سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان

باب:

صفحو:28 

’بڪڪ‘، قوم جي بهادر/ ويڙهو ۽ جنگجو هئڻ بابت مشهور ليکڪ ۽ محقق محترم گل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ جي صفحي نمبر 47 تي آهي ته، ”مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ لس ٻيلي ۾ رونجها، بنديجا، بڪڪ، عالياڻي ڄام، گونگا ۽ جدگال طاقتور قبيلا هئا جن جون مغلن سان لڙايون لڳيون. انهن سڀني قبيلن جو واسطو ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪراچيءَ سان آڳاٽي زماني کان رهيو آهي. ڪراچيءَ وارو علائقو سنڌ جو اڻ ٽٽ حصو رهيو آهي.“

نواب غيبي خان چانڊيو جي سوانح حيات (2006ع) ۾ صفحي 122، 228 ۽ صفحي 380 تي نواب غيبي خان چانڊيو ۽ سردار رتي خان بڪڪ جي جنگين جو ذڪر آيل آهي. انهيءَ ڳالهه جي نسبت سان ”رتي ديري“ کي ”رتو خان بڪڪ ديرو“ چوڻ ۾ بڪڪ قوم حق بجانب آهي. مشهور شاعر تاجل بيوس جي شعري مجموعي، ’تاجل جو رسالو‘ ۾ ’سرگهاتو‘ صفحو 339 تي بيت 7 ۾ پڻ بڪڪ قوم جو ذڪر آهي،

ڀانگريا بڪڪ، مڙئي وياوَ ڪلاچ جا

جوريجي جوکيا، آهن جي اڻ ٿڪ

پانڌ آيا پڪ، مٽيندا نه ماڳ کي.

اهڙي قوم جنهن جي لاءِ مختلف قومن سان تعلق رکندڙ ڪوهستاني پاڻ چون ته، ”بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ ۽ رک رکاءَ جي هيءَ ڳالهه دعويٰ سان ٿو چوان ته، سڄي ڪوهستاني تر ۾ ’بڪڪ‘ قبيلو ٿورائيءَ ۾ هئڻ جي باوجود به دليري، دانائي، ڏاڍ مڙسي، سونهن، سگهڙپائي، حق گوئيءَ کان ويندي مهمان نوازيءَ تائين منجهن ڪابه ڪمي ڪانهي“ (رخمان گل پالاري، ڪلاچي تحقيقي جرنل، سپٽمبر 2002ع، شاهه عبداللطيف چيئر، ڪلاچي يونيورسٽي).

’سير ڪوهستان‘ ڪتاب جي مصنف الله بچائي يار محمد سمي نه رڳو پنهنجي ڪتاب ۾، ’بڪڪ‘ قوم نه ڳڻائي آهي. پر حيرت ناڪ طريقي سان هن، ’بڪڪ‘ قوم جا ڪارناما ۽ بهادريون به پنهنجي ذات، ’ڇٽي‘ سان منسوب ڪيا آهن. جيئن ڪتاب، ’سير ڪوهستان‘ جي باب، ’صحت‘ ۾ صفحي 38 تي بهادريءَ جو هڪ واقعو ’کيرٿر ڇٽي‘ جي نالي ڪيو آهي. مٿي به ذڪر ڪيو اٿم ته فاضل مصنف جي ذات ’ڇٽو‘ آهي جيڪا هن پنهنجي نالي سان گڏ ته نه سڏائي آهي. پر پنهنجي ذات لاءِ ڪوبه معتبر ۽ بهادريءَ جو واقعو منسوب ڪندي يقينن کيس تقويت ملي هوندي.

جڏهن ته سڄي ڪوهستان ۾ اڪيلي سر چيتي سان دوبدو مقابلو ڪري مارڻ وارو هڪ ئي واقعو مشهور آهي جيڪو ’پوپٽ بڪڪ‘ جي نالي سان مشهور آهي. ان جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ’واقعاتي بيت‘ ۾ صفحي 183 تي ’پوپٽ بڪڪ جو مهير جبل ۾ چيتو مارڻ‘ جي عنوان سان ڪيو آهي. هن کي ٻڌايل ڳالهه، اصل ڳالهه کان ٿورو يعني معمولي طور مختلف آهي ته، ”ڪوهستان ۾ مهير جبل ۾ هڪ خونخوار چيتو رهندو هو. هن چيتي ماڻهن جو ڪيترو ئي چوپايو مال کائي ناس ڪري ڇڏيو هو. آسپاس جي رهاڪن چيتي کي ڳولي مارڻ ۾ وسئون ڪونه گهٽايو هو پر چيتو هٿ نه آيو.

