سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:7 

اڄ به جبل جون سگهڙ سنگهاريون ڪڻي مان ٻه ڪري گهر هلائين ٿيون. مائي لالي، جيڪا ڀرت ڀري گهر هلائيندي هئي. سندس مڙس ويچارو غريب لوهه ڪُٽيندو هو (لوهار هو) کيس هڪ ئي ڌيءَ هئي جيڪا جهڙس ئي هئي. مائي لالي پهرين جبل ۾ رهندي هئي. جبل ۾ هرڪا مائي کُڻَ (ڀرت) ڀرڻ جي استاد آهي. اتي کيس پورهيو ملي نه سگهيو ته لڏي ڪراچيءَ ۾ آئي. ڪراچيءَ ۾ اچي اهڙا اهڙا ڀرت ڀريائين جو ڏسي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. لڳندو ئي نه هو ته هي هٿ جو ڀرت آهي. ائين لڳندو هو ڄڻ ڪپڙي جو. پنهنجو ئي ڦور (چٽ) ۽ پرنٽ آهي. ڪپڙا، گنديون، چنيون، چادرون، وهاڻا، پرس، ساڙهيون، گاديون، ڪشن وغيره، ساڙهين جا ته اهڙا ڊزائين ايجاد ڪيائين جو ڪراچيءَ جون مايون ڇتيون ٿي پيون. مائي لاليءَ جو تعلق حالانڪه اهڙي برادريءَ سان هو جتي گهري کائڻ عيب نه پر ”پَرِ“ (ريت) سمجهي ويندي آهي، ان جي باوجود مائي لاليءَ سڄي زندگي ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگيو. سڄي زندگي پنهنجي پورهئي جوکٽيو (ڪمائي) کاڌو. مون به کائونس سوٽ ۽ پوتيون ڀرايون جيڪي حيران ڪندڙ آهن.

مشهور ٽي.وي پروڊيوسر ۽ ”هم“ چينل جي ڌڃاڻي محترم سلطانه صديقي، سندس ڀيڻ شاهجهان جعفر ۽ ڀاڻيجي مشهور بيوٽيشن نبيلا جعفر ۽ ٻين به گهڻين مشهور ماين کانئس ڀرت ڀرايا هئا. مطلب ته هوءَ غير معمولي ۽ حيران ڪندڙ ڀرت ڀريندي هئي.

مائي لالي پورهئي خاطر ڪراچي شهر ۾ آئي هئي. پر سندس تانگ سندس ڇڪ اها ئي جبل ڏانهن هئي. سدائين انهري، سدائين ناخوش ۽ اداس. اسان کيس سنهري (مسرور) ۽ کلندي گهٽ ڏٺو. هونئن به ويچاريءَ کي سک ۽ خوشيون گهٽ مليون هيون (سندس زندگي هڪ المناڪ داستان آهي جيڪو ڌار ڪتاب گهري ٿو).

مائي لالي پاڻ ته مستقل پنهنجي ننڍڙي ڪٽنب (مڙس ۽ هڪ ڌيءَ) سان گڏ ڪراچي هلي آئي هئي. پر سندس ڀائر ۽ ويجها مائٽ جبل ۾ ئي رهيل هئا، جيڪي ساڻس ملڻ وٽس ڪراچي ايندا هئا. پر پاڻ پنهنجي مصروفيتن جي ڪري جبل ڏانهن نه ويندي هئي. سدائين ائين ئي پئي چوندي هئي، شل منهنجا ڏينهن جبل ۾ وڃي چڪن (ختم ٿين)، ۽ منهنجا ڀائر ڪلها ڏئي مون کي جبل ۾ ڍڪين (دفن ڪن). پر جي آئون هتي ڪراچيءَ ۾ مئيس ته به اها ئي پارت اوهان کي ٿي ڪريان ته منهنجو مڙهه ڪراچيءَ ۾  نه رولجو. الله اوهان کي درجا ڏيندو. منهنجو مڙهه وڃي جبل پڄائجو.“ اسين کلي چونداسين، ”ڇو، ڪراچيءَ ۾ قبرستان ڪونهن؟“ چوندي،  ”اوهان جي مقامن ۾ قبرن مان  هڏا ڪڍي اڇلائي ٻيا ٿا ڍڪين. منهنجا هَڏَ جبل ۾ نجو.“ ٿيو به ائين ئي، جو پنهنجي ڀاءُ جي سخت بيماريءَ جو ٻڌي هڪدم تيار ٿي جبل وئي، اتي ئي اوچتو گذاري وئي، ۽ سڀني سندس ڀائرن (بيمار ڀاءُ سميت) ۽ مائٽن ڪلها ڏئي جبل جي سُرهين ولين جا واس ڏئي کيس مهربان جبل جي مشفق هنج ۾ دفن ڪري سندس روح کي مسرور ۽ سکي ڪيو.

