سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:4 

منهن جي مائٽي وَٽَانِ (انهن کان) ڪانه پڄي. نه ئي ڪنهن جي اڳيان پٺيان خوشامندون ڪندا ڦِتِ ڦِتِ ڪندا ڦرندا. ڳالهه نه وڻندن ته تيڏيءَ مهل منهن تي ٻولائي (منهن مقابل) چوندا، ”سيڌي ڳالهه سوٽي جي ....“ پرپٺ گلا ته گهوريو اڃا اُتَر ورندي ڏئي اٿندا. جي ڪنهن سندن ويريءَ تي به بَوڇ (بهتان) وڌو ته کيس اَڇو (سچو) ڪري ايندا. ڀلي ڏهه ڏک هجن پر اڱڻ. آئي کي وات جي گلا به ڪونه ڏين. ابتو هٿ ڏئي منهن انهرو ڪرڻ کي پنهنجي اڱڻ ۽ گهر جي بي عزتي سمجهن. گهر آئي ويريءَ سان به سنهرا ٿي ملن، حرام ڪنهن وير وَڍ جو لکاءُ ڏين. کينڪاري، اَوڍَ مان خاشو هنڌ وهاڻو ڪڍي، وڇائي ويهاري خبرون چارون وٺي کارائي پياري ڀاڪر پائي موڪلائي گَسَ تائين گڏجي وڃي رواڻي ايندا. تڏي تي آيل سان نڪو وير نڪو وَڍُ، پلاند پراڻا ناهن ٿيندا، ميارون مورچا ٻڌي ٿيون بيهن ۽ وَيرَ پيا وقت سان هلندا، نبيرجندا.

جبل جي اها ئي مانائتي ريت آهي، ”ڏي عزت، وَٺُ عزت“. ٻيو سڀ سهي ويندا پر هلڪو حَرَفُ (لئزيا ڏوهه) اصل نه سهن. بيعزتي وارو اَڻَ لَکو اکر به اندر ۾ وَڍَ وجهي ڦَٽُ  بنجندو اٿن. بي گوندرائي (بيغيرتي) جو پِزَو (ڄمڻ وقت ڏنل پهرين خوراڪ) ستيءَ ۾ ئي ڪونه سَنڀرن؟ سهن به ڇو؟ هو ته پرائي پاڻيءَ کي به اوڏا ڪونه وڃن ڀلي نوان نيرانا ويٺا هجن. ڀَرَ ۾ ڀلي ديڳيون دَمِيُون (دم تي) هجن، ڪُوڪُ ڀيري (ڪنڌ ورائي) ڏسندا به ڪونه ته اِنڊَ (پاسي) ۾ ڪي چَرُون آهن.

ڪَوٺَ ڏئي عزت سان گهرائيندن ته وڃي ڏئي وٺي، کائي پي ايندا نه ته بي دعوتيا ڪنهنجو گراهه به حرام کائين. غريب هوندو ڀلي ڏهن ويلن جو لنگهڻ (بک) هجيس. ڪو کاڄ جا ٿال ڀري آڻي گهر ۾ ڏي، دعوت نه هوندي ته موٽائي منهن ۾ هڻندا. اڳيون ڏوهه مڃي زور ڪري کاڄ ڏي ته وٽانس ٿال وٺي سندس ئي اڳيان کاڄ اڇلائي هاري ٿانوَ اُڳاڙي (خالي ڪري) ڏيندو. جهڙي تهڙي نموني  ۾ کاڌي تي پاڻ کي لاڙين (اڇلائين) ڪونه. نه ئي چڙهين ديڳين دعوت قبولين ديڳيون چاڙهي پوءِ جي ڪو دعوت ڏي ته چون، ”اسين ڪي لورا لنگها آهيون جو چڙهيءَ ديڳ تي وڃي چانپ (ناچ) ڪڏون؟“

