سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مير علي شير قانع ٺٽوي

باب:

صفحو:2 

قانع جو ڪُتب خانو

ترتيب ۽ تلخيص: عبدالرسول قادري 

]مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي ڪلهوڙا دور ۾، سنڌ جو تاريخ نويس ۽ فارسيءَ جو وڏو اديب ۽ شاعر هو. ورهاڱي کان اڳ سندس لائبريري بابت ”مهراڻ“ رسالي ۾ ٿورو احوال شايع ٿيو. ان بعد ٻيو به ٿورو گهڻو مواد مليو، اهي ڪڙيون ملائي، سندس ڪتب خاني جو ذڪر خير ڪجي ٿو- مرتب[

ٺٽي جي علمي خاندانن مان شڪر الاهي سادات، رضوي بکري سادات، امير خاني سادات، جعفري طباري قاضين جو خاندان ۽ ٻيا اڃا تائين پنهنجن وڏن جي ڪن ٿورڙن ڪتابن جا مالڪ آهن. انهن جي علمي جواهرات جا ڍير لُٽجي يا تلف ٿي چڪا آهن. باقي ڪي ٿورڙيون ڪچ ڪوڏيون رهيل آهن، جن مان ڪڏهن ڪڏهن ڪو موتي يا قيمتي مڻيو ملي وڃي ٿو.

سيد مير علي شير ’قانع‘ شڪر الاهي جي اولاد مان سيد حسن علي شاهه هڪ سلڇڻو ۽ سعادت مند نوجوان آهي. انهي صاحب مهرباني فرمائي پنهنجن وڏن جا ڪجهه بچيل ڪتاب ڏيکاريا. انهن ڪتابن جي ڍير ۾ مير علي شير جي فرزند مير غلام علي ’مائل‘ ۽ انهي جي فرزند مير صابر علي جو ڪيترو ئي فارسي ڪلام مرتب ۽ غير مرتب نظر مان گذريو ۽ ٻيا به ڪيترا جهونا علمي دستاويز ۽ قطعات تاريخ انهي ڪتب خاني ۾ موجود هئا. برابر ٻه ڏينهن چار چار ڪلاڪ انهي علمي خزاني جي سُوڌڻ ۽ سيڙائڻ ۾ سجايا ٿيا، ان ڪري من کي جيڪا مسرت ۽ موج پهتي، ان جي ڪهڙي اُپٽار ڪجي.(1) بقول راشدي، 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مير قانع مرحوم جي ذاتي ڪتبخاني جي منتشر اوراقن جو انبار خريد ڪيو.

(مير قانع ٺٽي جي همعصر عالمن، فاضلن، اديبن ۽ شاعرن جي) انهن ڪتب خانن جي ورق گرداني ڪئي. ڪتابن جي هر هڪ جلد مان مطلب ۽ مواد اخذ ڪيو (مير قانع) ڪتب خانا نه فقط هن ٻين جا ڏٺا، بلڪ خود سندس پنهنجو ذاتي ”قانع ڪتب خانو“ ايڏو عظيم الشان هو ۽ ان ۾ ايترا نادر مخطوطا موجود هئا، جو اڄ به ان جي فهرست ۽ ان جا باقي بچيل ڪتاب پڙهي ۽ ڏسي حيرت وٺيو وڃي ٿي.(1)

مير صاحب جي مطالعي جي شوق ۽ ٺٽي ۾ ڪتابن جي فراواني ۽ دستيابيءَ جو اندازو تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن سندس پنهنجي تصنيفن ۾ اهڙن اهڙن ڪتابن جا حوالا پڙهجن ٿا، جن مان اڄ به ڪيترا ناياب ۽ نادر الوجود آهن.

جيئن: تاريخ فرشتھ، طبقات اڪبري، منتخب التواريخ، دهه سالھ عالمگيري، آئين اڪبري، روضة الصفا، حبيب السير، مراة احمدي، مراة سڪندري، خزانھ عامره، يدبيضا، تذڪره والھ داغستاني، هفت اقليم ابن رازي، ڪلمات الشعراء، مجالس المؤمنين وغيره. (ٻيون) تاريخون ۽ تذڪرا، تصنيف تاليف ڪندي، مير صاحب جي پيش نظر هئا.

ايراني خواه هندستاني شاعرن مان ڪيترن جا ديوان مير صاحب وٽ موجود هئا. اهڙي طرح سنڌ جي تقريباً سڀني مصنفن جون تصنيفون به سندس پيش نظر هيون. تاريخ معصومي، طاهري، بيگلار نامه، ترخان نامھ، تذڪرة المراد، آداب المريدين ۽ حديقة الاولياء کان سواءِ ڪيترا ديوان ۽ گهڻو ڪري سنڌين جون سڀئي مذهبي تصنيفون سندس مطالعي ۾ رهيون. ”طومار سلاسل گزيده“ تيار ڪرڻ وقت، طريقت جي بزرگن جون گهڻو ڪري سڀئي ملفوظاتون ۽ سلسلھ طريقت جون اسناد ڏٺيون هئائين. ملفوظات مخدوم جهانيان، منهاج العباد شيخ سعد الدين، تحفة المبرور شيخ مجدد الدين بغدادي، بحر الدقائق شافعي، ڪتاب استعداد الاٰخرة به انهيءَ ڪتاب جي ماخذن مان آهن.

پنهنجي ايراني بزرگن جون به گهڻو ڪري سڀئي تصنيفون پڙهيون هئائين. جيئن ته امير غياث الدين منصور جا تصنيف ٿيل ڪيترا ڪتاب سندس نظر مان گذريا هئا. ”طبقات ابن سعد“ جهڙو نادر ۽ ناياب ڪتاب، جيڪو اڄ ڇپائي کان پوءِ به ايتري قدر نادر الوجود آهي، جو اسان جي ملڪ جا گهڻو ڪري سڀيئي ڪتب خانا ان کان محروم آهن، اڄ کان ٻه سو ورهيه اڳ ٺٽي ۾ مير صاحب جي مطالعي مان گذريو.(1)

مير علي شير قانع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين اديبن ۽ شاعرن جو علمي ادبي قلمي ذخيرو مير حسين علي شاهه المعروف سيد آگو شاهه (راقم ڊاڪٽر عبدالحسين شاهه جو چاچو) ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويو (جيڪو حيات آهي) جي حوالي ڪيو، جو ذخيرو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي لائبريري ۾ موجود آهي.

ڪجهه ڪتاب ۽ مواد لاهور ميوزم ۾ ۽ (ڊاڪٽر) مولوي محمد شفيع لاهور واري جي ذاتي ڪتب خاني ۽ ڪجهه مواد برٽش ميوزم لنڊن ۾ موجود آهي.(2)

خود مير علي شير ’قانع‘ جو هٿ جو لکيل ڪتاب ”تحفة الڪرام“ فارسي، ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع ٺٽي مان پيسن تي خريد ڪيو، جيڪو هينئر پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ موجود آهي. تحفة الڪرام جي سنڌي ترجمي ڪرڻ وقت سال (1951ع-1955ع) دوران مخدوم امير احمد لاهور ۾ ايڪيهه ڏينهن رهي، اصل مسودي سان مواد ڀيٽي ترجمو مڪمل ڪيو هو.

هن وقت ننگر ٺٽو ته موجود آهي، پر اها ’قانع‘ واري علمي خوشبوءِ نه رهي آهي.

ہر اک مکان کو ہے، مَکیں سے شرف "اسد"،

مجنون جو مرگیا، اَب جنگل اُداس ہے!

*


 

 

 

مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي

الله بخش ’سرشار‘ عقيلي

 

سنڌ جي تاريخ بابت اڄ جن چند قديم فارسي ڪتابن مان مدد ملي سگهي ٿي، تن ۾ مشهور ڪتاب ”تحفة الڪرام“ آهي، جنهن جو مصنف سنڌ جي قديم تخت گاهه ٺٽي جي هڪ مشهور ساداتن جي خاندان جو فرد هو. ٺٽي جي شهر جو بنياد سمن جي حڪومت جي پڇاڙيءَ تائين سال 893 هجري مطابق 1488 عيسوي ۾ سمھ حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام ننده بن ڄام بابينه وڌو.