واجهائي وطن کي، ساري ساهه ڏيان

هي سِرُ ساڻيهه سامهون، منهنجو نج ميان

مقامياڻي ماروئين، وڃي ٿر ٿيان

ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي. (شاهه رح)

ڪوهستان ۽ ڪوهستان جي انهن ڪردارن بابت لکڻ ٿي چاهيان جن کان دنيا ۽ دنيا وارن سان گڏ پنهنجا ويجها به بيخبر ۽ اڻواقف آهن. کين خبرئي ناهي ته جُبل جا اهي سگهارا ڪردار سندن ئي عزت ۽ طاقت آهن جن جي واکاڻ ۽ ساڏ (تعريف) سنڌ ۽ سنڌين جو مانُ ۽ شان آهي.

جبل جي سڀني ڪردارن تائين پهچڻ منهنجي لاءِ مشڪل نه پر  ناممڪن آهي. تنهن هوندي به آئون انهيءَ ڪم جي شروعات ڪري رهي آهيان.

جيڪي ڪردار منهنجي پهچ ۾ آهن، انهن جو تعارف ڪرائڻ منهنجو حق ۽ فرض آهي. جيئن جيئن جبل جي عظيم ڪردارن تائين رسائي حاصل ٿيندي ويندي، تيئن تيئن اهي پنهنجي روشن نالن ۽ سُرهن ڪارنامن سان گڏ متعارف ٿيندا ويندا.

’مانجو ڪوهستان‘ ۽ سندس رهاڪو لائق آهن ته اهي جڳ اڳيان نشان بر ٿين. جن جون ريتون رسمون، قدر، اخلاق ۽ سندن غريباڻي ۽ ڏکي رَهَڪَ (رهڻي ڪهڻي) جي ابتڙ نهايت شاهوڪار ۽ ڌنو ان آهن. جن جي ٻولي ۽ لهجي جي وسعت، معنويت، عظمت ۽ پراسراريت سواءِ ڀٽ جي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي اڃا ڪو ٻيو ڄاڻي ۽ پرکي نه سگهيو آهي.

ٻيا به گهڻائي گنجي ۾ گُنَ (جبل ۾ هنر) آهن جن جي آشڪار ٿيڻ سان نئين دنيا سان متعارف ٿيڻ برابر راز کلندا. شرط هي آهي ته ماڻهو پنهنجي ذهنن ۽ دلين جا در بنا ڪنهن منافقت، ساڙ، ڪيني، ۽ ڪثافت جي سچائي ۽ خلوص سان کُليا رکن، ۽ ’مانجي ڪوهستان‘ کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪن.

مانجو ڪوهستان پنهنجي سڃاڻپ، شناخت چاهي ٿو. ٻئي ڪنهن کان به نه رڳو پنهنجن کان.

پَيرُ پَروُڙَي پاءِ، گَنجي ۾ گُنَ گهڻا

کاهوڙي کَرا وِيا، نَڪا اَوڏي ماءِ

جنهين ڏٺي  جاءِ،  تنهن  موٽڻ   ميهڻو. (شاهه رح)  

 

اهو آهي مانجو روهه (جبل) ۽ اهي آهن مانجارو هيلا (جابلو)

سُڪا مُنهن سَندن، پَيرين پُراڻا کيٿرا

سَاجُوءِ ڏوري آئيا، سُونهان جِتِ مُنجهن

ڳُجها ڳُجهيون ڪَن، تِهان پَراهين پَنڌ جُون.

(شاهه رح)

مددي ڪتاب

1-     شاهه جو رسالو (پاڪيٽ سائز) محمد عثمان ڏيپلائي.

2-    ٻيلاين جا ٻول- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.

3-    ماهوار نئين زندگي رسالو- مضمون صالح محمد يار محمد سمون.

4-    سير ڪوهستان- الله بچايو يار محمد سمون.

5-     سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون- رچرڊ برٽن.

6-    مددگار- پروفيسر رسول بخش سيٺ علي محمد بڪڪ

7-    مددگار- انجنيئر محمد بخش سيٺ علي محمد بڪڪ

8-    مددگار- مولابخش سيٺ علي محمد بڪڪ

 

مانجو ڪوهستان

 

(خاڪا)

 

هڪ ڏاهو، ڏات وند، سچو ۽ منصف ڪردار ڇُٽو خان بِڪَڪُ (مُنگهاڻي)

 

ڪوهستان جي ڪردارن تي لکڻ مهل لطيف سائين لفظ لفظ تي ساٿ ڏيندو آهي.