باقي جي ڪو عزتون ڏئي شاديءَ کان اڳ کين گهرائي ساڻس صلاحون ڪري کُڻُ (تاريخ) ٻڌي سڄي ڪاڄ جو هَشَنگُ (ذميداري) هٿ ۾ ڏي ته مڙس اهڙا مهلاتا (مهل تي منهن ڏيڻ وارا) جو سڀ مٿي تي کڻي ڌڻيءَ کي ڪِمامُ (کاڌو ۽ انتظام)، سُرهو ڪري جڳ ۾ واهه واهه ڪرائي ڏيندا. وَارَا (ڦيرا/ چڪر/ وَرَ) ڪري کاڄ مان پنهنجا گهر ڀري ڌڻيءَ جو ڪاڄ ڪنو ڪونه ڪندا. اڃا به جي ڪَسَ ڪَسَرَ (گهٽتائي) اکين سان رهيل ۽ کٽل ڏسندا ته وڌي ڌڻيءَ کي دانهن ڏئي دُرُتُلُ (پريشان) ڪونه ڪندا. ماٺ مٺوڙيءَ ۾ (چپ چاپ) پنهنجو به مَنڊي (ملائي/ ڳنڍي) پورت ڪري مٿي ڪري ڇڏيندا. پيرن ڀر بيهي، ديڳين تان وَرَ ڏئي ساري سنڀاري راڄ کارائي اٿندا. تيسين پاڻ وات تي ڦُلُوشُ (ذرو) به نه رکندا، واري ورائي پيا کوٽ ٽوٽ ڏي ڏسندا. پڇاڙيءَ ۾ هٿ ڇنڊي اٿندا ته ڌڻي به کين ڏهه ڏهه عزتون ڏئي وڏي مانَ ۽ پاٻوهه مان اَوچون اَوڇون (سٺا ڪپڙا) اوڍائي شالون، اجرڪون ڪلهن تي وجهي. کاڄ واتو ڪري (کارائي) موڙيون ڀري ٻڌي ڏئي رواڻيندا (اماڻيندا). پوءِ جي ڳاٽ کڻي، ٻانهن هڻي (لوڏي) هلن ٿا ته ٺهن ٿا، اهڙو اڀرو ڪم ئي ڪونه ڪن جو کين پٺيرا ڀونڊا ملن. پَرَ پُٺِ جي گلا ۽ پٺيان واري ڦِٺِ لعنت کان موت کان به مٿي ڊڄن.

ٿوري ۾ خوش. نه هَئهِ نه کَئهِ. نه وَٺِ نه کُوندَ نه هُڻُ دُنبُڻُ، نڪو ٺَٽُ ٺنگر، نڪاٽٽ ٻَٽاڪ، نڪا جَتِ پَتِ، نڪا اُتُڦُتَائي، گيرب گذاري ويندا. پر سُڃائي ڪين سليندا. وٽن امُونگَڙَو (بيحد گهڻو) نه هوندو پر ڏيک اهڙو ڏيندا جو سندس اڳيا هوند هستيءَ (پيسي وارو) وارو به هِينمائي (جرئت ڪري) نه سگهندو. ڀلي ڪو پاسَنگ (شاهوڪار) گهر جو ٽِشِينگُ (ٻٽاڪي) مڙس  هجي، اک جي پَوڇِڻ سان مَيڇَ ڏئي بيگر لاءِ سڏي ڏسي! ساڳي ئي اک جي پَڇَنڊ واري ورنديءَ سان مٽيءَ ۾ ملائي اٿي ويندا. گِيتَگِيُون گَهَڻَ (ليٿڙيون پائڻ) جارهيگ ئي ڪونهن. تَنهنُبولَ (موڊ/ مزاج) نه ٿين ته  ڪک ڀڃي ٻه به نه ڪن. ڪرڻ تي اچن ته جيل به کڻيو وڃن. سَپَنِ جُون سِيندون ڪَڍڻ (عقل ڪل) جي دعويٰ ئي ڪونه ڪَن پر آهن سڀ ۾ سَراز (ماهر).

