخي واقعن کي نظم ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ ان سان گڏ نثر ۾ به تفصيلي تاريخ لکڻ شروع ڪئي، پر هي ڪم پورو نه ٿي سگهيو ۽ مير صاحب ملازمت ڇڏي پنهنجي شهر ٺٽي واپس موٽي آيو ۽ پوءِ سڄي ڄمار اتي ئي رهيو. سال 1180هه/1766ع ۾ هن پنهنجي گرانقدر تاريخ جو ڪتاب ”تحفة الڪرام“ لکڻ شروع ڪيو ۽ ڳچ سالن جي محنت کان پوءِ ڪتاب مڪمل ڪيو. ان کان علاوه هن نظم ۽ نثر ۾ ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا. انهن جو مجموعي تعداد ٻه درجن آهي. پاڻ آخر وقت تائين علمي ادبي ڪمن ۾ مشغول رهندي 1203هجري/1789ع ۾ وفات ڪري ويو.

مير علي شير ’قانع‘ هڪ وڏي مرتبي وارو اديب، شاعر ۽ تاريخ نويس هو. هن جو ڪتاب ”تحفة الڪرام“ سنڌ جي ضخيم ۽ تفصيلي تاريخ آهي.ا ن جا ٽي جلد آهن. پهرئين جلد ۾ انبياء ڪرام، بادشاهه ۽ خليفن جا حالات آهن. ٻي جلد ۾ ستن اقليمن جي شهرن ۽ مشاهيرن جو ذڪر آهي. ٽئين جلد ۾ سنڌ جي تاريخ منڍ کان ڪلهوڙن جي دور تائين بيان ڪئي وئي آهي. پير حسام الدين راشدي جي قول موجب: تحفة الڪرام جو هي جلد نهايت قيمتي آهي ۽ سنڌ جي تاريخ تي ڄڻ ته انسائڪلو پيڊيا جي حيثيت رکي ٿو.

(ثناءُ الحق حقي مرتب: ”مسلمان مؤرخين“ اردو، گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول 1، ناظم آباد ڪراچي، مقاله نگار: محمد الناصر اديب، 1977ع)

 

مير علي شير ’قانع‘

 

مرزا عباس علي بيگ

سنڌ جي مشهور معروف تاريخ ۽ تذڪره نگار، حيات جاويد ۽ محقق علامه مير سيد علي شير ’قانع‘ اعليٰ الله مقامھ جي مختصر احوال تي پنهنجي ڪتاب جو اختتام ڪريون ٿا.

علامه مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي، جي بزرگن مان سيد شڪر الله بن سيد وجيه الدين، سنه 927هه (1520ع) ۾ قنڌار مان لڏي اچي ٺٽي ۾ سڪونت پذير ٿيو ۽ پوءِ هن سيد جو اولاد شڪر الاهي شيرازي سادات جي نالي سان ٺٽي ۾ مشهور ٿيو. سيد شڪر الله کي،  شاهه حسن ارغون ، سندس بزرگي ۽ ديني علم و فضل ڏسي، پنهنجي عهد حڪومت ۾ ٺٽي جو پهريون شيخ الاسلام مقرر ڪيو، ليڪن ڪجهه عرصي کان پوءِ هن سيد کي ڪي پابنديون پسند نه آيون جنهن ڪري کيس پنهنجي عهدي تان علحده ٿيڻو پيو. ’قانع‘ مذڪور سيد جي نائين پيڙهي مان هو.

مير علي شير ’قانع‘ بن سيد عزت الله جي ولادت سنه 1140هه (1727ع) ۾ ٺٽي ۾ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي، جي عهد حڪومت ۾ ٿي ۽ هيٺين عالمن کان پنهنجي تعليم و تربيت حاصل ڪيائين، ميان نعمت الله،  ميان محمد صادق،  آخوند محمد شفيع،  آخوند ابو الحسن، مولوي مرزا جعفر شيرازي، ۽ آخر ۾ پنهنجي وقت جي يگانه روزگار عالم، شاعر مير حيدر الدين ابو تراب ’ڪامل‘ جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪيائين. جنهن استاد ڪامل، پهرين سندس لاءِ ’مظهري‘ تخلص تجويز ڪيو، ليڪن ڪجهه عرصي کان پوءِ ’قانع‘ پنهنجو تخلص ڪيائين.

کيس ننڍي هوندي کان ئي شعر چوڻ جو ذوق شوق هوندو هو. ٻارنهن سالن جي عمر ۾، اڃا تعليم حاصل ڪري رهيو هو ته پنهنجو ديوان مرتب ڪري جنهن ۾ پنهنجو نالو بطور تخلص جي استعمال ڪيائين. مذڪوره ديوان ۾ سڀئي اصناف سخن موجود هئا. ليڪن خدا ڄاڻي ڪهڙي سبب پاڻ ئي پنهنجو ديوان درياهه داخل ڪيائين.

مير ’قانع‘، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪم سان سندس عهد حڪومت ۾ سنه 1175هه (1761ع) ۾ ڪلهوڙا خاندان جي تاريخ لکڻ لاءِ مقرر ٿيو. مير ’قانع‘ هڪ تاريخ نظم ۾ شاهنامي جي طرز تي ۽ ٻي تاريخ نثر ۾ لکڻ شروع ڪيائين. هي ٻئي ڪتاب اڃا مڪمل ئي نه ٿيا ته ڪن سببن ڪري ملازمت ڇڏي خدا آباد مان واپس پنهنجي وطن ٺٽي موٽي آيو.

مير ’قانع‘ پنهنجي سڄي عمر ۾ ٻه چار دفعه سير سفر لاءِ نڪتو باقي سموري زندگي جو عرصو، تاليف، تصنيف جي مشغولي ۾ رهندي پنهنجي وطن ٺٽي ۾ بسر ڪيو.

مير ’قانع‘ جا تصنيف ڪيل نثر توڙي نظم، ننڍا وڏا ڪل ٻائيتاليهه ڪتاب آهن، جي علم و ادب جا شاهڪار آهن. جن مان ڪجهه ڪتاب موجوده وقت ۾ ناپيد آهن. اهو سمورو علمي سرمايو مير ’قانع‘ پنهنجي وفات وقت بطور يادگار جي ڇڏيو. جنهن تي سنڌ ملڪ جيترو به ناز ڪري سو ٿورو آهي. مير
علي شير ’قانع‘ اهو سنڌ جو محسن آهي. جنهن سنڌ جي ادبي، ملڪي ۽ سياسي تاريخ کي حياتِ نو بخشي. سندس تصنيفات تي نظر ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته مير ’قانع‘ پنهنجي بزرگن وانگر اهل تشيع هو.