هاڻي به جڏهن محترم ڇٽو خان بڪڪ تي لکڻ لاءِ قلم کنيم ته مون کان اڳ لطيف پاڪ فرمائڻ لڳو،

ماڻڪ مِٽُ سندم، اونداهيءَ ۾ سوجهرو.

رحم، انصاف ۽ سچ جو اهڙو علم بردار جنهن جي لفظ لفظ تي اکيون ٻوٽي اعتبار ۽ يقين ڪيو ويندو هو.

جنهن وٽ فيصلو آڻيندي هرهڪ ماڻهو مطمئن هوندو هو. اندر مان اهو پڪو پختو ويساهه اڀرندو هو ته، ’مون سان ناانصافي نه ٿيندي‘. سندس فيصلا اهڙائي سچا، ديانت ڀريا ۽ انوکا هوندا هئا.

اهو دور اهڙو هو جڏهن عورت جو درجو  ٽيون، چوٿون يا اڃا به گهٽ هو، تڏهن به آئون ڀانيان ٿي ته جبل جي عورت خوشنصيب آهي جو اهڙي دور ۾ به سندس اهميت هئي، ۽ عزت هئي. سندس ڳالهه جو وزن ۽ رتبو هوندو هو، ۽ جنهن جي راءِ وڏن وڏن فيصلن تي به اثرانداز ٿيندي هئي. آئون ته ايترو به چونديس ته، يورپ جي عورت جڏهن سماج جي هٿن ۾ رانديڪو هئي تڏهن جبل جي عورت راڄ ڌڃاڻي (ڌياڻي) هئي.

نه رڳو وڏ گهراڻن جي عورتن لاءِ احترام هوندو هو. پر جبل ۾ عام پورهيت عورت جو به وڏو قدر هو ڇو ته عورت پنهنجي عزت جو وڏو خيال رکندي هئي/ آهي. ڪٿي به ڪنهن به ڳالهه ۾ هوءَ پاڻ کي نه ڪيرائيندي هئي/آهي.

بک ڏک هزار هجن پر زبان سان سلڻ معنيٰ سڄي وڳر (خاندان) کي ٽِڪو (بي عزتيءَ جو نشان) سمجهندي هئي. اهڙي صورت ۾ هوءَ پنهنجي ذات جو فيصلو گهڻو ڪري پاڻ ئي ڪرڻ چاهيندي هئي. وڻند اڻوڻند (پسند/ ناپسند) جي ڳالهه بنا هٻڪ جي ڪري ويندي هئي.

ادلي بدلي ۾ سڱ ڏيڻ جي ريت اڳ به هئي. هاڻي به آهي. ڀاءُ، سؤٽ ۽ چاچي جي بدلي ۾ ڌيءَ جو سڱ ڏبو آهي. جي مائٽ سڱ نهاري ڏين يعني برابريءَ وارو ڏين ته چڱو. انڌو، منڊو، چريو، کريو، ڪوجهو، سٺي سڱ جي بدلي ۾ نه وٺجي ته سٺو جڏهن ته ادلي بدلي مهل انهيءَ ڳالهه کي گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي. بس، سڱ جي بدلي ۾ سڱ مليو....

ائين ئي جبل ۾ هڪ سوهڻي ڇوڪري بدلي ۾ هڪ ڪوجهي ۽ بي عقل ڇوڪري کي ڏني وئي. ڇوڪري وڏي ٿي، سمجهو ٿي ته، شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. آسي پاسي جي ماڻهن به ڇوڪريءَ جي انڪار جو ٻڌو. انهن ڇوڪريءَ جي مائٽن کي سمجهايو جن جواب ڏنو ته، ”ڇوڪري مس سامائي آهي. شادي ٿينديس، پرڻجي جڏهن گهر جو مڏالو (زميداري) مٿي تي ايندس، ٻار ٿيندس ته خوش ٿي ويندي“.

شاديءَ جون تياريون هيون، ڇوڪريءَ جو يڪو اهو ئي چوڻ، ”آئون نڪاح مهل انڪار ڪنديس“. نيٺ نڪاح جو وقت به آيو، شاهد پڇڻ آيا ته، ”فلاڻو پٽ فلاڻي جو توکي قبول آهي؟“ ڇوڪريءَ جواب ۾ انڪار ڪيو. ماءُ، پڦي ۽ ماسيءَ زوريءَ سندس مٿو، ’هاڪار‘، ۾ لوڏيو ۽ ’ها‘ چيو. شاهدن وڃي، ’قبول آهي‘ چيو. ائين نڪاح ٿي ويو.