ماٺيڻا اهڙا جو وٽن ويهه ته ڪَنَ پيا شُونشَڙَاٽ ڪندا، گهڻي هُلَ ۽ اجائي بَڪَ سان ڪانه پوين. ڳالهائين ته اکر توري تڪي ڳالهائين. ميڙي سيڙي، ايڙ ميڙ جا اکر گڏي سڏي اِڍون (ڍڳ) ڪونه ڪن، باقي ڪچهريءَ جا ڪوڏيا. اوجاڳي جا پڪا، وِهَڪَ جا ڏاڍا (مضبوط). ڪانڀون ڪڍي وهن ته سج اُڀاري ڇڏين. البته اَرندي (بنا واٽ جي فضول) وات سان ڪانه پوين نڪو ماين وانگي چِرِ چِرِ ۽ چاهوڙاڪن. ماين جي وچ ۾ به ڪونه پون مايون پاڻ ۾ وڙهنديون، ڳالهائينديون. هنن کي ڪِشِڪَاءُ (پرواهه) ئي ڪونه هوندو پر جي گهڻي دير تائين ماٺ نه ڪيائون ته کَرڙاپُ (ڪاوڙجي) ڪري اٿندا ته مَنجهان (انهن مان) هٿ ٺاري وهندا.

جبل وارن جو اهو حيرت جهڙو مزاج آهي ته ڪوبه بنا سبب جي پاڻ کي نمايان ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. اڃا چاهيندو آهي ته پس منظر ۾ هجان. جڏهن ته جبل کان ٻاهر گهڻن هنڌن/ علائقن جا ماڻهو  ارادتن پاڻ کي نمايان ۽ پيش پيش ڪرڻ چاهيندا آهن. بلڪه ڪوشش ڪندا آهن ته کين وڌيڪ اهميت ڏني وڃي. يعني اهي پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ حيثيت چاهيندا آهن جنهن جا لائق به نه  هوندا. نتيجي ۾ پنهنجي حيثيت کان به ڪري پاڻ کي کلڻ هاب ڪندا آهن.

جبل جو ماڻهو مٿين ڳالهين جي برعڪس پنهنجي اَپچاري (بنا موضوع) ذات کي پَچاري (موضوع بنائي) شِينشَلوَ (ڀوڳ جو نشانو) نه ڪرائيندا آهن. جيترو به ٿي سگهندو آهي ٻُهڙَنِ (بيلحاظ، وات خورن) جي ٻَوٿَ ڪونه لڳن. ڳالهه سان واسطو نه هوندن ته اَپُڇيا ٿي پُٺي ڏئي ٻئي ڪنهن غير واسطيدار سان مارڪو ڪندا. پر جي ڳالهه سان ٿورو به واسطو ۽ تعلق هوندن ته هَرَ (هرڻ) وانگي ڪَن کڙا ڪري، ڇَهَئي حِسون سجاڳ ڪري ڇَپَ کوڙي وچ تي ويهي رهندا. اکر اکر تي ڌيان ڏيندا، ميار هوندي ته اکين سان مڃيندا ۽ ڀري ڏيندا. ميار نه نڪتي ته مياري ڪندڙ کي ڇڪي رکندا. ۽ پنهنجي ميار ۽ وَاوارُ (حساب، وهنوار) مُئي مارائي کان سواءِ نه ڇڏيندا.