تذڪرن ۽ تواريخن جي ورق گرداني ڪندي خبر پوي ٿي ته مير
علي شير ’قانع‘ پنهنجي حياتيءَ جا پويان سال ٺٽي کان ٻاهر نه نڪتو. مير عظيم الدين ’عظيم‘ ٺٽوي ميان سرفراز خان جو درباري شاعر هو. يقيناً ’قانع‘ جيڪي ميان سرفراز خان جي مدح ۾ قصيدا چيا آهن سي ’عظيم‘ سندس پاران ميان جي دربار ۾ پڙهندو هو. ازانسواءِ مير ’قانع‘ هڪ فارسي ڪتاب منظوم ”سرفراز نامه“ به لکيو، گمان آهي ته نالي جي مناسبت سبب شايد اهو ڪتاب مير ’قانع‘، سرفراز خان جي نالي معنون ڪيو هجي. ميان سرفراز خان به مير ’قانع‘ کي وقت بوقت سندس قدرداني ڪري انعام اڪرام ۽لوازمن سان نوازيندو رهندو هو. ميان سرفراز خان پنهنجي بزرگن جي شاهي قانون کي برقرار رکندي سنه 1188هه (1774ع) ۾ مير ’قانع‘ کي روزانه وظيفي ڏيڻ جو پروانو عطا ڪيو.

مير ’قانع‘ وفات وقت چار فرزند ڇڏيا جن مان قابل فخر  مير غلام علي ’مائل‘ جيڪو اڳتي هلي مير ڪرم علي خان ٽالپور جو خاص مصاحب ۽ درباري شاعر ٿيو.

مير ’قانع‘ چوهٺ سالن جي عمر ۾ سنه 1203 هه (1788ع) ۾ وفات ڪئي ۽ پنهنجي آبائي شڪر الاهي قبرستان مڪلي (ٺٽه) تي مدفون ٿيو.

مير علي شير ’قانع‘ پنهنجي دور ۾ جن عالمن ۽ شاعرن کي ڏٺو، جن مان ڪي کانئس عمر ۾ وڏا بزرگ هئا ۽ ڪي سندس همعصر شاعر هئا ۽ جن مان هر هڪ پنهنجي دور جو يگانئه روزگار عالم ۽ قادر الڪالم شاعر هو، تن جا اسماء گرامي هي آهن: مخدوم محمد هاشم (متوفي 1174هه)، مخدوم محمد معين (متوفي 1161هه)، مخدوم  ضياءُ الدين، ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع، آخوند ابوالحسن، علامه محسن ٺٽوي، مولوي غلام علي ’مداح‘، ٻالچند ’آزاد‘، شيوڪرام ’عطارد‘، شيخ محمد محفوظ ’سرخوش‘، غلام علي ’مومن‘، محمد پناه ’رجا‘، مير ابو البقا ’بهرور علي‘، مير حيدر الدين ’ڪامل‘. المختصر مير ’قانع‘ جو دؤر جيتري قدر سياسي ۽ ملڪي حالتن سبب اندوهناڪ هو، اوتري قدر علمي، ثقافتي لحاظ کان روشن ۽ خوشگوار به هو.

غزل

بمن ده جرعۂ مئی ميتوان شد حلّ مشکلها

الا يا ايها الساقی ادر کاساَ وناولها

سرِ نافِ غزالانِ حرم بر تيغ می بندند

ز پس از جعد مشکينش فتاده خون در دلها

قدم زن از سراي تن برون زين کاروان بگذر

جرس فرياد ازان دارد که بر بنديد محملها

مير علي شير ’قانع‘ جو سير و سفر:

مير علي شير ’قانع‘ جي سموري زندگي سراسر علمي هئي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته هن پنهنجو وقت دنيا جي ٻين مشغلن ۾ نه وڃايو ۽ گهڻو ڪري گهر ۾ رهي تصنيف و تاليف ڪندو هو. سواءِ هڪ معمولي وقفي جي، جنهن ۾ هن کي نامعلوم سببن ڪري سورت، ڄام ننگر ۽ ڀڄ جو سفر درپيش آيو. سنه 1160هه (1747ع) ۾ سورت ويو، جتي مير سعد الله سورتي ۽ ان جي فرزند مير عبدالولي ’عزلت‘ سان ملاقات ٿي ۽ ساڳئي ئي سفر ۾ ڪيترن ئي عالمن ۽ بزرگن سان رهاڻيون ڪيائين. جهڙوڪ ’رضائي‘ شاعر، سورت کان لاهري بندر تائين ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ آيو. محمد اڪرم، جيڪو اصل ٺٽي جو شاعر هو، ليڪن زندگيءَ جو ڪيترو ئي عرصو دهلي، دکن ۽ سورت ۾ مختلف سرڪاري منصبن تي ماڻيائين. ’قانع‘ جڏهن سورت کان واپس وطن ٿيو تڏهن محمد اڪرم به ساڻس گڏ آيو. ”تحفة الطاهرين“ جي مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽوي جي ملاقات به ’قانع‘ سان سورت ۾ ٿي، جو ان وقت محمد اعظم سورت ۾ مقيم هو. ڄام ننگر عرف اسلام آباد کي ’قانع‘ ساڳي ئي سفر دوران ڏٺو، جتي محمد عاقل ’ابله‘ جونا ڳڙهيءَ سان ملاقات ٿي، جو شاعر هو ۽ ٺٽي جي ميان ابو القاسم جو شآگرد هو. اهڙيءَ طرح ساڳي ئي سفر ۾ جڏهن ’قانع‘ ڀڄ ننگر ويو، تڏهن سندس ملاقات هڪ ايراني شاعر ’هوشيار‘ صفاهاني سان ٿي، جيڪو پوءِ ٺٽي ۾ آيو، جتان وري هندستان هليو ويو. سورت بندر کان موٽندي ’قانع‘ سان گڏ ’مفلس‘ شاعر به ٻيڙي ۾ همسفر هو، جيڪو سنڌ ڏانهن قلندر شهباز جي زيارت لاءِ پئي آيو.