هڪ دفعي ’شودي ٻوهيري‘ جون اٺيون چرندي چيتي جي جوءِ ۾ وڃي پهتيون. اٺين کي ورائڻ ’شودو‘ به اچي پهتو. پرهمٿ نه ساري موٽي ويو، ۽ وڃي ٻين کي ڄاڻ ڪيائين. ٽي ڀائر پوپٽ بڪڪ، ڀريو بڪڪ ۽ ڀريو بڪڪ چيتي کي مارڻ لاءِ سنبريا ۽ هڪ ٻه ٻيا به ماڻهو هئا جيڪي موقعي تي ڀڄي ويا. ڳالهه تفصيلي آهي مختصر ائين ته، چيتي جي سامهون اڪيلو ئي پوپٽ بڪڪ ويو. چيتي هڪدم مٿس حملو ڪيو ۽ پوپٽ بڪڪ دوبدو چيتي سان مقابلو ڪيو. جڏهن چيتي زوردار چنبو هڻي سندس ٻانهن زخمي ڪئي ته، غير معمولي بهادر پوپٽ بڪڪ پنهنجي ٻانهن چيتي جي وات ۾ ڏئي ڇڏي. چيتو ۽ پوپٽ بڪڪ پاڻ ۾ ائين جڙجي ۽ وچڙجي ويا جو سندس ڀائر به سندس ڪا مدد ڪري نه ٿي سگهيا. پوپٽ بڪڪ مڙس ماڻهو هو، سوچيتي کي دسي مٿس چڙهي ويو. آخر هن چيتي کي چاقو سان ڳچيءَ ۾ وار ڪيو ته چيتي سندس ٻانهن مان وات ڪڍيو. تڏهن هن چيتي جو پيٽ ڦاڙي کيس ماري وڌو.

چيتو ايڏو وڏو ۽ وزني هو جو چار ماڻهو به هن کي کڻي نه ٿي سگهيا. پر بهادر پوپٽ بڪڪ جي سگهاري ڀاءُ اوڀائي بڪڪ سٽ ڏئي، چيتي کي کڻي پنهنجي ڪلهي تي کنيو ۽ ٻئي ڀائر ٻين سان گڏجي جبل تان هيٺ لهي ڳوٺ پهتا.

پوپٽ بڪڪ جو اڪيلي خونخوار چيتي سان دوبدو مقابلو ڪرڻ ته، هونئن ئي بهادريءَ جو اهم ۽ واکاڻ جوڳو واقعو آهي. پر مڻين وزني چيتي کي اڪيلي سر ڪلهي تي کڻي جبل تان هيٺ لهڻ وارو واقعو به وڏو ڪارنامو آهي.

تڏهن انگريزن جو دور حڪومت هو. اهي قدر دان هئا. انهن جو اهو ٻڌو ته اهي هلي جبل ۾ آيا. انهن ٻنهي ڀائرن (پوپٽ بڪڪ ۽ اوڀائي بڪڪ) جي بهادريءَ تي کين بندوقون، تراريون (تلوارون) ۽ سندون ڏنيون. پوءِ ته سڄي ڪوهستان ۾ اهو واقعو هاڙهي هوڪ (مشهور) ٿي ويو. ماڻهن انهيءَ بي مثال بهادري تي شاعري ڪئي جنهن ۾ بيت ۽ مورا شامل آهن.

ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته، ”جڏهن ڪنهن قوم جي تاريخ گم ٿي وڃي ته ان دور جي شاعرن کي پڙهڻ کپي، اها وڃايل تاريخ ملي ويندي.“

مٿين ڳالهه جي پوئواري ڪندي هتي انهيءَ دور جي هڪ شاعر ڪاري سگهڙ جي هڪ طويل شعر مان ڪي ٽڪرا ڏينديس، جيڪي هن پوپٽ بڪڪ جي بهادريءَ جي واقعي تي پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيا آهن، اهي بيت ڪتاب ’واقعاتي بيت‘، ۾ شامل آهن. شعر آهي،

ساراهيان سچو ڌڻي، ڪم سندا ڪلتار

مڃيان محمد ڪارڻي، جو امت جو آڌار

مِرون (درندو) سجهي ٿو مهير (جبل) ۾ چِٽو (چيتو) چوڪيدار

سو جاءِ جوڙائي ٻيٺو، پسو آگي جا اختيار

اٺيون شودي ٻوهيري جون، ٿيون چَرن ڌارو ڌار

سي جهاڳي وييون جوءِ ۾، جتي چِٽو چوڪيدار

چٽو تن کي چڪاسي ٿو، گهڻيا ڪري گار

ٻوهيرو آيو ٻُڌِ (سڌسماءَ) تي، وري وريو وينجهار

ڪانڙا (ذات جا ماڻهو) آيا ڪارو چئي، ڪن بڪڪن کي بڇڪار

ويري ويس ويجهڙا، ڀريائو پوپٽ ڌار

سوڀون ڏين ٿو ان کي، تون صاحب رب ستار

ڪتاب ’واقعاتي بيت‘ ۾ پوپٽ بڪڪ جي واقعي ۾ هيٺ ڏنل نوٽ  ۾ لکيل آهي ته، ”هي روايت ڪراچيءَ مان صالح محمد سمي کان ملي.“

صالح محمد سمون ”سيرڪوهستان“ جي مصنف الله بچائي يارمحمد سمون جو ننڍو ڀاءُ آهي، جنهن اهي حقيقتون سامهون آڻي ڄڻ ته ڀاءُ جي ڪيل غلطين جي تلافي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. صالح محمد يارمحمد سمون سٺو مضمون نگار ۽ نفيس انسان هو. ’نئين زندگيءَ‘ ۾ لکيل هن جا لاجواب مضمون ماڻهن جي دلين تي چٽيل آهن.

’نئين زندگي‘ رسالي ۾ ڇپيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ جيڪو ’سسئي پنهونءَ‘ تي لکيل هو، ان ۾ هن اها سچائي ۽ حقيقت بيان ڪندي لکيو هو ته، ”سسئي ۽ پنهون جي قبر، سيٺ علي محمد بڪڪ جوڙائي آهي.“

هُن نه رڳو اها حقيقت لکي. پر ’نئين زندگي‘ رسالي جو اهو پرچو پاڻ کڻي، هلي اچي دورازي تي کڙڪو ڪري سيٺ علي محمد بڪڪ جي گهر ۾ ڏئي ويو هو. ڄڻ انهيءَ نيت سان ته، ”ڏسو مون ڪابه حقيقت نه ميساري ۽ نه لڪائي آهي.“

کيس اهڙي سچائيءَ تي لک سلام هجن، شل هو بهشت ۾ آرامي هجي. آمين.

هڪ ليکڪ جڏهن ڪنهن ماڻهو/ ذات ۽ علائقي يا ڪنهن به موضوع تي قلم کڻي ٿو ته ان جو بنياد سچ هئڻ گهرجي. ٻيءَ صورت ۾ قدرت جو قانون آهي ته، ’سچ‘ تي گهڻو وقت پوش پائي نه ٿو سگهجي. جنهن جو ثبوت هتي ئي موجود آهي ته جي هڪ ڀاءُ الله بچايو يارمحمد سمون ڪنهن قوم (بڪڪ) کان انڪاري آهي ته، ان ئي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻيو ڀاءُ صالح محمد يارمحمد سمون ساڳي قوم (بڪڪ) لاءِ هڪ سپاهيءَ وانگر دفاع ڪندي گواهي ڏئي رهيو آهي.

من چه گويم، چون مي داني نهان

(آئون ڇا چوان، تون ڳجهي ڳالهه ڄاڻين ٿو.)

هيري ٽرومين جي چوڻي آهي ته، ”آئون ڪنهن کي به تڪليف نه ڏيندس رڳو سچ ڳالهائيندس، پر ماڻهو سمجهندا ته آئون کين تڪليف ڏئي رهيو آهيان.“

انهيءَ چوڻي تي ڪوهستان جي پڙهيل ڪردار ماستر الله بچائي يار محمد سمون تي لکيل پروفائل پورو ڪنديس ته،

خدا مغفرت ڪري، عجب آزاد مرد هو....