سخت جان اهڙا جو لنگهڻ (بک) ۾ وَقت گذري وڃي، سڪي ٻَڙُههُ (ڪاٺي) ٿي ويندا پر زبان مان لفظ به نه ٻوليندا. مينهن واءَ جا سا ٽوڪ، اُس لُڪَ جا پَڪا، جاڳڻ جا استاد، ۽ ڏک ڏاڍ جا ساهو. سندن حال ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته ڪيئن ٿا جالين؟ پر هو ته اهڙن حالتن ۾ به سڀ ۾ پورا سڀ ۾ شامل آهن. مرڻي پرڻي، ڏيڻ وٺڻ، فاتحه ڦوڙي، پوئو بجار، ڏَنُ پوت، خير خيرات سڀ ۾ نشانبر. نڪ تي مَرُ (پاڻ تي گلا يا ميار) ڪونه سهن. مٿي تي آيل هَڙَ (سڀ) ڀَرِتي (ڏنڊ وغيره) ڀري ڏيندا. ڪو جي ساڻن ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ۽ حال ڀائي ٿيو ته پاڻ به ڏَيجِگيرَ (ڏيڻ وارا) اهڙا ٿي بيهندا جو مال وڪڻي تڪڻي به سندن لڙ  لاهي ويهندا.

ڪيئن ٿا اهڙي سَڃَ ۾ پورت ڪن. اهو به رب جو هڪ راز ۽ ڳجهه آهي. پاڻ ٿو هلائين پاڻ ٿو جيارين. اسين شهري ماڻهو اهڙي اڻ هوند ۽ اوکاين ۾ نه ته ڇَههُ ٿي (ٿڪجي) ڪِري پئون ۽ ڇِرِجي (ڇتاٿي) هڪ ٻئي ۾ وات وجهون ۽ گهٽرو (نڙي) ڦاڙي ڀاروڙا (رڙيون ۽ روئڻ) ڪري جڳ کي اڻهوند چِتايُون (چتاءُ/ موت جو اطلاع). ڪَڪَڙاٽَ (دانهون) ڪري ملڪ ڪِنو ڪريون. الله به سڃاڻي سڱ ٿوڏي، اسين ٿوري تڪليف ۾ به ويهي جيئرن لاءِ پار ٿا ڪڍون ۽ وتائي فقير جيان رڙيون ڪري الله کي به آزمائش ۾ وجهيو ٿا ڇڏيون. جيئن هڪ ڀيري وتائي فقير کي پير ۾ ڪنڊو لڳو ته وٺي جو  دانهون ڪيائين ته راڄ اچي گڏ ٿيا. سڀني پڇيو، ”ڇا ٿيو وتايا، ڇو ٿو رڙيون ڪرين؟“ وتائي فقير پنهنجو پير مٿي ڪري پير ۾ لڳل ڪنڊو ڏيکاريو، ننڍڙو ڪنڊو ڏسي ماڻهن چيس، ”واهه ڙي وتايا واهه، هيڏ ڙي ڪنڊي تي ايڏيون دانهون ڪري ملڪ مُچَ (گڏ) ڪيا اٿئي؟“ وتائي فقير معصوميت مان چيو، ” ابا، آئون ايوب عليه صابر ڪونه آهيان جو سهندس. اڄ ڪنڊو هنيائين آهي. اهو سهندس ته سڀاڻي ڀالو هڻندو!!“

جبل جا ماڻهو به واقعي ايوب عليه صابر (حضرت ايوب عليه) آهن اهڙا اهڙا ڌڪ ۽ ڦٽ ٿا سهن جو اڳين جون ٻِڪُون ڦري، متيون منجهي پون. ڦٽن مان رَوڳَ ۽  رَيشَ (ڦٽن جو گند) پيا ڳڙندا. اٿي ٻير جا پَن ڪُٽي رکيائون ته رکيائون نه ته جبلن ۾ هلندي، ڦرندي، لهندي، چڙهندي پاڻ ئي سندن ڦٽ ڀرجي، ڦاٽي، ڪڙيون ڏئي سڪي وڃن.