’قانع‘ جي تصنيفات:

ديوان قانع 1152هه، مثنوي شمه از قدرت حق سنه 1165هه، مثنوي قضا و قدر سنه 1167هه، نو آئين خيالات سنه 1169هه، مثنوي قصه کامروپ سنه 1169هه، ديوان غم سنه 1171هه، ساقي نامه سنه 1174هه، واقعات حضرت شاهه سنه 1174هه، چهار منزله  سنه 1174هه، تزويج نامه حسن و عشق سنه 1174هه، اشعار متفرقه در صنائع و تاريخ سنه 1174هه، بوستانِ بهار معروف به مکلي نامه سنه 1174هه، مقالات الشعراء سنه 1174هه، تاريخ عباسيه سنه 1175هه، تاريخ عباسيه (منظوم) سنه 1175هه، زبدة المناقب سنه 1192هه، مختار نامه ثقفي سنه 1194هه، نصاب البلغاء سنه 1198هه، مثنوي ختم السلوک سنه 1199هه، طومار سلاسل گزيده سنه 1202هه، شجره طريقت اهل بيت سنه 1202هه، معيارِ سالڪان طريقت سنه 1202هه، روضة الانبياء، زينت الاخلاق، غوثيه؛ مثنوي قصاب نامه، ميزان الافکار، ”تذهيب طباع، سرفراز نامه، حديقه بلغاء، مثنوي کانِ جواهر، ميزانِ فارسي، رساله معمامع شرح، لب تاريخ ڪلهورا، بياض محک الشعراء، ديوان اشعار، قصائد و منقبت، انشاءِ قانع، مثنوي محبت نامه.

(مرزا عباس علي بيگ ”خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، 1980ع)

مير علي شير ’قانع‘

 

(1727ع-1788ع)

ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سنڌي

سنڌ جي عظيم محسن، مؤرخ ۽ شاعر، مير علي شير ’قانع‘(1)ولد سيد عزت الله شاهه جي ولادت، ڪلهوڙن جي دور (ميان نور محمد خان جي ڏينهن) ۾، 5 جمادي الثاني 1140هه مطابق 28 جون 1727ع تي ٺٽي ۾ ٿي هئي. سندس بزرگن مان سيد شڪر الله ولد سيد وجيھ الدين هڪ ڪامل ولي ۽ وڏي بزرگيءَ وارو شخص هو، جيڪو 927هه (1520ع) ۾ قنڌار مان لڏي، ٺٽي (سنڌ) ۾ اچي رهيو هو. ديني علم ۽ فضل جي لحاظ کان شاهه حسن ارغون کيس ٺٽي جو پهريون ”شيخ الاسلام“ مقرر ڪيو هو.(2)

1111هه(1699ع) ڌاري، سنڌ اندر چار سؤ کن ديني مڪتب ۽ مدرسا قائم ٿيل هئا. مير ’قانع‘ به پنهنجي تعليم جو آغاز ميان نعمت الله(3)، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع(4)، آخوند ابو الحسن(5)، ۽ مولوي مرزا جعفر شيرازيءَ جهڙن جيد عالمن ۽ ديني خواه دنيوي علمن جي ڪاملن وٽان ڪيو. اڃا 12 سالن جو مس ٿيو، ته شعر چوڻ جو شوق جاڳيس. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته انهيءَ ڪمسن عمر ۾ ”ديوان“ به مرتب ڪيو هئائين.(1) کيس وڏو مطالعو هو 1175هه (1761ع) ڌاري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي(2) وٽ خدا آباد (موجوده دادو ضلعو) ۾ ”درٻاري ليکڪ“ مقرر ٿيو، جتي ”ڪلهوڙا خاندان جي تاريخ“ لکڻ جو مٿس ڪم سونپيو ويو، جنهن کي 1174هه (1761ع) کان هٿ ۾ کنيائين.

مير ’قانع‘ تاريخ کي ٻن نمونن ۾ لکڻ لڳو. نظم ۾ شاهنامي جي طرز اختيار ڪيائين؛ ۽ نثر ۾ وري خالص ادبي انداز برقرار رکيائين. هي ٻئي ڪتاب اڃا آخري مرحلن ۾ ئي هئا، ته خدا آباد کي خدا حافظ چئي، ٺٽي کان اچي نڪتو. غالباً ٻن سالن جي وقفي بعد، 1180هه (1766ع) ۾ ”تحفة الڪرام“ نالي ڪتاب قلمبند ڪرڻ لڳو.(3) سندس چاليهه ڪتاب ٻيا به آهن، جيڪي سمورا فارسي زبان ۾ قلبند ٿيل آهن. زندگيءَ جو وڏو عرصو تصنيف و تاليف ۾ رهي، ڪجهه وقت لاءِ ڄام ننگر، سورت(4) ۽ ڀڄ تائين به سير سفر ڪيو هئائين.

شروعات کان وٺي سندس وڏن جي معاشي حالت بهتر هئي. هو خوشحال ۽ فارغ البال هئا. کانئس پوءِ به حسب دستور هي گهراڻو تنخواهون، وظيفا، خلعتون ۽ وڏا انعام اڪرام چوڙيندو ماڻيندو رهيو. پڇاڙيءَ ۾ 1203هه (1787ع) کيس مختلف بيمارين نهوڙي وڌو. سخت ڪمزوريءَ سببان، ويهڻ بجاءِ ليٽي به لکندو رهيو. آخر 63 ورهين جي ڄمار ۾، 7 شوال 1203هه مطابق 22 فيبروري 1788ع تي عظيم المرتبت اديب، مؤرخ ۽ شاعر ٺٽي ۾ وصال ڪيو پٺيان ٽي فرزند(1) ڇڏيائين. سندس شاگردن جو تعداد به گهڻو هو. خود خاندان ۾ ئي ڪيترا عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيائين.

(پروفيسر عبدالغفور سنڌي ”عظيم سنڌي انسان“ ماڊرن بوڪ اسٽور لاڙڪاڻو، 1981ع)

 

مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي

 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

سنڌ جي عظيم مؤرخ مير علي شير قانع جا سنڌ جي رهاڪن تي ايترا ته احسان آهن، جو هو صدين تائين لاهي نه سگهندا. هي اهو مؤرخ آهي، جنهن سنڌ جي تواريخ کي صحيح نموني ۾ جيئرو رکيو ۽ اسان تائين پهچايو.

سنڌ جي سرزمين وقت به وقت جيڪي وڏا عالم، فاضل، بلند پايه شاعر، باڪمال مؤرخ ۽ اهل دل بزرگ پيدا ڪيا آهن، انهن جو مفصل احوال مير علي شير قانع اسان تائين پهچايو آهي. مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“، ”مقالات الشعراءِ“ ۽ ”مڪلي نامه“ ۾ سنڌ جي انهن باڪمال هستين جو احوال قلمبند نه ڪري ها، ته هوند اسان پنهنجي بزرگن جي حالات کان اڻواقف رهون ها ۽ سنڌ جو اهو شاندار ماضي، جنهن تي اسان کي بجا طور فخر آهي، ان کان بيخبر هجون ها.