سمن جو اصلي تخت گاهه شهر ساموئي ان جاءِ کان ٽي ميل پري هو، جو پوءِ ويران ٿي ويو ۽ ٺٽو تخت گاهه بنيو، پر تخت گاهه جو بدلجي ٺٽي ۾ ٿيڻ لاءِ سمن لاءِ نيڪ فال ثابت نه ٿيو. قنڌار کان سنڌ کي جوکي هجڻ وارو مشهور پهاڪو ان وقت سچو ثابت ٿيو ۽ قنڌار جي والي شاهه بيگ ارغون جي مغل فوج ترت ملڪ کي وڪوڙي وئي. بکر ۽ سيوهڻ جا قلعا ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ ئي مغل فتح ڪري ويا. باقي سنڌ جو هيٺيون ڀاڱو ڄام نظام الدين جي پٽ ڄام فيروز کان مغلن فتح ڪيو ۽ 15 محرم 926 هجري مطابق 1519 عيسوي ۾ مغلن جي فوج ٺٽي ۾ داخل ٿي وئي، يعني ٺٽي شهر جي آباد ٿيڻ کان 33 سال پوءِ سنڌ ۾ حڪومت جو چرخو ڦري ويو ۽ سنڌ جي اصلي باشندن جي حڪومت ختم ٿي وئي، مگر شاهه بيگ ارغون جي حڪومت قائم ٿيڻ سان سنڌ کي ڪيتريون ديني ۽ علمي برڪتون نصيب ٿيون. هو پاڻ عالم ۽ ديندار هو ۽ ڪيترن عربي درسي ڪتابن جي شرح لکي اٿس. هن جي سنڌ تي قابض ٿي وڃڻ سان ڪيترن ٻاهر جي عالمن، صوفين ۽ بزرگن کي سنڌ ۾ اچڻ جي ترغيب ٿي ۽ اهڙي طرح سنڌ ۾ ديني چرچو وڌڻ لڳو. جيڪي مشهور هستيون ارغونن جي اوائلي زماني ۾ سنڌ ۾ آيون، تن مان انهي خاندان جو جداعليٰ به آهي، جنهن جو ذڪر اڄ اسين ڪري رهيا آهيون، يعني مير علي شير قانع ٺٽوي جو جداعليٰ قاضي مير سيد شڪر الله حسني شيرازي. هنن جا بزرگ اصل شيراز جا ويٺل هئا. سلطان ابو سعيد جي زماني ۾ هنن شيراز کان لڏي هرات ۾ سڪونت اختيار ڪئي. قاضي مير شڪرالله جو پنجين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو امير سيد جمال الدين عطاءالله حسني هراتي هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، جو پنهنجي وقت جو مشهور محدث هو ۽ هرات ۾ حديث جي علم جي اشاعت جو باعث ٿيو.

قاضي مير شڪرالله هرات کان قنڌار آيو ۽ اُتان جڏهن شاه بيگ ارغون اچي سنڌ فتح ڪئي، تڏهن ٺٽي جي فتح کان هڪ سال پوءِ سنه 927 هجري، مطابق سنه 1520 عيسوي ۾ چند بزرگن جي هڪ قافلي سان گڏ ٺٽي ۾ وارد ٿيو ۽ اتي سڪونت اختيار ڪيائين. انهي نو وارد بزرگن جي قافلي ۾ چار هستيون بلڪل برڪت واريون هيون، جي ساڳئي وقت ٺٽي ۾ وارد ٿيون.

هڪ سيد شاهه منبه جيلاني جو حضرت غوث اعظم جي اولاد مان هو ۽ طريقت جو صاحب هو، شڪرالاهي محله جي ويجهو سندس مزار آهي، جنهن کي هاڻي منبه پير سڏين ٿا. هن بزرگ پنهنجي زندگي روحاني فيض پکيڙڻ ۾ صرف ڪئي ۽ مجرد رهيو. شادي نه ڪيائين. هڪڙيئي هنڌ عبادت ۽ مراقبه ۾ زندگي گذاريائين، جتي هاڻ سندس مزار آهي، اهو سندس هڪ مريد جو گهر هو ۽ اتي ئي فيض جي مجلس قائم ٿيندي هئي. گهڻو ٻاهر نه نڪرندو هو، اهو سندس مريد ۽ ان جي ماءُ به سندس قبر جي پيراندي دفن ٿيل آهن .

ٻيو بزرگ جو انهيءَ قافلي ۾ آيو، سو آهي سيد ڪمال حسين شيرازي. هي بزرگ پڻ صاحب طريقت هو ۽ مجرد رهيو. ٺٽي شهر جي ٻاهران مڪلي ڏانهن ويندڙ رستي تي ”شاهه ڪمال“ جي نالي سان سندس درگاهه هن وقت به خلق جي آماجگاهه آهي. سندس هڪ ڀاءُ سيد جمال پڻ ساڻس گڏ هو، جو مڪليءَ تي سيد شڪرالله جي پاسي ۾ دفن ٿيل آهي.

ٽيون بزرگ آهي سيد شاهه عبدالله گجراتي، هي بزرگ ساڳئي وقت گجرات مان ٺٽي ۾ وارد ٿيو ۽ مڪلي تي جت هاڻ سندس مقبرو آهي ۽ ميان عبدالله اصحابي جي مقبري جي نالي سان مشهور آهي، اتي گوشه نشين ٿي عبادت ۽ رياضت ۾ رهيو.

هنن جو چوٿون ساٿي مير سيد شڪرالله هو، جو امير سيد جمال الدين عطاءُالله هراتي جي ڇهين پشت ۾ هو ۽ سندس نسب جو سلسلو هن طرح آهي:

قاضي سيد شڪرالله بن وجيھ الدين بن نعمت الله بن عرب شاه بن نسيم الدين ميرڪ شاهه بن امير عطاءُالله.

اهو بزرگ واپاري واري حيثيت ۾ قنڌار کان ٺٽي ۾ وارد ٿيو ۽ هاڻوڪي شڪرالاهي محلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس عالمانه ۽ درويشانه صفتن جي ڪري شاهه حسن ارغون کيس ٺٽي جو قاضي بنايو. اهو عهدو هن نهايت ديانتداري ۽ شرعي احڪام موجب سنڀاليو.

هڪ ڀيري شاهه حسن سندس بي ريائي جو امتحان وٺڻ گهريو ۽ انهي لاءِ هڪ واپاري کان گهوڙو خريد ڪري، ان جي رقم ادا ڪرڻ کان نٽايائين. واپاريءَ قاضي شڪرالله وٽ پنهنجي حق طلبي لاءِ دعويٰ داخل ڪئي، شرعي قاعدي موجب شاهه حسن کي قاضي شڪرالله جي عدالت ۾ حاضر ٿيڻ جو سڏ پهتو ۽ جڏهن هو اتي ويو ته قاضي صاحب کيس دعويٰ جي ٻڌڻ تائين مدعي سان گڏ بيهڻ لاءِ چيو. شاهه حسن ته فقط امتحان طور ايئن ڪيو هو، سو بر وقت تاجر جي دعويٰ قبولي رقم ڀري ڏنائين. انهيءَ بعد قاضي صاحب شاهه حسن جا آداب بجا آندا ۽ پاڻ اُٿي بادشاهه کي پنهنجي جاءِ تي ويهاريائين. ان وقت شاهه حسن کيس ٻڌايو ته آءٌ ڪمر ۾ خنجر کڻي آيو هُئس ۽ جيڪڏهن تون منهنجي بادشاهه هجڻ جو شرعي فيصلي ۾ لحاظ ڪرين ها ته تنهنجو خير نه هو. قاضي صاحب به پنهنجي مسند هيٺان تلوار ڪڍي ڏيکاري ۽ چيائين ته انهي لاءِ رکي هيم ته جيڪڏهن تون شرعي حڪم موجب مدعي سان گڏ بيهڻ کان عذر ڪرين ها ته توتي شرعي حد قائم ڪريان ها.