هر ڳالهه، هر فن جا سَرازَ (ماهر) پاڻ کائڪ (پنهنجو ڪمائي ۽ محنت کائڻ وارا). پرائي ڌن ۽ ڌڻ ڏي اک جي پوڇڻ به نه ڀيرين. (ورائين) ڌاڙو ۽ چوئري ته گهوري (ٺهيو) پَرائي دَرَ ڏانهن اک به ڪونه کڻن. ڀونگن/ جهوپن کي ڪهڙا در ڪهڙا تاڪ، ڪهڙا ڪڙا، ڪهڙيون تاڪيون ۽ تاڙيون. ڦاٽَڪ کُلا پيا هوندا، حرام ڪو بنا آئِڪَرَ (ڀليڪار) جي ڪو ڪنهن جي گهر ۾ گهڙي يا بڇڙائيءَ جي نيت سان ڪو آڌيءَ جو اٿي. نيت نيڪ ته منزل آسان. ڪو جي مَنجهَنِ (انهن ۾) ڏامَيچ (بچڙو) هوندو ته ان کي نظرن تان ڪيرائي ٻاهرين پٿرين (برادري ۽ رت ڀت) کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا. هَٿَ رکي اُرُتُڪُ گُرُتُڪُ (جيئن تيئن) ڪري وچ ۾ هَڻي ڪونه اگهائيندا. (قبول ڪرائيندا) جي ڪو اَسِتَو مَستَو (زور زبردستي) ڪري پنهنجي اونڌي سُونڌي ڳالهه مڃائڻ چاهيندو ته اهو ٿڪيارو ٿي نڪري ويندو. نڪو پرائو تڏو تڪين نڪا پنهنجي نُکَ (نسل) لڄائين. ننڍِ وَڏائيءَ جو لحاظ. نياڻي سياڻي جي ساڃهه، نياڻيءَ کي ته ست قرآن سمجهن. ڀلي ڏهه خون هجن نياڻي ميڙ سندن در تي آئي ته سڀ معاف ڪري کين پوتيون اجرڪون اوڍائي عزتون ڏئي، مٿي تي هٿ رکي رواڻيندا (اماڻيندا).

’ڪارو ڪاريءَ‘ جي ريت جبل ۾ ڪانهي. اڄ تائين ڪابه عورت ’ڪاري‘ ڪري ماري نه وئي آهي. جبل ۾ عورت جو وڏو احترام ۽ عزت آهي ۽ عورت به انهن ڀروسن جو ڀرم رکڻ ڄاڻي ٿي ۽ رکي ٿي.

اوڏي ماضيءَ ۾ انگريزي صحافت سان لاڳاپيل خيرپور جي اڳوڻي ناظمه ۽ هاڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر محترم نفيسه شاهه کي ڪنهن انگريزي رسالي لاءِ، ’ڪارو ڪاريءِ‘ جي موضوع تي ڪا رپورٽ يا آرٽيڪل لکڻو هو. (جيڪو پوءِ سندس پي.ايڇ.ڊي ٿيسز جو موضوع پڻ رهيو). انهيءَ سلسلي ۾ هوءَ مون سان ملڻ اسان جي گهر آئي هئي ۽ ڪوهستان ۾ ٿيندڙ ’ڪارين‘ بابت مونکان پڇيائين. مون کيس اهو ئي جواب ڏنو هو، ”جبل ۾ اڄ تائين ڪنهن به عورت کي ڪاري ڪري ماريو نه ويو آهي.“ اهو ٻڌي هوءَ حيران ٿي وئي هئي. سچ به اهي حيران ڪندڙ وصفون جبل سان واڳيل ۽ لاڳاپيل آهن/ هيون!! ڇو جو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ’ڪارو ڪاري‘ واري موضوع کي ميڊيا پاران گهڻي اهميت ملڻ جي ڪري، (over coverage) هاڻي جبل جو ماڻهو (مرد) به انهن ڪڌين ڪاررواين کي مڙسي سمجهڻ لڳو آهي ۽ ريس ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري پيو. شال ڌڻي کين انهن ڏوهن ۽  قتلن کان پناهه ۾ رکي (آمين).

آئون ڄاڻا ٿي ته عورت جي عزت ۽ احترام ڪرڻ ماڻهپي جي عظمت ۾ ڳڻبي ڇو جو عورت ’ماڻهو‘ آهي.