هن شيرازي سيد کي سرزمين سنڌ جي ڀلاري ڀونءَ سان بي انتها پيار هو، جنهن جو ثبوت سندس تصانيف: ”تحفة الڪرام“، ”مقالات الشعراء“ ۽ ”مڪلي نامه“ ڪتاب آهن، جيڪي سنڌ جي سرزمين جي تاريخ ۽ ثقافت کي نکيڙي نروار ڪري اسان جي آڏو آڻين ٿا ۽ چٽيءَ طرح ٻڌائين ٿا ته سرزمين سنڌ علم جي کاڻ هئي، جنهن جي جواهرن جي جوت جي جلوي نه صرف سرزمين سنڌ کي منور ڪيو، پر پري پري تائين پنهنجي جمال جي جوت جو جلوو پهچايو.

مير علي شير قانع اهو محسوس ڪيو ته سنڌ جي وڏي ۾ وڏي خدمت اها آهي ته، انهن عظيم شخصيتن ۽ هستين جي ياد محفوظ رهي ۽ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين جي تواريخ ۽ جاگرافيائي حيثيت بيان ڪئي وڃي، جيئن پويان پنهنجي تواريخي روايتن کان واقف ٿين. انهيءَ ڪري هن نه فقط سنڌ جي سياسي تواريخ لکي، پر سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين، واهن ۽ درياهن تي به وس آهر، جيڪا معلومات ملي سگهيس، اها قلمبند ڪيائين. نه فقط ايترو، پر سنڌ جي مکيه شهرن جي عالمن ۽ فاضلن، بزرگن ۽ ولين، شاعرن ۽ سورهين تي به تفصيل سان لکيائين، ايتري قدر جو سنڌ جو ڪوبه اهڙو ناليرو شهر نه ڇڏيائين، جنهن جي بزرگن ۽ اهم شخصيتن جو احوال پنهنجي تواريخ ۾ محفوظ نه ڪيائين. هن جي آڏو سنڌ جي سرزمين جون پراڻيون حدون هيون، جنهن ۾ ملتان جو علائقو ۽ سبي جو ڀاڱو به اچي ٿي ويا. انهيءَ ڪري سنڌ جي شهرن ۽ بزرگن جو احوال ملتان کان شروع ڪيائين ۽ وڃي منگهي جي طوق تي دنگ ڪيائين.

مير علي شير قانع جو اهو وڏو ڪمال آهي جو هن اهو مواد گهر ويٺي هٿ ڪيو آهي. هن ان ڏس ۾ ڪي ڪشالا ڪڍي، اهي ماڳ ۽ مڪان ڏسي احوال قلمبند نه ڪيو آهي، پر واسطيدار ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري احوال ۽ بيان قلمبند ڪيا آهن. ان ڳالهه جو اعتراف هن ”تحفة الڪرام“ جي جلد ٽئين جي ڀاڱي ٻئي جي منڍ ۾ ڪيو آهي. لکي ٿو:

”جنهن صورت ۾ هيءُ ٿورڙيءَ معلومات وارو (مصنف) اڪثر جاين جي ڏسڻ کان سواءِ غائبانه، رڳو ڪتابن مان چونڊي يا زبانن کان ٻڌي، هن سلسلي جي تحرير ڪري ٿو، باوجود يڪ وس پڄندي، روايتن جي صحت ۾ ڪوبه قصور ڪونه ڪيو اٿس، تاهم جيڪڏهن بشري تقاضا موجب، جنهن سان سهو ۽ نسيان لازمي آهي. ]ڪا غلطي ۽ ڪوتاهي ٿي ويئي هجي ۽[ ڪنهن پياري کي وڌيڪ تحقيق جي توفيق ٿئي، ته انهيءَ کي اصلاح لاءِ عرض آهي.“(1)

ان جي باوجود سندس بيان ۽ احوال گهڻي ڀاڱي صحيح آهن ۽ سنڌ جي تاريخ لاءِ اهم ۽ بنيادي ماخذ جي حيثيت رکن ٿا.

سنڌ جي هن  باڪمال مؤرخ هڪ علمي خاندان ۾ اک کولي. سندس نسب جو سلسلو امير سيد فضل الله المحدث الحسيني  الدشتڪي الشيرازيءَ تائين ملي ٿو. سندس خاندان جا سمورا بزرگ وڏا عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن. مير صاحب پنهنجي بزرگن جو احوال ”تحفة الڪرام“ جي ٽين جلد ۾ قاضي سيد شڪر الله اول کان وٺي پاڻ تائين ڏنو آهي. فقط خاندان جي انهن فردن جو ذڪر ڪيو اٿس، جيڪي سنڌ ۾ وارو وڄائي ويا. قاضي سيد شڪر الله، مرزا شاهه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ سنه 927هه ۾ ٺٽي ۾ پهتو ۽ قضا جي عهدي تي سرفراز ٿيو.

مير صاحب پنهنجي ايراني بزرگن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”مقالات الشعراءِ“ ۾ ڏنو آهي. سندس معلومات جا ماخذ ”تاريخ حبيب السير“، ”هفت اقليم“ ۽ ”مجالس المومنين“ آهن.

مير صاحب جا وڏا اصل ۾ شيراز ۾ رهندا هئا. ان کان پوءِ ان خاندان جو بزرگ سيد الجليل امير اصيل الدين عبدالله، اٺين صدي هجريءَ ۾ شيراز مان لڏي اچي هرات ۾ ويٺو. ان خاندان جو بزرگ قاضي سيد شڪرالله شيرازي ولد سيد وجھ الدين هرات کان قنڌار آيو ۽ سندس سمورا بزرگ وڏا عالم ۽ فاضل هئا ۽ دين و ايمان جا روشن ڏيئا هئا، انهن جي وجود ٺٽي جي شهر کي علمي فيض رسايو. قاضي سيد شڪر الله جي نالي پٺيان ٺٽي ۾ شڪر الاهي ساداتن جو سلسلو شروع ٿيو، انهيءَ موتين جي مالها جو هڪ منور موتي مير علي شير قانع آهي. سندس علم جو درياءُ اڄ تائين جاري آهي؛ جنهن مان هينئر به سنڌ جي تاريخ جا پياسي پنهنجي اُڃ اجهائين ٿا. هن سنڌ جي علمي فيض کي روشن ڪري پاڻ کي به لافاني بڻائي ڇڏيو. هينئر سنڌ جي تاريخ ۽ مير علي شير قانع لازم ۽ ملزوم آهن. جيستائين هن ڪائنات ۾ سنڌ جو وجود سلامت آهي، تيستائين هن بي مثل مؤرخ جو نالو به دائم ۽ قائم رهندو.