قاضي سيد شڪرالله کي شرعي احڪام جو لحاظ ايتريقدر هو، جو آخر شاهه حسن کي ڪجهه عرصي بعد قضا جي عهدي جي استعفا ڏياري موڪليائين ته، بشريت جي تقاضاً موجب آءٌ اهو بار پاڻ تي کڻي نٿو سگهان ۽ خوف خدا جي باعث ڊڄان ٿو ته ڪا لغزش نه ڪري ويهان. آخر سندس صلاح موجب شاهه حسن قاضي شيخ محمد جعفري کي اُچ مان گهرائي ٺٽي جو قاضي بنايو ۽ قاضي شڪرالله جي استعفا منظور ڪيائين.

قاضي سيد شڪرالله جي اولاد ۾ تمام گهڻي برڪت پيئي ۽ ان مان ڪيترا عالم ۽ درويش پيدا ٿيا. سندس پوٽي سيد شڪرالله ثاني جو پڙ پوٽو سيد نظام الدين بن سيد نور محمد جو بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ شاهجهان آباد پهتو ۽ سندس علمي قابليت جي لحاظ تي بادشاهه اورنگزيب جيڪا عالمن جي ڪميٽي فتوائون جمع ڪرڻ لاءِ ٺاهي هئي، ان جو ميمبر مقرر ڪيائينس. انهي ڪميٽي ۾ سڄي هندوستان جي چوٽيءَ جا عالم چونڊيا ويا هئا. جن 8 سال محنت ڪرڻ بعد ”فتاويٰ عالمگيري“ جو ڪتاب تيار ڪيو، ان تي ٻه لک روپيه خرچ آيو ۽ سنه 1085 هجري مطابق 1674 عيسوي ۾ تيار ٿي ۽ اصلي مواد سڄو عربي زبان ۾ آهي، ان ۾ 124 مکيه فتاويٰ جي ڪتابن جا حوالا ڏنل آهن، انهن 16 چوٽي جي عالمن جي ڪميٽي ۾ ٻه بزرگ سنڌ جا ۽ خاص ٺٽي جا چونڊيا ويا: هڪ سيد نظام الدين شڪرالاهي ۽ ٻيو قاضي ابوالخير از اولاد مخدوم فضل الله. انهي جماعت جو سرگروهه گجرات جو مشهور عالم شيخ نظام برهانپوري هو. انهن عالمن ۾ ڇهه عالم يوپي مان، ڇهه عالم بهار پرڳڻي مان، ٻه عالم دهلي جا ۽ ٻه عالم مٿيان سنڌ جا هئا.

مير علي شير قانع ٺٽوي مٿي ذڪر ڪيل سيد شڪرالاهي ثاني جي ٻئي پٽ سيد ظهيرالدين ثاني جي پڙپوٽي سيد عزت الله جو فرزند هو، سنه 1140 هجري، مطابق 1728 عيسوي ۾ ٺٽي ۾ تولد ٿيو. ان وقت ٺٽو سڌي طرح دهلي جي مغل حڪومت جو ماتحت هو ۽ مغل بادشاهه جي پاران ٺٽي ۾ نواب مقرر ٿي ايندا هئا، پر ستت ئي يار محمد خان ڪلهوڙي کي سنڌ جي نوابي ۽ ”خدا يار خان“ جو لقب مغلن وٽان مليو ۽ سنڌ جي گادي ٺٽي جي بجاءِ دادو ضلعي جي خداآباد شهر ۾ ڦري وئي، جو خدايار خان پنهنجي نالي تي آباد ڪيو هو.

مير علي شير قانع پنهنجي تعليم علامه معين ۽ مخدوم رحمة الله وٽ ٺٽي ۾ حاصل ڪئي. 12 سالن جي عمر ۾ فارسي شعر چوڻ لڳو. 12 هزار شعرن جو ديوان ٺاهيائين، پر پوءِ درياه داخل ڪري ڇڏيائين. وري مير حيدرالدين ابوتراب جي صحبت ۾ 15 سالن جي عمر ۾ مظهري تخلص سان نئين سر شعر چوڻ شروع ڪيائين. ’قانع‘ جو تخلص پوءِ اختيار ڪيو اٿس. سندس قابليت ڪلهوڙا حاڪمن تائين پهتي، جن کيس پاڻ وٽ گهرائي پنهنجو علمي مصاحب بنايو. نور محمد، مرادياب ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي ٽن سنڌ جي حاڪمن جي درٻار ۾ رهيو. سنه 1168 هجري ۾ مرادياب جي تخت نشيني تي قصيدو لکيائين، جنهن مان سال جلوس جون 63 33 تاريخون نڪرن ٿيون، ان وقت سندس عمر 28 سالن جي هئي. هو تاريخگوئي ۽ شاعرانه صنعتن جي فن ۾ ڪامل هو، تمام گهڻا ڪتاب فارسي نثر ۽ نظم ۾ لکيائين. انهيءَ مان فقط ”تحفة الڪرام“ ڇپيل آهي، جنهن مان سنڌ جي قديم تاريخ معلوم ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ملي ٿي. اهو سنه 1181 هجري، مطابق 1762 عيسوي ۾ لکي پورو ڪيائين. ”تحفة الڪرام“ جي لکجڻ کان هڪ سال پوءِ 1182 هجري ۾ حيدرآباد جو شهر آباد ڪرائي غلام شاهه ڪلهوڙي ان کي پنهنجو تخت گاهه بنايو. مٿي ڏنل تفصيل موجب ٺٽي جو شهر ڪل 259 سال گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ ان مان 33 سال سمن جو عهد، 41 سال ارغون جو عهد، 33 سال ترخان جو عهد ۽ 51 سال مغليه نوابن جو عهد آهي.

مير علي شير قانع 63 سالن جي عمر ۾ سنه 1203 هجري مطابق سنه 1789 عيسوي ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پنج سال اڳ سنڌ تي ٽالپر بلوچن جو قبصو ٿي چڪو هو. معلوم ٿو ٿئي ته مير علي شير قانع تحفة الڪرام کان سواءِ خود پنهنجي زماني جو يعني ڪلهوڙن جي عهد جو مفصل تذڪرو نثر خواه نظم ۾ لکيو هو. سنڌ تي قنڌار جي طرف کان ٻه وڌيڪ ڪاهون خود سندس زماني ۾ ٿيون، جن ڪلهوڙن کي شروع کان قنڌار جو تابعدار بنائي ڇڏيو. نورمحمد خان ڪلهوڙي کي سنه 1151 هجري ۾ مغل درٻار مان ٺٽي جو علائقو اڃان ٺيڪي ۾ مس مليو ته سنه 1152 هجري ۾ نادر شاهه قنڌار کان فوج وٺي اچي سنڌ تي ڪڙڪيو ۽ نور محمد کي پنهنجو مطيع ڪري ۽ ويهن لکن جو خراج منظور ڪرائي پوءِ موٽيو، ان جي ضمانت ۾ نور محمد جا (ٻه پٽ) به پاڻ سان کڻي ويو. وري سنه 1167 هجري ۾ ڪلهوڙن قنڌار کي خراج ڀرڻ ۾ سستي ڪئي ته احمد شاهه ابدالي اچي سنڌ ۾ ڪڙڪيو ۽ سيوهڻ ۾ منزل انداز ٿيو. انهي بابت چشم ديد واقعات سندس ڪتابن حالات ڪلهوڙه ۽ لب لباب تاريخ ڪلهوڙه ۾ ملي سگهندا، پر اهي ڪتاب ناياب آهن. شاعرن جي حالات ۽ اقوال ۾ سندس مشهور ڪتاب مقالات الشعراء جو هڪ نسخو موجود آهي. ٻيو پڻ سندس هڪ ڪتاب مختارنامه موجود آهي. انهن کان سواءِ شعر شاعري ۽ تصوف جي مختلف مسئلن تي سندس ڪيترن رسالن جا نالا ملن ٿا، مگر اهي رسالا عدم موجود آهن. بعض ڪتابن جا نالا هي آهن.