جبل وارن جا عجيب فيصلا، حڪمتون ۽ عدالتون آهن ڇا مجال جو ڪنهن کي حق پلئه نه پوي. بيمار جو ڊڀ نه ٿيئي، ڏوهيءَ کي سزا نه ملي. سندن سزا جا نمونا ئي نرالا آهن. رڳو جوڻيت (چغلخور) جي اڏيل جوڻي ڇا اهميت رکي ٿي! وٽن ڪو چغل چاڙي ثابت ٿيو ته ان جي ياد داشت، سزا جي سزا، ننڍن لاءِ آئندي جو سبق. وهندڙ (مصروف) واٽ تي پٿرن جو ڍير رکي ان ۾ سُڪي ڪاٺي ٽُنبيو ڇڏين، جنهن ۾ اتان لنگهيندڙ هرڪو ماڻهو ڪاٺي ٽنبي ٿڪ هڻيو هليو وڃي. اهڙي عبرت ناڪ سزا سبب ڪنهن کي جرئت ئي ڪانه ٿيئي جو لائي چائي ڪري ٻه گهر ٻاري . اهڙي طرح هرهڪ چڱي مَٺي ڳالهه جي ياد داشت لاءِ وٽن نرالا نمونا آهن. شاديءَ جي ياد داشت لاءِ هو پڙهيل ڪين آهن نڪي وٽن داخلا دفتر ئي آهن. تنهنڪري ڪنهن واٽ جي ويجهو گول چڪر ۾ پٿر رکي وچ ۾ ٻه ٽي وڏيون روهيون ياڇِپون (پٿر) رکيو ڇڏين جي ڄڻ لنگها آهن. دهل پيا وڄائين. ٻاهران گولائيءَ ۾ رکيل پٿر ڄاڃي آهن جي ڏانڊيو پيا ڪڏن يا چانڀ (ناچ) پيا ڪن.

وري جي ڪنهن مانجهي مڙس ڪَڙيو ڪڏندي (ويڙهه وڙهندي) جنگ ۽ جهيڙي ۾ شهادت جو جام پيتو هوندو ته ان جي يادگيري لاءِ بُٺي (ٽڪريءَ) تي مائي (يادگار) اڏيو ڇڏين. اهڙيءَ طرح ڳڻن ۽ اوڳڻن کي پشتن (نسلن) کان ڳائيندا اچن.

جيئن سر رچرڊ فرانسز برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ (Sindh and the races that inhabit the valley of the Indus) ۾ انهيءَ شاعر جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ ديشن دروهين جي خلاف عام ماڻهن پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيل آهي، جنهن جو مختصر مثال به ڏئي ٿو جيڪو ”مهرو“ نالي هڪ مڱڻهار جو چيل آهي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀَٽَ شاعر ڳائيندا آهن. ان ۾ محمد خان ٺوڙهي ڪؤڙي ناريجي ۽ ٻين ديش دروهين خلاف شعر جو اظهار آهي.

ڪل نه پئي مير کي قيد جي، ڏاڍو رب ستار

لکيا خط فريب جا، سڙيل صوبيدار

ڪنڌ ڀڳو ڪؤڙي جو، پئي منشيءَ تي مار

کهنبڙيا وارو خراب ٿيو، جنهن کي لعنت جي لغار

لک لعنت ٺوڙهي کي، جنهن لائي هنڀاريا باهه

ٺوڙهو ڀڳو ٺاهه سي، سُڻ ’گانڊوءَ جا پار

لک لعنت ٺوڙهي کي جنهن لائي داروءَ کي باهه

ڪلڪتي کان ڪوٺايائين، اچي چاچا پڳ ٻڌاءِ،

ڪنجون وٺو ڪوٽ جون، ويهي سنڌ هلاءِ

............... مهرو مگڻهار چوي،

سگهو وجهي تو شير ۾ اوهان جي والي واڳ وراءِ.