مير علي شير قانع سنه 1140هه مطابق سنه 1727ع ۾ تولد ٿيو. هي اهو زمانو هو، جڏهن سنڌ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو حڪومت ڪري رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ ٺٽو علم جو هڪ عظيم مرڪز هو ۽ علمي اوج جي سلسلي ۾ قرطبه، دمشق ۽ بغداد سان ڪلهو هڻي رهيو هو. بي شمار مدرسا آباد هئا ۽ ڪي ئي ڪتبخانا علم جي پانڌيئڙن جي ڪشش جو سبب هئا. مير علي شير قانع جي ولادت کان 30 سال اڳ هڪ انگريز سياح هيملٽن سنڌ ۾ آيو هو، جنهن جي بيان موجب ٺٽي ۾ 400 وڏا مدرسا موجود هئا، جن کي اڄ جي مفهوم موجب ڪاليج چئي سگهجي ٿو. ان مان ٺٽي جي علمي فضيلت جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. اهڙي علمي ماحول ۾ مير علي شير قانع جي تعليم ۽ تربيت ٿي. هن پنهنجي تحصيل علم جو تفصيل بيان نه ڪيو آهي، البته وچ وچ ۾ پنهنجي چند استادن جو احوال ڏنو اٿس، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ان زماني جي جيد عالمن کان تعليم حاصل ڪئي. هن ميان عبدالجليل جي فرزند ميان نعمت ۽ ميان محمد صادق جي مدرسن ۾ علم حاصل ڪيو. ان کان سواءِ هن آخوند محمد شفيع جو نالو به پنهنجي استادن ۾ کنيو آهي، جنهن کان هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. فارسيءَ جو شاعر آخوند ابو الحسن بي تڪلف به سندس استادن مان هو. مولوي مرزا جعفر شيرازي انهن ڏينهن ۾ سير ۽ تفريح جي خيال سان ٺٽي ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت رهيو. مير صاحب ان بزرگ وٽ به وڃي ڪجهه پرايو.

مير صاحب جو خاندان شروع کان وٺي خوش حال ۽ فارغ البال رهيو، سڀني حڪمرانن طرفان کين وظيفا، خلعتون ۽ انعام اڪرام ملندا رهيا. ميان نور محمد جي طرفان، مير علي شير قانع جي والد سيد عزت الله کي جڳت پور ۽ ڪڪرالي ۾ ڪي ڳوٺ جاگير طور مليا، ان کان سواءِ هن خاندان کي وقت بوقت ڪيترائي انعام اڪرام ملندا رهيا. اهي انعام اڪرام ٽالپرن جي زماني ۾ به کين ملندا رهيا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مير علي شير قانع فارغ البال زندگي گذاري. کيس معاشي مونجهاري جي ڪنهن به وقت تڪليف نه هئي. سندس سڄي زندگي ڪشادگيءَ ۽ عزت آبروءَ سان گذري. انهيءَ ڪري معاش جي فڪر کان بي پرواهه ٿي سڄي عمر لکندو رهيو. ننڍڙو ئي هو، جو 12 سالن جي عمر ۾ قلم هٿ ۾ کنيائين ۽ ويندي وفات کان هڪ سال اڳ تائين لاڳيتو لکندو رهيو.

ڪلهوڙن جي زماني ۾ ميان غلام شاهه سندس صلاحيتون پرکي کيس پنهنجي خاندان جي تواريخ لکڻ لاءِ پاڻ وٽ خدا آباد گهرايو. مير صاحب جو تقرر تواريخ نويسيءَ جي عهدي تي سنه 1175هه مطابق سنه 1761ع ۾ ٿيو. هن فردوسيءَ جي ”شاهه نامي جي طرز تي فارسي نثر ۾ ڪلهوڙن جي تواريخ متعلق لکڻ شروع ڪيو، پر معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب ٿوري وقت کان پوءِ ٺٽي موٽي آيو ۽ هيءُ ٻئي ڪتاب مڪمل ڪري نه سگهيو. افسوس جو اهي ڪتاب لکجي نه سگهيا، ورنه سنڌ جي تواريخ جو هڪ اهم ماخذ اڄ اسان جي آڏو هجي ها. ميان غلام شاهه جي درٻار کان موٽي اچي مير صاحب سنه 1180هه مطابق سنه 1766ع ۾ ”تحفة الڪرام“ لکڻ شروع ڪيو. ان ۾ ڪلهوڙن جو ذڪر مختصر نموني ۾ ڪيو اٿس ۽ ڄاڻايو اٿس ته ڪلهوڙن جي تواريخ بابت هو جدا ڪتاب لکندو، پر معلوم ٿئي ٿو ته هو اهو ڪتاب لکي نه سگهيو.

مير صاحب خدا آباد جي سفر کان سواءِ سنه 1160هه مطابق سنه 1747ع ۾ سورت ويو، جتي مير سعد الله سورتي ۽ ان جي فرزند مير عبدالولي عزلت سان سندس ملاقات ٿي. ”تحفة الطاهرين“ جي مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽويءَ جي ملاقات به ساڻس سورت ۾ ٿي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ سورت ۾ رهندو هو. ان کان سواءِ واٽ تي ٻين به ڪيترن عالمن ۽ شاعرن سان سندس ملاقات ٿي. سورت بندر کان موٽڻ وقت مفلس شاعر به ٻيڙيءَ ۾ ساڻس همسفر هو، جيڪو سنڌ ڏانهن قلندر لال شهباز جي زيارت لاءِ اچي رهيو هو. انهيءَ سفر کان سواءِ مير صاحب ٻيو ڪيڏانهن به نه نڪتو، بلڪه سموريون مشغوليون ختم ڪري تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ رڌل رهيو. لکڻ سان گڏ کيس مطالعي جو به تمام گهڻو شوق هو. ان زماني ۾ ٺٽي ۾ تمام وڏا ڪتب خانا هئا، جن ۾ دنيا جا سمورا مشهور ڪتاب موجود هئا. خود مير صاحب وٽ به پنهنجو وڏو علمي ذخيرو هو. مير صاحب نه فقط پنهنجي علمي ڪتب خاني جا سمورا ڪتاب پڙهيا، پر ٻين عالمن جي ڪتب خانن مان به مستفيض ٿيندو رهيو.