زينت الاخلاق- تهذيب الطبايع، زُبدة المقامات- معيار سالڪان طريقت- مثنوي ختم السلوڪ- مثنوي ڪرشمئه قدرت- مثنوي قضا و قدر- مثنوي ڪانِ جواهر- نسخه غوثيه- مڪلي نامه- قصاب نامه- زين الافڪار- حديقته الاولياء- شجره مشائخ- سياحت نامه- قصه ڪامروپ- چهار منزله- تزويج نامه حسن و عشق- رساله در صنائع و بدايع- روضة الانبياء- بوستان بهار- اعلان غم در ذڪر شهداءِ ڪربلا- رساله شرح معما ۽ ديوان قانع.

(الله بخش ’سرشار‘ عقيلي، مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي“ رسالو ”نئين زندگي“ ڪراچي، آڪٽوبر 1951ع)

 

*

 


 

 

 

مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي

سيد حسام الدين راشدي

 

خانداني پس منظر

مير علي شير پنهنجو نسبي سلسلو هن طرح بيان ڪيو آهي: مير علي شير، بن سيد عزت الله، بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهيرالدين ثاني، بن سيد شڪرالله ثاني، بن سيد ظهيرالدين والاسلام المعروف بھ سيد جادم اول، بن سيد قاضي شڪرالله شيرازي، بن سيد وجهه الدين، بن سيد نعمت الله، بن سيد عرب شاهه، بن امير نسيم الدين محمد المعروف بھ مير ميرڪ شاهه، بن امير سيد عطاءُ الله جمال الدين محدث، بن امير سيد فضل الله المحدث الحسيني الدشتڪي(1) الشيرازي.

مير صاحب پنهنجن مٿين بزرگن جو ذڪر ”تحفة الڪرام“ جي ٻئي جلد ۽ ”مقالات الشعراء“ ۾، پنهنجي سوانح جي ضمن ۾ ڪيو آهي. ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد ۾، قاضي سيد شڪرالله اول کان وٺي پاڻ تائين، خاندان جي سنڌي فردن جو احوال لکيو اٿس.

پنهنجن ايراني بزرگن جي سلسلي ۾، مير صاحب جا ماخذ تاريخ ”حبيب السير“، ”هفت اقليم“ ۽ ”مجالس المومنين“ آهن، جن تان هن صاحب پنهنجا خانداني حالات نقل ڪيا آهن.

مناسب آهي ته مير صاحب جي سوانح حيات سندس بزرگن جي مختصر احوال سان شروع ڪئي وڃي، ته جيئن پڙهندڙ  مير صاحب جي حالات پڙهڻ کان اڳ، سندس خانوادي جو علمي پس منظر ذهن نشين ڪن.

(1) السيد الجليل امير اصيل الدين عبدالله (بن سيد عبدالرحمان، بن سيد عبداللطيف، بن سيد جلال الدين يحى محمد الحسيني) تفسير، حديث، ۽ فن انشا جو جيد عالم ۽ پنهنجي زماني جو فاضل ترين بزرگ هو. ”حبيب السير“ جي مصنف، جنهن ادب ۽ احترام سان هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو سندس ئي لفظن ۾ پڙهڻ جي لائق آهي.

”بصفت اصالت و وفور جلالت و نباهت شان، و قدم دودمان موصوف و معروف بود، و بوفور زهد و تقوی و دينداری و غايت ديانت و پرهيزگاري، از اکثر علماء و سادات بني آدم ممتاز و مستثنی مينمود. زبان گهر افشانش مفسر حقايق صحف آسماني، و بيان بلاغت نشانش مبين دقايق کتب سبحانی، باطن خجسة ميامنش مظهر آثار ولايت وا رشاد، و خاطر فرخنده مآثرش مهبط انوار هدايت و ارشاد، و بی شائبه مدح گستري آن مهر شريعت پروری، در علم تفسير و حديث و انشا و تاليف شبيھ و نظير نداشت.“(1)

سيد صاحب، سلطان ابو سعيد جي زماني (855-872هه) ۾، شيراز کان لڏي هرات ۾ اچي مقيم ٿيو، ۽ بادشاهه جي تحريڪ تي هفتي ۾ هڪ دفعو مدرسھ گوهر شاد آغا ۾ وعظ فرمائيندو هو. اهڙيءَ طرح، هر سال ربيع الاول جي مهيني ۾ ميلاد جي مجلس منعقد ڪري، حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي سيرت پاڪ اهڙي دلنشين پيرايي ۾ بيان فرمائيندو هو، جو سامعين جي تاثر جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان ٿيندي هئي(2). سندس تصنيفات ۾ هيٺين ٻن ڪتابن شهرت دوام حاصل ڪئي:

(1) ”شرح درج الدرر“ (بر ”سير سنيھ، خيرالبشر“)

(2) ”ڪتاب مزارات هرات.“

پوئين ڪتاب لاءِ صاحب ”حبيب السير“ جو قول آهي ته:

”درميان افاضل اقطار جهان مشهور است، و صحت روايت و بلاغت عبارت آن نسخه برالسنھ و افواه خلايق مذکور.“

سيد صاحب جو انتقال، سلطان حسين بايقرا جي دور ۾، 17 جمادي الاخر(1) سنه 803هه ۾ ٿيو. سلطان حسين سندس اولاد لاءِ جاگيرون مقرر ڪيون، مير علي شير سندس ٻن فرزندن جو نالو کنيو آهي: سيد صفي الدين محمد ۽ سيد برهان الدين محمد.

(2) سيد الحڪماء و المدققين امير صدرالدين محمد شيرازي (”ابو المعالي“ ڪنيت؛ ”صدر العلماء“ ۽ ”صدر الحقيقة“ لقب): سندس والد جو نالو امير غياث الدين منصور هو، جنهن لاءِ حبيب السير جي مصنف جو قول آهي ته:

”در سلک سادات عالی نسب مملکت فارس انتظام داشت، و مرجع اشراف داعيان بوده؛ پيوستھ نقش خيرخواهی بر الواح خواطر آدميان می نگاشت.“

امير صدرالدين، مولانا قوام الدين گلباريءَ وٽ علمن جي تحصيل ڪئي(2). جنهن کانپوءِ شيراز ۾ هڪ عظيم الشان مدرسو ”مدرسھء منصوريه“ ٺهرائي، ان ۾ درس جو سلسلو شروع ڪيائين. ”حبيب السير“ ۾ آهي ته:

”صفت بالاعزاز بنشر علوم محسوس و مفهوم قيام و اقدام مينمود، و بجودت طبع و دقت ذهن از جميع علمای متبحرين و فضلای متاخرين ممتاز و مستثنى بود.“(3)

انهيءَ مدرسي ۾ هزارين طالب علمن، ۽ سَون ذوق رکندڙ ٻين صاحبن، علم حاصل ڪري، دين ۽ دنيا ۾ سرخروئي حاصل ڪئي.

”مجالس المومنين“ جي صاحب جو انهيءَ بزرگ لاءِ قول آهي ته ”حديث جو جيّد عالم ۽ حافظ هو. علوم حڪميه ۽ شمسيه ۾ دنيا جي عظيم ترين حڪماءِ جي درجي تائين پهتل هو. جن بزرگن کان پاڻ تعليم ۽ فيض پرايائين، سي سڀ پنهنجي دور جا بينظير عالم هئا، جن جي استادن جا سلسلا بو علي سينا، ملا قطب الدين، علامه شيرازي، سلطان المحققين خواجه نصيرالدين طوسيءَ، ۽ امام غزاليءَ، امام فخرالدين رازيءَ ۽ علامه شيخ جمال الدين حسن جهڙن بزرگن تائين پهتا ٿي(1).