شاعر ميرنصير خان جي حماقت تي افسوس ٿو ڪري جو هن انگريزن تي ڀروسو ڪيو، ۽ مير صوبدار تي لعنت ٿو ڪري ڇو جو هن چارلس نيپيئر کي پڳ نسبت خط لکيو هو. هٿيار بند ڪوهستاني قومن کي فاتح سنڌ تي حملي ڪرڻ کان روڪيو هو. شعر جي باري ۾ رچرڊ برٽن چوي ٿو ته، هن شعر جي طرز ٿلهي ۽ سادي آهي. پر اها ڳالهه يورپي مطالعو ڪندڙن کي به قبول ڪرڻي پوندي ته، ان جا جذبا حب الوطني ۽ بلند خيالن کان خالي ناهن ۽ مهرو بيشڪ جَسُ جو حقدار آهي.“

ائين ئي سڄي جبل ۾ هاڪاري ڪم/ قدم لاءِ جَسُ ۽ محبت ڀريا شعر ۽ مورا ڏبا آهن، ۽ ناڪاري ڪم/ قدم لاءِ نفرت ۽ ڌڪار طور پڻ شعر ۽ مورا هوندا آهن . اهڙي طرز ۽ طريقي جي ڪري ماڻهو  غلط ڪم ڪرڻ کان ڊڄن ٿا ۽ سٺي ڪم ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌي ٿا اچن.

سندن اهڙن انوکن نمونن، فيصلن، سزا ۽ جزا جا نتيجا، ٿڏي تي ملڻ ڪري ماڻهن جا حوصلا وڌن ٿا. سچي ۽ حقدار جو حق ڪڏهن به نه ويندو ۽ ڪوڙي، ظالم ۽ بڇڙي لاءِ سزا ۽ ڌڪار به اَوس وٽن آهي.

فيصلي مهل ساک ڏيڻ جي وٽن وڏي اهميت آهي. اول ته ساک ڏين ئي ڪونه، جي ڏين ته پنهنجي اوڏي/ ويجهي تي به ڪک ڪونه رکن (پردو ڪونه رکن). جيڪا ڳالهه هوندي اها پيرائتي جيئن جو تيئن امين/ جج جي اڳيان رکن. نڪو وَٽُ نڪو وَڪَڙُ، نڪو فَندُ نڪو ڦيرُ، ڀلي پوءِ ان جو نتيجو ڪيڏو به خراب نڪري. يا وير وَڍُ ۽ دشمني وڌي . هو بنا ڪنهن متڀيد جي ايچو پِيچو (ذرو ذرو) پڌرو ڪري پَٽَ تي رکندا، ۽ سچ وڏي وات (زور سان) هَڪَڙُ (کلو ۽ رکو) ڳالهائي ويندا. گِنجِ مِنجِ ڪونه ڪن، ڪوڙي جي وائيءَ ۾ وَرَ گهڻا، سچو اڇو، سنئون سيڌو، اکيون اکين ۾ وجهي منهن منهن تي ٻولائي چئي ويندا. اهڙا سَرِ جواب (حاضر جواب) جو اڳيتا (اڳيان) ڀلي ڪيڏو به ڏهيسر ڏيادار هجي چوڻو چئي ڏيندا. باقي جهڙي تهڙي ڪُساکئي (ڪوڙي ساک وارو) جي ساک  ڏيڻ ته گهوريو. پر اهڙي کي ڪچهري ۾ ئي ڪونه وهارين. جي ڏوهي هوندو ته سندس ڪنهن وڏي ۽ ساکائتي (سچي ساک واري) ماڻهوءَ کي گهرائي وٽانس ساک وٺندا. اهو به پنهنجي سِرَ جي ساک ڏيندو.

لٺ ڌُڪي جي ڳالهه هوندي ته اوڙي پاڙي لاءِ به دِلِيان وِچان اُٿي بيهندا. پر جي ساکَ پَتِ جي ڳالهه هوندي ته پَري ٿي بيهندا، ڀاءُ تي به هٿ ڪو نه رکن (پناهه ڪونه ڏين). اها ئي ڳالهه آهي ته، لٺ هڻجي ڀاءُ پاران، ڳالهه ڪجي خدا ڪارڻي.