فارسي نثر ۽ نظم ۾ مير صاحب ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا. هو نثر نويس، مؤرخ ۽ تذڪره نويس هجڻ سان گڏ، فارسيءَ جو بلند پايه شاعر به هو. هن ٻارهن ورهين جي عمر ۾ ان وقت شعر لکڻ شروع ڪيو، جڏهن اڃا مدرسن ۾ پڙهندو هو. انهيءَ ئي زماني ۾ اَٺن هزارن شعرن تي مشتمل ”ديوان“ لکيائين، جيڪو پوءِ ضايع ڪري ڇڏيائين. پوءِ ڪجهه وقت شعر لکڻ کان خاموش رهيو. سنه 1155هه ۾ وري کيس شعر لکڻ جو شوق جاڳيو ۽ ٺٽي جي مشهور شاعر مير حيدر الدين ڪامل کي شاعريءَ ۾ استاد ڪري قبوليائين، جنهن سندس تخلص مظهري رکيو، جنهن مان شاعريءَ جي نئين دؤر جو سال 1155هه نڪري ٿو. مير صاحب ڪجهه وقت مظهري تخلص قائم رکيو، پر پوءِ ’قانع‘ تخلص اختيار ڪيائين، جيڪو آخري عمر تائين سندس نالي سان شامل رهيو ۽ هينئر به سندس نالي جو لازمي جُز معلوم ٿئي ٿو.

مير صاحب جيڪي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا، انهن جي صحيح تعداد جو پتو پئجي نه سگهيو آهي. البته جن ڪتابن جا نالا ملن ٿا، انهن جو تعداد ٻائيتاليهه آهي. ان کان سواءِ سندس ڪيترائي ڪتاب نامڪمل رهجي ويا. ڪتاب ”مقالات الشعراءِ“ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن سنه 1174هه تائين ٽيهه هزار بيت لکيا هئا. 28 سال پوءِ به اهو سلسلو جاري رهيو. خبر نه آهي ته ان مان ڪيترو ذخيرو ضايع ٿي ويو آهي ۽ ڪيترو باقي بچيو آهي.

مير صاحب جو خاندان اهل تشيع ڏانهن مائل هو. مير صاحب جي ڪتابن ”مختارنامه“، ”اعلان غم“، ”زبدة المناقب“ ۽ ”منقبتن ۽ سلامن“ جي ڪثرت مان به اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته، مير صاحب به تشيع ڏانهن مائل هو. ليڪن هو وڏو فراخ دل، غير متعصب ۽ وسيع المشرب هو. ڪن جاين تي هن ٽن يارن جي تعريف به ڪئي آهي. سندس والد ته نقشبندي طريقي ۾ بيعت ٿيل هو، جنهن جو ذڪر مير صاحب پنهنجي ڪتاب ”طومار سلاسل گزيده“ ۾ ڪيو آهي. ان ۾ ڏيکاريو اٿس ته سندس والد مخدوم آدم جي ڏهٽي ميان محمد جو مريد هو، جيڪو ٺٽي جي مشهور بزرگ مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو. لُواري شريف درگاهه جو باني سلطان الاولياء خواجه محمد زمان قدس سره به ساڳئي بزرگ ميان محمد جو مريد هو. انهيءَ لحاظ کان مير عزت الله سندس پير ڀائي هو. انهيءَ کان سواءِ مير صاحب جي ناناڻن مان سيد رحمت الله عرف سيد مٺو به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو. اهڙيءَ طرح سندس خاندان جا ٻيا فرد به نقشبندي سلسلي سان وابسته هئا.

مير صاحب چوهٺ سالن جي عمر ۾ سنه 1203هه مطابق سنه 1788ع ۾ وفات ڪئي. آخوند غلام محمد ٺٽويءَ ”عليه الرضوان“ مان سندس وفات جو سال ڪڍيو. کيس چار فرزند ٿيا: مير غلام علي مائل، غلام ولي الله، مير امير علي ۽ سيد ڪاظم.

مير صاحب جي جن ٻائيتاليهه ڪتابن جا نالا ملن ٿا، انهن مان ڪن ڪتابن ۾ سندس شعر آهي جهڙوڪ: مثنوي قصئه ڪامروپ، ديوان قالِ غم، ساقي نامه، چهار منزله، اشعار متفرقه در صنايع و تواريخ،  مثنوي ختم السلوڪ، قصاب نامه، غوثيه، زينت الاخلاق، ميزان الافڪار، مثنوي ڪان الجواهر، ديوان اشعار ۽ قصائد و منقبت.

مير صاحب سنڌ جي تواريخ ۽ بزرگن جي ذڪر متعلق جيڪي ڪتاب لکيا آهن، انهن مان ”تحفة الڪرام“، ”مقالات الشعراء“، ”بوستان بهار“ معروف به ”مڪلي نامه“، ”تواريخ عباسيه“، ”طومار سلاسل گزيده“، ”شجره اطهر اهل بيت“  ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ قابل ذڪر آهن.

مقالات الشعراء“ ۾ سنڌ جي فارسي شاعرن جو تذڪرو آهي. هن ۾ انهن شاعرن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي ٻاهران اچي سنڌ ۾ رهيا يا سنڌ مان لانگهائو ٿيا. سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي هيءُ پهريون تذڪرو آهي. ان کان اڳ ۾ سنڌ جي فارسي شاعرن تي ڪوبه تذڪرو نه لکيو ويو هو. هيءُ تذڪرو محترم پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب ايڊٽ ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو آهي.

طومار سلاسل گزيده“ ۾ سنڌ جي بزرگن جي طريقت ۽ بيعت جو سلسلو بيان ڪيو ويو آهي ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ سنڌ جي بزرگن ۽ صوفياءِ ڪرام جو مجمل ذڪر ڪيو ويو آهي. ”مڪلي نامه“ ۾ مڪليءَ جي نظارن، مقبرن، ميلن ۽ ٺٽي جي رنگينين جو ذڪر نظم مقفع نثر ۾ ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب به محترم پير حسام الدين شاهه راشديءَ ايڊٽ ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل بزرگن، عالمن، فاضلن، حڪمرانن، ماڳن ۽ مڪانن جا جيڪي نالا آيا آهن، محترم پير صاحب انهن تي مفصل حاشيا لکيا آهن. انهيءَ لحاظ کان حواشي مڪلي نامه سنڌ جي تواريخ جي سلسلي ۾ انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکي ٿي.