مولانا جلال الدين دوانيءَ ۽ سيد صاحب جي درميان علمي نڪتن تي اختلاف ٿيندا رهندا هئا، پر منهن سامهون بحث ڪرڻ جي هام محقق دوانيءَ ڪڏهن نه ڀري. البته اختلافي مسئلن تي، هن صاحب ڪيترا رسالا لکيا، جن مان ”حواشي تجريد“ ۽ ”حواشي مطالع“ مشهور(2) آهن. اهڙيءَ طرح وقت جي ٻين عالمن به سيد صاحب سان ڪڏهن مناظرو ڪونه ڪيو.

”حبيب السير“ هيٺيان ڪتاب سندس تصنيف ڪيل لکيا آهن:

(1) ”رساله تحقيق علم در اثبات واجب“؛ (2) ”حاشيه شرح شمسيه“؛ (3) ”حاشيه مطالع“؛ ۽ (4) ”حاشيه تجريد“.

مير قانع انهن چئن ڪتابن سان گڏ هيٺين تصنيفات جو به ذڪر ڪيو آهي: (3)

(5) ”حاشيه بر ’اوائل شرح مختصر اصول- ابن حاجب‘“؛ (6) ”حاشيه بر ’ڪشاف‘“؛ (7) ”رساله درحل مغالطه“؛ (8) ”رساله در علم فلاحت“؛ (9) ”رساله در علم معرفت قوس قزح“؛ ۽ (10) ”تعليقات بر فقھ شامي.“

سيد صاحب جو تولد 2 شعبان 828هه اڱاري ڏينهن ٿيو، ۽ 12 رمضان 903هه ۾ جمعي ڏينهن کيس ديار بڪر جي ترڪمانن هٿان شهادت نصيب ٿي.(4)

(3) خاتم الحڪماءِ امير غياث الدين منصور ثاني: هيءُ بزرگ امير صدرالدين جو صاحبزادو هو. سنه 900هه ۾ سندس ولادت ٿي. پنهنجي والد محترم جي خدمت ۾ رهي تحصيل علوم ڪيائين، ۽ ويهن ورهين جي ڄمار ۾ فارغ ٿي، درس جو سلسلو شروع ڪيائين. سندس علمي مرتبي ۽ شان جو ذڪر ڪندي، صاحب ”حبيب السير“ هيٺينءَ طرح سندس تعريف ڪري ٿو:

- ”آنجناب حالا بوفور علم و دانش در اطراف و اکناف عالم بغايت مشهور است، و مهارتش در فنون حکمي و رياضی ضرب المثل جمهور علمای نزديک و دور.“(1)

سيد صاحب جي رياض دانيءَ، ۽ طبي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي، نورالله شوستري لکي ٿو ته ’ارسطو ۽ افلاطون بلڪ سڄي دنيا جهان جا حڪيم ۽ طبيب جيڪڏهن سندس دور ۾ هجن ها، ته هوند سندس معتقد ۽ نيازمند بڻجي وڃن ها!‘

- ”ارسطو و افلاطون بلکه حکمای دهر و قرون اگر در زمان آن قبلهء اهل ايقان بودندي، مفاخرت و مباهات در سلک مستفيدان و ملازمان مجلس عاليش نمودندی.“(2)

”حبيب السير“ جو مصنف، سيد موصوف جو معاصر ۽ واقف هو. نورالله شوستريءَ جي قول کي جيڪڏهن مبالغو سمجهيو وڃي، تڏهن به ”حبيب السير“ جي مصنف جي راءِ، سيد صاحب جي علمي بلنديءَ ۽ برتريءَ لاءِ ڪافي وزندار آهي.

سيد صاحب ڪجهه وقت هرات ۾ مقيم ٿي، صدارت جو بلند مرتبو ماڻيو. عراق کان جڏهن مجتهدالزمان شيخ علي بن عبدالعالي هرات آيو، ان وقت بادشاهه جي سامهون، عدم تقليد جي مسئلي تي شيخ ۽ سيد صاحب جو مناظرو ٿيو. بادشاهه ڄاڻي واڻي مجتهد جو طرف ورتو، جنهنڪري سيد صاحب ناراض ٿي، صدارت جي عهدي تان استعيفا ڏئي شيراز هليو آيو.

”حبيب السير“ جي تصنيف وقت سيد صاحب پنهنجي والد واري مدرسھ منصوريه ۾ درس ۾ مشغول هو، ۽ بقول مصنف:

- ”به افاده قيام می نمايد، و گوش و هوش طلبهء علوم را از نتائج دريای طبع نقاد خود می آرايد.“

48 ورهين جي جوان عمر ۾، سيد صاحب 948هه ۾ انتقال ڪيو. ”حبيب السير“ جي مصنف سندس تصنيفات جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي، البته مير قانع ”مجالس المومنين“ تان سندس انهن ٽيهن ڪتابن جا نالا نقل ڪيا آهن(1)، جيڪي نورالله شوستريءَ پاڻ ڏٺا ۽ پڙهيا هئا. هن ڪتاب جو مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته، اُنهن کانسواءِ به سيد صاحب جا تصنيف ڪيل ڪيترائي ڪتاب آهن، جيڪي سندس نگاهه تائين پهچي نه سگهيا.(2)

مير صاحب جي شعر سخن سان به دلچسپي هئي؛ سندن هيٺيون شعر مثال طور ”مجالس المومنين“ ۾ نقل ٿيل آهي:

هر کجا بي هنري هست بدو مي بخشند،

بيشتر زانکه ز ايام تمنا دارد.

مير علي شير سندس ٻن فرزندن جا نالا ڏنا آهن: (1) مير شرف الدين علي، (2) مير صدرالدين محمد.

(4) السيد الاجل امير جمال الدين عطاءُ الله (بن سيد فضل الله المحدث): سيد صاحب، مير اصيل الدين جو ڀائٽيو ۽ مير علي شير جي ڏهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو هو. ”حبيب السير“ جو صاحب، حسبِ دستور هن بزرگ جي تعريف ۽ توصيف ۾ به رطب اللسان نظر اچي ٿو. هڪ جاءِ تي چوي ٿو:

- ”آنحضرت، مانند عم بزرگوار خويش امير سيد اصيل الدين، در علم حديث بی نظير آفاق گشة اند؛ و در ساير اقسام علوم دينيه و انواع فنون يقينه از محدثان باستحقاق در گذشة اند.“

ٻيءَ جاءِ تي جنهن طريقي سان سندس تعريف ڪري ٿو، سا پڻ سندس ئي عبارت ۾ پڙهڻ جي لائق آهي:

- ”سدهء سنيه اش، ملاذ طوايف اکابر و اشراف انام است، وعتبهء عليه اش مجمع اعاظم اولاد امجاد خيرالانام، لوح ضمير مهر تنويرش مُطرح اشعهء انوار اسرار کتب الاهي وصحيفهء خاطر عالي ماثرش مهبط لوامع حقايق اخبار حضرت رسالت پناهي، گنجينهء سينه اش بجواهر زواهر علوم مشحون، و عقود در کلمات درّر مخزن باطن خجسة ميامنش مخزون، نيئر شمايل نبوي از مشارف جمال خجسة ماابش طالع و شعشهء آثار فضائل مرتضوي از مطالع خصايص علم و کمالش لامع، راي عالم آرائش کشاف اسرار معالم تنزيل، و طبع مشکل کشايش حلال معضلات مواقف تاويل.