موت کان ڪونه ڊڄن خبر اٿن ته موت ايندو ۽ پنهنجي مهل تي ايندو. ائين ڪيڏي به هائيءَ (ظلم جي آخري حد) ۾ اڇري (بيساخته) وڃي پوندا. باقي ان ڳالهه کان ڊڄن ته، هرڪو پنهنجي قبر ۾ پوندو پاڻ جواب ڏيندو. دنيا چئن ڏينهان جو چٽڪو آهي. پوءِ اها ئي قبر جي اونداهي ۽ اڪيلائي، ڪلهن وارا همراهه (ملائڪ/ ڪرامن ڪاتبين) حرام ڪو ڪنهن  کي ڌڻائين (بچاءُ ڪن). جيڪو پوکبو سولڻبو، جَوَ پوکي ڪڻڪ ڪانه لڻبي. رت ڀلي دانگيءَ تي تپي ڪارو ٿيئي. پر ڳالهه سچي ڪندا. ساک جا اهڙا سچا جو هڪ ڏني ته ٻئي کان نه پُڇ. پوءِ ڏوهيءَ جو بچڻ ڏکيو، جيڪو به ڏوهه گناهه ثابت ٿيو ان جي ميار ۽ ڏنڊ هَڏ گُڏ ڀڃي، گينداڙي به وٺن. ائين تڪڙي سزا ۽ جزا جي ملڻ ڪري ڏوهه به گهٽ ٿين.

ساڌا سوڌا (سنوان) ٿوري تي خوش ٿيڻ وارا، وٽن نڪو جوڦ (لالچ) نڪا جُکي (هٻڇ). هوندو ته گڏ کائيندا. نه هوندو ته ميار ڪانهي. جهڙي به مهل/ وقت مِلين اکين تي رکي گذارين. ڇِنَ پَٽَ کَوهَه ڪونه ڪن نڪو پرائي ڪٿي ۾ هٿ وجهن. نڪو پنهنجو پَٽُ ڦاڙائين. ڳالهه کي ڳالهه سان مارين. چَوَڻو چون اَچوڻو ڪونه چون، جيڪا ڏند سان ڇڄي تنهن لاءِ ڪاتي ڪونه ڪڍن. وات جي وار کان ترار (تلوار) جي وار کي سٺو سمجهن. دشمن کي دسڻ جو ٻل ٻانهن ۾ آهي ته اَرندو (بنا واٽ جي) وات ڇو وڄائجي. سکڻي جهڳي (اجايو ڳالهائڻ) ڪونه هڻن. گارگند ۽ اگهاڙو وات هڻڻ جبل وارن وٽ ڪونهي گار ڏيڻ کي وڏو عيب سمجهن. بدزبان ۽ گاريال کي ڀاڙيو ۽ نامرد سمجهن. ڪنهن ٻار به گار ڏني ته اهڙي ڏوئي تپائي ڄِنڀ (ڄڀ) تي رکنس ته يا عمريءَ لاءِ گيسي ٿي وڃنيس. لائي چائي، ٻچاڦوڙي ۽ کونس ڦٽائي ڪري وچ ڪٽوراٿي ڪونه ويهن. گڏجي ويهندا ته پنهنجي ئي ڏک سک ۽ اُڌيءَ کُٽيءَ (کوٽ ٽوٽ) جي ڳالهه ۽ اوسو (فڪر) هوندن. موسَو (بهانو) ڪري هاسيڪار، ڳالهه ڳالهه تان پئي ڪنهن ويريءَ جي به هَري (گهٽتائي) ڪونه ڪن، نه ئي گُتَ گُسِٽِي (ٻي کي ٺونٺ يا هٿ) هڻي ڪنهن تان ڦِشِڪَڙِي (ڦشري)  ڪن. مڙس ماڻهو، مڙساڻيون ڳالهيون ڪري اٿن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org