اڃا مس رات ٿيڻ واري هئي ته ڇوڪريءَ ’ٻاهر وڃڻ‘ جو عذر ڪيو. جبل ۾ ڪهڙا واش روم ڪهڙا ٽو ائليٽ ۽ باٿ روم! هوءَ ٻاهر نڪتي پيءُ جي بيٺل اٺن مان هڪ مهري اٺ تي ٽپ ڏئي چڙهي. اٺ کي ڊوڙائيندي ويڙهي کان ٻاهر نڪتي. هُلُ مچي ويو، ”ابير، رحمي اٺ تي چڙهي هلي وئي“. مرد ڊوڙي ٻاهر نڪري اٺن تي چڙهيا، ۽ تڪڙائي پويان نڪتا.

ڇوڪري ’رحمي‘ اٺ کي مينهن واءُ ڪندي ڪراچيءَ ڏانهن راهي ٿي. ۽ اچي ٺڪاءُ ڪيائين (اچي هڪدم پهتي). ڇٽي خان بڪڪ جي گهر.

اڃا هوءَ مس پهتي ته پويان مرد به اٺن کي ڊوڙائيندا اچي ڇٽي خان بڪڪ جي گهر سهڙيا. وڏا هُل هنگامه ٿي ويا.

ڇٽو خان بڪڪ نهايت ماٺيڻو، گهٽ ڳالهائو ۽ نهٺو هو. هو کين اطمينان سان ٻڌندو رهيو. وري اندر گهر ۾ وڃي ڇوڪريءَ کان پڇيائين. خبرون ورتائين جنهن کيس سهڪندي سڀ ڪجهه ٻڌايو ته، ”منهنجو نڪاح زوريءَ ڪيو ويو آهي مون نڪاح مهل انڪار ڪيو هو.“

ڇٽو خان بڪڪ گهر کان ٻاهر نڪتو، مردن کي ويهاري پاڻي ماني کارائي چيائين، ”بابا، ناحق نه ڪريو، ڇوڪري به اوهان جي، ڇوڪرو به اوهان جو. پوءِ برابري ڇو نه ٿا ڪريو؟ اهڙا نمونا ڪريوئي ڇوٿا جنهن جو نتيجو اهڙو نڪري.“

اهي سڀيئي ماڻهو سندس عزت ۽ احترام ڪندڙ هئا. کيس چڱيءَ طرح سان سڃاڻندا هئا، کين اها به خبر هئي ته وٽس سام وٺندڙ کي ڪوبه سندس مرضيءَ خلاف نه ٿو  وٺي وڃي سگهي. اهي سڀ سندس ڳالهيون ڌيان ۽ توجهه سان ٻڌندا رهيا. سندس هٿ ۾ اهو فيصلو ڏنائون جنهن فيصلو ڪندي چيو، ”ڇوڪري منهنجي به نياڻي آهي. هي گهر اوهان جو به پنهنجو گهر آهي. ويهو ٿا ٽِڪو ته ويهو. ڇوڪري اوهان کي نه ڏيندس. بلڪه آئون کيس پاڻ ئي هتي پرڻائي ڏيندس. ڇو ته ڇوڪريءَ جو ڪوبه نڪاح نه ٿيو آهي.“

سڀني هڪ ٻئي ۾ نهاريو. پاڻ ۾ سس پس ڪيائون. ٻانهن سندس حوالي ڪري، ۽ سندس مرضيءَ تي ڇڏي پاڻ وري جبل ڏانهن روانا ٿي ويا.

ڇٽي خان بڪڪ کي پاڻ به پنج نياڻيون ۽ ٻه پٽ هئا. کيس نياڻيون ڏاڍيون پياريون هيون، جن جا سڀ ئي لاڏ، ڪوڏ ۽ چاڳ هو پٽن کان به مٿي کڻندو هو.

ڇوڪري رحميءَ جي همٿ ۽ جرئت کيس ڏاڍي وڻي. ڪڏهن ته مشڪي کيس چوندو هو ته، ”اٺ کي ايڏو تيز ۽ تکو ڊوڙائڻ ڪيئن آيئي؟“ رحميءَ کلي کيس ٻڌايو ته، ”جبل ۾ اهو ئي ته ڪم هوندو هو. گاهه ۽ ڪاٺيون اٺن تي لڏيندا هئاسين. جي ڏڪار ۾ وانڍا ٿيندا هئاسين، ته به لڏو اٺن تي ئي لڏيندا هئاسين. اٺن کي تيز ڊوڙائڻ ۾ آئون سڀني کان زور هوندي هيس. ته مشڪي چوندو هئس، ”تڏهن ته مردن کان به اڳ مون وٽ پهتي آهين، نه ته ڪٿي جبل ۽ ڪٿي ڪراچي؟ وڏا پنڌ، وڏا ڪشالا آهن. سٺو ٿيو مون وٽ پهتي آهين نه ته الائي ڇا ٿئي ها. جس آهي توکي ان همٿ تي.“