زبانش مظهر اسرار تحقيق

   ضميرش مظهر انوار توفيق

ز توضيح بيانش گشة روشن

   بر اهل علم هر مشکل ز هر فن

جمال دين مزين ز اهتمامش

   علوم  شرح  واضح  از  کلامش(1)

سيد صاحب جو مشغلو پنهنجي بزرگن وانگر، درس تدريس هو. مدرسھء سلطانيه هرات جي انهيءَ گنبذ ۾، جنهن ۾ پوءِ سلطان حسين بايقرا دفن ٿيو- سندس مدرسو هو. ڪجهه سالن کانپوءِ وري خانقاهه اخلاصيه ۾ درس ڏيندو رهيو. هفتي ۾ هڪ دفعو پنهنجي چاچي امير اصيل الدين جي مسند تي، جامع مسجد هرات ۾ وعظ ۽ نصيحت جي به مجلس ڪندو هو.

صاحب ”حبيب السير“ (880-941هه) جو قول آهي ته ’هن وقت پاڻ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري ٿو. وعظ جي مجلس به بند ڪري ڇڏي اٿائين ۽ سندس سمورو وقت اطاعت ۽ عبادت الاهيءَ ۾ گذري ٿو.‘:

- ”سلاطين ايام، و حکام اسلام، باقدام ارادات و اعتقاد و ملازمت آنحضرت را بر ذمه همت واجب ميداند، و در ترفيه حال و فراغ بال خدام عالی مقامش طريقة اشفاق مبذول ميدارند، بر آنچه ميتوانند.“

”حبيب السير“ جي مصنف سندس هڪ تصنيف- ”روضة الاحباب في سيرة النبي والال والا صحاب“- جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن لاءِ چوي ٿو ته ’سڄي آفاق ۾ مشهور آهي ۽ انهيءَ تصنيف جو مثال ملڻ مشڪل آهي.‘:

- ”در اقطار آفاق اشتهار تمام دارد، و بی شائبهء شبة عقل در اک نظير آن کتاب افادت مآب را در آئينة خيال امر محال می شمارد.“

”تحفة الڪرام“ ۾ سندس هيٺين ٻن تصنيفن جو به ذڪر آهي:

”تحفة الاخبار“؛ ۽ ”رياض السير“.(1)

سندس انتقال جو سال معلوم نه ٿي سگهيو؛ جنهن وقت ”حبيب السير“ تصنيف ٿي رهيو هو، ان وقت پاڻ گوشي نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو.(2)

(5) امير نسيم الدين محمد معروف به ميرڪ شاهه: مير جمال الدين جو فرزند رشيد، ۽ پنهنجي والد محترم جهڙو ئي علم ۽ عمل ۾ يگانو هو. حديث ۾ خاص طرح کيس درڪ هو؛ ”حبيب السير“ جو قول آهي ته:

- ”در تکميل علوم و فنون سيما علم حديث يگانهء زمانه اند.“

پنهنجي والد بزرگوار جي مسند تي، مدرسھء سلطانيه ۾ درس ڏيندو هو، ۽ هزارين طالب علم وٽائنس فيضياب ۽ بهره مند ٿي ويا.(1)

(6) سيد عرب شاهه، (7) سيد نعمت الله، (8) سيد وجهه الدين: سيد عرب شاهه، امير نسيم الدين جو فرزند، ۽ ان جو فرزند سيد نعمت الله ۽ ان جو صاحبزادو سيد وجهه الدين هو. اهي ٽيئي بزرگ به هرات ۽ شيراز ۾ پنهنجي بزرگن وانگر علمن جي نشر و اشاعت ۾ زندگي بسر ڪندا رهيا.

(9) قاضي سيد شڪرالله شيرازي (ولد سيد وجهه الدين): اهو بزرگ ترين انسان هرات کان قنڌار آيو، ۽ اتان سيد شاهه مبين، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله سان سنگتي ٿي، سال 927هه ۾ ٺٽي پهتو.

اهي چارئي بزرگ علم ۽ ايقان، دين ۽ ايمان جا روشن چراغ هئا، جن نه فقط ٺٽي جي شهر کي، بلڪ سموريءَ سنڌ کي پنهنجي عمل ۽ علم جي ضيابارين سان منور ڪري ڇڏيو. اڄ صديون گذري ويون، پر سندن مقابر اڄ به موڙهل ۽ منجهيل انسانن جي حاجت روائيءَ ۽ مشڪل ڪشائيءَ لاءِ مرجع ۽ مرڪز آهن.(2)

سيد شڪرالله ئي اهو بزرگ آهي، جنهن جي نسل مان ٺٽي جي شڪرالاهي ساداتن جو سلسلو هليو، ۽ اهائي اها موتين جي لڙهي آهي، جنهن جو هڪ دُرشاهوار، سنڌ جو لافاني مورخ، بي مثل تذڪره نگار ۽ بي بدل شاعر، مير علي شير ’قانع‘ هو.

سيد صاحب جا مراسم شاهه بيگ ارغون جي گهراڻي سان غالباً هرات ۾ پيدا ٿيا؛ ۽ جڏهن بايقرا جي وفات بعد، هرات جي محفل درهم برهم ٿي؛ شيباني، شاهه اسماعيل صفوي ۽ بابر جي معرڪه آرائين، ملڪ جو اهو حصو تيغ زني ڪندي ڪندي، تاراج ۽ تهه و بالا ڪري ڇڏيو؛ تڏهن انهيءَ تعلق سبب سيد صاحب شاهه بيگ وٽ قنڌار آيو؛ ۽ جڏهن سنڌ شاهه بيگ فتح ڪئي ۽ سنڌ ۾ ئي مستقل بود و باش اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين، تڏهن سيد صاحب به پنهنجي ٽنهي سنگتين ۽ پنهنجي فرزند ارجمند سيد مير ظهيرالدين سان گڏجي، ارغونن جي دارالسلطنت ۾ اچي قيام پذير ٿيو.

شاهه بيگ ته ڪجهه مهينن کانپوءِ گذاري ويو، پر سندس جانشين شاهه حسين جو تعلق ۽ اعتقاد ساڳيءَ طرح سيد صاحب سان رهيو. هن سيد صاحب جي علم، فضل، ديني عظمت ۽ بزرگيءَ سبب کيس پنهنجي حڪومت جو سڀ کان پهريون ’شيخ الاسلام‘ بڻائي سڄيءَ سنڌ جو منصب قضا سندس سپرد ڪيو. هر چند سيد صاحب انهيءَ منصب لاءِ مناسب ۽ لائق هو، بلڪ جيڪڏهن ايئن چئجي ته سيد صاحب جي ذات انهيءَ عهدي جو خود شان ۽ مان وڌايو، ته بيجا نه ٿيندو: پر منصب ۽ ان جي فرائضن جون پابنديون سيد صاحب جي افتاد طبع جي خلاف هيون، تنهنڪري ڪجهه عرصي کانپوءِ سيد صاحب عليحدگي اختيار ڪري، رياضت ۽ عبادت ۾ زندگي گذارڻ شروع ڪئي.(1)

سيد صاحب جنهن محلي ۾ ٺٽي اندر اچي قيام ڪيو، اهو اُن وقت انهن انصارن جو محلو هو، جيڪي شيخ عيسى لنگوٽيءَ سان گڏجي برهانپور مان ٺٽي آيا هئا. سيد صاحب پنهنجي فرزند سيد مير ظهيرالدين والاسلام- معروف به مير جادم- جي شادي، انهن انصارن مان ڪرائي، جنهن مان گويا ٺٽي جي شڪر الاهي ساداتن جو نسل نروار ٿيو. انصارن جي انهيءَ قبيلي جو اڳتي هلي نسل ختم ٿي ويو ۽ محلي جو نالو بدلجي شڪر الاهي ساداتن جي نالي تي مشهور ٿي ويو. اڄ تائين انهيءَ گهراڻي جي پسماندن جو انهيءَ ئي محلي ۾ قيام آهي.