تحفة الڪرام: مير علي شير قانع جو هيءُ مشهور ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ لکيل آهي. پهرين ٻن ڀاڱن ۾ دنيا جي ۽ اسلامي تواريخ بيان ٿيل آهي، اهي ٻئي ڀاڱا به ڏاڍا قيمتي آهن ۽ ضرورت آهي ته انهن جو اردو ۽ سنڌي ترجمو شايع ڪرايو وڃي. خاص طور سان ٻيو ڀاڱو اسلامي تواريخ تي نهايت اهم ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. ٽئين ڀاڱي ۾ سنڌ جي تواريخ بيان ٿيل آهي، جيڪا راءِ گهراڻي کان شروع ٿئي ٿي ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي تي ختم ٿئي ٿي.

مير صاحب هي ڪتاب سنه 1180هه ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ سنه 1181هه ۾ ختم ڪيائين. ان کان پوءِ 1188هه تائين ان ۾ اضافا ڪندو رهيو. ”تحفة الڪرام“ جو ٻيو ۽ ٽيون ڀاڱو سنه 1304هه ۾ بمبئيءَ مان هڪ جلد ۾ شايع ٿيو. ڇاپي ۾ گهڻيون غلطيون آهن ۽ هينئر اهو ناياب به آهي. ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جلد ٽين جو سنڌي ترجمو سنه 1957ع ۾ شايع ڪرايو. هي ترجمو مخدوم امير احمد صاحب جو ڪيل آهي. جيئن ته ڇاپي جي نسخي ۾ گهڻيون غلطيون هيون، انهيءَ ڪري فاضل مترجم، مير علي شير قانع جي هٿ اکري نسخي سان ان کي ڀيٽي، ان جو ترجمو ڪيو آهي. مير صاحب جو هٿ اکري لکيل نسخو لاهور ۾ ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي. ان نسخي جي بنياد تي پير حسام الدين راشدي ”تحفة الڪرام“ جو فارسي متن ايڊٽ ڪيو آهي، جنهن جو پهريون حصو 1971ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. ان فارسي ڇاپي ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب نهايت قيمتي حاشيا لکيا آهن.

”تحفة الڪرام“ جلد ٽين جا وري ٽي ڀاڱا آهن. پهرين ڀاڱي ۾ سنڌ جي سياسي تواريخ مختصر طور بيان ڪئي وئي آهي. هن ڀاڱي لکڻ وقت مير صاحب آڏو هي ماخذ هئا: پهريون ”فتح نامه سنڌ“ عرف ”چچ نامه“، ٻيو، ”منتخب التواريخ“، ٽيون ”تواريخ معصومي“، چوٿون ”بيگلار نامه“ ۽ پنجون ”تواريخ طاهري“. هنن ڪتابن مان، سواءِ ”منتخب التواريخ“ جي ٻيا سمورا ڪتاب ڇپجي منظر عام تي آيا آهن، پر افسوس جو اڃا تائين ”منتخب التواريخ“ ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان نه ويو آهي. ”منتخب التواريخ“ سنڌ جي هڪ فاضل مورخ محمد يوسف جي لکيل آهي. مير معصوم هن ڪتاب تان وڏي مدد ورتي آهي.

 مولانا ابو ظفر ندويءَ جيڪا اردوءَ ۾ سنڌ جي تواريخ لکي آهي، ان به هن تواريخ تان گهڻي مدد ورتي آهي. مير قانع سومرن جي احوال کان سواءِ ٻين هنڌن تي به ”منتخب التواريخ“ جو نالو کنيو آهي، جهڙوڪ: مغل گورنرن جو احوال لکندي، هن ڪتاب جو نالو کنيو اٿس. ”منتخب التواريخ“ کان سواءِ مير طاهر محمد نسيانيءَ جي ڪتاب ”تواريخ طاهري“ جا حوالا به آندا اٿس.

ترخان گهراڻي جو احوال لکندي به هن ڪتاب تان مدد ورتي اٿس. شروع ۾ حوالي طور مير طاهر محمد جو نالو به کنيو اٿس. ڪن هنڌن تي جيڪڏهن انهن ٻنهي ڪتابن ۾ غلطي محسوس ڪئي اٿس ته انهن ٻنهي ڪتابن جا نالا کڻي تنقيد به ڪئي اٿس. ترخاني امير مير ابوالقاسم سلطان جو احوال لکندي ڄاڻايو اٿس ته ”منتخب التواريخ“ ۽ ”تواريخ طاهري“ واري غلطيءَ وچان ”چنيسر نامه“ مير ابو القاسم سلطان جي تصنيف ڄاڻائي آهي، حالانڪه اهو ڪتاب ادراڪي بيگلار جو منظوم ڪيل آهي ۽ مير ابو القاسم سلطان ڏانهن منسوب ڪيل آهي. سندس چوڻ آهي ته هن ”چنيسر نامه“ پاڻ ڏسي تصديق ڪئي ته، اهو ڪتاب مير ابوالقاسم سلطان جو لکيل نه هو، پر ان ڏانهن منسوب ڪيل هو.

ان مان معلوم ٿيندو ته مير علي شير قانع تحقيق ۽ تدقيق، جستجو ۽ جدوجهد کان ڪم ورتو آهي. هن روايتن کي جيئن جو تيئن قبول نه ڪيو آهي، پر انهن کي پنهنجي وس آهر درايت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو مير صاحب جي بيان ڪيل سنڌ جي سياسي تواريخ جيتوڻيڪ مختصر آهي، پر ان جي باوجود جامع آهي ۽ گهڻي قدر غلطين کان پاڪ آهي. المختصر ته سنڌ جي تواريخ تي هيءُ ڪتاب اهم بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. خاص طرح سان ڪلهوڙن جي دؤر تي سندس معلومات نهايت قيمتي ۽ مستند ماخذ جي حيثيت رکي ٿي.

”تحفة الڪرام“ جي ٽين ڀاڱي جو ٻيو حصو نهايت ئي قيمتي آهي. هن ۾ سنڌ جا مکيه شهر ۽ انهن جي مشهور ماڻهن جو احوال آيل آهي. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”قديم سنڌ، ان جا شهر ۽ ماڻهو“ جو اهم ۽ بنيادي ماخذ تحفة الڪرام جو هيءُ ڀاڱو آهي. مير صاحب جيڪڏهن هيءَ خدمت سرانجام نه ڏئي ها ته، اسان کي سنڌ جي مکيه شهرن جي تواريخ ۽ سنڌ جي مشاهير جي احوال متعلق معلومات ملي نه سگهي ها. هن ئي ڀاڱي ۾ پهريون ڀيرو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو احوال ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال آيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي احوال جي سلسلي ۾ قديم ترين ماخذ ”تحفة الڪرام“ ليکيو وڃي ٿو.