رحميءَ معصوميت مان چيو، ”اتي ڪيئن رهان  اهي ته مون کي گناهه جي زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا هئا.“ ڇٽي خان بڪڪ سندس مٿي تي چمي ڏئي، ”هاڪار“ ڪئي.

ڇوڪري رحميءَ جو سڄو خاندان هونئن ته مذهب کان واقف هو. پر الائي ڪهڙيءَ مائٽيءَ جي مصلحت انهن کان اهو سڀ ڪرايو. رحمي قرآن شريف پڙهيل هئي، ۽ نماز جي پڻ پائبند هئي. اهو سڀ کيس سندس مائٽن سيکاريو هو.

حالانڪه جبل ۾ مذهب بابت ڪا جذباتي يا گهڻي ڄاڻ ڪانهي. پر رحميءَ جو نانو جبل کان ٻاهر اڪثر واپار خاطر ويندو هو، جنهن دوران سندس واسطو تبليغي جماعت وارن سان ٿي ويو هو. جنهن پنهنجي نياڻي کي ۽ ڏوهٽين، پوٽين کي قرآن شريف پڙهايو ۽ مذهب جي باري ۾ معلومات ڏني. جنهن جي ڪري اهي گناهه، ثواب ۽ پنهنجي حقن کان واقف هئا.

ڇٽي خان بڪڪ ڇوڪري رحميءَ جي شادي ڪراچيءَ ۾ رهيل سندس مائٽن مان هڪ سٺو ڇوڪرو ڏسي، پوءِ رحميءَ جي مرضي پڇي ۽ هن جي ’هاڪار‘ کان پوءِ ڪرائي هئي.

اڄ ڪراچيءَ ۾ سندس اولاد جو به اولاد رهي ٿو، جيڪي سڀ تعليم يافته ۽ مذهب ڏانهن لاڙو رکندو آهن. سندس پٽ يوسي ناظم ٿيو، ۽ پوٽا / پوٽيون پڙهيل ۽ قرآن مجيد جا حافظ آهن. سندس هڪ ڏوهٽي گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ مذهبي تعليم وڏن عالمن کان ورتي. هاڻي درس، تدريس جي شعبي سان وابسته آهي. نعت خواني ۽ واعظ به ڪندي آهي. ڏاڍي سٺي، مهذب ۽ ماٺيڻي ڇوڪري آهي.

ڇٽو خان بڪڪ نهايت رحم دل ۽ ٻاجهارو هو. ڪنهن کي به ڏک ۽ بک ۾ ڏسي نه سگهندو هو. پاڻ جيئن ته سڪيلڌو هو. پر سندس ڀينرون (سمي، ڪمي، صاحب ڏني ۽ آسودي جيڪي هن ڪتابن جي ڪردارن ۾ شامل آهن،) هيون جيڪي پاڻ ته سڀ نهايت ذهين، قابل ۽ بهادر هيون. پر سندن اولاد به بيحد قابل ۽ نامور  ساماڻو، جيڪي پڻ هن ئي ڪتاب ۾ ڌار ڌار ڪردارن جي صورت ۾ موجود آهن.

يادگيريءَ لاءِ وري به ٻڌايان ته سميءَ جا پٽ، لونگ ۽ پنهون، ڪَميءَ جو پٽ حاجي مريد بڪڪ، صاحب ڏنيءَ جو پٽ سيٺ غلام محمد بڪڪ.

ڇٽي خان بڪڪ جي ڳوٺ ۾ جڏهن ڪي جبل مان ڏڪار ڪري لڏي اچي رهندا هئا ته هو انهن جي پر گهور لهڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو. انهن کي کارائڻ جي شروعات پنهنجي گهر مان ڪندو هو، ۽ پنهنجي خوبصورت ۽ سلڇڻي گهر واري حاجاڻي الله رکي کي چوندو ته، ’گهر ۾ جيڪو به هجي انهيءَ مان حصو ڪڍي ڏي.‘ هوءَ اٽو، چانور ۽ گهه  وغيره ڪڍي ڏيندي هيس ته هو وري پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀاڻيجن ڏانهن ويندو هو ۽ انهن کان به حصو وٺي انهن غريب لڏي آيلن تائين پهچائيندو هو. ايستائين، جيستائين اهي پاڻ ڀرا (پنهنجي حيثيت وارا) نه ٿا ٿين.