سيد ظهيرالدين جادم لاءِ مير علي شير لکي ٿو ته: ’درس تدريس سندس ظاهري مشغلو هو، پر باطني طرح فقيري ۽ سلوڪ سان لئون لڳل هيس.‘

- ”ظاهرش بتقوی و تشرع و تدريس، و باطن بسلوک راه فقر و سبيل سنت اَجداد مصروف بود.“(1)

سيد ظهيرالدين، ٻه فرزند يادگار ڇڏيا: هڪ سيد شڪرالله ثاني ۽ ٻيو سيد عبدالرحمان. مير علي شير ’قانع‘، سيد ظهيرالدين جي وڏي فرزند سيد شڪرالله ثانيءَ جي اولاد مان آهي- جهڙيءَ طرح ابتدا ۾ اسان شجرهء نسب ۾ ڄاڻائي آيا آهيون.

مير علي شير ’قانع‘:

ولادت: مير عزت الله بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهيرالدين ثاني، بن سيد شڪرالله ثانيءَ کي، ڇهه پٽ ٿيا: سيد فخرالدين، سيد يار محمد، سيد محمد امين، سيد محمد صلاح، سيد مير ضياءُ الدين ”ضيا“، ۽ مير علي شير ’قانع‘. مير علي شير 1140هه ۾ اکيون کوليون- ”خلق انسانا من السلالھ“ مان اهو سال برآمد ٿئي ٿو.

اهو زمانو، ميان نور محمد (ڪلهوڙي) جي حڪومت جو هو- کيس پنهنجي والد ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مسند تي ويٺي پورا ڏهه سال ٿيا هئا، جو مير صاحب ڄائو.

هندستان جي مغل سلطنت جو شيرازو، عالمگير جي وفات کانپوءِ، ڪثيرالتعداد شاهزادن جي باهمي خون خرابي ۽ هڪ ٻئي سان جنگ ۽ جدل، منتشر ڪري ڇڏيو هو- جنهنڪري مرڪزي حڪومت جو ڪوبه وقار باقي ڪونه بچيو هو، ۽ هندستان جي متحد سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي، مختلف خود مختيار رياستن ۾ ورهائجي چڪي هئي.

سنڌ جو به تعلق تقريباً ڏيڍ سؤ سالن کان دهليءَ جي مغليه مرڪز سان هو. تنهنڪري هتي جون حالتون به ٻارهين صديءَ جي شروع کان ئي بدلجي چڪيون هيون. سنڌ تي دهليءَ کان ايندڙ گورنر، مرڪزي بادشاهت جي روزانه تبديلين سبب، پنهنجي قوت ۽ اقتدار جنهن جي آڌار تي سنڌ سندن قبضي ۾ رهندي ٿي آئي، وڃائي ويٺا هئا، ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ ۾ مرڪز کان آزاد ٿيڻ جي تحريڪ شروع ٿي. ڪلهوڙن جي هڪ مقامي خاندان، جنهن کي نه فقط زمينداري زور ۽ قبيلي جي قوت پٺيان هئي، بلڪ پيريءَ ۽ روحاني رهبريءَ سبب به سڄيءَ سنڌ تي تسلط حاصل هو- آزاديءَ جي انهيءَ تحريڪ ۾ ڀلئون ڀل حصو ورتو.

مغل سلطنت جي ڪمزوريءَ ۽ انتظامي ابتريءَ جو فائدو وٺندي، سڀ کان پهريون ميان يار محمد اپر سنڌ جو پاسو مرڪز کان سالياني ڍل تي وٺي، پنهنجي قبضي ۾ ڪيو؛ جنهن کانپوءِ ستت ئي سندس جاءِ نشين، ميان نور محمد لوور سنڌ به ساڳين شرطن تي حاصل ڪري، ملڪي آزاديءَ واري خواب کي تعبير بخشيو.

مير علي شير يارهن ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن 1151هه ۾ ميان نور محمد اُهو تاريخي قدم کنيو، جنهن کانپوءِ مغلن جو سڌو سنئون تعلق سنڌ سان قطع ٿي ويو.

آزاديءَ جي ٻئي سال تي سنڌ کي هڪ اوچتي آفت سان سابقو پيو ۽ هندوستان جي مغل سلطنت تي ته ڄڻ ڪاري قيام ٽٽي پئي. محمد شاهه بادشاهه، جنهن کي تاريخ ۾ عام طور ”رنگيلي“ جي مناسب ۽ موزون عرف سان ياد ڪيو وڃي ٿو، شاهه جهان واري تخت طائوس تي جلوه گر هو. ايران جو نو دولت، جابر ۽ قهار حڪمران نادر شاهه، وڏو ڪٽڪ ڪاهي اچي دهليءَ ۾ پهتو. بادشاهه
بي طاقت، رياستون سڀ جدا جدا، لشڪر حفاظت لاءِ ڪونه، مقابلي جي طاقت نه بادشاهه ۾، نه ملڪ ۾- دهليءَ کي نادر شاهه نه فقط لٽيو ۽ ڦريو، بلڪ اهڙي خونريزي ڪيائين، جو انساني نسل قطع ٿيڻ تي اچي پهتو! ڪنهن خدا جي بندي دلسوزيءَ مان ڏانهنس لکي موڪليو:

”کسی نماند که او را به تيغ ناز کشی، مگر که زنده کنی خلق را و باز کشی!“

جنهن کانپوءِ ايران جي انهيءَ خونخوار حملي ڪندڙ کي رحم آيو، ۽ باقي بچيل انسانن جي جان بخشي ڪري، تلوار مياڻ ۾ وڌائين.

دهليءَ کان موٽندي، نادر شاهه سنڌ ۾ به آيو. دهلي جي خبرن پوري ملڪ کي دهشت زدو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ به لرزه براندام هئي. نادر شاهه جڏهن اچي لاڙڪاڻي ۾ لٿو، تڏهن سموري سنڌ ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو. ”نادر ته پٺيان ڪونه اٿئي؟“، ”نادر به نادر آ، پر قادر به قادر آ.“ ”نادري حڪم“- اهي ۽ ٻيون اهڙيون عام چوڻيون، اڄ تائين سنڌ ۾ مشهور آهن، ۽ انهيءَ دهشت انگيز دور ڏانهن حافظي جا ورق ورائين ٿيون. ”ياد باد زماني که قيامت است“- به ڪنهن شاعر انهيءَ دور جي تاريخ لاءِ چيو.

نادر شاهه جو مقصد ڦرلٽ ۽ ملڪ جي ملڪيت تي قبضي ڪرڻ جو هو- انساني رَتَ مان ته دهليءَ واري ڪوس ۾ ئي ڍؤ ڪري چڪو هو! ميان
نور محمد، عمرڪوٽ ۾ هو. نادر پاڻ اتي پهچي، کانئس هڪ ڪروڙ نقد وصول ڪيو. ويهه لک سالياني ڏن جي به مٿس چٽي رکيائين، ۽ موٽندي سندس عظيم الشان ڪتبخانو به کنيو ويو، ۽ سندس ٻه نور نظر به يرغمال طور ورتيون ويون.
(1)

تازي حاصل ڪيل آزاديءَ کانپوءِ، سنڌ کي وري جو هي نئون طوق ايران جي غلاميءَ جو پيو، تنهن ملڪ کي سخت ذهني اذيت پهچائي ۽ سڄيون خوشيون خاڪ ٿي ويون. نادر جڏهن ايران پهچڻ بعد قتل ٿيو، تڏهن ڪنهن ٻاهرئين شاعر چيو:

”بيک گردشِ چرخ نيلوفری؛

نه نادر بجا ماند نی نادری!“

سنڌي شاعرن پنهنجي جذبي جو اظهار هن طرح ڪيو:

”فتنة نادر چو برون شد ز ميان،

   راحت آمد به همه عالميان؛

خوش خبر هاتف فرمود زغيب،

   ”محو شد آفت نادر ز جهان.“

1160هه  

اها تاريخ آخوند عبدالقادر ٺٽويءَ چئي‏. اڌارام ٺٽويءَ فرمايو:

”شاه شاهِ نادرِ ايران ديار،

داشت باغِ دولتش خرم بهار،

تاکه از حکمِ قضا پيکِ اجل،

نيز بگرفتش عنانِ اختيار؛  

بهرِ تاريخ وفاتش عقل گفت،

”رخت بست از تخت هَستی شهر يار.“


 

(1)  اداره، مرڪزي صلاحڪار بورڊ ”قلمي نسخن جي ڳولا ۾“ رسالو ”مهراڻ“ ڪراچي،ا پريل 1946ع، ص 3

(1)  ٺٽي جي ڪتب خانن جون فهرستون ايليٽ جي فائيلن ۾ برٽس ميوزم (لنڊن) ۾ موجود آهن. مير صاحب (قانع) جي ڪتب خاني جا ڪيترا ڪتاب ”سنڌي ادبي بورڊ“ (ڄام شوري) ۾ محفوظ آهن.