سنڌ جي عالمن ۽ فاضلن جي احوال جي سلسلي ۾ هن ڪتاب کي انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت حاصل آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ تي لکندڙ مورخ جڏهن به ڪجهه لکي ٿو، تڏهن هن ڪتاب کي لازمي طور مطالعو ڪري ٿو. عالمن ۽ فاضلن جي احوال سان گڏ سنڌي زبان جي ڪيترن ئي شاعرن جو احوال به هن ڪتاب ۾ ملي ٿو، جي گمناميءَ جي گوشي ۾ لڪي ويا هئا ۽ انهن جو ڪوبه شعر محفوظ رهي نه سگهيو آهي، جهڙوڪ: شيخ حماد جمالي، نوح هوٿياڻي، اسحاق آهنگر، راڄو ستيو دل، درس علاؤ الدين، سيد هارون، يوسف سهتو وغيره.

انهن خوبين جي باوجود ڪٿي ڪٿي تواريخ جي لحاظ کان اڻ لکيون اوڻايون به آهن ۽ احوال ۽ بيان ۾ به تشنگي محسوس ٿئي ٿي. ڪٿي سن ۽ ڪٿي نالا نه آهن، ته ڪٿي وري ضروري وضاحت ڪانهي. ”مقالات الشعراءِ“ ۾ به اهي ڳالهيون محسوس ڪيون وڃن ٿيون. هن تذڪري ۾ مير صاحب جي ذاتي پسند کي وڏو دخل آهي. ڪيترن بلند پايه شاعرن تي ايترو نه لکيو اٿس، جيترو لکڻ جو حق هو ۽ ڪيترن پنهنجي پسند يا تعلق وارن شاعرن تي ايترو گهڻو لکيو اٿس، جو طوالت پئي محسوس ٿئي. بهرحال مير صاحب اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي، جو سنڌ جي تواريخ، جغرافيه۽ سنڌ جي مشاهير تي اهم ۽ قيمتي مواد قلمبند ڪري اسان تائين پهچايو اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جي تواريخ ۾ سندس نالو سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي.

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٿورن سان)

(مقالو: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، رسالو ٽه ماهي ”مهراڻ“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 3-1981ع)


(1)  در حقيقت سيد سعد الله سلوني/ سورتي، مير قانع جي ڄمڻ کان ٻه سال اڳ 1138هه ۾ وفات ڪري ويو هو. ان ڪري مير قانع سيد سعد الله جي پٽ عبدالعلي ”عزلت“ سان مليو هوندو. (مرتب) تذڪره علماءِ هند فارسي، ص 73.

(2)  اصل ۾ مير عبدالعلي ”عزلت“ آهي.

(1)  شاعريءَ جي لحاظ کان شروعات ۾ سندس تخلص ’مظهري‘ هو؛ جنهن کي پنهنجي استاد مير حيدر الدين ابو تراب ’ڪامل‘ جي تجويز موجب بدلائي ’قانع‘ رکيو هئائين.

(2)  سندس اولاد پاڻ کي ”شڪر الاهي شيرازي سادات“ سڏائين ٿا.

(3)  ميان نعمت الله ولد ميان عبدالجليل (المتوفي 18 ذوالقعد 1179هه/1765ع)، مخدوم ضياءُ الدين جو ڏهٽو هو. وٽانئس ”ميزان الصرف کان شرح ملا“ تائين سمورا ڪتاب پڙهيا هئائين.

(4)  آخوند محمد شفيع (المتوفي 1165هه/1751ع)، فارسي زبان جو ماهر هو. کانئس ”قصائد عرفي ۽ سيفي عروض“ متعلق ڄاڻ حاصل ڪئي هئائين.

(5)  آخوند ابو الحسن ’بي تڪلف‘، پنهنجي وقت جو وڏو عالم، طباع ۽ صاحب استعداد بزرگ هو. سندس مدرسي ۾ بغير استنثنا جي هندو خواه مسلمان تعليم حاصل ڪندا هئا.

(1)  مذڪوره فارسي ”ديوان“ ۾ سمورن اصناف سخن تي غزل موجود هئا، جن جو تعداد 8 هزار چيو وڃي ٿو. هڪ روايت موجب مڪمل ديوان درياءَ داخل ڪري ڇڏيائين. ڪجهه سالن جي وقفي بعد، 1155هه (1742ع) ڌاري ٻيهر شعر چوڻ شروع ڪيو هئائين. (سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (ڀاڱو پهريون) ميمڻ عبدالغفور سنڌي لاڙڪانو، 1976ع، ص 320).

(2)  ميان غلام شاهه ولد نور محمد ڪلهوڙو، هڪ باصلاحيت ۽ نهايت ئي سمجهدار شخص هو. واڳون وٺڻ سان ملڪي امن امان بحال ڪيائين. سنڌ جون حدون وڌائي ڪڇ طرف بست ۽ قلات جي خان کان ڪراچيءَ جو بندر به پنهنجي نگرانيءَ هيٺ آندائين. ازانسواءِ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جو شهر اڏرائي، منجهس 1182هه (1768ع) ۾ پڪو قلعو پڻ جوڙايائين. پوءِ حيدرآباد ۾ گادي ٺاهي، حڪومت هلائڻ لڳو. 16 سالن جي انهيءَ آرامي زندگي بعد، 1186هه (1772ع) ۾ فالج جهڙي موذي مرض وگهي موت جو ذائقو چکيائين. کانئس پوءِ ڪلهوڙا ئي سرڪار لوڏن ۾ اچي وئي.

(3)  ”تحفة الڪرام“ اصل فارسي زبان ۾ لکيل آهي، جيڪو ٽن جلدن تي مشتمل آهي ۽ جلد ٽئين ۾ سنڌ متعلق ڪارائتو مواد ڏنل آهي؛ جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ حيدراباد 1391هه (آڪٽوبر 1971ع) ۾ شآيع ڪيو آهي. 1955ع ۾ سندس سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو آهي، جيڪو پڻ سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ عام ڪيو آهي.

(4)  سورت ۾ مولانا سعد الله سورتي ۽ سندس فرزند، مير عبدالولي ’عزلت‘ سان به ملاقاتون ڪيائين.

(1)  مير غلام علي ’مائل‘ (ولادت 1161هه)، غلام ولي الله (ولادت 1163هه) ۽ امير علي عرف غلام حسين (ولادت 1171هه).

(1)  ”تحفة الڪرام“ (سنڌي ترجمو) صفحو 286.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org