ڇٽو خان بڪڪ ڇهن فٽن جو نهايت خوبصورت سرخ سفيد رنگت جو ٻاجهارو ماڻهو هو. جنهن کي رڳو ٻه شوق هئا. هڪ گهوڙي سواري جو ۽ ٻيو شاعري ڪرڻ جو، گهوڙن جا وٽس سٺا نسل هئا، ۽ پاڻ وڏو شهسوار هو. شاعريءَ جي ڏات کيس ورثي ۾ مليل هئي. سندس والد مُنگهو خان بڪڪ پڻ شاعر هو.

ڇٽو خان بڪڪ ننڍپڻ ۾ ئي ٻين کان مختلف ۽ ذهين هو. اڃا صفا ننڍو هو. مائٽن جو سڪيلڌو ۽ دادلو هو ته کيس پنهنجي مال مان هڪ ننڍو ٻڪر ڏاڍو وڻندو هو. جيڪو هو به تمام گهڻو سوهڻو هرڻيءَ جهڙو هو، جنهن کي کارائيندو پياريندو به پاڻ ئي هو. هڪ ڏينهن هڪ مهتي نالي واڻيو وٽن آيو جيڪو اڳوڻي زماني موجب مال جي بدلي مال ڏيندو وٺندو هو. تڏهن هو جبل ۾ رهيل هئا. هنن سامان ورتو ته بدلي ۾ واڻئي چيو ته،’مون کي اهو ٻڪر ڏيو‘. ان وقت نه رڳو هو پاڻ پر ڪوبه مرد گهر ۾ موجود نه هو. سندس ماءُ ۽ ڀينرن واڻئي کي چيو ته، ”اسان جو ڇوڪرو داد لڙو آهي. هي ٻڪر ان جو آهي تون ٻيو ٻڪر کڻ“. واڻيو نه مڙيو چوي ته، ”ٻڪر اهو ئي ڏيو.“ مجبورن سامان جي بدلي ۾ کيس ٻڪر ڏنائون جيڪو کڻي هو هليو ويو.

شام جو جڏهن پيءُ سان گڏ هو گهر آيو، ۽ کيس سڄي ڳالهه جي خبر پئي ته، سڀني اهو سمجهيو ته ڏاڍو گوڙ ۽ غصو ڪندو. پر هو ماٺ ٿي ويو. ننڍڙي عمر ۾ به هو عقل جو اڪابر هو ، مائٽن جي مجبوري سمجهي نڪو ڪڇيائين نڪو پڇيائين. باقي واڻئي جي ضد تي کيس ڪاوڙ لڳي. هن انهيءَ ننڍڙي عمر ۾  به ڄڻ شعر چيو. بلڪه واڻئي کي پٽيائين،

واءُ (بيماريءَ جو نالو) ڪڍندو وجود مان

ٽانڪي (چمڙيءَ جي بيماري) ڪڍندو ٽنگن مان

نزلو ڪڍندو نڪ مان، ڪوڙهه ڪڍندو ڪڇن مان.

وري ٻيو شعر چيائين،

گاءِ جي گوشت لاءِ ٿو مهتو مري

ڪنو ڪندس ڪين ڪي کائيندس تري

ڏي ڪُرُڪَو (خوبصورت) ٻڪر ڀري، ته ڇوٽڪو ڇيئه (ٿيئي) ’ڇوڪري‘ مان“.  هو جيئن ته خاندان جو اڪيلو پٽ هو، ۽ عقلمند هئڻ جي ڪري هو ننڍپڻ ۾ ئي گهڻو معتبر ۽ عزت وارو هو. جنهن جي ڪري شعر ۾ پاڻ کي ”ڇوڪرو“ چوڻ تان سڀني کيس روڪيو ته، ”پاڻ کي شعر ۾ ڇوڪرو نه چئو“ ته وري بدلائي چيائين،