(1)  سيد حسام الدين راشدي (مقالو) ”مير علي شير قانع ٺٽوي“ ٽه ماهي ”مهراڻ“، 2-1956ع، ص 146.

(2)  ڊاڪٽر عبدالحسين عرف غلام شبير شاهه شڪر الاهي (مقالو) ”شڪر الاهي خاندان ۽ ان جون علمي ادبي خدمتون“ ميگزين ”القانع“ 08-2003ع، پرفيڪٽ اسڪول سسٽم ٺٽو، ص 43.

(1)  ”دشتڪ“ شيراز جي هڪ انهيءَ محلي جو نالو هو، جنهن ۾ اهي بزرگ رهندا هئا. هن وقت شهر جي انهيءَ حصي کي ”لب آب“ سڏيو وڃي ٿو.

(1)  ”حبيب السير“ ج 3، جز 3، ص 335؛ ”مجالس المومنين“، مجلس پنجم، ص 226.

(2)  ”حبيب السير“ ج 3، جز 3، ص 335؛ ”هفت اقليم“، ص 261، مطبوعه بنگال ايشياٽڪ سوسائٽي، ڪلڪته.

(1)  ”مجالس المومنين“ ۾ ربيع الاول لکيل آهي. ص 226

(2)  ”مجالس المومنين“ جي صاحب لکيو آهي ته مير صاحب شرعي علمن جي تعليم پنهنجي والد ۽ پنهنجي سؤٽ مير نظام الدين احمد وٽ ورتي، ۽ عربي علمن ۽ ادب جي تعليم پنهنجي ٻئي سؤٽ مير حبيب الله وٽان حاصل ڪيائين. صفحو 350

(3)  ”حبيب السير“ ج 3، جز 4، ص 110-111

(1)  ”مقالات الشعرا“، ص 208؛ ”مجالس المومنين“، ص 350

(2)  مقالات ص 209

(3)  اها فهرست مير صاحب ”مجالس المومنين“ تان نقل ڪئي آهي (ڏسو ”مجالس المومنين“، ص 350)

(4)  ”شرح اثبات واجب“ از امير غياث الدين منصور ثاني (رجال ”حبيب السير“، ص 241)؛ ”مجالس المومنين“، ص 350

(1)  ”حبيب السير“ ج 3، جز 4، ص 111

(2)  ”مقالات الشعرا“، ص 209؛ ”مجالس المومنين“، ص 350

(1)  ”کتاب صحة الکلام“ (در رد ”حجة الاسلام“- امام غزالي)؛ (2) ”هزار بيت“؛ (3) ”محاکات”، اول- ثاني- ثالث؛ (4) ”شرح برکتاب اثبات واجب“؛ (5) کتاب تعديل الميزان بر منطق“ (خلاصه ”منطق شفا)؛ (6) ”معيار الافکار“ (خلاصه ”تعديل الميزان“)؛ (7) ”کتاب لوامع و معارج“ (علم هيئت)؛ (8) ”تحفهء شاهي“ (17 ورهين جي ڄمار ۾ لکيائين)؛ (9) ”تجريد در حکمت“ (جامع مسائل حکمت طبيعي و الاهي)؛ (10) ”رساله در معرفت قبله“؛ (11) ”کتاب معالم الشفا“ (طب)؛ (12) ”شافيه“؛ (13) ”سفرويه هيئت“؛ (14) ”حاشيه بر الاهيات شفا“؛ (15) ”حاشيه بر شرح حکمت العين“؛ (16) ”رساله درباب خلافت فرزند خود“؛ (17) ”رد بر حاشيه شمسيه- علامه دواني“؛ (18) ”رد بر حاشيه محمد“؛ (19) ”خلاصة تلخيص“ (اختصار رساله تلخيص و معاني و بيان)؛ (20) ”رد بر حاشيه تهذيب“؛ (21) ”رد انموذج“؛ (22) ”رساله تحقيق جهات“؛ (23) ”رد بر رسالهء زوراء“؛ (24) ”رساله مشارف در اثبات واجب کتاب اخلاق منصوري“؛ (25) ”حاشيه بر اوائل کشاف تفسير سورة الانسان“؛ (26) ”مقامات العارفين“ (تصوف و اخلاق- پنهنجي پٽ مير شرف الدين عليءَ لاءِ لکيائين)؛ (27) ”رسالھ قانون السلطنت دين“؛ (28) ”شرح کتاب هياکل انوار“؛ ۽ (29) ”حاشيه بر اشارات“. مير علي شير وڌيڪ هيٺين ٻن ڪتابن جا نالا ٻڌا: (30) ”کتاب رياضي الرضوان“؛ ۽ (31) ”کتاب اساس در علم هندسه“ (مقالات الشعراءِ“، ص 211؛ ۽ ”مجالس المومنين“، ص 351).

(2)  ”مجالس المومنين“، ص 351.

(1)  ”حبيب السير“، ج 3، جز 3، ص 248

(1)   ”تحفة الڪرام“، ج 2، ص 71؛ ”مجالس المومنين“، ص 222

(2)  ”حبيب السير“ جي مصنف جو نالو غياث الدين بن همام الدين محمد خوندير هو؛ هو 880هه جي قريب هرات ۾ ڄائو، ۽ 941هه ۾ گجرات ۾ فوت ٿيو؛ نظام الدين اولياءَ جي مقبري جي ايوان ۾ دفن ٿيو، امير خسرو جي قريب؛ ”حبيب السير“ 930هه ۾ ختم ڪيائين.

(1)  ”مجالس المومنين“، ص 222.

(2)  ”تحفة الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو ته: ”سيد شڪرالله پنهنجي پٽ کي وصيت ڪئي هئي ته ’جيڪڏهن تنهنجي اولاد کي ڪا مشڪل پوي ته منهنجي انهن ٽنهي سنگتين ڏانهن کين رجوع ڪرڻ گهرجي.‘ انهيءَ وصيت مطابق اڃا تائين عمل ٿيندو اچي ٿو- جيتوڻيڪ محمد حسين ۽ سيد ظهيرالدين ثاني بن سيد شڪرالله ثانيءَ جو اولاد سيد منبه ڏانهن رجوع ڪن ٿا؛ ۽ سيد نظام الدين جو اولاد سيد ڪمال سان متوسل آهي، ۽ اهڙيءَ طرح سيد عبدالرحمان جو اولاد سيد عبدالله ڏانهن رجوع ڪري ٿو.“ (تحفة الڪرام، ج 2، ص 195)

(1)  سيد صاحب کانپوءِ، شاهه حسين حضرت قاضي محمد اچيءَ کي بکر مان گهرائي، انهيءَ عهدي تي رکيو ۽ ان کانپوءِ اهو منصب قاضي صاحب جي ئي خاندان ۾ پشت به پشت هلندو آيو، جنهن جو سلسلو انگريزن جي ابتدائي زماني تائين قائم رهيو؛ قاضي علي محمد صاحب ٺٽوي انهيءَ گهراڻي جو هن وقت يادگار آهي.

(1)  ”تحفة الڪرام“، ج 3، ص 195.

(1)  نادر شاهه، 11 محرم 1153هه جو، لاڙڪاڻي مان ڪوچ ڪري، ايران هليو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org