کَڻيو تَڪبر تَڪيا، حِيلا ڪَيو هَلن

مُوڙها تا نَه لَهن، لَمي رَاهَه لَطيف چئي.

(شاهه رح)

صُوفي چَائِين، سَڌَ ڪَرِين، صُوفِين اِيءَ نَه صَلاح

ڪَاٽَي رَکُ ڪلاه، وِجُهه اُڇلي آڳ ۾.

(شاهه رح)

مددي ڪتاب ۽ مدد گار شخصيتون

1.      شاهه جو رسالو- محمد عثمان ڏيپلائي. (پاڪيٽ سائز.)

2.     پراودا نراَپيا- (تاريخ نائچ) مدد گار ڊاڪٽر لعل بخش نائچ.

3.     بروڪت ڪُلا نراَپيا- (تاريخ نائچ) مددگار ڊاڪٽر لعل بخش نائچ.

4.     مڪران گزيٽيئر- مددگار گل حسن ڪلمتي.

5.     لس ٻيلا گزيٽيئر- مددگار پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش بڪڪ.

6.     ڪوٽ قلعا ۽ مقبرا- علي احمد بروهي.

7.     پٽاليني، راوڙ ۽ پالي- مصنف محمد صلاح الدين.

8.     حضرت سنڌ- ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي.

9.     سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو- تحقيق ۽ تاليف حڪيم خليفه عبدالحميد چانڊيو.

10. ٻيلاين جا ٻول- ڊاڪٽر نبي بخش خان  بلوچ.

11.  واقعاتي بيت- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

12. ڪراچي سنڌ جي مارئي- گل حسن ڪلمتي.

13. سير ڪوهستان- الله بچايو يار محمد سمون.

14. مختلف معلومات ۾ مددگار- مولا بخش سيٺ علي محمد بڪڪ.

15. تاجل جو رسالو- تاجل بيوس.

16. مددگار ۽ ڀرجهلو- انجنيئر محمد بخش بڪڪ.

هڪ اڻ ورچ ۽ محنتي ڪردار

سائين بشير احمد جوکيو (هميرڪا)

 

ڪوهستان کي آئون جڏهن ذهني بلوغت ڀريو زرخيز خطو چوندي آهيان ته درست چوندي آهيان. جنهن لاءِ مون وٽ طاقتور دليل ۽ بي مثال ڪردار موجود آهن.

 

سائين بشير احمد جوکيو پڻ ڪوهستان جو مانُ مٿاهون ڪندڙ هڪ عظيم ڪردار آهي.

سائين بشير احمد جوکيو هڪ پڙهيل، ڳڙهيل، برجستو، متحرڪ، اڻ ورچ ۽ محنتي انسان هو. سندس سڃاڻپ هڪ استاد ۽ اورچ ماڻهوءَ جي آهي. جڏهن ته منجهس سمايل علم ۽ عقل جي ڀنڊارن، سندس سلجهيل ذهن ۽ سوچ، اڻ ورچائي، هردم هروقت، چاڪ وچوبند، سڏ ۾ سڏ ڏيڻ وارين اعليٰ وصفن کان شايد هرڪو ماڻهو واقف نه هجي.

سائين بشير احمد جوکيو جڏهن اين.جي.وي اسڪول ۾ استاد هو تڏهن منهنجو ماروٽ اختر بڪڪ وٽس شاگرد هو، جنهن جڏهن اسڪول ۾ منهنجي لکيل نعت،

مديني ۾ مون کي گهرايو محمدؐ

منهنجي التجا هيءَ اگهايو محمدؐ

جنهن جي آخري سٽ هئي:

منگهاڻيءَ کي پنهنجي بنايو محمدؐ

پنهنجي مٺڙي آواز ۾ ڳائي ته سائين جوکيو هڪدم ڇرڪي پيو. وٽس اچي پڇيائين، ”اها نعت ڪٿان آندئي؟“ تڏهن اختر کيس ٻڌايو ته اها نعت منهنجي پڦاٽ ج.ع. منگهاڻيءَ جي لکيل آهي. اهو ٻڌي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو. مون کي هڪ نهايت تفصيلي خط لکي اختر جي هٿان موڪليو، جنهن ۾ هن پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. منهنجي لکيل انهن ليکن کي جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا هئا انهن کي واکاڻيندي لکيائين ته، ”آئون ج.ع. منگهاڻيءَ کي هڪ هندو ڇوڪرو سمجهندو هئس، مون کي ڪهڙي خبر ته اها منهنجي ئي ڪوهستان جي لائق نياڻي آهي.“