”ڏي ڪُرُڪَو ٻڪر ڀري، ته ڇوٽڪو ڇيئيه بڪڪ مان“ چون ٿا ته پوءِ واقعي به مهتي واڻئي کي اهي سڀيئي مٿيون شعر واريون بيماريون لاحق ٿيون ۽ هن ڳئون جو گوشت به کاڌو (جيڪو برهمڻ نه کائيندا آهن). يعني بيمارين کيس اهڙو چريو ڪيو جو برهمڻ ذات سان تعلق هئڻ جي باوجود هن ڳئون جو گوشت کاڌو. جڏهن کيس خبر پئي ته کيس اهي بيماريون ”پٽڻ“ جي ڪري ٿيون آهن، ته هو پاڻ کي بيماريءَ واري حالت ۾ کڻائي جبل ۾ ڇٽي خان بڪڪ وٽ آيو . پيرن پئي هٿ ٻڌي معافي ورتائين، ۽ پنهنجي ”ضد“ ڪرڻ تي کيس ڏنڊ ڀري ڏنائين. اهو سندس والد مُنگهي خان بڪڪ موٽائي ڏنو ته، ”معافي وٺڻ وڏي ڳالهه آهي.“

هو وڏو ٿيو ته عمر سان گڏ سندس شاعري به پختي ٿيڻ لڳي ۽ هو جبل جي طاقتور ٻوليءَ جي آڌار طاقتور شعر چوڻ لڳو.

مون پنهنجي شعري مجموعي، ”رولاڪ خواب“ جي ارپنا کيس ڪندي سندس هڪ اهڙو ئي شعر ڏنو هو،

سڻ سسئي سمجهه ڳالهه، آهي پنڌ پري

منزل مٿو ئي ڪين ڪو، ويا ڪيچي قهر ڪري

تون اَسُونهين (اڻواقف) اڃ نه مرين، کڻ پاڻي پوڄ (گهڻو) ڀري

اَمَيا (اڻ ماپيل) پنڌ اٺن جا، هلن هوت هَري (آهسته)

ڪوهيارو ڪري، نظر هن نماڻيءَ تي.

۽ لکيو هيم ته، ”مٿين سٽن جي خالق ڇل ڇل وهندڙ دريائن جهڙي اَجهل (اڻ جهل) شاعر پنهنجي مانائتي ڏاڏا سائين محترم ڇٽو خان بڪڪ ولد مُنگهو خان بڪڪ جي نانءُ.“

هُو جي هُئا هِتِ ته مٿن هوند حق ٿيو.

مڻيون مورت مَتِ، مَانَ وِسريون ڪي لهان.

(شاهه رح)

سندس شاعري جبل ۾ مشهور ٿيڻ لڳي ۽ سندس شعر جو هڪ ٽڪ (هڪدم) اثر ڪرڻ تي، هو جبل ۾ هڪ سچي ۽ الهامي شاعر طور مقبول ۽ معروف ٿيڻ لڳو. جبل جا ماڻهو پنهنجون مصيبتون ۽ ڏک لاهڻ لاءِ وٽس ايندا هئا. جڏهن هو  ڪراچيءَ ۾ هوندو ته کيس جبل ڏانهن وٺي ويندا هئا ته، هي قدرتي مصيبتون ۽ آفتون اسان تي آيل آهن انهن کي ٽارڻ لاءِ ڪو شعر چئو ته اهي ٽري وڃن.

تڏهن سچي ۽ الهامي شاعر جي چيل لفظن تي وڏو ڀروسو، اعتقاد ۽ يقين ڪيو ويندو هو ته، هُو (شاعر) جيئن چوندو تيئن ئي ٿي ويندو.

هڪ ڀيري جبل جي علائقن ’ڪِيريءَ‘ ۽ ’اُوڪَي‘ ۾ ڀڳاڙن (ٻگهڙن) جي جُهڙي (گهڻا ڀڳاڙ، جبل ۾ ڀڳاڙن جي اهڙي ميڙ کي جيڪو گڏجي حملو ڪندو آهي انهن کي ’ست ڀڳاڙي‘ به چيو ويندو آهي)، نمودار ٿي. انهن مال کائي ناس ڪري ڇڏيا هئا. غريب ماڻهو ويچارا پريشان انهن درندن سان ڪيئن پڄي سگهن؟ اهي جبل مان هلي ملهي ڇٽي خان بڪڪ وٽ ڪراچي ۾ آيا ۽ اچي کيس ’ست ڀڳاڙيءَ‘ جي دانهن ڏنائون ۽ چيائون ته، اسان سان گڏجي جبل هل، ۽ هلي اتي سر زمين تي ڀڳاڙن کي ”سِٺِ.“ (’سِٺَڻ‘ معنيٰ شاعريءَ ۾ ڪنهن کي بد دعا ڏيڻ يا پٽڻ/ پٽ ڏيڻ.) هو کيس وٺي جبل ۾ آيا جتي هن هڪ بيت چيو،

امر ٿيو الله جو، ڀڄي ويا ڀڳاڙ

ڪونه ڏين ڪيريءَ تي نڪو اُوڪي تي اوناڙ

ڌڻ چارين ڌراڙ، بي ڊپا بڪڪ چوي.

چون ٿا ته پوءِ واقعي به انهن علائقن مان ڀڳاڙن جو وجود ختم ٿي ويو ڇو ته پوءِ هونه ڪٿي نظر آيا نه ئي وري ڪنهن انهن جي اوناڙ ٻڌي.

ڀڳاڙن، هاتارن، گدڙن (جيڪي اڄ به جبل ۾ آهن) کان سواءِ اڳ جبل ۾ چِٽا (چيتا) به گهڻا هوندا هئا، جن جو ماڻهن ۾ وڏو خوف هوندو هو.

جبل جا ماڻهو وڏا بهادر ۽ مضبوط آهن. پر جي ڪٿان اوچتو اهڙو خطرناڪ درندو حملو ڪري وجهي ته وڏي مصيبت ٿي پوندي هئي. پر جبل جا مانجهي مرد اهڙن درندن سان به دهَدُور (مدمقابل) ٿيا ۽ سوڀارا ٿيا. جن ۾ پوپٽ بڪڪ سر فهرست آهي. ان جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب، ’واقعاتي بيت‘ ۾  ڪيو آهي. جنهن چيتي سان آمهون سامهون، دوبدو مقابلو ڪري کيس ماريو هو. سندس ان بهادريءَ تي کيس تڏهوڪي انگريز سرڪار بندوق، ترار (تلوار) ۽ سند ڏني هئي.

ائين اهڙن ئي مقابلي ۾ ٽن ڀائرن ڏِتو (جيڪو جسم ۾ ڪمزور هو پر دل جو وڏو مضبوط ۽ بهادر هو)، هاڙهو ۽ ٻاڙو (جيڪي ٻئي مضبوط جسم جا نهايت بهادر هئا)، انهن ٽنهي ڀائرن گڏجي چٽي  کي سندس غار ۾ اندر گهڙي ماريو هو. جنهن جبل ۾ باهه ٻاري ڏني هئي. انهن کي پڻ ڇٽي خان بڪڪ پنهنجي هڪ طويل شعر ۾ خراج تحسين ڏنو آهي،

ساراهيان سچو ڏڻي، صاحب رب ستار

سوڀون آهين سائينءَ وس، ڏيندڙ آ ڏاتار

مِرون (درندو، سوئرنه) آهي ملڪ ۾، چِٽو چون چؤ ڌار

بڪڪ آهن بهادر، مانجهي مڻيا دار

ويٺا ڇوهه ڇپر ۾، جتي گهرو جبل گرنار

تنهن کاڌا ٿي مال ماڻهن جا، زوريءَ ۽ زبار

نه ڪنهنجي وَرُ چڙهيو، نه ڪَيُسِ ڪنهن پچار

امر ٿيس الله جو، ڏنس مَت ڏاتار

اَئي (ٻڪري - اَئي) ماريائين اوڏڙي، ٻَرِڪَرَ (دانهن) ڪئي ٻڪرار

سڏ سان ساڻي ٿيا، مانجهي مڻيادار

آيا ته ويٺو آهي، گهڙيو منجهه (اندر) گرنار

هُلَ ڪري ٿو هيبت مان، ڪري ڏيل ڏڪار

اُتي ’ڏِتي‘ ڏنگي ڏيل مان، نرتون کوڙيو نار

سو سامهون ٿيو شير کي، جُهلَههَ ڪري جهونجهار

ورايائين وات ورهيام کي، قابو منجهه ڪپار

اتي ’هاڙهو‘ هَمُتُ (بروقت) آيو، تونگر تنهين وار

پوءِ ’ٻاڙو‘ ڌار آيو، ڌنئير (بهادر) ڪري ڌڌڪار

اچي چهٽيا چٽي کي، کونسي منجهان خار

بازو ڀري ڀَر چڙهي، آيو هرسي (شوقين) هڻڻ هار

ته هي ماري هليا مانجهي، سو مَوکي مردار

هُن جو مرڻ هو مرتبو، هنن کي سوڀ ڏني ستار

کيرَ پُٽَ ڏنن رب، ڏنسن ڏات ڏاتار

سکي ساوا آهن سي، جن جو پاڙو منجهه پاتار

بڪڪ بيت بنايو، تنهن سوڀاري وينجهار

ڪلمي جي قطار، ڇُٽي ويا ڇُٽو چوي.

ائين ٿوري ٿوري ڳالهه لاءِ جيئن ماڻهو وٽس فيصلا آڻيندا هئا، تيئن ئي هو وٽس شاعريءَ لاءِ به ايندا هئا. سندس ڪيئي شعر اڄ به ماڻهن کي ياد آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org