سائين بشير احمد جوکيو نياڻين جي تعليم جو حامي هو. هميشه منهنجي هر لکڻيءَ کي فراخ دليءَ سان ساراهي منهنجي همٿ افزائي ڪندو هو. منهنجي ڪنهن ليک ۾ نج ڪوهستاني لفظ ۽ پهاڪا آيل هوندا هئا ته ڏاڍو خوش ٿي، هڪدم مون کي فون ڪري ان جي تعريف ڪندو هو.

جَيڪَسُ جَيلاَهِين، مَارُونَاههِ مَلير ۾

مُنهنجي تَيلاَهڀين، اَچيو ڪَو نه ڪَرَ لَهي

(شاهه رح)

 (شايد ملير ۾ منهنجا مائٽ ڪونه آهن تڏهن ته ڪوبه اچي منهنجي سار نه ٿو لهي.)

لطيف سرڪار جي ڪلام ۾ آيل ڪوهستاني لفظن جي غلط معنائن جي درستيءَ واري ڪم مهل، سائين جوکئي صاحب مون کي هر طرح جي مدد ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي. خاص ڪري منهنجي ڪم سان لاڳاپيل ڪتابن جي. مون کي جڏهن به ڪنهن ڪتاب، لغت يا مواد جي ضرورت پيش آئي ته اها پاڻ نهايت خوشي مان منهنجي گهر اچي پهچائي ويو.

پَاند نه پکي لَڏَجو، سَداجِن پَرياڻ

وِياڳُڻن ساڻِ، ماروئڙا ٿَرُ اُڪَرِي.

(شاهه رح)

انهيءَ ڪم دوران هڪ لفظ، ’تاڙي‘ جي معنيٰ پاڻ ڄاڻندي به هن کان پڇيم ته، هڪدم جواب ڏنائين، ”ڪوهستان ۾ ’تاڙو‘ ڏيڏر کي چوندا آهن.“ جڏهن مون کيس چيو، ”مون اهو لفظ سواءِ پنهنجي امان وڏي (ڏاڏي) جي ٻيو ڪنهن به گهر ڀاتيءَ کان نه ٻڌو آهي.“ تڏهن پاڻ هڪدم سنجيده ٿي چيائين، ”هاها، بلڪل درست، آئون ته ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته ’تاڙو‘ ڪوهستان ۾ ڏيڏر کي چيو ويندو آهي، ان جي باوجود جيئن ته هي تنهنجو ڪم نهايت نازڪ ۽ جوابداريءَ وارو تحقيقي ڪم آهي، ان جي لاءِ آئون جبل ويندس ۽ اتي جي ماڻهن کان لفظ، ’تاڙي‘ جي معنيٰ پڇندس.“ پوءِ واقعي به اهو سچار ڪوهستاني ماڻهو جبل ڏانهن ويو. اتي ’ڌڻ‘ ۽ ’ڪيراڳ‘، چاريندڙ ڌراڙن کان به لفظ ’تاڙي‘ جي معنيٰ پڇي اچي مون کي ٻڌائي ته، ”جبل ۾ ’تاڙو‘، ڏيڏر کي چيو وڃي ٿو نه ڪي پکيءَ کي“ وري پوءِ پنهنجي دل گهرئي دوست محترم احسن جوکئي صاحب کان پڻ لفظ ’تاڙي‘ جي معنيٰ پڇي مون کي ٻڌائي ته، ”احسن به چوي ٿو ته تاڙو ڏيڏر کي چيو ويندو آهي.“

اهڙو ئي ذميدار ۽ زمين سان ڪميٽڊ ماڻهو هو سائين بشير احمد جوکيو صاحب.

ڪَوجَو وَهه ڪَاپائتين، ڪَتَن ۽ ڪَنبنَ

ڪَارڻ سُودَ سَواريون، آتڻ مَنجهه اَچن

اُنِ جي سُونهن سَيد چئي، ٿا صَراف سِڪن

اگهيا سُٽَ سَندن، پائي ترازيءَ نه تَوريا.

(شاهه رح)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org